Saturday, August 12, 2023

اڳٺُ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

اڳٺُ

سنڌي سڀيتا جو اهم اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سٿڻ، سلوار يا ڪانچ جي ابداڻي ۾، جيڪا وَٿُ اندران وجهِي، ڦيري پيٽ ۽ چيلهه سان ٻڌي، ان کي ڳنڍِ ڏبي آهي، ان کي اڳٺ ٿو چئجي. اڳٺ جا به چند قسم ٿين ٿا، جھڙوڪ: پٽ وارو اڳٺ، سوٽي اڳٺ، لاٺيئڙو يا نَھِواري اڳٺ (ڪپڙي نما، ٿلهي پٽيءَ سان)، گول اڳٺ (نوڙيءَ نما) وغيره. اڳٺ، سٿڻ جي ابداڻي مان آڳي کان ڦيري، آڳي تائين آڻي، ويڙهي، ڏيڍ ڳنڍ ڏبي آهي، ته جيئن آسانيءَ سان کولي ۽ ٻڌي سگهجي. ان ڏيڍ ڳنڍ کي ڪي اڌ ڳنڍ به چوندا آهن، يعني هڪ سادي وڪڙ سان ۽ گڏ کُلڻي ڳنڍ! ممڪن آهي ته هن وَٿَ کي سٿڻ يا ڪانچ جي آڳي کان، اڳٺِڻِيءَ (اڳٺ وجهڻِي) سان سيري، آڳي تائين ڦيري آڻڻ ڪري، ان کي اڳٺ چيو ويو هجي. يعني اڳٺ جو لفظ، اَڳَ يا آڳي مان ئي ورتل ٿو ڀانئجي. اڳٺ جو گهرو هنر سنڌ ۽ هند ۾ يڪسان طور موجود رهيو آهي ۽ آڳاٽي دؤر کان هلندو پيو اچي.



اڳٺُ جمع اڳٺَ، سنڌي ٻوليءَ جو نج لفظ آهي، ان لاءِ ڌاري ٻوليءَ وارا ان کي سنڀالي اچارڻ جي ڪوشش ڪندا. ٻوليءَ جي لحاظ کان هن لفظ ۾ ’ٽي اکر‘ ۽ ’ٽي پد‘ آهن، جڏهن ته آواز ڇهه آهن. لاڙي لھجي ۾ ان کي ’پَٽاڙ‘ ۽ ٿري/ ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ’ڏور‘ چيو ويندو آهي. ڪي سنڌي ڳالهائيندڙ، هندي ٻوليءَ جي اثر کان ان کي ناڙو به چئي وٺندا آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ناڙي جو تصور ٻين اسمن ڏانھن به وڃي ٿو، ان لاءِ اهو لفظ گهٽ ڪم آندو ويندو آهي. عربي فارسيءَ جي اثر کان ان کي ’اِزار بند‘ ۽ ’ڪمر بند‘ به سڏبو آهي. ظاهري طور ماپ ۾ هڪ پُرهه (ماڻهوءَ جي قد يا ڊگهيڙيل ٻانھُن جيتري، اندازاً ساڍا پنج فوٽ) سُٽَ يا سوٽي ڌاڳي جي اڻيل هڪ انچ کان ٻه انچ ويڪري يا وٽيل پٽِي، يا رَسي ٿئي ٿي، جيڪا چيلهه سان سٿڻ کي قابو ڪري ٻڌڻ ۾ ڪم اچي ٿي. هن جو لاڳاپو سٿڻ يا سلوار سان ايئن آهي، جيئن سوٽ يا پينٽ جو پٽي يا بيلٽ سان!

اڳٺُ اڪثر گهر ۾ مايُون ئي ٺاهينديون آهن، ڇاڪاڻ ته گهر ۾ کين گهڻو وقت ملي ٿو وڃي. هاڻي ته مشينن وارا اڳٺ به مارڪيٽ ۾ ملي ٿا وڃن، ليڪن هٿ جي اُڻيل اڳٺ جو شانُ ئي پنھنجو آهي. اڳٺ اُڻڻ به هڪ وڏي وندر ورونھن سمجهي ويندي آهي. اڳٺ ٺاهڻ واري عمل کي ’اُڻڻ‘ چئبو آهي، ان لاءِ ته ڪپڙي اُڻڻ لاءِ ته چڱو ڀلو آڏاڻو ٿئي ٿو، ليڪن اڳٺ اُڻڻ لاءِ پورو سارو چؤڪٺڙو (سانچو) کپي ٿو، جنھن کي ’ڪارچوپ‘ به چئبو آهي. ان اُڀي بيھاريل چؤڪٺڙي جي بيھڪ ۾ ٻه ڊگهيون ڪاٺ جون گهڙيل پٽيون، اندازي موجب چار فوٽ کن هونديون آهن ۽ وچ ۾ پاسيريون ٽي ننڍيون پٽيون، گهڻو ڪري ٻه فوٽ وڌيون وينديون آهن. ڊگهين پٽين جي هيٺان بيھڪ لاءِ گٽڪا وڌا ويندا آهن، يا وري ٻن ڊگهين پٽين جي پاسن کان ٻه لڙڪندڙ پٽيون وڌيون وينديون آهن، جيڪي ٽيڪ ڏيڻ مھل کولي رکبيون آهن ته جيئن ان کي گهوڙِي ڪري بيھارجي. چؤڪٺڙي جي ڊگهين پٽين ۾ مٿان ڏهن کان پندرهن ٽُنگَ رکيا ويندا آهن، جنھن ۾ ننڍي پٽيءَ کي اڳٺ جي ماپي آهر، هيٺ يا مٿي رکي، ڪاٺ يا لوهه جون ڪليون وجهي سُڪَ ڪيو ويندو آهي.

اڳٺ اڻڻ لاءِ سڀ کان پھرين سُٽَ، پَٽَ يا ريشم، پشم يا ڪشميري ڌاڳي ۽ رنگن جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي. اها ٺاهيندڙ جي مرضي هوندي آهي ته ان ۾ هڪ رنگ وارا ڌاڳا ڪم آڻي يا وڌيڪ! ڪچي تاڃيءَ لاءِ زمين ۾ چار ڪِليون کوڙيون وينديون آهن. ڪي سگهڙ مايون ته ان چؤڪٺڙي (سانچي) ۾ ئي، وچ ۾ ڏوري ٻڌي، تاڃي بيھارينديون آهن، پر زمين ۾ ڪِليون کوڙي بيھارڻ عام ۽ سَھنجو آهي. چئن ڪلين هڻڻ جو ڍنگ ايئن هوندو آهي ته پھريان ٻه ڪليون زمين ۾ ڇھن گرانٺن جي وٿيءَ سان هڻبيون ۽ ٻه ٻيون ڪِليون، گرانٺ کن مٿي، هڪ گرانٺ جي وٿيءَ سان بلڪل وچ تي بيھاربيون. هاڻي سڳن کي وڏي وٿِيءَ واري ڪِليءَ کان شروع ڪري مٿين ننڍي وٿيءَ وارين ڪليُن مان هڪ واري، هڪ مان ڦيرائبو، ٻئي ڦيري ۾ ٻيءَ مان ڦيرائبو. يعني هرهڪ ڦيرو ڪل ٽِن ڪلين مان ايندو، مٿين مان پھرين هڪ مان ڦرندي، ٻيءَ ۾ ٻئي ڦيري مان گذرندي. باقي هر هڪ ڦيرو وڏي وٿيءَ واري هرهڪ ڪِليءَ مان پيو ڦرندو. ايئن ڪرڻ سان تاڃيءَ ۾ وٽُ ايندو ويندو. ويڙها ڏيڻ مھل مٿين ننڍي وٿيءَ وارين ڪلين جي وچ ۾ ڌاڳن جي هڪٻئي مٿان چڙهت سبب منڌيئڙو ٺھي بيھندو، جنھن جي وچ ۾ ڪا اڳڙي ٻڌي، تاڃي ڪڍي وٺبي آهي. تاڃيءَ کي ڪڍي، اُڀي ڪيل چؤڪٺڙي ۾وجهبو ۽ مٿين پٽِيءَ کي ڇڪي بيھاري، ماپ آهر، چؤڪٺڙي جي ٽُنگن ۾ ٻه ڪِليون ڦاسائي ڇڏبيون. بعد ۾ تاڃيءَ جي وچ ۾ ٻڌل اڳڙيءَ جي هيٺان ۽ مٿان، ڌيان سان ڪانا/ تِيلا ڦاسائي، اڳڙي ڪڍي ويندي آهي، ته جيئن تاڃيءَ ۾ وڌل وٽُ برقرار رهي.

جڏهن اڳٺ جي اڻت ڪبي آهي ته ان جي بيھاريل منڌيئڙي ۾ هٿ ڦاسائي، اڳيان ۽ پويان کڻَ کڻي، وچ ۾ ٻه ڪانا/ تِيلا ڦاسائبا، هڪ کي مٿي ڇڪي وڃبو، ٻئي کي هيٺ ڇڪبو. ايئن ٻيا کڻَ کڻي پيو اُڻبو. نقش لاءِ ڪنھن مھل اڳيان ٻه کڻ کڻبا ۽ پويان هڪ کڻبو، ته ڪنھن مھل وري اڳيان هڪ کڻُ کڻبو ته پويان ٻه کڻ کڻبا. ان قسم جي اڻت کي ڏيڍي چوندا آهن. باقي هڪ مٿان، هڪ هيٺان وارو ڍنگ عام آهي. اڻت ڪندڙ زائفون به ڪمال جو هٿ رکنديون آهن، پاسي ۾ ويٺل ڪا زائفان ويٺي هوندي، ته ان سان به پئي ڪچھري هلندي، ٻارن ٻچن جي چرپر تي به نظر هوندي ۽ اڻت جو ڪم به پيو ٿيندو. يعني سگهڙ مائيءَ جو هٿ ئي ڳالهائيندو ته غلط کڻُ کڄيو آهي يا درست! ايئن جيئن ڪو ٽائپيسٽ، اکرن جي بٽڻن کي ڏسڻ سواءِ ئي درست ٽائيپ ڪري ويندو آهي ۽ ڪنھن چُڪ تي سندس آڱريون ئي محسوس ڪري وٺنديون آهن. اهو سڄو ڪجهه گهڻي مشق تي ئي ٿئي ٿو.

کڻَ پيا هلندا ۽ اڻت پئي وڌندي. ان چال ۾ اڳٺ جو نقش به پيو نڪرندو، جيڪو ڌيان ۾ رکيو ويو هوندو. جڏهن تاڃيءَ جو تصور اچي ٿو ته ’پيٽو‘ ان سان لازمي ڄاتو ويندو آهي. مزي جي ڳالهه ته هن ۾ پيٽي لاءِ الڳ ڍاڳو ڪم نه آندو ويندو آهي، بلڪ ساڳِي تاڃيءَ مان ئي پيٽو بيھاريو ويندو آهي ۽ ڌاڳن جي منڌيئڙي ۾ ڪانا/ تِيلا ڦاسايا ويندا آهن، ايئن ان جو پيٽو بيھندو ويندو. اڻت واري هڪ ڦيري بعد ڪانن/ تيلَن کي مٿي سَٽَ ڏيئي بيھاريو ويندو ۽ اڳٺ کي سيريندو وڃبو. گهڻي قدر ڄاريءَ وارا اڳٺ شوق سان اُڻيا ويندا آهن. اڻت پوري ٿيڻ کان اڳ، ٻه گرانٺون ۽ چار آڱر ڇڏيو ويندو آهي، ته جيئن اتان ڪَٽي ان جا پلوَ پاندَ جوڙي سگهجن. اڻيل اڳٺ کي چؤنڪڙي مان ڪڍڻ کان اڳ، پاسي کان ٻه يا ٽي ڌاڳا ڪٽي، وچ ۾ ڪانن/ تِيلَن جي بدران بيھاربا ته جيئن اڳٺ جي اڻت کلي نه وڃي! اڻت پوري ٿيڻ بعد اڻت کان رهيل ٻه گرانٺن ۽ چئن آڱرين واري ماپي کي پلوَن لاءِ وچ مان ڪَٽي ڇڏبو. اڳٺ جي ٻنهي ڇيڙن يا پاسن کي ’پلوَ‘ چئبو آهي. اهي پلوَ اهڙا ته وٽبا آهن، جو ڏسڻ سان اکيون ٺري پونديون آهن.

 پلوَ، اڳٺ جي اڻ اڻيل ساڳيَن ڌاڳن مان، وارَن جي مينڍن وانگر وٽَ ڏيئي، پوءِ گڏ وٽي، ڳنڍ ٻڌي به بيھاريا ويندا آهن. ان جي ٻڌَ جا به ڪيئي نمونا ٿين ٿا، جن جو ذڪر ڪرڻ کان گهڻو آهي. سگهڙ مايون، وڌيڪ سونھن لاءِ ان ۾ ستارا، ٽنگر ستارا، ڇَلا، موتي، ڦندڻ، جهاٻا، ٽؤنر، جهوڙا، چوٽي ڦُل، ڪوڏيون به پلوَ ۾ وجهنديون آهن. يعني پلوَ مختلف رنگن سان اهڙا بيھارينديون، جو ڏسندي ڍؤ ئي نه ٿئي. اڳٺ جي پَلوَ پاند جي ٻَڌ ۽ سڳيُن/ چوٽيُن جي پلوَن جو انداز گهڻي قدر ساڳيو هوندو آهي. جهاٻن واري اڳٺ ۾ ڪي مايون وڏا جهاٻا به وجهنديون آهن، سي به اهڙا جو ابداڻي مان ئي نه ٽُپي سگهن. ان ڏکيائيءَ لاءِ اڳٺ جي ڇيڙن کان ٻه ٻه بٽڻ هڻي، ان کي الڳ ڪرڻ جي سھوليت به رکن، ته جيئن اڳٺ ابداڻي مان ٽُپائي، بعد ۾ بٽڻن ذريعي جهاٻن کي اڳٺ جي ڇيڙن سان ملائي سگهجي.

گهر جي واندڪائيءَ ۾ اڳٺ جو هنر، وندر ته بيشڪ آهي، ليڪن ساڳئي وقت ڏوڪڙن ڪمائڻ جو ذريعو پڻ آهي. مايون اڳٺ ٺاهي، ڇوڪرن ٻاڪرن يا مردن وسيلي گهور ڪرائينديون آهن يا وري بازار ۾ منيارڪي دڪان تي موڪلينديون آهن، ان سان گهرَ جي خرچ کاٻار ۾ ڪافي مدد ملي ويندي آهي. سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪي گهراڻا، اڳٺن جي اڻت ۾ مشھور ٿي ويندا آهن، نالو به ڪمائين ته ناڻو به!

اڳٺ ٺاهڻ ۽ پلوَ بيھارڻ ۾ مايون هنر جو ڪمال ڏيکارڻ گهرنديون آهن. جڏهن به اڳٺ کي اڳٺ سان ملائبو ته هر هڪ پنھنجا رنگ پيو ڏَسيندو. اهو اڳٺ، ايترو محنت ۽ محبت سان ان لاءِ ٺاهينديون آهن ته اهي سوکڙيون ٿي هڪٻئي کي ڏنيون وينديون آهن. سوکڙي ته ٿي، ليڪن شادين مرادين ۾ پڻ گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ خاص اڳٺ تيار ڪيا ويندا آهن. شادين ۾ ڪنواريتن پاران جيڪو ڪنوار جو پِڙو ڏيکاريو ويندو آهي، ان ۾ ڪنوار جي وڳن سان گڏ ٺاهوڪو اڳٺ ضرور شامل هوندو. يعني اڳٺ کان سواءِ ڪنوار جو ڏاج به اڻپورو ڀانيو ويندو آهي. وري ڪنواريتا، گهوٽ جو جيڪو وڳو ڏيکاريندا ان ۾ به اڳٺ کي ضرور شامل ڪندا. ايئن ئي گهوٽيتن پاران، ڪنوار جي ڪپڙن ۾ اڳٺ ضرور هوندو. مقصد ته خوشيءَ جي موقعن تي اڳٺ جو شامل هجڻ سٺو سنوَڻ ڀانيو ويندو آهي. مزي جي ڳالهه ته شادين مرادين ۾، ڪنوار ۽ گهوٽ جي اڳٺن جي بيھڪ مختلف به رکي ويندي آهي. گهوٽ لاءِ اڳٺ جي ڊيگهه ۽ ويڪر، ڪنوار واري اڳٺ کان ڪجهه سجيھه بيھاري ويندي آهي، ايئن لڳندو آهي ته اڳٺ کي به ’نر- ماد‘ واري ڍانچي ۾ رکيو ويندو آهي.

ميلن ملاگڙن ۾ به جتي عام شيون ملنديون يا ڏيکاءُ ٿيندو، اتي اڳٺ ضرور هوندو. دڪانن تي خاص طور لوڏا ۽ لمڪا پيو کائيندو ۽ گراهڪ کي، ڳنھڻ لاءِ پيو ميڇون ڏيندو. ملاکڙن ۾ به ملهه وڏين سٿڻين سان پيا ڏسبا، پر اتي به اڳٺ الڳ چمڪا پيو ڏيندو. ململ يا ڏوريي جو پھراڻ به جن کي پاتل هوندو ته اتان به اڳٺ پيو ليئا پائيندو ۽ ڏسندڙ جو پيو ڌيان ڇڪائيندو. مطلب ته اڳٺ ميلن توڻي ملاکڙن جي سونھن سوڀيا کي کنيو بيٺو هوندو. ڌاريي سماج جي گڏجڻ سبب سنڌ جو پنجاهه سيڪڙو ماڻهو، ديسي لباس پھري ٿو ۽ اڳٺ ڳنھي، ڪم آڻي ٿو. اهو به ڏٺو ويو آهي ته خاص ديسي ڏڻن ملهائڻ ۾ سنڌ جو ماڻهو ديسي لباس ضرور پھري ٿو ۽ اڳٺ جي اهميت کي سمجهي ٿو.

دستڪاري اسڪولن ۾ ڪنھن وقت ته ان جي سکيا ٿيندي هئي، هاڻي ته اهي به ان معيار جا نه رهيا آهن. تازو ڪي اين. جي. اوز وارن اهڙو دستڪاريءَ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، پر انهن جو مقصد به ڪو بامقصد ڪونهي. هن مضمون ذريعي اهو ياد ٿو ڏيارجي ته هن هنر کي زندهه رکڻ لاءِ وري ڪن دستڪاري اسڪولن کي زور وٺايو وڃي ۽ اهڙي مارڪيٽنگ جو سلسلو رکيو وڃي ته جيئن محنت ڪندڙ کي ان جو درست اجورو ملي سگهي ۽ هيءُ سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ نئين نسل تائين منتقل ٿئي. هن هنري وٿ جو اگهه به مزدور جي هڪ ڏهاڙيءَ برابر هجڻ گهرجي، توڻي جو ان کي اڻڻ يا ٺاهڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينھن لڳي ٿا وڃن. ٻي صورت ۾ لباس جي تبديليءَ سان اهڙو وقت به ايندو جو ماڻهو پنھنجو ديسي لباس بنھه پائڻ ڇڏي ڏيندو ۽ هيءُ هنر سدائين لاءِ اسان کان موڪلائي ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڳٺ ٺاهڻ ۽ مارڪيٽ ۾ پھچائڻ ۽ ان جي گهرج کي وڌائڻ لاءِ ڪاروباري سلسلي کي وڌايو وڃي.

اڳٺ اسان جي ساٺن سنوڻن ۾ به وڏي اهميت جو حامل آهي. پير کي آيل موڙي جي ساٺ ۾ پڻ ڪم ايندو آهي. اڪثر سگهڙ مايون پير جي وچ ۾ اڳٺ جا ڦيرا پائي، ڏوئي يا اڳٺ وجهڻيءَ سان آڪيڙا ڏيئي، هلڪا مروٽا ڏينديون وينديون آهن، ته جيئن ٿڙيل رڳ پنھنجي جڳھه وٺي. مروٽا به ڏينديون وينديون ۽ ’موڙو ڀڃانءِ‘ به چونديون وينديون، اڳلو چوندو ته ’ڀلي ڀڃ‘.

سماجي ٻوليءَ ۾ اڳٺ اهم وَٿُ رهي آهي، ان لاءِ ڪافي پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون يا محاورا ان سان سلهاڙيل ملندا، جيئن:

• پھاڪا ۽ چوڻيون

’اڳٺ جو سَڱ، وڌيڪ پيارو آهي.‘ (ساهرن سان ويجهڙائپ ڀلي لڳندي آهي)

’سُٿڻ دَسيءَ جي ۽ اڳٺ ريشم جو‘ (حال پورا سارا، ليڪن ڏِکَ وڏي ڏيکاربي)

’جيڪي سٿڻ ڌارين، تن کي اڳٺ وجهڻ به ايندو آهي.‘ (جيڪي ماڻهو معاملي ۾ پوندا آهن، تن کي منھن ڏيڻ به ايندو آهي)

• اصطلاح ۽ محاورا

’اڳٺ ڍرو ٿيڻ‘ (ڊڄي وڃڻ- سست ٿيڻ- گيدي ٿيڻ)

’اڳٺ جو ورُ هڻڻ‘ (شاديءَ جي ذريعي مائٽيءَ جو رستو ڳنڍڻ)

’اڳٺ ڇڄي پوڻ‘ (ڪمزور ٿيڻ- هيسجي وڃڻ)

’اڳٺ ڇُڙي وڃڻ‘ (پريشان ٿيڻ- ششدر ٿيڻ)

’اڳٺ ڇڪي ٻڌڻ‘ (مضبوط رهڻ- هوشيار رهڻ- ڪنھن معاملي سان منھن ڏيڻ)

’اڳٺ ڇوڙي ويھڻ‘ (همت هارڻ، گيدي ٿيڻ، مايوس ٿي ويھي رهڻ)

’اڳٺ سان قد ڪَڇِڻ‘ (بيعزتو ڪرڻ- بي مانو ڪرڻ)

’اڳٺ کولي ڏيکارڻ‘ (گار ڏيڻ)

’اڳٺ کي ٻٽِي ڳنڍ اچڻ‘ (پريشاني وڌي وڃڻ)

’اڳٺ لڙڪڻ‘ (وائڙو هجڻ)

’اڳٺ نظر اچڻ‘ (وائکو ٿيڻ)

’اڳٺ نه بيھڻ‘ (حوصلو وڃائي ويھڻ)

’اڳٺ وجهي نه ڏيڻ‘ (اهميت نه ڏيڻ)

’رنگ برنگي اڳٺ پائڻ‘ (ٻين جو ڌيان ڇڪائڻ)

’سٿڻ ۾ اڳٺ نه هجڻ‘ (لاچار هجڻ- مسڪيني حال هجڻ)

’سٿڻين ۾ هڪ اڳٺ هجڻ‘ (ماڻهن جي پاڻ ۾ ڳٺجوڙ هجڻ- هڪٻئي جا صلاحو هجڻ)

’قلم کان اڳٺ وجهڻ جو ڪم وٺڻ‘ (درست ماڻهوءَ کان غير ضروري ڪم وٺڻ)

’ڪانچ ۾ اڳٺ وجهي رکڻ‘ (تيار رهڻ- سفر جي تياري ڪرڻ)

 

(هن مضمون جي اصلاح ۽ اصطلاحن- پھاڪن کي شامل ڪرڻ ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتو جي همراهي رهي، مان سندس بيحد شڪر گذار آهيان)

1 comment: