Wednesday, August 16, 2023

جُتِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

جُتِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



جُتِي، جُتڙِي (اسم تصغير)، کيڙِي، ٻيڙِي، گهيتِلو، کُسو، موجِڙِي (راجسٿاني يا ڪڇي جُتي)، پَڳَرَکِي، ٽَونر واري جُتي (زالاڻي)، موچڙا، جوتا، پادَرَ، کَلا، لِتَرَ، سپاٽا، کَرڪَڻ (پيشَ ۽ کجيءَ جي پتن مان ٺاهيل)، کيترا، ڇَٻو (سئنڊل)،چَمپَل، سليپر، بوٽُ، چاکڙِي (ڪاٺ مان ٺھيل)، پيزارُ/ پاپوش (فارسي)، پاولا وغيره پيرن ۾ پائڻ جي هڪ وٿُ (شيءِ) آهي، جيڪا موچي ٺاهي تيار ڪندو آهي. هتي اها ڳالهه به واضح ڪرڻ گهرجي ته ’جُتي‘ ٻن پادرن کي ٿو چئجي. موچڙو، پادر، جوتو، سپاٽو، جھڙا لفظ واحد طور ڪم اچن ٿا. جڏهن ٻنهي پيرن واري وٿ جو ذڪر ٿيندو ته جُتي، جتڙي، کيڙِي، ٻيڙِي، موجڙِي، کُسو ٻنهي پيرن جي وٿ لاءِ واحد نالو کڻبو. ٻنهي پيرن لاءِ واحد لفظ جو جمع استعمال ڪبو، جيئن: پادرَ، موچڙا، جوتا وغيره. واحد صورت ۾ پادرُ، جوتو يا بوٽ وغيره جڏهن پراڻو ٿئي ٿو ۽ موچيءَ کان چَتِي هڻائجي ٿي ته ان هڪ پادر کي ’ٺوٻَرُ‘ ڪوٺبو آهي. جُتي يا بوٽ کي نرم رکڻ يا سوڙهو رکڻ لاءِ تري جي مٿان يعني جُتيءَ جي اندر، ڪڏهن ڪڏهن اضافي نرم چمڙو يا نرم تھه ڏنو ويندو آهي، جنھن کي ’پاتو‘ چيو ويندو آهي. مزي جي ڳالهه ته اڳي جُتي ته وٺبي هئي قسمت سان، ان لاءِ ٻارن لاءِ جُتي يا بوٽ وغيره ٿورو وڏو ڪري وٺبو هيو، ته جيئن ٻار وڏو ٿئي ته جُتي ننڍي نه ٿئي ۽ ٻار چَتيون سَتيون هڻائي، پائيندو رهي. ان وقت پائڻ لائق بڻائڻ لاءِ جُتي يا بوٽ جي اندران ڪپھه جون پوڻيون به رکيبون هيون ته جيئن في الحال جُتي پير ۾ پُوري رهي. مون پاڻ اهڙا بوٽ پاتا جن ۾ ڪپھه جون پُوڻيون وجهي گذارو ڪيو، جيستائين وڃي پير وڌي. بھرحال، جُتيءَ جو لفظ (جيم- جُتِي) اسان جي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ به موجود آهي، ان لاءِ ننڍو توڻي وڏو، شھري توڻي ڳوٺاڻو هن وٿَ کان واقف آهي.



اهو کَل کي صاف ڪري، چمڙي تائين آڻڻ ۽ رڱڻ واري مرحلي کان وٺي، جُتيءَ جي لائق بڻائڻ ۽ ان کي موچڪي ڪم مان گذارڻ بعد جُتي تيار ٿيندي آهي. جُتيءَ لاءِ پھرين سٺي چمڙي جي چونڊ ڪئي ويندي آهي، خاص طور ڳائو ۽ ٻاڪرو چمڙو وڌيڪ نرم ۽ هلڪڙو ڄاتو ويندو آهي. چمڙي جي وڏي ٽڪر کي موچي، ڪاٺ جي هڪ کَنڀيءَ سان ڪُٽي نرم ڪندو، بعد ۾ ان کي جُتيءَ جي سانچي موجب رنبيءَ سان ٽڪرا ڪَٽي، پُٺو ٺاهيندو ۽ ان سان گڏ ساڳئي انداز سان کُڙيءَ جو پُٺو ڪٽيندو، انهن ٻنهي کي تَري جي ٿلهي چمڙي تي، سوٽي ڌاڳن وارِي مُچو ڪيل رسيءَ ۽ ڪُنڍي آر جي مدد سان ڳنڍي ٽوپي، ڪارب تي چاڙهي، تيار ڪري وٺندو. سنڌي جُتيءَ جي گهڙاوت ۾ هڪ خاص نشاني اها به هوندي آهي ته ان جي منھن کان وٺي پوري پُٺي تائين، هڪ چمڙي جي ڏوري لڳل هوندي آهي، جڏهن ته ٻين سماجن واري جُتيءَ ۾ گهڻي قدر منھن کان ئي ورو هوندو آهي. ها البت، سنڌي يا بلوچي جتيءَ ۾ کڙيءَ واري پُٺي کان اضافي ڏوري هڻي مٿي چھنب بيھاري وينديس آهي.

چمڙو، اهڙي وٿ کي ٿو چئجي، جيڪا ڪنھن ساهواري جي جسم تان لٿل صورت ۾ هجي. جڏهن ته جسم سان چنبڙيل وَٿ کي چمڙِي ٿو چئجي. يعني چمڙي تازي ۽ آلي ٿيندي آهي، جڏهن ته چمڙو ان جي خشڪ صورت کي چئي سگهبو. انسان جي چمڙي جي کل سان پراڻو ناتو رهيو آهي. ان ڪارڻ پراڻي زماني ۾ چمڙي جي کل مان لباس کان وٺي، گهرو استعمال جون شيون پڻ ٺاهيندو رهيو آهي، جيئن: سانداري (پخال- مشڪيزو )، ٻوڪو (کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ)، کَلِي (پاڻي رکڻ لاءِ)، بجڪي (ڳوٿرِي)، بڊوڪو (وڏو ڳوٿرو)، توٻِرو (گهوڙي جي داڻي لاءِ)، خُرزين (سامان ڀري، گهوڙي تي رکڻ لاءِ)، ڀاني (حجم جي اوزارن جي ٿيلهي)، ڌنوَڻ (لوهر جي ڦوڪڻي)، دَٻِي (چمڙي جي دِلي، گيھه وغيره لاءِ) قرآن شريف جو پوش، تائٿ (چمڙي ۾ مڙهيل تعويذ)، ٻٽون (ڏوڪڙن وغيره لاءِ)، وڇاڻو (چمڙي جو هنڌ)، بسترپوش (بستري ٻڌڻ لاءِ)، جهاڙُولو (چمڙي جا ڊگها جوراب)، ٽوپي (مٿي تي پائڻ لاءِ)، چھبڪ (گهوڙي وغيره لاءِ)، ڍالَ (تلوار جي ڌڪ سنڀالڻ لاءِ)، چامِلو (چم جو حقو وغيره)، چامُٽو (حجم جي پاڪي لائڻ لاءِ)، سِينو (ڪاٺ جي چيرڻ لاءِ ايپران)، سِيڻاهِه (ٻڪريءَ جي کل مان ٺھيل ترڻ جي کَلِي)، سچ پُترو (پوليس پاران باسرائڻ لاءِ وڏو پادر)، چمڙي جي دَمڙي (نظام سقه پاران رائج ڪيل چمڙي جا سڪا يا مھرون)، ڪتاب جو جُلد (جلد سازي)، چموٽي (گليل جي رٻڙ ۾ گُلولي لاءِ چمڙي جو ٽڪر، ۲. ايٽ ۾ ڪم ايندڙ چم جو ٽڪر جنهن ۾ ٽڪ پوندي آهي. جنھن لاءِ چوڻي آھي؛ ايٽ ۾ چموٽي، مينھن ويو موٽي.)، واڳون (گهوڙي جون رينون) وغيره. پوءِ جيئن جيئن آبادي وڌندي ويئي، ته ماڻهن ۾ ڪم ڪرڻ جا مختلف شعبا ٿيندا ويا. سانداري ٺاهڻ وارو ڪو الڳ هوندو هيو، واسڪوٽيون يا صدريون ٺاهڻ وارو ڪو ٻيو هوندو هو، پيٽيون ٺاهڻ وارو ڪو ٻيو، جُتي ٺاهڻ وارو ورِي ڪو ٻيو وغيره.

چمڙو، اهڙي وٿ کي ٿو چئجي، جيڪا ڪنھن ساهواري جي جسم تان لٿل صورت ۾ هجي. جڏهن ته جسم سان چنبڙيل وَٿ کي چمڙِي ٿو چئجي. يعني چمڙي تازي ۽ آلي ٿيندي آهي، جڏهن ته چمڙو ان جي خشڪ صورت کي چئي سگهبو

جڏهن ۱۶۱۲ع ڌاري انگريز، برصغير سنڌ- هند ۾ پنھنجي رياستي تسلط (colonization) قائم ڪرڻ لاءِ، واپار جي سلسلي ۾ جيڪا پھرين ٻيڙي موڪلي هئي، جنھن ۾ ۱۳۰ ماڻهن سان گڏ اسلحو، ڪپڙا ۽ چمڙي مان ٺھيل شيون وغيره هيون، سا سڀ کان پھرين سُورت (گجرات- انڊيا) پھتي. ان ٻيڙيءَ جو نالو ’ريڊ ڊريگن‘ (Red Dragon) هئو. مغل بادشاه جھانگير ان ٻيڙيءَ جو آڌرڀاءُ ڪيو، ۽ کين هتي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ جو اجازت نامو ڏنو. جڏهن هنن هتي اچي ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ڪئي ته پوءِ هتان جو سوٽي ۽ ليلڻ جو ڪپڙو به ٻاهر وڃڻ لڳو. انگريز جيڪو سنڌ- هند ۾ واپار لاءِ ڇڪجي آيو، سو بنيادي طور تي ڪپڙي، چمڙي ۽ گرم مسالن جي واپار لاءِ آيو. هنن جي، ان ٻيڙيءَ ذريعي، هن خطي ۾ واپار جي اها پھرين داخلا هئي. ان بعد اهي واپاري سلسلي کي وڌائيندا ويا ۽ هتان جي ڪلچر کي سمجهندا ويا. تان جو اسان سڀني تي مسلط ٿي ويا.

اڳتي هلي، جڏهن هتان جي ماڻهن سندن ڏند کٽا ڪيا، ته ويندي ويندي، اسان سڀني کي ويڙهائي، ڪڻو ڪڻي کان ڌار ڪري، چند ماڻهن کي حڪمت عملين جا ڏانوَ ڏيئي، پاڻ هٿ ڇنڊيندا ويا. هاڻي اهو انگريز ته هلي ويو، ليڪن ڪپڙي ۽ چمڙي جو واپار ساڳي صورت ۾ هلي پيو. ٻيو نه ته به، لنڊي جي صورت ۾ ڪپڙو ۽ چمڙو اچي پيو، جيڪو غريب غربو ته ٺھيو، امير طبقو به واپرائي ٿو. يعني انگريز ته هلي ويا، ليڪن لنڊي جي ذريعي پنھنجو اثر ڇڏي ويا. ان ڪلچر اهڙو نقصان ڏنو جو هتان جا ڪافي هنر پنھنجا آخري پساهه کڻڻ لڳا. ڪو ديسي ڪمن کي پڇي ئي نه ٿو. ان صورت ۾ موچڪي ڪم جي حيثيت به گهٽجندي ويئي ۽ ڪارخانن جون ٺھيل شيون عام ٿينديون ويون. هن موقعي تي هڪ مزيدار ڳالهه ونڊُ ڪجي ته اسان وارو مھراڻ جوکيو به جُتين ۽ بُوٽن جو وڏو شوقين آهي، جڏهن به ٻاهرئين ملڪ وڃڻ ٿيندو اٿس ته پنھنجي لاءِ ۽ منھنجي لاءِ بوٽ ضرور ڳنھندو. انگلينڊ مان هڪ روايتي انگريزي بوٽ وٺي آيو، جيڪو پورو جو پورو هٿ جو ٺھيل آهي، مون ان کي جاچي ڏٺو، اندران لکيل اٿس: ’Made in India‘. ڏسي چيومانس ته ’ايترو پنڌ ڪري وئين ۽ وري وٺي، پاڙيسري ملڪ جو هٿرادو بوٽ آيو آهين.‘ وراڻيائين ته ’انگلينڊ ۾ اهي ئي ڪم آندا ويندا آهن، جيڪي هتان ٺھي اوڏانھن موڪلجن ٿا.‘ بھرحال، مون کي هٿرادو بوٽ ڏاڍو وڻيو. چوڻ جو مقصد ته گورا پنھنجي لاءِ هن خطي مان ئي بوٽ ٺھرائين پيا ۽ اسان کي وري پنھنجي مشيني بوٽن جو عادي بڻائي ڇڏيُن.

اسان وٽ هاڻي اها حالت رهي آهي ته مشڪل سان ڪي ماڻهو هوندا، جيڪي پنھنجي اباڻي ڪرت کي زنده رکڻ لاءِ اهو ڪم ڪندا هوندا، نه ته ٿيو خير! هن وقت سنڌ ۾ چند شھر آهن، جتي اهي ديسي جُتيون ٺھن ٿيون، جن ۾ خيرپور، سکر، گهوٽڪي، اٻاوڙو، جيڪب آباد وغيره ضلعا آهن، جتي ٿورو ٿڪو، جُتيءَ جو ڪم ٿئي پيو. سنڌي جتيءَ جي زردوزيءَ جا به ڪيئي نمونا آهن، جنھن ۾ سِيم جي ڀرت سان ڀري ويندي آهي، مختلف رنگن سان پڻ ڀري ويندي آهي. ان کان علاوه صاف چمڙي ۾ پڻ رکي ويندي آهي، جنھن کي چمڪائڻ يا پائيدار رکڻ لاءِ تيل به ڪم آڻي سگهجي ٿو ته پالش وغيره به هڻي سگهجي ٿي.

زالن لاءِ ٽَونر (وڏي ڦندڻ) واري جُتي به مختلف رنگن سان ٺاهي ويندي آهي، جنھن ۾ کڙيءَ وارو پُٺو نه هوندو آهي، بلڪ پويان سڌي هوندي آهي. اهو جُتيءَ جو نمونو به منھنجي خيال ۾ بنيادي طور سنڌ جو رهيو آهي، پوءِ ٻين سماجن ان جو اُتارو ڪيو هوندو. ان سان مائيءَ جي هلت مخصوص رهندي آهي، يعني هلڻ ۾ پير گسڪائي هلندي. ڇو ته جيڪڏهن قدم کڻي هلندي ته جُتي پير مان ٿِڙي ويندي. مون ڪافي ڳوٺاڻيون مايون پير گسڪائڻ يا گھلي هلڻ سان ڏٺو آهي.

جِتي ڀلا ڪپڙا سبرائي پائڻ، شان سمجهيو ويندو آهي، تِتي ڀلي جُتِي يا بوٽ پائڻ سون تي سھاڳو ڀانئجي ٿو. جيڪڏهن ڀلا ڪپڙا هجن ۽ جُتي مڙيئي گذارو هجي، ته ڳالهه نه ٺھِي! اڃا به گهڻا ماڻهو ايئن ڪندا آهن ته ڪپڙا سادا سودا پائبا، پر جُتي يا بوٽ شاندار پائبو. اڪثر ڀلي جُتي يا بوٽ ’دشمن تي دهمان‘ ڪري ڄاتو ويندو آهي، ڇو جو سڄڻ توهان جي حال کي ڏسڻ لاءِ توهان جي منھن کي ڏسندو ۽ ڏُڄڻ توهان سان اک نه ملائڻ سبب، توهان جي پيرن ڏانھن ڏسندو، ان لاءِ ڀلي جُتي يا بوٽ پائڻ ماڻهوءَ جو شان آهي. جُتي پائي چاڳَ سان هلڻ به ٺاٺ باٺ ظاهر ڪندو آهي. شادين مرادين ۾ جتي ڪنوار جي پِڙي لاءِ، ڪپڙن سان ڀلي جُتيءَ جي چونڊ ڪبي، تتي گهوٽ لاءِ به ڪنھن دل گهرِي جُتيءَ جي ڳولها ٿيندي. مطلب ته خوشيءَ جي موقعن تي ڀلين جُتين جو ڏاج ڏيوڻ ۾ شامل ڪرڻ لازم سمجهيو ويو آهي. ٻيا ماڻهو به قريبن جي شادين ڏيب طور ڀلي جُتي ڏيندا آهن. پرڻي واري موقعي تي، جُتيءَ سان به رسمون سلهاڙيل آهن، جنھن ۾ سراسر پنھنجائپ ظاهر ٿيندي آهي، جيئن: لائون لھڻ وقت، ساليءَ پاران گهوٽ جي جُتي لڪائڻ ۽ پوءِ خرچي وٺي واپس ڪرڻ وغيره.

جُتي لاهي، هلڻ ورِي عاجزي ۽ انڪساريءَ ۾ ٻَڌو ويندو آهي. ان حوالي سان جُتي نه پائڻ کي لطيف سائينءَ هن ريت بيان ڪيو آهي:

ڪَنڊا مون پيرن ۾، توڙي لَک لڳن،

آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپون پيرَ ڇِنن،

پر ويندي ڏانھن پريَن، جُتي جات نه پائيان.

لطيف سائينءَ جي خيال مان اها ڳالهه به ملي ٿي، ته پير نھايت ڪارائتو عضوو آهي، ان لاءِ جُتي پيرن جي محافظ آهي. ’پَڳَرَکي‘ به جُتيءَ کي ان لاءِ ڪوٺيو ويندو آهي ته اها رستي جي اهنجن کان پيرن جي رکوالي ڪندي آهي. ’ويندي ڏانھن پريَن، جُتي جات نه پائيان‘ واري مصداق سنڌ جا اڪثر مھمانواز ماڻهو، مھمان جي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ اڳتي ايندا آهن ته پيرن ۾ جُتي نه پائيندا آهن. سنڌ جي سخي مرد ڄام ڪانڀو خان ۽ ان جي پٽ ڄام صادق علي خان لاءِ اهو مشھور رهيو آهي، ته جي وقت تي پتو پين، ته مھمان ٻُنڀي تائين اچي چڪو آهي، ته ان جي ڀليڪار لاءِ جُتي نه پائبي، بلڪ پيرين اگهاڙي اڳتي وڃبو ۽ مھمان کي مانُ ڏيئي وٺي اچبو. اها روايت مون بابا سائينءَ جي واتان ٻڌي، بعد ۾ ٽنڊي آدم جي دوست وفا رضا چانڊيي پڻ تصديق ڪئي.

ڪافي ڳوٺاڻن کي جُتي لاهي، ڪڇ ۾ ڪرڻ واري ڪارِ به ڏٺي آهي، اهو ان لاءِ ته انهن جو جُتيءَ سان پنڌ نه ڪپبو آهي. شام جي وقت اڪثر بابا سائينءَ سان محرابپور جنڪشن جي وڏي پليٽ فارم تي ٽنگ هڻڻ لاءِ نڪربو هو، بابا سائينءَ جي ٻي سنگت به گڏ هوندي هئي. جڏهن اُوندهڙي ٿيندي هئي، ته ڀرِ وارا ڳوٺاڻا ماڻهو، شھر مان موٽندي، پورو پليٽ فارم لتاڙي، پوءِ جُتي لاهي، پوتڙي ۾ وجهندا هئا ۽ پنڌ تي زور ڏيندا هئا. مون بابا کان پڇيو ته بابا اهي ڳوٺاڻا جُتيءَ هوندي، پير اگهاڙا ڪيون ڇو پيا وڃن؟ ٻڌايائين ته اهي ڳوٺاڻا هاري ناري، پيرين اگهاڙي زمين ۾ ڪم ڪرڻ سبب، جُتيءَ کان سواءِ هِري ويا آهن، ان ڪارڻ جُتيءَ سان انهن جو پنڌ ڪونه اُڪلبو.

محرابپور ۾ هڪ ٻه ماڻهو اهڙا ته پنڌ جا شوقين هيا، جو ڪنھن ڪم سانگي اسُر جو گهران نڪرندا هيا ۽ پنجويھه ڪلوميٽر پنڌ ڪري، ڏينھن ڏٺي جو وڃي ڪنڊيارو پھچندا هيا. انهن ۾ ڪريم بخش نوناري مشھور هيو. پيرن ۾ سنڌي جُتي پائيندو هيو، پر جڏهن سفر ۾ ويندو هيو، ته جُتيءَ کي ڪُکن کان، وَرَ ۾ وجهندو هيو. مون کانئس هڪ دفعي پڇيو ته ’چاچا ايئن ڇو ڪندا آهيو؟‘ وراڻيائين ته ’بابا، جُتي شان سان هلڻ جو نالو آهي، ان لاءِ پنڌ پَٽي نه سگهبو. تنھن کان سواءِ، رستي ۾ زناوَر وغيره به هوندا آهن، خاص طور بگهڙ، جيڪڏهن وَر چڙهي ويو، ته ان جو پھريون وارُ، ڪُکن تي هوندو آهي ۽ ماڻهوءَ جا آنڊا ڪڍي وجهندو آهي، ان لاءِ جُتيءَ کي، ڪُکن جي بچاءَ لاءِ، وَر ۾ وجهندو آهيان ته جيئن ڪو بگهڙ وارُ ڪري ته هن جو پھريون چنبو، جُتيءَ ۾ لڳي، تيتر ماڻهو سنڀالي ويندو.‘ سو حقيقت اها به آهي ته جُتي ڍال جو ڪم به ڪري وٺندي آهي.

جُتين ۾ ويھڻ يا جُتيون کڻڻ ۽ پاڻ کي جُتيءَ جھڙو به نه سمجهڻ، عاجزي ۽ انڪساريءَ جو انگ آهي. هن حوالي سان عام ٻول آهن ته ’جوڙ جُتيءَ جو ناهيان، عاشق ڪيئن سڏايان‘. يعني محبوب جي پير جي جُتي، اها شيءِ آهي، جيڪا نيچ ۽ هيچ آهي، پر مان محبوب جي جُتيءَ جي جوڙ جو به ناهيان. اها انڪساريءَ جي حد ٿي ويئي.

جُتي لاهڻ احترام جي علامت پڻ آهي، ان لاءِ ڪنھن درگاهه تي جُتي لاهي، بعد ۾ درگاهه جي ميدان ۾ داخل ٿبو آهي، ڪڏهن ڪنھن بزرگ جي قبر تي سلامي ڀرڻ لاءِ جُتي لاهي، حاضري ڀربي آهي. مسجد ۾ جُتي پاسي کان لاهي، نماز لاءِ کڙو ٿبو آهي. ڪنھن وڇايل تڏي يا گلم تي جُتي لاهي وڃي ويھبو آهي. هيٺ وڇايل دسترخوان تي مانيءَ لاءِ پاسي ۾ جُتي لاهي، ويھبو آهي وغيره. يعني جُتي لاهي حاضري ڀرڻ يا ويھڻ احترام جي دائري ۾ اچي ٿو.

ان ڳالهه سان هڪ پھاڪو سامهون اچي ٿو، جنھن جي وضاحت هيئن آهي ته اميراڻي اوطاق تي گلم غاليچا وڇايل هوندا آهن، ان صورت ۾ ڪو ڪَمي ڪاسبي، جنھن جا پير وڌيڪ مٽيءَ يا آلي مٽيءَ ۾ ڀريل هوندا آهن ۽ کيس گلم تان گذري، وڏيري جي اڳيان وڃڻو هوندو آهي. ان ڪَميءَ کي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل هوندي آهي ته اڳلي جي عزت احترام خاطر جُتي لاهي، اڳتي وڃڻو آهي، ته هو ايئن ئي ڪندو ۽ گلم تي پنھنجي پيرن جا نشان لڳائيندو وڃِي، اڳيان بيھندو. سچي ڳالهه اها آهي ته سندس جُتيءَ جو ترو ايترو خراب ناهي هوندو، جيترا سندس پير! جيڪڏهن جُتيءَ سوڌو گلم تي گذري ها ته سندس ايترا خراب نشان نه ٿين ها؛ پر جيئن ته هن کي اها سُڌ آهي ته احتراماً گلم تي پير رکڻ لاءِ جُتيءَ کي لاهڻو آهي. ان موقعي تي پھاڪو مشھور آهي ته ’ڄٽ ملوڪ، گلم جو زيان‘. يعني هو ملوڪ ٿيڻ جي چڪر ۾، جُتي لاهي گلم تي پير رکندو، جڏهن ته سندس پير جُتيءَ کان ڏهوڻ تي ميرا ۽ گپ ۾ ڀريل هوندا آهن.

ڪاوڙ ۽ غصي لاءِ جُتيءَ جو ئي استعمال ڪبو آهي. خاص طور جهيڙي ۾ ڪنھن کي مارڪٽ ڪرڻ لاءِ جُتي لاهي هڻبي آهي. شديد نفرت جي اظھار لاءِ پيرن مان لاهي هڻڻ واري ڪار پوري دنيا ۾ ڏٺي ويئي آهي. يعني جڏهن ماڻهوءَ کي ڪنھن تي ڇوهه ڇنڊڻا هوندا يا ڪنھن جانور کي ڀڄائڻو هوندو، ته يڪدم جُتي لاهي ان تي اڇلبي آهي.

سنڌي سماج ۾ مرداڻي حاڪميءَ سبب، اڳي جيڪي مرداڻيون جُتيون وغيره، موچيءَ کان ٺھرائبيون هيون، ته موچيءَ کي تاڪيد ڪيو ويندو هيو، ته ان ۾ اضافي چيڪٽ (چُون چُون جا آواز) رکيا وڃن! اهو ان لاءِ ته جيئن گهر ۾ داخل ٿجي ته گهر وارن کي آگاهي ٿئي ۽ هو هوشيار رهن. يعني نياڻيون سياڻيون مٿي تي رئو شال وغيره رکي وٺن. اسان جو نانو زوار ڪريم بخش (زوار ڪمن)، پڇاڙيءَ ۾ اسان وٽ رهندو هيو ۽ ان خيال جو هوندو هيو. مون کي ياد آهي ته پاڻ موچيءَ کان هڪ سليپر ٺھرايو هيائين، جنھن ۾ هلڻ سان چون چون جا آواز نڪرندا هيا. زوار ڪمن نياڻين جو اهو به خيال رکندو هيو، ته زال کان سواءِ، ڪنھن به مائيءَ يا نياڻيءَ کان بوٽ صاف نه ڪرائيندو هيو ۽ نه وري انهن کان جتي وغيره کڻائيندو هيو. جيڪڏهن جُتي گهرائڻي هوندي هيس، ته مون کي يا منھنجي ننڍي ڀاءُ اخلاق کي چئي وٺندو هيو. اهو به چئي وٺندو هيو ته نياڻين کان جُتيون نه کڻائجن.

مون ۳۲ سال اڳ سِيم (چانديءَ جھڙي سنهي چپتري تار) جي ڀرت سان ڀريل هڪ سنڌي جُتي ورتي، جيڪا ڪجهه سوڙهي ٿي پئي، پوءِ به ڪجهه وقت گھلي گھلي پاتي. دڪان تي صرف اها هڪ ئي جُتي پئي هئي، دڪاندار چيو ته اها تيل هڻڻ سان گهِرگهلِي ٿي ويندي آهي. هن ٻڌايو ته ان قسم جي شڪل واري جُتيءَ کي اسان ٻيڙِي سڏيندا آهيون. مون پڇيو ته ٻيڙي وري ڪيئن؟ وراڻيائين ته هنن پادرن ۾ نر-ماد ڪو نه هوندو آهي، ڪنھن به پير ۾ ڪھڙو به پادر پايو، ٻئي پاسا برابر رکيل هوندا آهن ۽ هلڻ ۾ سولائيءَ خاطر هن جا اڳيان ۽ پويان پاسا ٿورو مٿي بيھاربا آهن، جنھنڪري هن کي ٻيڙي سڏيندا آهيون.

ملتاني گهيتلو به سنڌ جي تھذيب ۾ شامل آهي، ڇاڪاڻ ته ملتان جو خطو به پراڻِي سنڌ جو ڀاڱو رهيو آهي. اتان جي ٻولي به سنڌي ٻوليءَ جي اترادي لھجي جو اپلھجو آهي، ان ڪارڻ ان جي تھذيب به سنڌ سان ئي ڳڻي ويندي. ملتان جي گهيتلي ۾ به کٻو- سڄو نه ٿيندو آهي، بلڪ ڪھڙو به پادر، ڪھڙي به پير ۾ پائي سگهبو آهي. هن حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ملتاني گهيتلو‘ به هڪ ورجيس يا محاورو ليکيو ويندو آهي. ايئن به چيو ويندو آهي ته ’فلاڻو ته ملتاني گهيتلو آهي‘، يعني، فلاڻو ماڻهو پئنچن سان به پورو، ته ساڌن سان به سنمک رهي ٿو. مقصد ته جنھن ماڻهوءَ جي خبر نه پوي ته هيءُ ’کاٻي ڌُر جو آهي يا ساڄي ڌُر جو آهي‘ ان لاءِ اها ورجيس ڪم آندي ويندي آهي.

۲۰۱۵ع ۾ اياز جوکيي وٽ لاهور وڃڻ ٿيو، شھر ۽ مارڪيٽَ گهمياسين. اياز هڪ کُسن واري دڪان تي وٺي هليو، ڀانت ڀانت جا جوتا پيا هجن. منھنجي لاءِ هڪ چمڙي جو لسو ۽ صاف کُسو وڻيس، سو مون کي وٺي ڏنائين. کسو، انتھائي سنھڙي ۽ نرم چمڙي مان ٺھيل، ويڙهي سيڙهي کڻي پاسي واري کيسي ۾ رکي ڇڏجي! ٻه اڍائي ڏينھن پاتومانس، تري تي ٿورا رهنڊا ٿيَس، باقي اڄ به صفا تازو توانو لڳو پيو آهي. پائڻ بعد مون کي اندازو ٿيو ته هيءُ کُسو صفا اميراڻو آهي، جيڪي اٿن ويھن ته به سندن پير گلم غاليچي تي هجن، سوئي پائي. کُھرن ۽ کڙ ٻڙ رستن تي هلڻ وارن لاءِ آهي ئي ڪو نه!

ورهاڱي کان اڳ، راجسٿان جي اهم شھر ’جيسلمير‘ جي وڏي هاڪ هئي. اميراڻو طبقو پنھنجيون جُتيون وغيره اتان گهرائيندو يا ٺھرائيندو هئو. پوءِ غريب غربو به شادي مراديءَ يا پنيءَ مراد تي جيسلمير کان جُتي گهرائيندو هئو. جُتي، جِتي مرداڻي ٺھي، اتي زالاڻي به ٺھي ٿي، ليڪن ٻنهي جي بيھڪ ۾ فرق رکيو ويندو آهي، زالاڻي جُتي نازڪ نفيس ۽ سنھڙي بيھاري ويندي آهي. ڪي صاف چمڙي سان جوڙيون وينديون آهن، ته ڪي وري ماڻهن جي مزاج مطابق ڪشيده ڪاري يا زردوزي (زريءَ جي ڀرائي) پڻ ڪئي ويندي آهي. شوق جي لحاظ کان موتين جو پڻ ڪم ڪيو ويندو آهي.

انگريزن جي دور کان وڏن ادارن ۾ مختلف هنرن جا ملازم رکيا ويندا هيا، جنھن ۾ حجم، باورچي، ڊکڻ، لوهر، بجليءَ جو ڪم ڪندڙ، موچي وغيره مقرر ٿيندا هيا، جيڪو سلسلو اڄ سوڌو هلي پيو. موچين تي اهو لازم هوندو آهي ته سينٽرن تي موجود آفيسرن جا بوٽ وغيره ٺاهي سگهي. تازو، اختر جوکيي جي معرفت، بدين پوليس سينٽر تي هڪ ملازم کان بوٽ ٺھي مليو، ڇا ته ان جي بيھڪ ۽ مضبوطي آهي. اڄ سوڌو اهو بوٽ شوق سان پائيندو آهيان.

عام چوڻي آهي ته ’عالمن جي جُتِيءَ کي به جُتڙي نه چئجي‘، جنھن مان مراد آهي ته عالمن جو احترام ڪجي ۽ ان کي ڪنھن به پاسي کان گهٽ درجي ۾ نه رکجي.

هڪ پھاڪو به عام آهي ته ’جُتيءَ کي به وارو ملڻو آهي‘، يعني اها جُتي جيڪا سدائين پيرن هيٺ رهي ٿي، اهائي ٽڪڻ تي به وسي سگهي ٿي. ان مان مراد اها آهي، ته ڪنھن کي به صفا نيچ نه سمجهجي، اڳي پوءِ ان کي به وارو ملي سگهي ٿو ۽ سڀاڻي مٿانھون ٿي سگهي ٿو.

جُتي، جتي مانَ ۽ شانَ واري وٿُ آهي، اُتي ڏاڍي معيوب پڻ ليکي ويندي آهي. ڪنھن جي جُتي سڌي ڪري ڏيو ته ٺري پوندو، پر ڪنھن کي جُتي هٿ ۾ کڻي ته ڏيکاريو، اڳلو اصل بِرُ ٿي ويندو. بھرحال، جُتيءَ تي ڪافي اصطلاح (جملي جو جز) ۽ پھاڪا (جملو)، ٻوليءَ جي سونھن آهن، جن مان چند خيال خاطر رکجن ٿا:

اصطلاح ۽ ورجيس

• جُتيءَ ۾ پير نه پوڻ (ڪو وڏو اميراڻو يا کڻي علمي- ادبي ساکائتو ماڻهو هوندو، ته ان لاءِ چوندا ته اسان جو فلاڻي ماڻهوءَ جي جُتيءَ ۾ پير نه پوندو. هاري ناري يا پورهيت جا پير ڪنھن سانچي ۾ بند ته رهيا نه هوندا، ان لاءِ ان جو پير وڏو ۽ ڏڦير ٿي ويندو، ۽ امير يا علمي ماڻهو جُتيءَ کان سواءِ ته زمين تي پير هيٺ نه لاهيندو، جنھنڪري سندس پير پورا پنا هوندا، ان لاءِ چوندا آهن ته اميراڻي يا علمي ماڻهوءَ جي جُتيءَ ۾ اسان جو پير نه پوندو. ڪڏهن ڪڏهن اهو اصطلاح منفي مراد سان پڻ ڪم آندو ويندو آهي.)

• جُتي سنئين ڪرڻ (خوشامد ڪرڻ)

• جُتي ٺاهي رکڻ (چاپلوسي ڪرڻ- ڪنھن طرف وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ)

• جُتيون گسائڻ (پٽ جي شاديءَ لاءِ سيڻن وٽ پنڌ ڪرڻ- ڪنھن ڪم لاءِ جتن ڪرڻ)

• جُتيون کڻڻ (ڪنھن جي ڪاڻِ ڪڍڻ)

• جُتي اولارڻ (سخت نفرت جو اظھار ڪرڻ)

• جُتي ڪڇ ۾ ڪرڻ (ڀڄي وڃڻ- پنڌ پَٽڻ)

• جُتي ڏيکارڻ (بي مانو ڪرڻ)

• جُتي کسڪائڻ (ڪنھن کي لاچار ڪرڻ- ڌَڪُ ڪرڻ)

• ٺوٻَر ٺوڪڻ (پادر هڻڻ- سزا ڏيڻ- مار ڪٽ ڪرڻ)

• موچڙي ۾ ڳن وجهڻ (دڙڪو ڏيڻ- مھميز ڪرڻ- چڙي وڃڻ)

• پادرَ تي پادرُ هجڻ (نصيب ۾ سفر هجڻ)

• پادر اونڌو ٿيڻ (نڀاڳ جي نشاني هجڻ)

• بوٽ چَٽو (حد کان وڌيڪ خوشامدڙيو)

• جُتيءَ جو ڪوڪو (خادمي ڪندڙ)

پھاڪا ۽ چوڻيون

• ڄٽُ پادر سان سڌو. (سختيءَ سان سڀ ڪو سڌو ٿي وڃي ٿو)

• پادر ۾ برڪت آهي. (سزا سان سڌارو ٿئي ٿو.)

• موچڙي ۾ سوڀ هوندي آهي. (داٻي سان رهڻ ۾ زندگي سڦل گذرندي آهي)

• خلق پادر سان ٻڌل آهي. (جيڪو ڏاڍو ۽ بي رحم هوندو، ماڻهو به ان سان ئي سڌا)

• پُٽ ٻٽيھه لَکڻو، موچڙو ڇٽيھه لَکڻو. (جيتري پنھنجي همٿ ڪم ايندي، ايترو پنھنجو به ڪم نه ايندو. پادر ۾ برڪت آهي)

• چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن موچڙا. (چڱائي هميشه ڳچيءَ ۾ پوندي آهي.)

• روهُه رَلا، مٿي کَلا. (ڏکين ڪمن ۾ ڦاٿل هجڻ - بد سڪونيءَ ۾ رهڻ)

• موچيءَ جا گهڙيا، موچيءَ جي منھن ۾. (جيڪو ڪندو، سوئي لوڙهيندو)

• گهر ۾ بُجي کَلي، ٻاهر شير بھادر بَلي. (گهر ۾ عزت ڪونه، ٻاهر معتبر خان سڏائبو)

• لِتر کي لڳل گُونھُه، نه ڌوپي نه ڌپ ڇڏي. (گندا عمل سدائين وائکا رهندا آهن)

• پٽڪو پيرن هيٺ، جُتي مٿي تي. (بي عزتي ماڻهوءَ جا افعال ئي بڇڙا هوندا)

• جهجهي جهَڻ ڏيڻ ۽ مکڻ کان موچڙو ڏيڻ. (ڪجهه ڏيئي اڳلي کي راضي ڪبو، باقي ڪم واري شيءِ ٽاري رکبي)

• جڏهن خالي کل کائڻ تي موچڙا ملن، تڏهن گدري جو گودو کائڻ تي ڇا ملندو؟ (ڪا بيڪار شيءِ کڻڻ يا واپرائڻ تي سزا ملي، ته ڪارائتي شيءِ تي ته وڌيڪ ڏچو ٿيندو.)

• جيسين سچ جُتي پائي، تيسين ڪُوڙ دنيا جو چڪر هڻي اچي. (جيستائين سچ سچ ٿئي، تيسين ته ڪوڙو ته مزا پيو ماڻيندو)

• جيڪو هڻينِ موچڙو، تنھن کي ڪن سلام. (جيڪو ڏاڍو مڙس هوندو ۽ زيادتيون ڪندو، تنھن جي اڳيان پئي سائين سائين ڪبي)

• ڄٽ کي ڏي پيار، جُتيءَ سوڌو گلم تي. (نادان سان ويجهڙائپ رکبي، ته اجايو ڳچيءَ پوندو)

• عزت ڏي ڄٽ کي، جُتيءَ سوڌو کٽ تي. (بي طالع کي مانُ ڏبو ته عزت ذلت جو خيال ئي نه ڪندو)

• دال دَلَ، مڇيءَ کان موچڙو ڏيڻ. (هلڪي ڦلڪي شيءِ ٻين کي ڏبي، باقي چڱو چوکو لڪائي کائبو)

• سجدي ڏي ڌيان ڪر ته جُتي ٿي وڃي، جُتيءَ ڏي ڌيان ڪر ته سجدو ٿو وڃي. (ماڻهو گهڻن خفن ۾ ڦاٿل آهي، ڪاڏهون جي ڪري!)

• کاڌو گرم گرم کائجي، موچڙو ٺاري ٺاري کائجي. (ڪنھن سان به جهيڙي جهٽي ۾ تڪڙ نه ڪجي)

• کٽل آهيون ته به خان آهيون، جُتي ناهي ته به جوان آهيون (بي حيائي بادشاهي آهي.)

• ڀڄي وڃ، تنھنجا پير اگهاڙ ا آهن. (بي افعالي ماڻهوءَ سان نفرت جو اظھار ڪبو آهي)

• بوٽ سوڙهي کان پير اگهاڙا ڀلا. (هلڪڙي ماڻهوءَ جي احسان کان بُک ڀلي آهي)

• ڪڏھن سيٺ سيروُمل، ڪڏھن جُتي ھٿ ۾. (سدائين ڏينھن هڪجھڙا ڪونه هوندا آهن)

• ماني آهي ڍَو تي، موچڙو آهي گهٽ. (ڪنھن کي دادلو ڪري رکبو ته زيان ڪندو)

• ڪو ليکي نه ليکي، همراهه جُتيءَ سوڌو جهولي ۾. (ڪنھن کي مانُ به نه ڏجي، پوءِ به اهو گھِرو ٿئي)

• منھن به پنھنجو، موچڙو به پنھنجو. (قريبن جي ڪيل زيادتين کي ڪھڙي موٽ ڏجي)

• اشراف کي آدر، ڪميڻي کي پادر. (ڀلي ماڻهوءَ کي مانُ ڏجي، ڪميني کان پاسو ڪجي)

• پرائي جُتيءَ ۾ پير وجهڻ سان لِڦُون پونديون آهن. (ٻئي جي ڪمائي ڪم نه ايندي، پنھنجي ٻارجي)

• ٿڪل کي جُتي به بارُ. (ماڻهو بيزار ٿئي ته پنھنجي شين مان به تنگ)

• پيرين اگهاڙا جتَ، جُتين جا چور. (ضرورت وارو ماڻهو، لڪي چوريءَ به پنھنجي پورت ڪري وٺندو)

• جُتي جتَن هٿ ۾، ڪَلَر ڀَريا پير. (بي افعالو ماڻهو سدائين پُڻبو)

• جُتي کڻي سوني هجي، ته به مٿي تي ڪونه رکبي. (هر ماڻهوءَ کي ايتري عزت ڏجي، جيتري لھڻي)

 

(هن مضمون جي اصلاح ۽ اصطلاحن- پھاڪن کي شامل ڪرڻ ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي، مان سندس بيحد شڪر گذار آهيان)

2 comments: