لتر پڄي چڪر سان، چڪر پڄي
لتر سان.
(سنڌ، پھاڪو)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
لتر؛ لتون ھڻندڙ، اٽون ھڻندڙ، يعني گڏھ.
چڪر؛ چڪ پائيندڙ، ڏھڙيندڙ، يعني ڪتو.
ڪتي جا ڏند قدرتي
طور مضبوط ۽ ھڏي کي رڙڪڻ لاءِ ٺھيل آھن. انھن کي جيستائين چٻڻ لاءِ سخت شيءِ نه
ملي ته ڪتو پيو نوس نوس ڪندو. عادتًا، ڪتو چڪ ھڻڻ کان نه مڙندو آ. ماڻھو آيو، ٻيو
جانور آيو، چڪ ضرور ھڻيس.
گڏھ کي ڄنگھ ۾ طاقت
سرس آھي. خاص طور تي سندس اٽ، زمائتي ھوندي آھي. پستي نه ھڻي ته جان نه ٺريس. سو
عادتًا ھر شيءِ کي پيو اٽون ھڻندو. ڪو پويان اچي بيٺس، ڀلي مٿس وزن رکي يا نه، ھي
اٽ/ پستي ضرور ھڻيس. اٽن ھڻڻ کان نه مڙندو آ.
جڏھن گڏھ ۽ ڪتي جو
پاڻ ۾ ٽڪر ٿيندو آ ته ڏسڻ جھڙو ھوندو آھي. ٻئي پنھنجي پنھنجي طاقت جو مظاھرو، زور
شور سان ڪندا آھن. پاڻ ۾ باقاعدي پڄي کائيندا آھن. گڏھ جون پستيون مسلسل ۽ بنا
بريڪ لڳيون اينديون آھن ته ڪتو به بل ڏيئي ڏيئي پيو ڄنگھن ۾ چڪ ھڻندو اٿس. ھو
ڇڏائڻ تي، ھي نه ڇڏڻ تي. چڱي وقت تائين ويڙھ کائيندا آھن.
تنھن تان چوڻ ۾
آيو؛ ”لتر پڄي چڪر سان، چڪر پڄي لتر سان.“
مطلب:
۱. ڏاڍي سان، ڏاڍو پڄي.
۲. زور، زور کي ڪپي.
۳. لوھ، لوھ کي وڍي.
۴. چڪر پڄي لتر سان، لتر پڄي چڪر سان.
۵. اڄ به جڏھن ٻه ڌريون پاڻ ۾ ٽڪرجن ۽ ٻئي ساڳئي ٽڪر جون ثابت ٿين، تن لاءِ مثال طور ائين چئبو آھي؛ ”ادا لتر-چڪر جو جھيڙو آ.“
No comments:
Post a Comment