Tuesday, August 29, 2023

ڪوڏر- ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪوڏر

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



انسان جيئڻ لاءِ وڏا وس ڪيا آهن. زمين جي اُکيڙ ٿيندي ته پيداوار لھبي؛ پاڻيءَ جي وهڪرن کي گسُ ڏبو ته زمين سيراب ٿيندي. ڪسيون اڏون کوٽبيون ته پاڻي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ سيري سگهبو. جايون جڳھيون جوڙبيون ته سڪون سان رهي سگهبو؛ گارو گپ تيار ڪبو ته ڇتين کي راڳو ڏئي، مِينھن ڦڙيءَ کان اجهي جو بچاءُ ڪري سگهبو. اهڙن ڪمن ۾ ماڻهوءَ جي پورهيي لاءِ هٿڻن/ اوزارن جي گهرج پوي ٿي. ڪوڏرِ/ ڪوڏارِي/ ڪوڏار/ ڪوڏارو/ بيلَ اهڙن هٿڻن مان هڪ آهي، جيڪا سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ رهي آهي.



ڪوڏرِ، کوٽائيءَ جو سڀ کان قديم اوزار آھي ۽ زراعت ۾ اهم ليکيو ويو آهي. اندازو آهي ته زمين کيڙڻ ۾ ’هر- پاڃاري‘ کان به اڳ ڪوڏر جو ڪم رهيو هوندو. قديم سميري نسل جي ماڻهن جو خيال هو ته ڪوڏر، ’هوا، آبھوا، زمين ۽ طوفان‘ جي ديوتا اينلِل (Enlil) ايجاد ڪئي ھئي. اهڙن ديوتائن جا تصور تصوراتي رهيا آهن، ان لاءِ ان ڳالهه تي به ڳنڍ نه ڏبي. ڪوڏر جو ذڪر بابل جي ڪتاب ۾ به ملي ٿو. مُھين جي دڙي مان به جتي پٿر، ٽامي ۽ ڪُٽ جا هَٿَڻ/ اوزار مليا آهن، تن ۾ ڪوڏر به شامل آهي. يعني پٿر جا اوزار ارتقائي دَور ۾ ٺاهيا ويا، ليڪن جڏهن لوهه مان ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل ٿيو ته ڪوڏر ۽ ڪھاڙي بنيادي اوزار آهي.

ڪوڏر سان ملندڙ جلندڙ ڪافي هٿڻ آهن، جيڪي هن سٿ ۾ ڳڻي سگهجن ٿا، جيئن: پاهوڙو/ پاهوڙي (ڪاٺيءَ جي ڪوڏر، جيڪا ڀاڻ يا گند ڪچري ميڙڻ جي ڪم اچي)، ڏاندارُ/ ڏاندارِي (ڪوڏر وانگر ڪاٺ يا لوهه جو ڏندن وارو هٿڻ)، واھولو/ واهُلو/ چنجور (ٽڪنڊو، جنھن جي هڪ پاسي ڪوڏر وانگر پاهو پوي ۽ ٻئي پاسي ڌارَ هجيس. گند گاهه جي پاڙ پٽڻ يا گڏ ڪرڻ ۾ ڪم اچي) وغيره. ان مان خيال ٿئي ٿو ته ڪم جي ڀير يا گهرج آهر ان جون شڪليون مٽايون ويون ۽ مختلف نالا رکيا ويا.

ڪوڏر ٻن هنرمندن، لوهر ۽ ڊکڻ جي ڪِرت جو هڪ شاهڪار آهي، ليڪن وڏو ڪم لوهر جو ئي آهي. اڳي ته گهر گهر ۾ اهو هٿَڻُ هوندو ئي هوندو هيو، پر پوءِ جيئن جيئن مشينري آئي ته ڪوڏر گهرن مان نڪري صرف ڪڙمي ۽ مزور تائين محدود ٿي ويئي. ايترو ضرور چئي سگهبو ته ڪوڏر کان سواءِ ڪافي ڪم ٿين ئي ڪونه ٿا. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪوڏر، انسان جي زرعي هٿَڻن مان شروعاتي هَٿَڻُ آهي. ايئن ضرور هوندو ته شروعاتي دَور جي ڪوڏر ۽ هاڻوڪي ڪوڏر جي بيھڪ ۽ جڙاوت ۾ هڪ سڌار سنوار جو سفر شامل آهي.

ڪوڏر ڪل ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي: لوهي چادر، پاهو ۽ ڪاٺيءَ جو ڳَنُ. ڪاٺيءَ جو ڳن ته ڊکڻ جو ڪم آهي، باقي لوهي چادر کي ڪوڏر بڻائڻ لاءِ لوهر کي وڏاڻن سان وڏو پورهيو ڪرڻو پوندو آهي. پھرين، ته لوهي چادر جي چونڊ ڪندو، پوءِ وجهندس باهه جي کُورِيءَ ۾، ۽ ڌَنوَڻ سان باهه ڀڙڪائيندو ته جيئن لوهي چادر صفا ڳاڙهي ٿي وڃي. جڏهن ڳاڙهي ٿي ويندي، ته چپٽي نما جنبور سان چائي، سنداڻ تي رکي، اچي وڏاڻن ۽ هٿوڙن سان ڪُٽيندس. وڏاڻ لاءِ گهڻو ڪري ٻئي جي همراهِي وٺندو ۽ گڏو گڏ پنھنجي هٿ ۾ به ڪو وزني هٿوڙو هوندس، واري واري سان پيا ڌڪ هڻندا. يعني ان لوهي چادر کي گهٽ ۾ گهٽ پنج دفعا باهه مان گذاريندو ۽ همراهه جو هڪ ڌڪُ وڏاڻ جو ته هڪ ڌڪ پنھنجو هڻي، چادر جا پاسا مٿي ڪري لوهي چادر کي تراکڙو بيھاريندو. تراکڙو بيھارڻ سان گڏ ڪوڏر جي ڌارَ (تکي وَٽِ) ۽ پاهي وارا پاسا ڪجهه اندر تي گولائيءَ مائل رکندو، ته جيئن ڪنڊون ٿورو ٻاهر تي نڪري بيھن. ماپ جي لحاظ کان ڌارَ وارو پاسو هڪ فوٽ ۽ پاسي وارا سڌا ڏيڍ فوٽ رکندو. جنھن پاسي گولاڻِ رکندو، ان جي بلڪل سامهون واري پاسي کان پاهو لڳائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽنگ رکندو. آخر ۾ ڪوڏر جي ڌارَ کي تکو ۽ سَٽاڻو رکڻ لاءِ گرم ڪري، ڪنارِ کي هوريان هوريان پاڻي ڏيندو، ته جيئن ڌار پَڪي ۽ ڪَڙڪُ رهي. ايئن ڪوڏر جو تَرو بيھاري، هاڻي وٺندو پاهي کي، جنھن ۾ ڳَن پوي! پاهو، ڪنھن ٿلهي لوهه جي ٽڪري مان ٺاهيندو. سڀ کان پھرين ته ڳاڙهو ڪري، هن جي پاسي کان گول ڇيڻِي، ڌڪن سان وجهندو ويندو ۽ پاسا اوسا به ڪٽيندو رهندو، ته جيئن ڇيڻي پنھنجي جاءِ ٺاهيندي وڃي. ايئن پاهي جي هڪ پاسي ايترو اُڀو سَلُ بيھاريندو، جنھن ۾ ڳنُ پئجي سگهي. ۽ ٻئي پاسي کي ڪٽي ان جي پاسي کان، چپَر جي مدد سان چِيريندو ويندو، ته جيئن ڪوڏر جو ترو ان ۾ ايئن ڦاسائجي، جو پاهي جو هڪ پُڇڙُ ڪوڏر جي تري هيٺان ٿئي ته ٻيو مٿان ٿئي. پاهو تيار ٿيڻ بعد ان جي ڳن واري سَل کي ٿورو جهڪاءُ ڏيندو ته جيئن ڪوڏر ۽ ڳَن جي وچ ۾ ڪنڊ پنجهتر ڊگريءَ جي بيھي. ڪوڏر جي تري ۽ پاهي کي لوهي ڪِلين سان ڦاسائي، انهن ڪلين کي ڌڪ هڻي چپترو ڪري وٺندو. آخر ۾ تيار ڪري، ڌارَ وارو پاسو سِراڻ تي لائيندو، ته جيئن ڪوڏر لپي لائيءَ ۾ تِکُ ڏيکاري. هاڻي لوهر پاران ڪوڏر تيار آهي، رڳو ڳَنُ پئيس. پاهي ٺاهڻ يا بيھارڻ جا به، مختلف علائقن نسبت، چند الڳ الڳ نمونا ۽ ڍنگ ٿين ٿا. ڳنُ به ڊکڻ اهڙو تيارڪندو آهي، ته جيئن ڳن وچان ڀڄي پئي ته سندس ڀاڳُ، باقي پاهي مان نه نڪري نه وري لچڪ ڪري! ان لاءِ به ڳنَ جو هڪ پاسو ڪجهه سنهو ۽ ٻيو پاسو ڪجهه ٿلهو رکي، سنهي ڇيڙي کي ڪوڏر جي هيٺان ٽپائي، پوءِ ڳن کي هيٺان اهڙا ڌڪ هڻندو ويندو، جو ڳَن پاهي ۾ بنھه ڦَٻي بيھي. ڳَن جي ماپ اندازي موجب ٻه فوٽ رکي ويندي آهي.

تراکڙي بيھاريل ڪوڏر کي ’ماٺِي ڪوڏر‘ چوندا آهن. ماٺي ڪوڏر سان لپو ڀلو لڳندو ۽ لپي ۾ مٽي به چڱيءَ طرح کڄي ايندي آهي. ماٺي ڪوڏر جي ڌار به گولائيءَ مائل ۽ ڪنڊون ٿوريون نڪتل هونديون آهن، جيڪي مٽي پٽڻ ۾ تکيون هونديون آهن. سِڌي ڪوڏر، لپو به ٺيڪ نموني نه هڻي سگهندي ۽ نه کڻي سگهندي.

ڪوڏر جو ڳنُ پورو سارو هئڻ سبب، ڪڏهن ڪڏهن لَپي هڻڻ سان چيلهه ۾ چُڪ به پئجي ويندي آهي، جنھن سبب هاڻي وارو مزور ڪوڏر جي جڳهه تي بيلچو گهڻو ڪم آڻي ٿو. باوجود ان جي، ڪي ڪم ڪوڏر سان ئي ممڪن هوندا آهن، جيئن اَڏَ جي کاٽِي کڻڻ، مِٽي پٽڻ، چَلهو کوٽڻ، پاڻي وَرائڻ، بِھَه ڪڍڻ، پوک جا کِرا سِڌا ڪرڻ، ٿَلهو هموار ڪرڻ، کوهه جو جَر ڪڍڻ، قبر کوٽڻ وغيره.

فَانِي مِيَان فَانِي، دُنيَا دَمُ نَه ھِيڪِڙو،

لَٽي لوڙُهُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جَانِي،

ڪوڏَرِ ۽ ڪَانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھن.

ڪوڏر وهائڻ ۾ مشق جي گهرج هوندي آهي. وهائيندڙ بنا ساهيءَ جي ڪلاڪ کن ڪوڏر وهائي ويندو آهي. هن وٽ هڪ ته سگهه هوندي آهي، ساڳئي وقت ڏانءُ به رکندو آهي. گهڻي قدر ڪوڏر جو لپو هڻي، پنھنجي ساڄي پاسي اڇل ڏيندو، اهو هن جو هٿ ايئن بيٺل هوندو آهي. ساڄو هٿ ڪوڏر واري ڳَن جي مٿان هوندو ۽ کاٻو هٿ ڪوڏر جي وچ واري هنڌ هوندو. ان لاءِ بيھندو به اهڙي هنڌ، جتان گهربل جاءِ تي لپو اڇلائڻ لاءِ ساڄو پاسو رکي. جيڪڏهن ڪنھن کاهيءَ جي کوٽائي ڪندو ۽ لپو مٿي اڇلائڻو هوندس ته لپو هڻي، رڳو ساڄي هٿ سان اُڇل ڏيندو. عام ماڻهو نئينءَ مان لپا ته هڻندو پر هن جي ڪم ۾ اهو نبيرو نه هوندو ۽ هُلو پيو لڳندس.

ڪوڏر وهائيندڙ کي ’ڪوڏاريو‘ چئبو آهي. ڪوڏر وهائڻ به وَهيءَ سان آهي؛ ڇاڪاڻ ته ڪوڏر ڪُکيون (پاسِري ۽ چيلهه جي وچ وارو نرم حصو) وٺي، ان لاءِ ان ڪم کي ئي ’بُڪيُن ٺوڪَ‘ سڏين. ماڻهو ٿورو جهورُ ٿيو ته ڪوڏر جي لَپي ۾ اهو نبيرو ئي نه هوندس. باقي وهيءَ سان جيڪي ڪوڏر وهائيندا آهن، تن کان ان جو چَسڪو معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڪوڏاريو جيڪڏهن ڏينھن خالي ويٺو ته جسم آڪُڙجي پوندس؛ ڪجهه ڪرڻ لاءِ نه هوندس، ته پڇاڙيءَ مال جو وٿاڻ پيو صاف ۽ سڌو ڪندو. ڪوڏر هاري ناري يا مزور ماڻهوءَ جو دل گهريو هٿيار رهيو آهي. ڀِنڀرڪي يا باک ڦٽندي ئي ڪوڏر ڪلهي ڪبي ۽ ڪم تي نڪربو. ڪم ڪار ڪري، اچي گهر ڀيڙو ٿبو، پر ڪوڏر پئي چمڪا ڏيندي. يعني ڪوڏر جا ڪوڏيا، ڪوڏر کي ڪٽُ چڙهڻ نه ڏيندا. ڪوڏر جي ڪٽجڻ کي عيب سمجهندا. ڪوڏر کي ايترو تکو به رکندا آهن، جو ڪڏهن ڪڏهن جهيڙي ۾ دشمن جا ٻرگهل ڪڍي وجهي. ان ڪارڻ جنھن جي ڪلهي تي ڪوڏر هوندي، دشمن به ان کان پيو لھرائيندو؛ ڇاڪاڻ ته ڪوڏر جو گهاءُ ڪڏهن ڪڏهن ناسورُ (اڻ ڇٽندڙ ڦَٽُ) به ڪري وجهندو آهي. مِٽي به ڪوڏر سان ئي سڌي آهي، هروڀرو ٻئي هٿيار سان لپي ۾ ئي ڪونه ايندي. اُڦُونگرِي مِٽي ته بيلچي سان هڪ هنڌ کان ٻي جڳھه تي اُڇل ۾ ايندي، پر ڄميل مِٽي، ڪوڏر کان سواءِ وٺُ ئي نه ڏيندي. باقي پٿر يا پڪي سُر آڏو ڪوڏر وائڙي ٿي ويندي آهي. تڏهن ته لطيف سائينءَ، سسئيءَ واتان هيئن چورائي ٿو:

ڪوڏر نه ڪاتِي، جنھن سين ٽَڪر ٽاڪِئان،

جيڪو جبلُ لنگهيان، سو هيبت جو هاٿي،

پريَن جا پاتِي، سا جَڙ جيئري نه لَھي.

آبپاشي نظام هيٺ بيلدار هڪ اهڙو ملازم هوندو آهي، جنھن جي ڪلهي تي ڪوڏر جو هجڻ نھايت ضروري آهي. واهن يا شاخن جا رستا ۽ ڪپر وغيره ڏسڻ ۽ انهن جي وقتي مرمت ڪرڻ سندس بِلي هوندو آهي. ان لاءِ ته ڪٿي ڪا روڻ يا کنڊ پئجي وڃي ته ان جي مرمت ڪري سگهي ۽ ڏکيي وقت ۾ اوسي پاسي جا ڪوڏاريا گهرائي، انهن جي مدد وٺي سگهي.

اوڏ جو ڪم مٽي گُڏي، چاڻا ٺاهي، ڀت اڏيندا آهن. انهن جو ڪم به سواءِ ڪوڏر جي ٿيندو ئي ڪونه! مٽي آلي ڪرڻ لاءِ چَلهو ٺاهڻ، مٽي گُڏڻ، دوڳ کڻڻ وغيره جو ڪم ڪوڏر سان ئي ٿيندو. ممڪن آهي ته ڪٿي ٻيا اوزار به ڪم آڻيندا هجن، پر ڪوڏر- ڪوڏر آهي! ڏلها (مٽي کڻڻ لاءِ لئي جي سنهڙين ڪاٺين جو ٺھيل ٽوڪرو) کڻڻ ۽ مٽيءَ سان ڀرڻ به ڪوڏر سان ئي ممڪن آهن.

مون جون ۳۰، ۲۰۱۷ع ۾ لاڙ ميوزيم بدين ۾ هڪ اوائلي ڪوڏر ڏٺي، جيڪا ماپ ۾ اندازي موجب ٽي فوٽ ڊگهي ۽ ٻه فوٽ ويڪري آهي، جنھن جو وزن به اٺن کان ڏهه ڪِلو کَن ٿيندو. ايڏي وڏي ڪوڏر ڏسي اچرج ورتو، پروفيسر عبدالله ملاح، ميوزيم جو وقتي انچارج هيو، کانئس ان بابت تفصيل پڇيم، چيائين ته ’اها روپا ماڙيءَ جي ڀِڙي مان هٿ آئي آهي، جيڪا ٻڌائي پئي وڃي ته دودي ۽ چنيسر سومري جي دَور جي ڪوڏر آهي. مون جڏهن سوشل ميڊيا تي ونڊُ ڪيو، ته صوفي جلال فقير ثانيءَ ٻڌايو ته ’ان کي ڪوڏر نه بلڪ ’بيلَ‘ چئبو، اها ’بيلَ‘ کوهن کوٽڻ ۽ جر صاف ڪرڻ خاطر مِٽي ڪڍڻ جي ڪم ايندي آهي. کوهه جو جرُ جاري ڪرڻ ۽ ان ۾ پاڻيءَ جي اونهائي وڌائڻ لاءِ کوهه جي تَري کي وڏي ڪوڏر سان هيٺ کوٽبو هيو. اهو ان لاءِ ته کوهه ۾ جَرُ جالارو رهي ۽ گهڻي پاڻيءَ جي نيڪال سان جر سُڪي نه وڃي. اڪثر اهڙن کوهن جي اونهائي ست يا اٺ پُرهَه (پُرهُه: ساڍا پنج فوٽ جي ماپ- ماڻهوءَ جي قد جي ماپ) رکي ويندي هئي ۽ ان تي نارُ به چاڙهيو ويندو هئو.

وڌيڪ ٻڌايائين ته ’اهي پھلوان ۽ ماهر ٽوٻا هوندا هئا، جيڪي کوهه جي پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هڻي، هيٺ تري تائين ويندا هئا ۽ اها بيلَ هيٺ هڻندا هئا. ان بيلَ ۾ وڏيون واڍرُون ٻڌل هونديون هيون، جن جا ڇيڙا کوهه کان ٻاهر هوندا هئا. کوهه جي ڪپر تي مضبوط ڪاٺ جا وَرا (ورو: ٿلهي ۽ زبري ڪاٺي) رکيل هوندا هئا، جن تي وڏو گرڻو/ چَڪَرِ (يعني پُلي pully) رکيل هوندي هئي. واڍرُون ان گرڻي تي رکيل هونديون هيون، پوءِ ان واڍر کي ماڻهو گڏجي ڇڪيندا هئا، ته اها هيٺ زمين ۾ لڳل بيلَ ڇڪجي مٿي کوهه جي منھن وٽ ايندي هئي، جنھن کي ٻه- ٽي جوان جهلي، کوهه کان ٻاهر ڪڍندا هئا. خالي ڪري وري هيٺ کوهه ۾ لاهيندا هئا. ايترو وقت ٽوٻو کوهه جي اندر ئي رهندو هو ۽ خالي واپس آيل بيلَ کي وري ٻيھر جَر ۾ ٽٻي هڻي، مٽيءَ جو دوڳُ (آلي مٽيءَ جو لپو) ڪڍندو هئو. اهڙيءَ طرح اهو سلسلو جر جي ماپ پوري بيھارڻ تائين جاري رهندو هو. انهيءَ ڪم تي وڏا وڏا ماهر ۽ پھلوان ٽوٻا ايندا هئا، شرطون به لڳنديون هيون، خلقون اچي مڙنديون هيون ۽ انهن پھلوانن جو ڪم ڏسبو هيو. انهيءَ ڪم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙي غلطيءَ ڪري وڏو نقصان به ٿي پوندو هو. جڏهن مٿان بيٺل ماڻهو بيلَ جو وارو پورو نه وٺي سگهندا هئا يا بيلَ ۾ ٻڌل رسا ڇڄي پوندا هئا ته اها مِٽيءَ جي ڀريل بيلَ واپس کوهه ۾ ڪرڻ ڪري هيٺ بيٺل ٽوٻي کي زخمي ڪري وجهندي هئي يا وري بيلَ هيٺان دٻجي به ويندو هئو. بيلَ هڻڻ وارو ڪم به وڏي ڪاريگري آهي، ڇو ته جيڪڏهن هڪ ئي پاسي کان کڏ ٿيندي رهي ته پوءِ سڄو کوهه پاسيرو ٿي پوندو يا اونڌو ٿي پوندو ۽ ماڻهو اندر ئي دٻجي مري ويندو. انهيءَ ڪري هر پاسي بيلَ هڪجھڙي هڻبي هئي ته جيئن کوهه سڀني پاسن کان هڪ ڪَرو هيٺ لھندو اچي.‘

انجنيئر عبدالوهاب سھتو پڻ ’بيلَ‘ تي هڪ راءِ رکي، جيڪا پڻ وزنائتي آهي. صاحب موصوف چيو ته ’بيل (bail)، انگريزي لفظ آهي، جنھن جي مراد کوهه مان مٽي ڪڍڻ يا پاڻي ڪڍڻ به آهي. روپا ماڙيءَ مان مليل وڏي ڪوڏر کي ’ڪوڏارو‘ سڏجي ٿو.

سھتي صاحب ۽ صوفي جلال فقير ثانيءَ جي راين مان اهو ئي خيال جڙي ٿو ته ’ان وڏي ڪوڏر کي، سنڌيءَ ۾ ڪوڏارو چئجي ٿو، جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ جي اثر کان ڪافي انگريزي لفظ، سنڌيءَ جو روپ وٺي چڪا آهن، ان ڪارڻ کوهه مان مٽي ڪڍڻ يا پاڻي ڪڍڻ واري عمل دوران ڪم ايندڙ هٿَڻَ کي ’بيلَ‘ ڪوٺيو ويو هوندو ۽ عام ٿي ويو، ان ڪري ان کي ’بيلَ‘ ڪوٺڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. ’بيلَ‘ جو لفظ ’کوهه مان مٽيءَ ڪڍڻ لاءِ وڏي ڪوڏر‘ جي معنى سان ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ پڻ موجود آهي.

جر جي پاڻيءَ نسبت، کوهه جي کوٽائي گهڻي قدر ٽيھن فوٽن تائين ٿيندي هئي. ان موقعي تي کوهه جي تَري مان، ڪپر تائين ’دوڳ‘ (آلي مٽيءَ جا لپا) اڇلائڻ جا به مقابلا ٿيندا هئا. دهل شرناين سان واڄا ٿيندا هئا، ذات راڄ جا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا. هاڻي ته کوهن جي کوٽائيءَ وارو ڌنڌو مري ويو، ان بدران مشينون اچي ويون آهن، جيڪي ساڳئي انداز سان ڪِني پاڻيءَ جا کوهه کوٽجن ٿا. ايترو ضرور آهي ته ڪم مشينون ڪن ٿيون ۽ اوساريءَ بدران فريمن تي ڀَرائِي ٿئي ٿي. باقي کوهه کوٽڻ جو ڍنگ ساڳيو پراڻو آهي، جيڪو اوائل کان هلندو پيو اچي. هن ڳالهه جو هاڻي به خيال رکيو ويندو آهي ته کوهه جي ڀت گول ۽ بلڪل عُمودي/ اُڀي رهي. جيڪڏهن کوهه ٿورو به ٽيڏو ٿيو ته ان جي بيھاريل گول ڀت، شَھوَنگ سميت ٽٽي پوندي ۽ کوهه بيڪار ٿيو وڃي.

ڪافي سماجن ۾ ڪوڏر کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. موزمبيق، آفريڪا جو هڪ ملڪ آهي، جنھن جي جهنڊي ۾ رائيفل سان گڏ ڪوڏر به آهي. يعني ڪوڏر ڌرتيءَ جي سُوڌ سنوار ۾ بنيادي هٿيار آهي. ان لاءِ پنھنجو ڪم پاڻ ڪرڻ لاءِ ڪوڏر تي ڀاڙڻ گهرجي. عام طور وڻ پوکڻ، کوهه کڻائڻ، مسجد يا عمارت بيھارڻ لاءِ چَري کوٽائڻ وغيره لاءِ افتتاح ڪنھن مشھور ماڻهوءَ کان ڪرايو ويندو آهي ته اتي ڪوڏر جو ئي استعمال ٿئي ٿو. يعني ڪوڏر کڻڻ يا لپو هڻڻ به برڪت وارو تصور ڪيو وڃي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي گفتن، پھاڪن ۽ اصطلاحن ۾ ڪوڏر جو ذڪر ضرور ملندو، جيئن:

• پيراڻي ڀنڀري جو گفتو

• دُهل دارون نه پئي، ڦاٽي پيو ڏونڪو، هاڻي کڻي وٺو ڪوڏر ته ڏيونس ٽوپو.

• سگهڙن جا ٻول

• ڪوڏر بنا کاٽي کڻي، بنا ڏاٽي ھڻي لاڻي،

سٿ ويٺي سمهي رھي، نيچو وھي اونچو تري،

اڻ ڏٺي ڏي اوڳاھي، اھي پنج ئي گهوچائي.

(ڪوڏر بنا کاٽي کڻڻ، ڏاٽي بنا لابارو ڪرڻ، سنگت ويٺي سمهڻ، ننڍي پاڻيءَ ۾ اوڀارو ترڻ، اڻ ڏٺي شاھدي ڏيڻ، پنج ئي بيوقوفيءَ جا ڪم آهن)

• اصطلاح

• ڪوڏر هڻڻ (سخت محنت ڪرڻ)

• ڪوڏر سان کوٽڻ

• پھاڪا/ چوڻيون

• جيڪو هڻي ڪوڏر، تنھن کي ڏُڪرَ جو ڪھڙو ڏَرُ.

(پورهيت کي ڪڏهن به هٿ جي تنگي نه ٿيندي)

• اهي هاري ئي نه رهيا، نه ته ڪوڏر ۽ ڪَٽُ!

(سست ماڻهوءَ کان ڪو ڪم ئي نه ٿيندو)

• اها ڪوڏر، اهو ئي ڳَنُ.

(سمجهائڻ باوجو ساڳيو ڪم ٿئي)

• ڪوڏر، ڪکيون ڇني.

(پورهيو ڪرڻ ڏکيو آهي)

• ڪوڏر، بُڪين ٺوڪَ .

(پورهيو ڪرڻ ڏکيو، عضوا ٿو وٺي)

• ڪوڏر ۽ ڪاني، آھي سِر ھر ڪنھين.

(ڪاني: ڪاڇو- ڪانو جنھن سان مُردي جو قد ڪڇي قبر کوٽجي. ھر انسان تي موت ته آھي ئي آھي، ان کان ڪنھن کي به رستگاري ناھي.)

• ڪي ڪوڏر ڪمايو، ڪي ڪھاڙي وليو؛

گهر سھيرو ھليو.

(ڪوڏر سان ڪمائڻ: کاٽي کڻڻ- مٽيءَ جا ڏلها ڀري ڪڍڻ. ڪھاڙيءَ سان ڪمائڻ: ڪاٺي ڪلي ڪپي اچڻ. گهر کي ھلائڻ لاءِ، ڪمائيءَ جا مختلف ذريعا اختيار ڪجن ٿا، تڏھن گاڏو گھلجي ٿو)

• ڪوڏر ۽ ڪھاڙي، ڪم ڏيھاڙي.

(ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ کي ڏيھاڙي روزگار ملي ٿو)

No comments:

Post a Comment