Tuesday, August 15, 2023

وِڃڻو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

وِڃڻو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



وِڃڻو، وِڃڻِي (اسم تصغير)، وِنجِڻو، پَکو، پَنکو، هوا ڏيڻ جو هٿَڻُ وغيره جي نالن سان هٿرادو هوا ڏيڻ وارِي وَٿ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. محاوري ’وڃڻو هڻڻ‘ مان مراد ڪو ’وهائي ڪڍڻ‘ ڪونهي، بلڪ وڃڻي سان ٻئي کي هوا پھچائڻ آهي. ان لاءِ عام طور چيو ويندو آهي، ته مون کي وڃڻو ته هڻ! جهَلِي به ساڳئي ڪم لاءِ ڪم آندي ويندي آهي، ليڪن اها ڇِت ۾ لڙڪائي، نوڙيءَ جي مدد سان ڇڪي ويندي آهي. ٻوليءَ جي نسبت سان ’جهلي ڇڪڻ‘ مان مراد به رڳو هڪ پاسي ڇڪڻ ڪونهي، بلڪ اوٽ موٽ ڇڪي، ٻين کي هوا ڏيڻ آهي. اصطلاحي طور جهَلِي ڪاهڻ يا جهَلِي ڇِڪڻ مان مراد 'ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍڻ', 'ٻيلپو ڪرڻ' يا 'ڪنھن جي خوشامد ڪرڻ' به ورتي ويندي آهي. وڃڻو ته وري اهڙي لڄپال وَٿُ آهي، جو غريب غربو توڻي امير امراءَ هٿرادو هوا لاءِ ضرور ڪم آڻيندو آهي. وڃڻي جي لچڪدار بيھڪ، چورس، مستطيل، اڌ گول يا ڪھاڙي نما ٿيندي آهي، جنھن ۾ ڪاٺيءَ جي ڳنيءَ وڌي ويندي آهي، جيڪا هٿ ۾ جهلي پئي ڦيرائبي. ڦيرائڻ لاءِ به ڪي اڌ ڦيرو ڏيندا ته ڪي وري گول ڦيرو به ڏيئي وٺندا آهن.



اڳي جڏهن بجليءَ جو تصور نه هيو، ته جايون جڳھيون ڪشاديون هيون، هڪ ڪمري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه در، دريون، روشندان، جارا تنھن کان سواءِ، يعني جايون ڪافي هوادار رکيون وينديون هيون. تنھن کان سواءِ ڪمرن جون ڇتيون ڪافي مٿي، ته جيئن، ڪاڙهي جي منجهند يا سياري جي رات ۾ ڪمري جو ماحول ٺيڪ رهي. ان باوجود گرميءَ جي رُت ۾ ڪاڙهو ضرور ٿيندو هيو، گهُٽن جي ڏينھن ۾ گهُٽون ته ٿينديون هيون، پوءِ وڃڻو هڪ اهڙو هٿيار هوندو هو، جو هر ننڍي توڻي وڏي جي هٿ ۾ ضرور هوندو ۽ پيو لوڏا کائيندو.

گرمين جي رُت ۾، وڃڻو هٿ ۾ کڻڻ، اندر توڻي ٻاهر، سفر يا سير سپاٽي ۾ ماڻهوءَ جي ته عادت ۾ شامل هوندو هيو. ٻني ٻاري تي، يا جهر جهنگ وڃبو، يا جهنگ جي خيال سان وڃبو، ته به وڃڻو ساڻ هوندو. ڪٿي پرڻي- مرڻي يا ميلي ملاکڙي وغيره تي وڃبو ته وڃڻو پنھنجو کڻي وڃبو هو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري ۾ پروفيسر عبدالله فاروقي، درازن کان لاريءَ ۾ ايندو هو، ته وڃڻو ساڻ هوندو هيس. ڪلاس ۾ به ساڻ کڻي ويندو هيو. چوندو هيو ته ابا گرميءَ ۾ هيءُ هڪ هٿيار آهي، جيڪو ساڻ هجڻ گهرجي.

گهر ۾ وڃڻا ضرور سنڀالي رکبا. امڙ کي ڏسندو هيم ته وڃڻن کي ڇيت ڇيت ٿيڻ کان بچڻ لاءِ، پراڻين سراڻين اڳڙين جون پٽيون ڪٽي، وڃڻن جي ڪناريُن کي سئي سڳي سان ٽوپي وٺندي هئي، ان سان اهو ٿيندو هيو ته اهي وڃڻا، ڇماهيءَ کان وڌيڪ سال ٻه به هلي ويندا هئا. منھنجي ذهن ۾ اهو انداز ويٺل هيو، ان لاءِ مان به جڏهن گهر لاءِ وڃڻا وٺي ايندو هيم، ته پھريائين نَون وڃڻن کي اڳڙين جون سھڻيون پٽيون بيھاري، سُئي سڳي سان ٽوپي محفوظ ڪري وٺندو هيم. ڪافي شوقين وري ان جي پاسن کان جهالر ۽ سونھن خاطر ستارا يا جهاٻا وغيره وجهي وڌيڪ رونق وارا بڻائيندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن، امڙ پاران مختلف شرارتن تي چپيٽ ڏيڻ لاءِ، انهن وڃڻن جي ڳنين سان هلڪي ڦلڪي مارَ ڪُٽ به ٿيندي هئي. مزي جي ڳالهه ته شلوار يا ڪانچ ۾ اڳٺ وجهڻ لاءِ به وڃڻي جي ڳني ڪم آندي ويندي آهي. اهو هيئن ته ابداڻي جا ٻه پاسا ٿيندا آهن، اڳٺ وجهڻ لاءِ ڪھڙو به پاسو وٺي، اڳٺ وجهي وٺبو آهي؛ ليڪن وڃڻي جي ڳَنيءَ سان ابداڻي جي هڪ پاسي کان اڳٺ ٽپائي، وڃڻي جي ڳَني ڪڍي وٺبي، وري ٻئي پاسي لاءِ اڳٺ جي پَٽِيءَ ۾ ڳَني ڦاسائي، وري ٻيو پاسو وجهي وٺبو. اهو ان لاءِ ته مڪمل وڃڻو ته ٽپي ڪونه سگهندو. اها ڪارِ اڄ سوڌو ٿئي پئي. وڃڻو جڏهن پنھنجي عمر ڏيئي ڇڏيندو هيو ته پوءِ به اڇلبو نه هيو، بلڪ گهر جي چلهه وٽ، باهه دکائڻ لاءِ رکبو.

ڪھاڙيءَ نما (ڳنيءَ سان گول کانچا ۽ هوا ڏيڻ وارو پاسو گولائيءَ مائل) وڃڻن کي پنجابي وڃڻو سڏبو هيو. سنڌي وڃڻو فوٽ يا ڏيڍ فوٽ سڌو، ۽ پاسا ان کان ٽي انچ ننڍا رکبا آهن، يعني پورو چورسو نه بلڪ مستطيل رکبو آهي. ان جي اڻت ڏيڍي يا پاسيري رکي ويندي آهي، ڪي وري سڌي به رکندا آهن. اڻت بعد الڳ سان ڌارِي ڳَنِي لڳائي، ويڙها ڏنا ويندا آهن. ڪي ڳَنيون جنڊيءَ لٿل رنگين يا هٿ سان گهڙيل ۽ رنگ ڏنل هونديون آهن ۽ بازار مان پڻ ملي وينديون آهن، ڪي وري کجيءَ جي ڪاٺيءَ مان ئي جوڙي وٺندا آهن. ڪي ته وري خاص فرمائش تي ڳَنيون ٺھرائيندا آهن.

گرمين ۾ جڏهن گهُٽَ/ رُگهَه ٿيندي هئي ته جسم تي پِتُ يا آرائيون نڪرنديون هيون ۽ کارَس ٿيندي هئي، خاص طور پُٺيءَ تي، جنھن کي کنھڻ لاءِ پڻ وڃڻي جي ڳَنيءَ کان ڪم ورتو ويندو هيو. ڇاڪاڻ ته پُٺيءَ کي هٿ جي نَنھَن سان سؤلو کنھي نه سگهبو. رات جو اڱڻ ۾ سمهبو هيو، پوءِ رُگهُن ۾ ٻوسٽ ٿيندي هئي، دل گهرندي هئي ته ڪو ٻيو وِڃڻو هڻي، پر سڀ کي پنھنجي! ڏکڻ جي ٻاڦ جي اوسيئڙو ۾ چڱو وقت گذري ويندو هيو، اتي اسانجي پڦي هڪ ٻولُ چوندي هئي ته 'ڏکڻ ماءُ ڏوري آئي، ڪنڊا منڊا ميڙي آئي، چانئٺ ٻانئٺ چمي آئي'. پوءِ ڪڏهن ته واقعي ڏکڻ جي هوا هوريان هوريان گهلندي هئي. سچ ته پوءِ جڏهن ڪا اهڙي رُگهه ٿيندي هئي ته پڦيءَ کي چوندا هياسين ته جيجي، اهو منتر ته پڙهه، پوءِ ڄڻ دلي سڪون ملندو هيو.

وڃڻن ٺاهڻ جا مختلف انداز رهيا آهن، مزي جي ڳالهه ته ڪي وڃڻا هڪ ئي جوڙ ۾ به ٺھندا آهن. مثال طور ڪاٺيءَ سوڌو، کجيءَ جو ڦرهو کڻبو، ان جي پَتن کي وٽُ ڏيئي، ڏيڍي اڻت سان وڃڻو تيار ٿي ويندو. آخر ۾ ان جا ڇيڙا پاسن ۾ ڦاسائي ڇڏبا. ڇا جي ڳَنِي، ڇا جا ڦرهن جا پتا! اهي وڃڻا وزن ۾ ڳورا ضرور ٿين ٿا، ليڪن ڪافي ڏاڍا ۽ پائدار ٿين ٿا. ڪو مرضِيل ماڻهو هروڀرو کڻي، ڪونه هڻندو. وڃڻا/ پکا مختلف شين مان ٺاهيا وڃن ٿا؛ کجِيءَ جي ڦرهن مان ته عام آهي، ان کان سواءِ ڪڻڪ جي تِيليُن مان به سگهڙ مايون ٺاهينديون آهن. باقي ته مختلف شين مان به جوڙي وٺنديون آهن، جيئن: سگريٽن جي پاڪيٽن مان، کير جي پاڪيٽن مان، سخت پاٺن مان، چُوسڻيُن نَڙيُن مان، پلاسٽڪِي ٻاچڪن مان، پلاسٽڪي ٻڌڻ وارين پٽيُن مان وغيره. مطلب ته ڪنھن به سخت وَٿَ مان جوڙي سگهجن ٿا.

اڳي جيئن آهَتِي سال بسال ڪي شيون يا اناج ڏيندا وٺندا هيا ۽ فصلن لٿي يا پگهارَ تي، روڪ ڏوڪڙ  يا بدلي ۾ سامان ڏيندا وٺندا هيا. تيئن،  هر سال گرمين ۾ هڪ مائي خيرپور مان وڃڻا کڻي ايندي هئي، ۽ امڙ کي درجن کن ڏيئي ويندي هئي، بعد ۾ پگهار تي ڏوڪڙ وٺي ويندي هئي. گهر ۾ جڏهن بجلي آئي، تڏهن اسان جي هڪ وڏي ڪمري ۾ بجليءَ جو پکو هوندو هيو، باقي ٻئي ڪمري ۾ جهَلِي لڳل هئي. ڪشادي ورانڊي ۾ وري ڪابه سھوليت ڪونه هئي، سواءِ هڪ هندوري جي، البت هوادار هيو. بس پوءِ ته رڳو وڃڻن سان راند پئي هلندي هئي. اوڙي پاڙي جون مايون، منجهند جو امڙ سان ڪچھريءَ لاءِ اينديون هيون، ڪي کٽن تي آهليون پيون هونديون هيون ته ڪي وري ننڊ جو سوپو به ڪري وٺنديون هيون. گهر ايئن لڳندو هيو، ڄڻ ڪو آشرم کوليو هجي، پر مجال آهي جو امڙ جي منھن ۾ ڪٿي گهنج پوي! حال پريان نال وانگر ٻه ٽي گرهه مانيءَ جا آڇيندي هئي. ورانڊي جي هڪ جاري ۾ وڃڻا پيا هوندا هئا، جتان هر هڪ مائي پاڻ کڻي وٺندي هئي ۽ مزي جي ڳالهه ته اتي ئي رکي ويندي هئي. مطلب ته ڪچھري به پئي هلندي ۽ وڃڻا به پيا لڏندا هيا. ڪن کي وري وڃڻي جي ڳنيءَ کي گول ڦيرا ڏيڻ ۾ مزو ايندو هيو، ان سان ٻين کي به پئي هوا لڳندي. سياري جي سوَڙ ۾ ته ڪنجوسائي ڪئي ويندي آهي، پر وڃڻي هڻڻ ۾ ڪنجوسائي نه ٿيندي. ڪا مائي ٻه ڦيرا پاڻ کي وڃڻو هڻندي ته هڪ ڦيرو پاسي ۾ ويٺل کي به هروڀرو هڻندي. اهو ڄڻ هنن جو هٿُ چيو ڪندو هيو.

بجليءَ جي سھولت کان پوءِ، پکو يا پنکو ’بجليءَ جو پکو‘ تصور ڪيو پئي ويو؛ ليڪن لفظ ’وڃڻو‘ ۾ ڪا لچڪ نه آئي ۽ هٿرادو هوا ڏيڻ واري هٿڻ سان مخصوص رهندو پيو اچي. هڪ دفعي امڙ ڳوٺ ۾ ئي ڪنھن سھيليءَ جي گهر ويئي، هن ويچاريءَ پئي ڏک سک بيان ڪيَس ته ’ادي، گرمي ڏاڍي ٿي پيئي آهي، سو فلاڻي جي پيءُ کي چيم ته ڪجهه پکا ته وٺي ڏي، سو ويچاري هن پگهار تي پنج پکا وٺي ڏنا.‘ امڙ چيو ته ’مان هيڏي هوڏي نھارڻ لڳس، ته مون کي نوان پکا ته نظر ئي نه پئي آيا، ساڳيا وڃڻا ويٺا پيا هڻون!‘ امڙ اها ڳالهه ڪن پاڙي وارين مايُن سان پئي اوري. امڙ ٻڌايَن ته ’نيٺ منھن لاهي، پڇيومانس ته ادي، پکا ڏسڻ ۾ ته ڪونه ٿا اچن!‘ چيائين ته ’ادي، اهي هڻين جو ويٺي پئي!‘ اهڙي سادگيءَ واري حال تي پاڙي واريون مايون ڏاڍيون کِليون ۽ امڙ به انهن سان کِلڻ ۾ شامل ٿي ويئي. 

مان ننڍو آهيان، پرائمريءَ ۾ پڙهندو آهيان، ان وقت جي ڳالهه آهي ته بابا سائينءَ سان شاهه جي مشين (راڻيپور) ڀرسان استاد قربان علي سولنگيءَ جي ڳوٺ وياسين. اتي مانيءَ جو بندوبست ڪيل هيو، ڪچھريءَ بعد هڪ وڏي ڪمري ۾ مانيءَ لاءِ گلم ۽ دسترخوان وڇايل هيو، ويٺاسين، گرمي به هئي، هڪ همراهه وڃڻو پئي هنيو. وڃڻو ڇا هيو، ڄڻ ته هٿ ۾ جهَلِي هئي، سڀئي آنند ۾ هيا. مون وڃڻي کي اچرج مان پئي ڏٺو. پوري کٽ جيڏو وڃڻو، پنج فوٽ کن وڃڻي جي ٿلهي ڳَنِي، هڪ هٿ وڃڻي جي ڳَنِيءَ ۾، ته ٻيو هٿ وڃڻي جي وچ واري کانچي ۾، هيڏي هوڏي پئي ڦيرايائين. شڪل ۾ ڪھاڙيءَ نما وڃڻو هيو. سچ ته اهو آهي ته اهڙو وڃڻو، مون ڪڏهن نه ڏٺو، نه ٻڌو؛ وڏي عرصي بعد سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڏٺم، سو به ماپ ۾ ڪجهه ننڍو هيو. سو اهڙا به وڃڻا ٿين ٿا، جيڪي اسان جي ئي تھذيب جو حصو رهيا آهن.



مون ماڻهن جي نالن سان، جنڊيءَ لٿل ڳَنين سان رنگين وڃڻا به ڏٺا، پوءِ مون کي جڏهن مھراڻ ڄائو، ته دل گهريو ته اُن جي نالي سان هڪ رنگين وڃڻو ٺھرايان. ڳوٺ نواڙي شريف (تعلقي سوڀي ديري) ۾ پنھنجِي سَوٽِ جي پٽ کي چيم ته اهڙو مون کي به ٺھرائي ڏي، جنھن تيار ڪرائي ڏنو. ٽيھه سال ٿيندا، ته مون وٽ سانڍيل آهي، ڇا ته سونھن سوڀيا اٿس! رنگين ڳَنِي، مختلف پڪن رنگن سان اُڻيل کجيءَ جي ڦرهن جون ڇيتيُون ، سنھڙو نازڪ، ڏسڻ سان اکين کي پيو سڪون ملندو. ان بعد مون وري سرواڻ جي نالي سان ٺھرائڻ لاءِ چيو، پر ٻڌايو ويو ته اهو همراهه هاڻي حال حيات ڪونهي. ممڪن آهي ته اهڙا وڃڻا هاڻي به ٺھندا هجن، پر ظاهر ڪونهن. کجيءَ جي ڦرهن مان اهڙا وڃڻا به خيرپور ضلعي جي سڀيتا رهيا آهن.

نياڻين جي ڏاج ڏيوڻ ۾ به وڃڻو ضرور شامل هوندو آهي. اهي وڃڻا به ڪنوار وانگر سجائبا آهن.

جن ماڻهن سُکن ماڻڻ سبب، وڃڻي جو استعمال ڇڏيو آهي، سي به پنھنجي گهرن جي ڀتين کي وڃڻن جي شو پيس سان سينگاريندا ضرور آهن.

وِڃڻو واندڪائيءَ جي وندر ۽ لذت وٺڻ جو هٿڻُ به رهيو آهي. اڪثر پڪا پوڙها گهر مان تيار ٿي، هٿ ۾ وڃڻو کڻي، پيا رونقون وٺندا هيا، يا وري ڪنھن گس جي ٿلهي تي ويھي، آئي ويئي تي پيا نظر ڊوڙائيندا ۽ وڃڻي جي هوا سان پيا فرحت وٺندا. گهڻا وري ڪچھرين جا ڪوڏيا، هٿ ۾ وڃڻو لوڏي، ڳوٺاڻين هوٽلن جي بينچن تي ويٺا هوندا ۽ هڪٻئي کان پيا حال احوال وٺندا. هاري ناري به شام جو فرحت وٺڻ لاءِ، وڃڻو هٿ ۾ کڻي، هڪٻئي سان حالي حوالي ٿيندا. تڏهن ته وڃڻي هڻڻ کي واندڪائيءَ جي وندر پڻ سمجهيو ويندو آهي.

اسان جي لاڏن سھرن يا گيتن ۾ وڃڻو/ پکو به ڳاتو ويندو آهي، جيئن: ”سھڻا تون نه وڃ، لاڙ پکو مان جهلينديسانءِ“.

ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي اصطلاحن يا پھاڪن وغيره ۾ به وڃڻي جو ذڪر ضرور ملندو.

ٻولي جي نسبت جيڪڏهن محاوري ۽ اصطلاح ۾ فرق بيان ڪجي ته وِڃڻي هڻڻ جا هيٺينءَ ريت ارٿَ بيھندا:

محاورو: وِڃڻو هڻڻ= ٻئي کي هٿرادو هوا مھيا ڪري ڏيڻ.

اصطلاح: وِڃڻو هڻَڻُ = ڳالهه کي وڌائڻ- ڳالهه کي وائکو ڪرڻ- مخفي راز کولڻ- ڳُجهو حال ظاهر ڪرڻ- باھ ڀڙڪائڻ- جهيڙو وڌائڻ.

گرمين بعد، جڏهن ٿڌي مٺي مند ايندي آهي ته رات جو ماڪَ پوَڻ سبب لڱڻ ۾ سُور ٻرو ۽ زڪام ٿيندو آهي ته ان لاءِ ڏاھن جو چوَڻ هوندو آهي:

• وڃڻو کڻي اندر وڃجي، سوَڙ کڻي ٻاهر اچجي. (سياري جي شروعات يعني سرءُ ۾ ٻاهر نه سمهجي، بلڪ ڪنھن ڇت هيٺان سمهجي، جيئن ماڪ کان بچي سگهجي)

• ماڪَ وکري ڪينڪي، وڃڻي سندي واءَ سان. (قدرت جي ڪرڻيءَ کي ٽاري نه سگهبو)

• ڀريل اُٺ تان وڃڻِي لاهبي، ته به اٺ ٿيو هلڪو. (زناور تي رحم ڪرڻ گهرجي)

• ڪڙميءَ هٿ ڪارُ، ويلي هٿ وڃڻو. (ڪمي پنھنجي ڪم سان جنبيل هوندو، پر واندو ۽ سست ماڻهو وِڃڻو هڻي پيو وقت وڃائيندو)


(هن مضمون ۾ اصطلاحن ۽ پھاڪن وغيره جي شامل ڪرڻ ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي آهي.)

No comments:

Post a Comment