Tuesday, June 23, 2020

کوھ جي ڏيڏر جھڙي سوچ - فقير عبدالرحيم چانڊيو

کوھ جي ڏيڏر جھڙي سوچ (ورجيس)

فقير عبدالرحيم چانڊيو


ھڪ شخص سمنڊ مان مڇي پڪڙي آيو ۽ ان کي پنھنجي گھر ۾ موجود کوھ ۾ وجھي ڇڏيائين.

ان کوھ ۾ ڏيڏرن جي حڪومت ھئي. ڏيڏرن جڏھن ھڪ نئين شيءِ کي ڏٺو ته پھرين کانئس ڊنا. گھٻراھٽ کان پري پري گھمڻ لڳا. آخر ھڪ وڏي ڏيڏر ھمت ڪئي ۽ مڇيءَ جي ٿورو ويجھو ويو ۽ پڇيائينس؛ تون ڪير آھين.؟“

مڇيءَ ٻڌايس ته؛ ”مان مڇي آھيان...!“


ڏيڏر: ”تون ڪٿان آئي آھين..؟“

مڇي: ”سمنڊ کان!“

ڏيڏر: ”اھو ڇا ھوندو آهي..؟“

مڇي: ”اھو تمام وڏو ھوندو آھي ۽ ان ۾ پاڻي ھوندو آھي...“

ڏيڏر: ”ڪيترو وڏو ھوندو آھي..؟“

مڇي: ”تمام وڏو.“

اھو ٻڌي ڏيڏر کوھ جي اندر ھڪ ننڍو گول چڪر ڪاٽي، مڇيءَ کان پڇيو: ”ڇا ايترو وڏو آھي..؟“

مڇيءَ مسڪرايو ۽ چيو؛ ”نه! ان کان وڏو ھوندو آ..“

ڏيڏر ٿورو وڏو چڪر ڏنو ۽ چيو؛ ”ايترو وڏو...؟“

مڇي کلندي چيو؛ ”نه! تمام وڏو ھوندو آھي.“

ڏيڏر جوش ۾ اچي ويو ۽ ھن اڌ کوھ جو چڪر لڳايو ۽ مڇيءَ طرف اھڙيءَ طرح نھاريو جيئن پڇي رھيو ھجي ته؛ ”ھاڻي...؟“

مڇيءَ نھڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو!

ھاڻي ته ڏيڏر پوري رفتار ۾، پوري کوھ جو ڦيرو ڏنو ۽ چيو؛ ”ھاڻي ھن کان وڏي ته ڪا به شيءِ ڪونھي..“

مڇيءَ مسڪرائيندي ڏيڏر کي چيو؛ ”تنھنجو قصور نه آھي! ڇو ته تنھنجي سوچ ھن کوھ تائين محدود آھي!“

 

(فقير عبدالرحيم چانڊيو جي بلاگ تان کنيل)

No comments:

Post a Comment