Friday, July 24, 2020

نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آ، نه ڪنھن کي عقل منجھايو آ. (چوڻي)

نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آ،

نه ڪنھن کي عقل منجھايو آ. (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ھن چوڻيءَ جا ٻه حصا آھن. ھڪڙو سونھن بابت آھي، ٻيو عقل بابت.

پھرئين حصي مان مراد آھي؛ نه ڪير ڪنھن ٻئي جي سونھن ڏسي، پنھنجي سونھن مان بيزار ٿيو آ. نه ئي ڪير پاڻ کي ڪوجھو سمجھي ٿو. بلڪ ھر ڪو، آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏسڻ بعد، پنھنجي پاڻ کي يوسف ثاني سمجھي ٿو.


اھڙيءَ طرح ٻئي حصي مان مراد آھي؛ ڪير به ٻين جي عقل کان متاثر ٿي، پاڻ کي بيوقوف نه ٿو سمجھي. جڏھن ڪو بحث ٿئي ٿو يا ڪو معاملو منجھي ٿو، ھر ڪو پنھنجو عقل ھلائي، اھو موڙھل سُٽُ سلجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻين جي معاملن جي وچ ۾ پئي، زوريءَ پنھنجي ڏاھپ جا دليل مٿن مڙھڻ گھري ٿو. اگر سندس عقل کي پوئتي رکجي ٿو ته ڪاوڙجي/ ناراض ٿي، اٿي ھليو وڃي ٿو. ڇو جو ھو، عقل وارن معاملن ۾، پاڻ کي ئي عقل ڪل ۽ افلاطون ثاني سمجھي ٿو.

مطلب؛ ھر ڪو سھڻو ۽ عقل وارو، پاڻ کي ئي سمجھي ٿو.

No comments:

Post a Comment