Friday, September 1, 2023

شاھ لطيف جي اصطلاحي شاعري - سپت لطف

شاھ لطيف جي اصطلاحي شاعري

سپت لطف



اصطلاح عربي ٻولي جو لفظ آهي. اصطلاح، لفظن جي ان ميڙ کي چئجي ٿو، جنهن جي ظاهري پڙھڻي هڪ معلوم ٿئي، پر ان جي معنيٰ ڪا ٻي نڪري، جنهن ۾ ڪا سوچ، ويچار ۽ مقصد جي ڳالھ چيل هجي.


ڪنهن به قوم ۽ ٻوليءَ جي ادبي سرمايي جي سونهن ۽ زينت ان جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيل پھاڪا، چوڻيون، ورجيسيوون، اصطلاح، ڳجھارتون ۽ تشبيهون آهن. هي سڀ وصفون هڪ ٻوليءَ کي اصل روح بخشين ٿيون ۽ لکڻيءَ کي خوبصورت بڻائين ٿيون. هي صنفون، ثقافت ۽ تاريخ جو ورثو ٿين ٿيون، جن سان ان قوم جي ثقافتي، تھذيبي، سماجي، نفسياتي ۽ تاريخي پسمنظر کي پرکي سگهجي ٿو. سنڌي ادب ۾ به انهن کي وڏي جاءِ مليل آهي. سنڌي نثر هجي يا نظم، آڳاٽي زماني کان ويندي اڄ ڏينهن تائين، سنڌي ادب ۾ انهن جو استعمال، ڀرپور نموني ٿيندو آيو آهي.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي اهو شاعر آهي، جنهن وٽ سنڌي ٻوليءَ جو نج ۽ اصل روح آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاھ صاحب جي ڪيتري ئي شاعري، اصطلاحن تي ٻڌل آهي. اصطلاح، هڪ سماج ۽ ثقافت سان سڌو سنئون تعلق رکن ٿا ۽ جيئن ته هنن ۾ لڪيل ڳالھ هوندي آهي، ان ڪري هنن کي سمجهڻ اڪثر مشڪل ٿيو پوي. اهو ئي سبب آهي جو شاھ صاحب جي شاعريءَ جي صحيح پرک، اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگهي آهي. ڪيترن ئي عالمن، لفظ به لفظ، معنيٰ ۽ تشريح ڪئي آهي، جنهن سان بيت ۾ موجود اصطلاحي معنيٰ سامهون نٿي اچي ۽ پڙھندڙ اصل مفھوم تائين پھچي نٿو سگهي.

شاھ صاحب جا ڪيترا ئي بيت آهن جن ۾ اصطلاح استعمال ٿيل آهن.

جيئن پاڻ سر سامونڊي ۾ چئي ٿو ته:

لاهيندا ئي ڪن، ڳالهيون هلڻ سنديون،

ڏيندا مون ڏکن، وَھَ وجهندا جندڙو.

وَھُ لفظ جي معني پاڻيءَ جو وھڪرو آھي پر ھتي شاھ صاحب اصطلاحي معنيٰ موجب چوي ٿو ته مونکي ڏک درد ۽ تڪليف ڏئي، وري وڻجارو سفر تي نڪري ويندو.

وري ٻئي بيت ۾ چوي ٿو ته:

لڳي اتر، اوھريا واھوندي ورن،

آئون گھڻو ئي گھوريان، سودو سامونڊين،

اڱڻ جي اچن، عيد ورتي ان کي.

عيد خوشي جي علامت آھي. شاھ صاحب فرمائي ٿو ته اتر لڳندا ته وڻجارو واپس ورندو ۽ اھو ئي ڏينھن منھنجي لاءِ عيد يعني خوشين ۽ بھارن وارو ڏينھن ھوندو جڏھن عاشق پنھنجي محبوب سان ملندو.

وري اٿس ته:

جڏھن ڪن فيڪون، من تڏھاڪون مارئين،

تون ڪيئن وجھين، تن کي سومرا شڪون،

ھميرن ھڪون، جاڙ جسي کي پاتيون.

ھن بيت جي ھيٺين سڄي سٽ اصطلاحيٰ معني رکي ٿي. ھو چوي ٿو؛ ھميرن ھڪون جاڙ جسي کي پاتيون يعني جڏھن به ڪنھن حڪمران ڏاڍائي ڪئي آھي ته اھو تباھ ٿيو آھي.

وري مارئي ۾ چوي ٿو:

جي امُرُ ھنيو اڌ ڪري، سي ڪاغذ لکان ڪيئن!

يعني جيڪو نصيب ۾ لکيل آھي، ان کي ڪيئن ٿو مٽائي سگھجي يا مٽائي نٿي سگھان.

تيل نه لائيان تنھنجو، مون ماروءَ جو من!

يعني مان تنھنجون آڇيل شيون تيل ۽ کٿوريون ڪيئن لايان؟ منھنجي من کي اڳ ئي مارن جي محبت جا تيل لڳل آھن ۽ انھن جي محبت منھنجي من ۾ سمايل آھي.

يا ٻئي ھنڌ چوي ٿو:

سونھن وڃايم سومرا، ميرو منھن ٿيوم!

ميرو منھن ٿيڻ؛ مان مراد ڪردار تي داغ اچڻ يا گلا اچڻ آھي. اھو اصطلاح اڄ به استعمال ڪيو ٿو وڃي.

يا چوي ٿو؛

سنھي سئي سبيو، مون ماروءَ سين من.

ھيءُ به اصطلاح آھي، جنھن مان مراد آھي ته منھنجو مارن سان ناتو نه ڇڄڻ جھڙو آھي. اھڙيءَ طرح ته سنھن ٽوپن ۽ سنھي سئيءَ سان سبيل آھي جو ڪڏھن اکلي نٿو سگھي.

انھن کان علاوه به شاھ صاحب جي سڄي رسالي ۾ ڪيترا ئي اصطلاح موجود آھن جن تي ھڪ پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي سگھجي ٿو.

No comments:

Post a Comment