Saturday, August 12, 2023

کٽَ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

کٽَ

سنڌي سڀيتا جو اهم اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



’کٽَ‘، ’اَٺَسَلو‘، ’کٽولو‘ (اسم تصغير) يا ’مَنجو‘ (وڏي ۽ هڪ هنڌ کُتَل کٽَ) سنڌي سڀيتا جو اهم اهڃاڻ رهيو آهي. وقت گذرڻ سان شيون ۽ قدر تبديل ٿيندا آهن، ليڪن کٽ جو انداز ۽ بيھڪ ۾ ڪو فرق ناهي آيو. ٻولي سماج جي تھذيب، تمدن، ريتن رسمن، رواجن، ساٺن سؤنڻن مان اسرندي آهي، ان ڪارڻ کٽَ تي به ڪافي اصطلاح، چوڻيون ۽ پھاڪا عام آهن. سنڌي ماڻهو پنھنجي آرام لاءِ کٽ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي. غريب غربي يا امير شاهوڪار سڀني لاءِ يڪسان اهميت وارو وَٿُ آهي. سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ جتي ٻين اسمن جو ذڪر ٿيندو، اتي ’کٽ‘ جو ذڪر ۽ تصوير ضرور هوندي، ڇاڪاڻ  ته ڳوٺاڻو توڻي شھري ٻار به کٽ کان واقف هوندو آهي. سنڌي سماج ۾ کٽ يا ’اَٺسَلي‘ کي ايتري ته عزت جي نگاهه سان ڏسبو آهي، جو هن وَٿ جو سُنھُن/ قَسم به کنيو ويندو آهي، جيئن: ’اَٺَسَلي جو قسم‘ يا ’مُئي پاٿاريءَ (کٽ) جو قسمُ‘.  تڏهن ته هن تي اُس به نه سھبي آهي ۽ اُس اچڻ تي کڻي ڇانوَ تي رکبي آهي.



کٽَ چئن پاون، ٻن ٻانھيُن، ٻن سيرُن يعني اٺ ڪاٺ جي جزن مان ٺھندي آهي. هن جي چئن پاون ۾ ڪل اٺ ’سَلَ‘ ڪڍبا آهن، جنھن سبب هن جي ٺاهڻ واري جاميٽريءَ کي ’اٺ ڪاٺيو ڪم‘ چيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ڏکيي ڪم ۾ هٿ وجهڻ لاءِ ’اٺ- ڪاٺيو ڪم هجڻ‘ جو اصطلاح ڪتب آندو ويندو آهي. سگهڙ ڊکڻ يا ڳنھندڙ،  کٽَ کي هموار جڳهه تي رکي ان جي سڌائيءَ کي ڏسي، بعد ۾ آمهون سامهون واريون ڪنڊون، ڌاڳي وغيره تي ماپيندو آهي ته متان ٺھڻ ۾ ڪو ٽيڙ ٿيو هجي! کٽ جي هرهڪ پائي ۾ ٻه سَلَ، ٻن پاسن کان، هيٺ مٿي ڪري بيھاريا ويندا آهن، سيرون (اوپرِي) پاون جي مٿيَن سَلَن ۾ ۽ ٻانھين (اِيسَ) هيٺين سَلَن ۾ ڪاريگريءَ سان ڦٻائي ويندي آهي ته جيئن کٽ ۾ ڪا لچڪ نه اچي. جهڳاڙي ڊکڻ چُوڙَ جي لچڪ ختم ڪرڻ لاءِ ’چَپَرَ‘ (ڏاند پُڇِي گهڙيل ڪاٺي) به ڪم آڻيندو آهي، جيڪا سچ ته عيب آهي.

کٽ جي پائي واري سَل (سوراخ) ۽ ٻانھين يا سيرونءَ جي چُوڙَ (ڪاٺيءَ جي ڇيڙي واري سنهي گهڙيل پڇڙي، جيڪا سَل ۾ پوي) جي گهڙت يا ليڪائِي ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ کي ’سنڌي گهڙت‘ چئبو آهي، جنھن ۾ هڪ پائي جي اڳيان ۽ پويان سلَ برابر ’ڏيڍ انچ‘ رکيا ويندا آهن؛ ٻيءَ کي ’فارسي گهڙت‘ چوندا آهن، جنھن ۾ اڳيان سَل ’سوا انچ‘ ۽ پويان ڏيڍ انچ رکيا ويندا آهن. فارسي گهڙت جي ٺوڪائي وڌيڪ ڀيچي بيھندي آهي. ان جي ٺوڪائي به ٻن طريقن سان ڪندا آهن، هڪ ته ٻانھين ۽ سيرونءَ جي پڇڙ ۽ پاون جي سلن کي سوگهو رکڻ لاءِ ڀيچَ  ڏني ويندي آهي، ٻيو ته ليڪائي ان حساب سان ٿيندي آهي جو ٻانھين ۽ سيرون هڪ ئي سڌائيءَ ۾ نظر اچن ۽ چُوڙَ، چُوڙَ جي مٿان چَڙهي بيھي، جنھن ۾ لچڪ يا چُوڙَ ڀڄڻ جو امڪان نه رهندو آهي. کٽ جي ٻانھيُن يا اِيسُن جي بيھڪ به ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، هڪ: چورسي ۽ ٻي: بادامي. بادامي ٻانھينءَ جو مٿيون ۽ هيٺيون پاسو گولائيءَ مائل بيھاريندا آهن، ته جيئن کٽ تي ٽنگون لڙڪائي ويھڻ واري کي فرحت محسوس ٿئي.

کٽ جي ڪاٺيءَ جي ڳولها به شوقين دل سان ڪندو آهي، چاهيندو آهي ته کٽ جا پاوا ساڳوان جي ڪاٺيءَ جا هجن، جي نه ته، ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ جا ضرور هجن، مجبوريءَ ۾ باهڻ، ٻٻر يا لئي جي ڪاٺي به هلي ويندي ۽ ان جون ٻانھيون پينِ جي ڪاٺيءَ جون هجن، ٻئي نمبر تي ٻيرِ جي ڪاٺي، باقي عام ته ٻٻر جي ڪاٺي وغيره به ڪم آندي ويندي آهي.

کٽ کي مڪمل تيار ڪرڻ ۾ ٽن کان چئن ڪاريگرن جي گهرج پيش ايندي آهي، پھرئين مرحلي ۾ ڊکڻ ان کي تيار ڪندو آهي ۽ ٻئين مرحلي ۾ واڻيندڙ ان کي واڻي مَنُ ڪندو؛ پر جيڪڏهن واڻ وٽڻ وارن جو ذڪر نه ڪبو ته مزو نه ٿيندو. واڻ وٽڻ جو ڪم گهڻي قدر گهرن ۾ مايون ڪنديون آهن، جيڪي مُڃَ يا پِيشَ کي ڪُٽڻ ۽ وري، ڦرڻيءَ (ڦرڪي يا گِرڻي) ۾ ڦيري واڻ وٽڻ به وڏي وندر سمجهنديون آهن. ڊکڻ، پاوَن کي جنڊيءَ تي به لائيندو ته وري پاون ۽ سيرُن ٻانھين کي پاڻ ئي ٺوڪيندو؛ پر جيئن ته هاڻي هر ڪم جو شعبو الڳ الڳ ٿي ويو آهي، ان ڪارڻ جنڊيءَ جي ڪم لاءِ وري الڳ ڊکڻ به ٿي سگهي ٿو. جنڊيءَ جي پائي ۾ ڪافي حرفتون رکيون وينديون آهن، باقي پائي جي هيٺئين وچ واري مُرلِي عام آهي. هڪ هنڌ ته مون پائي جي مرليءَ واري هيٺئين حصي ۾ ’ڪولابو/ ڪَنگڻ‘ به ڏٺو، جيڪو جنڊيءَ ۾ ئي بيھاري وٺندا آهن. سنڌ ۾ هالا ۽ ڪشمور جي جنڊي ۽ رنگين پاوا مشھور آهن، پر انهن ۾ هالا جا رنگ پڪا ۽ پختا رهندا آهن. هالا ۾ جنڊيءَ تي رنگ جو ڪم ’وگهيا مل‘ ڪندا آهن، هاڻي ته ٻين ذاتين جا ماڻهو به اهو ڪم ڪري ٿا وٺن. ڪي ڪاريگر گول پائي جي مٿئين حصي ۾ ’داٻلو‘ به بيھاريندا آهن، جنھن ۾ سمهڻ مهل ڪا مائي، پنھنجو زيور وغيره رکي سگهي.

 کٽ واڻڻ جا وري ٻه اهم قسم آهن، هڪ: پاسيري ڪنڊائتي  يا ڪانوَ پيرِي واڻائي يعني ٻِڪَڻ يا ٽِڪَڻ ۽ ٻي: سڌي واڻائي يعني تاڃي- پيٽو. تاڃيءَ جا تندا، لامَ (ڊيگهه) ۾ رکندا آهن ۽ پيٽي جا تندا، سِري (ويڪر) ۾، تاڃيءَ جي وچ مان نقش مطابق ٽپائيندا ويندا آهن. هن ۾ واڻَ جا مختلف قسم پڻ ڪم آندا ويندا آهن، جيئن مڃَ جو واڻ، جيڪو رنگ ۾ هلڪو ميٽائون ٿيندو آهي ۽ سنھي وٽَ سان وٽيو ويندو آهي؛ ٻيو، پِيشَ جو واڻ، جيڪو رنگ ۾ ڪارو ناسي ۽ مضبوط پڻ هوندو آهي؛ باقي سچي سَر، ڪوڙي سَر، کجيءَ جي ڦرهن،سوٽي ڏوريءَ وغيره  مان جڙيل واڻَ به ٿين ٿا. شوقين، مُڃَ جي واڻَ کي، تاڃي- پيٽي واڻائيءَ سان گهڻو پسند ڪندا آهن. کٽ واڻڻ بعد سڻيءَ جي واڏڻ (رسِي) وڏي چاهه سان وڌي ويندي آهي، البت، هاڻي مھانگائيءَ سبب، ڏاسَ يا سوٽي وڌي وڃي ٿي، جيڪا کٽ جي جهول ٿيڻ جي صورت ۾ ڇِڪِي ويندي آهي. واڏڻ جي ماپ اڪثر اٺَ پُرهه (ماڻهوءَ جي قد جيتري ماپ يا 30 هٿَ) رکي ويند آهي. واڏڻ وجهڻ جا ٻه طريقا آهن، هڪ: واڍولي جي کاٻي کان شروع ڪري، ساڄي پاسي آڻي، ڳنڍ ڏيئي ڇڏبي،  ٻيو: واڍولي جي وچ کان شروع ڪري ساڄي الڳ ته کاٻي الڳ کڻ کڻي وڃي، ٻنهي پاسن کان ڳنڍ ڏبي. واڻڻ وارو به کٽ جي واڻائيءَ جي منڍ ۾ پيرانديءَ کان گرانٺ ۽ چار آڱر جي ماپ تي، ٻنهي ٻانھين سان واڻ جا تَندا ملائي، ٻه چوڙا ٺاهي،  پورو ’واڍولو‘ بيھاريندو، جنھن ۾ واڏڻ وڌي ويندي آهي. ڪي شوقين ته ٻٽو واڍولو وجهرائيندا آهن. ٻٽي واڍولي جي وچ ۾ جيڪو ويڙهو ڏين، تنھن کي چندِي چون. تاڃي پيٽي ۾ واڏڻ، ڪي واڻيندڙ ويھه کان ٽيھه کَڻ بيھاريندا آهن. تاڃيءَ ۾ پيٽي جي واڻائيءَ مھل، ڇڪ سان جيڪڏهن ڪا تند ٽٽي پئي، ته ٻيو ٽڪرو ملائي ڳنڍڻ کي ’اُميرِي هڻڻ‘ چوندا آهن. ان کان علاوه کٽ کي سوٽي نھوار سان پڻ واڻيو ويندو آهي، جنھن ۾ واڏڻ وغيره ڪم نه ايندي آهي. هاڻي ته ڌاريي سماج، لوهي پائيپن مان کٽ جوڙي، کٽ جي شِگِلِ ئي ڦيرائي ڇڏي آهي.

کٽ جي واڻ مان ڪو تَندو نڪري ويو ته پوءِ سمجهو ته کٽ جا تندا ويندا نڪرندا ۽ ويندا ٻرگهل ٺھندا، ان لاءِ گهريتيُون مايون يا گهر جو ڪو پڪو پوڙهو، انهن تندن کي مڙيئي ڳنڍ ٽوپ ڪري، مڏي سُڏي چَتي هڻي وٺندو يا وري  واڻيندڙ کان ئي چَتي هڻائي وٺندا آهن. چَتي به اهڙي لڳندي آهي، جو خبر نه پوندي ته کٽ ۾ ڪي ٻرگهل به هئا، البت نئين ۽ پراڻي واڻ سبب سَنڌو ضرور رهندو. گهڻا ته کٽن جي واڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ، پوري کٽ مٿان کجيءَ جي تڏي، ٿلهن ٽوپن سان ڳنڍي، چنبڙائي ڇڏيندا آهن، ته جيئن کٽ جو واڻ محفوظ رهي.

مون پنھنجي سانڀر ۾، پنھنجي گهر ۾ چورسي پاون ۽ گول پاون کي مختلف ڊيزائين ۾ پئي ڏٺو آهي. گول پاون واري کٽ ۽ پين جي ڪاٺيءَ وارين ٻانھين جي وڏي عزت هوندي هئي. اڪثر محرم جي ڏهاڪي ۾ کٽن کي اونڌو رکبو هيو ۽ اسان ننڍپڻ ۾ اونڌي کٽ تي ويھي ڏاڍو مزو وٺندا هياسين، اها ته بعد ۾ خبر پئي ته اهو ’اونڌو کٽولو ڪرڻ‘ شديد غم جي علامت آهي. گهر جي صحن ۾ ڏهه کٽون کن پئجي وينديون هيون، پوءِ ننڍپڻ ۾ کٽ کان ٻي کٽ تائين ٽپ ڪڏ به ڏيندا هياسين.

کٽن کي اندر ٻاهر ڪرڻ هونئن ته خفي وارو ڪم آهي، خاص طور مِينھن جي وسَ ۾، ليڪن امڙ يا وڏين ڀيڻن کي پٺيءَ تي رکي ۽ هٿَ ڏيئي کڻڻ واري ڪار، اهڙي وڻندي هئي جو پاڻ به ڪوشش ڪري ايئن کٽ کڻڻ جي راند ڪندا هياسين. هر هر کٽ کڻڻ اندر رکڻ ۽ وري ٻاهر رکڻ تي امڙ جا ٻُلا به کائيندا هياسين، پر دل خوش ڪري وٺندا هياسين. هڪ دفعي ته کڻڻ کڻڻ ۾ کٽ جي چُوڙَ ڀڄي پئي، پوءِ ته اسان جو ڀڄڻ ڏسڻ وٽان هيو. هاڻي به ڪا ڳورِي کٽ ڪڍڻي هوندي آهي، ته گهر وارا مون کي ئي چوندا آهن ته کٽ کي ٻاهر ڪڍي ڏي يا رکي ڏي! کٽ جي جهول ٿيڻ تي به مان ئي کٽ کي ڇڪي وٺندو آهيان. منھنجي ننڍڙي گهر ۾ به هن وقت گول پاون واريون ٽي کٽون ته بنهه شوق واريون ۽ ڳريون آهن، جن کي مون کان سواءِ ڪوبه ڪونه ڪڍندو آهي، جيڪڏهن ڪڍڻي هوندي ته ٻه ماڻهو سنڀاليندا. هاڻي به ڪنھن هنڌ ويندو آهيان ته سٺين ۽ سھڻين کٽن کي ڏاڍي چاهه سان ڏسندو آهيان ۽ ٺاهيندڙن توڻي رکندڙن کي داد ڏيندو آهيان. مزي جي ڳالهه ته وري سنڌي رِلهي ته اهڙي لڄپال آهي، جو کٽ جي ڪسي پڪي به ڍڪي ٿي ڇڏي؛ پر مان رلهيءَ جو پلئه پاسي ڪري کٽ جو حال ضرور ڏسندو آهيان.

منھنجي ٻارن جو به کٽ سان اهڙو گھرو ناتو رهيو آهي، جو ويجهر ۾ منھنجي ڌيءَ زهرا جوکيي کي پنھنجي ٿيسز ورڪ جي نمائش لاءِ فرمائشي کٽ کپندي هئي، جنھن جي تاڃي پيٽي واري واڻائيءَ ۾ راڻِي ايلزبيٿ واري ڪرسي بيھارڻي هئي، جيڪا هدايتن موجب شيرل مڱڻھار واڻي ورتي. نيٺ، 1939 واري پراڻي کٽ، ڊيزائين سان ٺھي ويئي ۽ ٿيسز ورڪ لاءِ زهرا تائين لاهور پھچي ويئي.

اهي ته مون پئي دل جون ڳالهيون ڪيون، ليڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترا ته چوڻيون- پھاڪا ۽ اصطلاح- محاورا آهن جو انهن جي توسل سان اسان جي نئين نسل تائين کٽ يا کٽولو جيئرو رهندو ۽ دلين تي راڄ ڪندو. چند اصطلاح، چوڻيون، پھاڪا ۽ هڪ پرولي، جنھن مان کٽ جي اهميت واضح ٿئي ٿي، جيئن: کٽولو کڄڻ (مرڻ بعد کٽ تي مڙهُه کڻي بُٺيءَ تائين رسائڻ)، کٽولو اونڌو ڪرڻ (شديد ڏک جو اظھار ڪرڻ)، کٽون ڇِنَڻ (واندو ويھڻ- ٽوٽي ٿيڻ)، کٽ تي ويھارِڻ (عزت ڏيڻ)، کٽَ کڻائڻ (لڏو پٽرائڻ)، منجو ڇڏڻ (گذاري وڃڻ)، کٽَ تي پوَڻ (بيمار/ معذور ٿيڻ)، کٽ تي کارائڻ (ڪنھن کي دادلو ڪرڻ)، اُميري ڏيڻ (ٽٽل دلين کي ڳنڍڻ) وغيره.

• ’ساڳي زبان پٽَ تي ويھاري، ساڳي زبان کٽ تي ويھاري‘ (ڀلي ڳالهائڻ وارو هر هنڌ مانُ لھندو)

• ’عزت ڏي ڄٽ کي، جتيءَ سوڌو کٽ تي.‘ (ڄٽ کي عزت ڏبي ته ڳچيءَ ۾ پوندو.)

• ’ڀاڙيي ڀاءُ کان کٽ خالي ڀلي آهي.‘ (بيڪار ڀاءُ جو هجڻ ئي عذاب آهي.)

• ’چَپَرَ لڳي ته چُوڙَ بند ٿئي.‘ (لاچار ماڻهوءَ لاءِ خوراڪ ۽ دوا ضروري آهي)

• واڍي جي گهر ۾ کٽ نه ڏوئي. (ٻين جي خدمت ڪندڙ، پنھنجي ڳڻَ نه ڪندو. اڪثر منفي مراد ورتي ويندي آهي)

• ججمان کٽ تي ته برهمڻ ٺٺ تي. (محفل ڪرائيندڙ، خوشحال هوندو ته مُلو يا راڳي خوش ٿي ويندو)

• ڪتو کٽ تي ويھار، ته به ديڳڙو چٽي. (بي حيا ماڻهوءَ مان غذا ناهي ٿيڻي.)

• پيڪاڻي کٽَ کان ساهراڻي لتَ به چڱي. (عورت لاءِ  ڏکيو سکيو گهر به ساهراڻو ڀلو آهي.)

• ڇوڪريءَ جي اچي ڏولي، نڪري کٽولي. (وفادار عورت ساهراڻي گهر ايندي ۽ پڇاڙيءَ تائين، انهن سان ئي نڀاءُ ڪندي)

ان کان علاوه هڪ ’ڌمڪي پرولي‘ ننڍپڻ کان تمام گهڻي ياد رهندي آئي آهي: ’اٺ ڪاٺَ، نائين نوڙي، جيڪو نه ڀڃي، تنھن جي آڪھه ٺوڙهي.‘ جواب: کٽَ

بھرحال، کٽ يا کٽولو، سنڌي تھذيب، تمدن ۽ ثقافت جو اهم اهڃاڻ آهي. اهڃاڻ به اهڙو جو وقت گذرڻ سان ان جي بنيادي بيھڪ يا جڙاوت ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي ۽ نه وري ايندي، البت وقت سان ان ۾ سونھن خاطر اضافا ضرور ٿيندا رهيا آهن.

هيءُ مضمون آرٽسٽ پروفيسر شوڪت کوکر جي فرمائش تي لکيو ويو. فيس بڪ تي رکڻ بعد هن مضمون کي وڌيڪ شڪل ڏيڻ ۾ ڪافي دوستن جا مشورا شامل رهيا، خاص طور انجنيئر عبدالوهاب سھتو، پپن پرين ميمڻ، منصور سرمد چانڊيو، استاد اعجاز ميمڻ وغيره.


(هن مضمون جي اصلاح ۽ اصطلاحن- پھاڪن کي شامل ڪرڻ ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي، مان سندس بيحد شڪر گذار آهيان)

2 comments: