Saturday, December 20, 2025

سنڌي محاورا سنڌي ٻولي جو حُسن آهن - شڪسته مزاري

سنڌي محاورا سنڌي ٻولي جو حُسن آهن

شڪسته مزاري


محاورا يا اصطلاح ٿورن لفظن ۾ چيل اهي ڳالهيون آهن، جن ۾ ڪنهن ڳالھ، موضوع يا بحث جي پوري ڇِنڊ ڇاڻ ۽ وضاحت ٿيل هوندي آهي. محاورا اڪثر ٻٽن لفظن کان شروع ٿي هڪ سِٽ، ڏيڍ سِٽ، ٻن يا ٽِن سِٽن تائين به هوندا آهن. جن ۾ هڪ پوري سمجهاڻي سمايل هوندي آهي ۽ هڪ پوري معنويت هوندي آهي. اِهي محاورا مزاحيه، اصلاحي، سماجي موضوعن وغيره تي چَيل هوندا آهن، جن ۾ ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگھ ناهي هوندي، بس مختصر لفظن ۾ ”سمجهدار لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي“ واري ڳالھ لِڪل هوندي آهي. اسان جي عام زندگي ۾ محاورن جي ڏاڍي اهميت آهي.


محاورا ڪي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ناهن ٺهندا ۽ نه ئي انهن جا تخليقڪار ڪي عام ماڻهو هوندا آهن پر صدين جو سفر طئي ڪري سِياڻن، سالڪن جي زباني وجود ۾ ايندا آهن.

سنڌي ٻولي هڪ سمنڊ مثال آهي، جنهن ۾ هر زبان ۽ ڪنهن به ٻوليءَ سان منسوب محاورا به پنهنجي جاءِ ٺاهي ويندا آهن. سنڌي ٻولي جن محاورن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن، تن ۾ فارسي کان هندي، عربي، منگولي، تُرڪي سميت مختلف زبانن جا محاورا به شامل آهن. هيل تائين محاورن تي مارڪيٽ ۾ ڪيترائي ڪتاب اچي چڪا آهن، جيڪي ان ڳالھ جي گواهي ڏين ٿا ته محاورا ادب، سمجهداري، عقل، لوڪ ڏاهپ ۽ ڪلچر جا عڪاس ھوندا آهن. سنڌي ٻولي پنهنجي جوهر ۾ هر قسم جي محاورن سان مالا مال آهي.

محاورن جي ٻولي اُها ٻولي آهي، جيڪا ڪم گو ۽ سِياڻن ماڻهن لاءِ هڪ آسان اظهار جو ذريعو آهي. شاعرن ۽ سُگهڙن جا ڪي بيت، ڏور، ڳجهارتون ۽ ڏِٺون به محاوراتي صُورت ۾ ملندا، جن ۾ ڪنهن مُشڪل ڳالھ کي آسان ڪري چند لفظن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. شاھ صاحب جي بيتن جون ڪيتريون ئي مصراعون محاوري طور استعمال ٿيندون آهن. جيئن:

”پِڃرو پاپن جو، سو چوٽيءَ تائين چُور“

يا

”سُلطاني سُهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي”،

”تَتيءَ، ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي“، وغيره.

ابراهيم مُنشيء جو شعر ”مون پَڪ سُڃاتا پنهنجا ها، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“.

اهڙيءَ طرح استاد بخاري ۽ شيخ اياز جا به ڪيترا ئي شعر محاورن طور اسان جي روز مره جي زندگي ۾ مستعمل آهن.

ٻِٽن لفظن تي مشتمل محاورا هجن يا ٻن سِٽن تي مشتمل محاورا، پنهنجي اندر ۾ هڪ وسيع معنيٰ رکن ٿا. ٻٽن لفظن تي مشتمل محاورن جا ڪي نمونا هيٺ پيش ڪجن ٿا، اندازو ڪري ڏسو ته انهن ۾ ڪيڏي وسيع معنيٰ سمايل آهي.

ڄِر ڪڍڻ، معنيٰ ڪنهن تي پنهنجي باھ يا ڪاوڙ ڪڍڻ.

اڱڻ اُجارڻ، معنيٰ ڪنهن مَن پسند شخص جو گهر اچڻ تي بي انتها خوشي ٿيڻ.

اوڪارا اچڻ، معنيٰ ڪنهن ڪِني يا غليظ شيءِ کي ڏسي ڪراهت اچڻ.

پَر ساهڻ، معني ”وڃڻ يا اُڏامڻ“ لاءِ تياري وٺڻ يا تياري ڪرڻ.

ڦِرڪو ڦِرڻ، معنيٰ دماغ خراب ٿيڻ يا بيوقوفي واريون ڳالهيون ڪرڻ.

واڄٽ وڄائڻ، معنٰيِ معنيٰ دڙڪا يا تَڙيون ڏيڻ. (تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏڻ)

ڪَڇي ڦاڙڻ، معني سڀئي عيب اگهاڙا ڪرڻ.

وري جي ٽِن لفظن وارن محاورن تي اچو ته انهن جو حُسن به پنهنجو آهي. جيئن:

ڪُنڊ سان لڳائڻ يا ديوار سان لڳائڻ، معنِٰيٰ دُشمني ۾ ڪنهن ماڻهو کي صفا ڪمزور ۽ هيڻو ڪري ڇڏڻ يا اُن کي ڪنگال يا مُفلس ڪري ڇڏڻ.

بُکون ڪاٽڻ، معنيٰ فاقن ۾ گذارڻ.

بزم شاهي هجڻ، معنيٰ اميرن (اشرافيه) جي محفل ۾ هجڻ، يا اُنهن سان اُٿڻ ويهڻ جيڏو ٿي وڃڻ، جتي هر قسم جي عياشي مُهيا هوندي آهي، راڳ رقص، موسيقي، شراب وغيره سڀ ڪجھ.

پٽاڙ بند ڪرڻ، معني ڪُوڙ ۽ ڊاڙ بند ڪرڻ، يا ڇڏي ڏيڻ ۽ چُپ ٿي وڃڻ.

هڙيئي هَڙپ ايسوسيئيشن، معني لَڪڙ، ڪاٺ، لوھ ۽ پٿر سڀ ڪجھ هضم ڪرڻ وارا ماڻهو (اهو اشارو راشين، ناقص ڪم ڪرائيندڙ ٺيڪيدارن ۽ بي ايمان سياستدانن ڏانهن آهي. آسان لفظن ۾ ڪرپٽ ۽ کائُو ماڻهن جو اهڙو ٽولو، جيڪي سرڪاري يا عوامي فنڊن وغيره کي بجاءِ انهن جي جاءِ تي لڳائڻ جي ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي پاڻ ڳڙڪائي ويندا آهن. يا يتيمن ۽ مسڪينن جو سرڪار طرفان مليل مال، ايستائين جو وظيفا، عُشر ۽ زڪوٰت جا پئسا به پاڻ کائي ويندا آهن، رڳو پنهنجا ڀڀ ڀريندا آهن باقي مُستحق سندن دَرن جا ڌِڪا جهلي جهلي نااُميد ٿي پنهنجي گهر ويهي رهندا آهن.

سو ان کان علاوه وري چئن لفظن تي وڏا معنيٰ خيز ڪجھ محاورا هيٺ ڏجن ٿا.

المجازُ قنطره الحقيقت، معنيٰ مجاز حقيقت تائين پهچڻ جو ڏاڪو آهي. واضح رهي ته هي هڪ عربي مقولو آهي.

عَلڻ، ولڻ، ٽِمون، ٽوهو وغيره. هي چئن نالن وارن لفظن تي مشتمل محاورو به پنهنجي اندر ۾ مزاح جو هڪ وڏو خزانو رکي ٿو. جنهن کي سمجهڻ هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ به بلڪل آسان آهي.

سون سريکي سيج وڇائڻ، معنيٰ ڪنهن دل گُهريي دوست جي اچڻ تي اُن لاءِ پنهنجي وس ۽ وِت آهر هر انتظام ڪرڻ.

بَدن تي رڳو کَل بچڻ، معنيٰ مُفلس، غريب، مسڪين ۽ تنگ دست ٿي وڃڻ.

ڏاڙهي پَٽ لڳي پئي هجڻ، معنيٰ ٿوري ٿوري ڳالھ تان روز هڪٻئي سان ڏند چِڪ ڪرڻ، جهيڙو، جَهٽو ۽ ويڙهاند ڪرڻ لاءِ تيار هجڻ.

اکرن جا ڪاڪ محل اَڏڻ، معنيٰ ڪنهن کي ڳالهين ۽ ڪُوڙ بڊوڙ ٻڌائي اُن کي پنهنجي ڳالهين ۾ ڦاسائڻ (چيلو بنائڻ).

کير جو وَهي ڀَت ۾ پوڻ، معنيٰ هر طرف کان پاڻ کي فائدو ٿيڻ يا هر پاسي کان پنهنجي باري ۾ فائدو سوچڻ.

وڌي واڙي لڳي ڀاڳ، معنيٰ ڪنهن به مَسلڪ، شيءِ ۽ ڪهڙي به قسمن جي خيالن جي ماڻهن جو ڪثير تعداد ٿي وڃڻ. (ڀلي ان ۾ بي شرمي ۽ بدنامي ڇونه هجي).

ڀڄڻ ڪم وريامن جو، معنيٰ پاڻ کي سدائين بهادر سڏائڻ واري جو مشڪل مهل کِسڪي وڃڻ.

اِن کان سواءِ جي هڪ يا ٻن جملن جي اصطلاحن ڏانهن وينداسين ته ڄڻ درياھ ۾ غوطا اچي ويندا، جتان صرف تارُو نڪري سگهندا ۽ اڻ تارُو تيز لهرن ۾ لُڙهي ويندا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment