Friday, October 8, 2021

سَتَ ڏينهن سَرُ، ڏھ ڏينهن ڏَرُ، پوءِ جاڏي وڻئي، تاڏي وڃي چَرُ.

سَتَ ڏينهن سَرُ، ڏھ ڏينهن ڏَرُ،

پوءِ جاڏي وڻئي، تاڏي وڃي چَرُ.

(سرو، اڻٽر سچائي، چوڻي)

تاليف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سر؛ سچو سر، سرن جو ٻوڙو.

ڏر؛ خوف، ڊپ، ڀؤ.

چر؛ چرڻ، مال چارڻ.

سر، سيپٽمبر جي ستين تاريخ تي نسرڻ شروع ٿيندو آهي. ان دوران، چٽ جي مند پوري ٿيڻ تي ھوندي آھي. جڏهن سر نسرندو آھي ته ان سان، چٽ ڀڄي پوندي آھي ۽ گرميءَ کي ڌڪ پڻ لڳندو آھي. جڏھن ته ان کان پوءِ به چٽ، ڏھن ڏينهن تائين، ٿوري گهڻي هلندي رھندي آهي ۽ پنهنجو اثر پئي ڏيکاريندي آهي.


ان ڪري وڏڙا، انھن ڏھن ڏينھن ۾ ٻاھر نڪرڻ کان پڻ احتياط طور منع ڪندا آھن. چوندا آھن؛ انھن ڏھن ڏينھن دوران، جاڏي تاڏي نڪرڻ نه گھرجي. بلڪ ڪنھن ڇانءِ دار جڳھ يا جاءِ جي اوٽ ۾ آرام سان رھڻ گھرجي.

جڏھن اھي ڏھ ڏينھن پورا ٿين، پوءِ ڀلي جاڏي وڻي، تاڏي مال کي چارڻ جي بھاني سان نڪري پئجي. اھي ڏينھن وري به سياري جي مند جا شروعاتي ڏھاڙا ھوندا آھن. ٿورا گھڻا فرحت بخش پڻ ھوندا آھن.

 

مطلب؛

چٽ دوران يا چٽ ڀڳي کان ڏھ ڏينھن پوءِ به ٻاھر نڪرڻ کان احتياط ڪرڻ گھرجي.

 

(ڊاڪٽر علي اڪبر اثير قريشي جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي رکيل پوسٽ، ”سَتَ ڏينهن سَرُ، ڏھ ڏينهن ڏَرُ، پوءِ جاڏي وڻئي، تاڏي وڃي چَرُ“ جي زير اثر)

No comments:

Post a Comment