Tuesday, July 28, 2020

ملا جلال، ڪتو ٻلو حلال. (پھاڪو)

ملا جلال، ڪتو ٻلو حلال. (پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ملا جلال، منطق جو ڪتاب آھي، جيڪو درس نظاميءَ جي آخري سال وارن کٿابين کي پڙھايو ويندو آھي. ان ڪتاب اندر، منطق، ڳالھائڻ جو ڏانءُ، دليل دلائل بازي، حوالا ڏيڻ، بحث مباحثا ڪرڻ جا سبق آھن. آخري سال ۾ ان ڪري پڙھايو ويندو آھي جو منجھس علم، بالغ ذھنن جي ڏانءَ جو ھوندو آھي. جنھن جا اعصاب مضبوط ۽ ارادا اٽل ھجن، سو سکندو ۽ اڳتي وڌندو آھي. ڪمزور اعصابن وارن جي ته ان ڪتاب پڙھڻ سان گھڻو ڪري ڪل ئي ٿڙي ويندي آھي.


جيڪي ملا جلال ڪتاب منجھان، منطقي علم سکي ويندا آھن، سي منطق جي زور تي، دليل دلائل ۽ حوالا ڏئي، حرام کي حلال ۽ حلال کي حرام ثابت ڪري ويندا آھن. جنھن ڪري اھڙن ماڻھن لاءِ ٽوڪ طور چيو ويندو آھي؛ ”جنھن پڙھيو ملا جلال، تنھن وٽ ڪتو ٻلو حلال.“ يا کين ٽوڪ طور چيو ويندو آھي؛ ”تو ملا جلال پڙھيو آھي. ھاڻي تو وٽ ڪتو ٻلو حلال آھي.“

اھي لفظ گھڻي واھپي ۽ بحث ۾ وري وري اچڻ کان پوءِ، اختصار واري شڪل وٺي ويندا آھن. سندن آخري روپ ھوندو آھي؛ ”ملا جلال، ڪتو ٻلو حلال.“

مطلب؛

۱. زورآور، پنھنجي طاقت جي زور تي، پنھنجي غرض خاطر، حلال کي حرام ۽ حرام کي حلال ڪري ويندو آھي.

۲. جتھے ملا جلال،اتھے گدڑ شدڑ حلال. (پنجابي، چوڻي)

No comments:

Post a Comment