ستي ته ڪتي، جاڳي ته جن،
الله لوڪ امين چئي؛ ان
جو نالو ئي نه ڳنھ.
(ساھتي، چوڻي)
وھاب سھتو
ڪسوٽيءَ جي حساب
سان، ڪي چوڻيون ٻن سٽن واريون به ھونديون آھن. ٻي سٽ، اڳيئن جي جواب ۾ ھوندي آھي.
ساھتيءَ جي علائقي سان
تعلق رکندڙ ھيءَ چوڻيءَ پڻ ائين آھي.
جڏھن ته اتر سنڌ ۾
ان کي ڳجھارت پڻ چون ٿا، جنھن جي ڀڃڻي، باھ ٻڌائين ٿا. اھا به حقيقت آھي ته ڪن چوڻين
جو بڻياد يا پاڙ، کوٽبي ته اھا ڳجھارت تي پڻ ٻڌل ھوندي آھي. جيئن باھ جيستائين ٻريل
ناھي، نلڪ ٺريل ھوندو آھي. پر ڪٿان چوچڙي اٿي لڳي ته ڪمزور ڪکن، ڪانديرن ۽ ڪپھ کي ڀسم
ڪرڻ ۾ سيڪنڊ ڪندي.
ھيءَ چوڻي پڻ اھڙي
ماڻھوءَ بابت چيل آھي، جنھن جي طبيعت نرالي ھجي. نه ڪم ڪري، نه ڪار. ويتر سڄو ڏينھن
ڪتي وانگر ستو پيو ھجي. وري جڏھن ننڊ ڦٽيس ته مڇرجي اٿي. جنھن تنھن کي، ڳالھ ڳالھ
تي، چھڙون ڏيندو وتي.
بھتر آھي ته اھڙي
کي سمھڻ ئي ڏجي. اگر اٿي پوي ته سندس نالو ئي نه وٺجي. بلڪ پنھنجي ڪم سان ڪم رکجي.
ان ۾ ئي بھتري آھي.
اھا ڳالھ الله لوڪ
قسم جي ھڪ امين جي طرفان چيل سمجھجي.
مطلب؛
بداخلاق ماڻھوءَ کان پاسو ڪجي ته بھتر.
No comments:
Post a Comment