Saturday, July 25, 2020

ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو. (اڻٽر سچائي، پھاڪو)

ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو. (اڻٽر سچائي، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو


لڙ يا گوڙ گھمسان اندر، ھر ڪنھن کي به پنھنجي ھڻُ-وٺُ ھوندي آھي. پنھنجي ڪم ۾ ڌيان ھئڻ سبب، يا ٻين کي ڏسي وات ڦاٽل ھئڻ سبب، شين جي سنڀال ڏانھن توجه گھٽ ھوندو آھي. ڪنھن کي ڪا به خبر نه پوندي آ ۽ اوسان گم ھئڻ سبب، موڳائپ چڙھيل ھوندي آ. بشني به اھڙا ئي موقعا تاڙي ھٿڙي ھڻندا آھن. کيسي ڪترجڻ جي ٻين کي ته ڇا، مالڪ کي به خبر نه پوندي آ.


ڪانءُ اوجھاڪڙ ۽ ڊڄڻو پکي ھئڻ سبب اولڙو ڏسي پيو ڇرڪندو، ٽھندو ۽ ڀڄندو آ. تنھن ھوندي به بک کان لوھون ۽ سٽون ڏيڻ لاءِ موقعا پيو تاڙيندو آھي. لڙ يا گوڙ گھمسان ۾ ماڻھو بي خيالا ھوندا آھن. ڪانءُ موقعو غنيمت سمجھي، ٻارن جي ھٿن مان شيون ڦري يا مٺائيءَ جي دڪان تي رکيل ٿالھن منجھان کاڌي جون شيون چھنب/ چنبن ۾ کڻي، ڀڄي ويندو آ. شادين مرادين ۾، ڀت تان ٻوٽيون چورائڻ يا ڪاسائيءَ جي اڏيءَ تان وکا کڻڻ لاءِ به جھپڙون پيو ھڻندو آ. لڙ ۽ گوڙ گھمسان وارا ھنڌ، ڪانءَ لاءِ مزيدار ھوندا آھن.

مطلب؛

۱. چور چوندو؛ ”بازار بگڙيل ھجي.“

۲. دشمن چوندو، اڳلي جي رنڌڻي ۾ رولو ھجي ته پنھنجو لولو ٿڦي وٺان.

۳. Two dogs strive for a bone, and a third runs away with it.

No comments:

Post a Comment