Tuesday, July 28, 2020

ننڍڙي مري نه ماءُ، ٻڍڙي مري نه جوءِ،

ننڍڙي مري نه ماءُ، ٻڍڙي مري نه جوءِ،

ڪنت چڙيلي نا مري، مت جھڻڪ وھيڻي ھوءِ.

(اڻٽر سچائي، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ڏکين لفظن جي معنيٰ. ڪنت؛ نوجوان مڙس. چڙيلي؛ نوجوان عورت. مت؛ متان. جھڻڪ؛ طعنو، مھڻو. وھيڻي؛ ڀاڙيندڙ

پھرين سٽ ۾ ٻن عورتن جو بيان آھي. ھڪڙي ماءُ، جيڪا پنھنجي ابھم / ننڍڙي ٻچڙي/ ٻارڙي جي سنڀال ڪندي آھي. جڏھن اھو ٻارڙو ڄائو ته اھا عورت مري وئي. ھاڻي ٻار تي ڇا وھندو واپرندو، ان صدمي جو اندازو، ان يتيم ٻار کي ياعمر ذھن تي طاري ھوندو. ڇو جو اھا عمر اھڙي آھي جو ان عمر ۾ ان عورت جي مدد جي کيس سخت ضرورت ھئي. ان صدمي جي، خبر ان ماڻھوءَ کان وٺڻ گھرجي، جنھن جي ماءُ، کيس ڄڻي، گذاري وئي ھئي.


ان ئي سٽ ۾ ٻي ان عورت جي ڳالھ آھي، جيڪا ڪنھن ٻڍڙي جي جوءِ ھئي ۽ سندس پرگھور لھندي ھئي. ھاڻ اھا وفات ڪري وئي آھي. ان جي وفات بعد، سندس ٻڍڙي مڙس جي ٽھل ٽڪور ڪير ڪري. ان عمر ۾ ماءُ جيئري نه ھوندس، ڀيڻ به ھجيس الائي نه جو ماني پچائي ڏئيس. ڌيءُ ڀلي ٻي خدمت ڪريس پر ھنگڻ مٽڻ واري سنڀال سڙي سواءِ زال جي ڪير ڪري نه سگھندس. ان عمر ۾ ٻي زال ملڻ به مشڪل. ان حالت ۾ جيڪي سور ملن ٿا، تن جي خبر ان ٻڍڙي کي ئي ھوندي، جنھن جو سھارو عمر جي ان حصي ۾ ھليو ويو آھي، جنھن ۾ کيس ان جي سخت ضرورت ھئي. ڏٺو ائين ويو آھي ته اھڙا ٻڍڙا، زال مئي پڄاڻان، ستت جھان ڇڏي ويا آھن.

ٻي سٽ ان عورت (چڙيلي) بابت آھي، جيڪا آھي ته نوخيز ۽ نوجوان پر ان عمر ۾ سندس نوجوان ور (ڪنت)، ڪنھن ناگھاني سبب ڪري، مري ويو آھي. ھاڻي کيس ھر ڪو نڀاڳي پيو سڏي. نه ٻيو مڙس مليس ٿو، نه وري نڀاڳي ھجڻ وارو مھڻو ۽ طعنو لھيس. اگر ڪو ساڻس شاديءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو سو به رنڙ يا جنھن کي ڪا جوانڙي ملڻ ممڪن نه ھجي، سو ٻڌي به دل خراب ٿئيس. ھڪڙي جواني، ٻيو مڙس ملڻ جو آسرو ٺپ نه، ٽيون انساني ضرورتون زورن تي، چوٿون ملندڙ مھڻن ۽ طعنن (جھڻڪن) کي سھڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي ڪا قوت نه. صدمن مٿان صدما. جيئري ئي قبر منجھ.

مطلب؛

۱. ننڍڙو ٻار جنھن جي ماءُ مري وئي، ڪراڙو جنھن جي زال مري وئي ۽ جوان عورت جنھن جو مڙس مري ويو. اھي ٽئي ھڪڙو ننڍڙو طعنو ڇا جھڻڪ سھڻ جي به قابل نه ھوندا آھن.

۲. عورت کي جوانيءَ ۾ نوجوان مرد جي ۽ مرد کي ٻڍائپ ۽ ٻارائپ ۾ عورت جي سھاري جي ضرورت ھوندي آھي.

No comments:

Post a Comment