Monday, September 30, 2019

ڪتو ڇتو ٿئي ته به ڌڻي سڃاڻي - مير اعظم علي ٽالپر


ڪتو ڇتو ٿئي ته به ڌڻي سڃاڻي
مير اعظم علي ٽالپر
Image result for a mad dog never bite his master
سنڌ ۾ هن وقت مرحوم آنجهاني موتي ڪُتي جو خاندان، انتهائي تڪليف واري زندگي گذاري رهيو آهي. سندس خاندان جو ننڍو ٻچو (گُلر) ۽ وڏو، ٻئي آزار ۾ آهن. ڇو ته سنڌ جو ڪو اهڙو شهر نه آهي، جنهن ۾ موتي ڪُتي جي بقايا نه هجي، حالانڪ راقم پنهنجي پيدائش کانپوءِ، بقول (مرحوم ماما) وڏن جي ته؛ گرامافون (چاٻي ڀرڻ وارو) جي رڪارڊ وڄائڻ تي گاني جو آواز ٻڌي سمهندو هو. رڪارڊن جي وچ تي، گاني جي حوالي سان تفصيل لکيل هوندو هو. ان ۾ هڪ طرف گرامافون جو فوٽو هوندو هو ته ان اڳيان (سامهون) هڪ ڪتو انتهائي توجه ۽ خيال سان پنهنجا ڪن لڳائي، ان رڪارڊ کي ٻڌندو ڏيکاريل هوندو هو. ننڍي عمر ۾ اسڪولي ڪتاب ۾ هڪ سبق پڻ ”ڪتي“ تي هوندو هو، ”موتي ڪُتو“.


سنڌ ۾ هڪ عام چوڻي آهي ته ڪٿي مهمان ٿي وڃبو آهي يا اوچتو وڃبو آهي ته ”جاڙا خان ڪتو جهل“ چئبو آهي.
ڪتن جا به ڪيترا ئي قسم آهن. پر عام طرح سان لوسي ڪتو بدنام ترين جنس آهي ۽ گهٽ قسم واري ذات، ڪتن ۾ چئي وڃي ٿي.
راقم هڪ دَکَ (وڏو) ڪتو، زندگيءَ ۾، مرحوم ليکڪ سائين اسماعيل بن واصف سان گڏ، مشهور لوڪ ڳائيڻي روبينه حيدري جي گهر ۾ ڏٺو هو.
هن وقت جنهن جانور جو نالو ڪتو آهي، تنھن نه رڳو سنڌ جي عوام کي پريشان ڪري رکيو آهي پر سنڌ سرڪار جو به پگهر وهائي ڇڏيو اٿائين. ڇو ته خراب ڪتا، جن کي آسان ۽ سولي سنڌي ۾ ”ڇِتَا ڪُتا“ چيو ويندو آهي، انهن جو تعداد بي تحاشا وڌي ويو آهي ۽ هر ڳوٺ/ شهر ۾ ننڍي وڏي کي ڪو نه ڪو، ڪٿي نه ڪٿي، ڇتو ڪتو روزانو کائي رهيو آهي. ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ کانپوءِ، اهو ننڍو وڏو، بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. هاڻي ڇتي ڪتي جي چڪ لڳڻ کانپوءِ، ڪيترا ئي مريض اسپتال ڀيڙا آهن.
تازو هڪ ٻار ڇتي ڪتي جي چڪ سبب گذاري ويو. ان لاءِ سنڌ حڪومت جي وزير پنهنجي بيان ۾ فرمايو ته؛ ”ٻار جي مرڻ ۾ مائٽن جو ڏوهه آھي“. هي بيان پڙهڻ کانپوءِ وزير موصوف کي شاباس ڏيڻ گهرجي. واقعي مائٽن جو ڏوهه آهي! ڇو ته اول هنن ٻار کي ڄڻيو ئي ڇو؟ ان کانپوءِ ٻاهر موڪليو ڇو؟
بهرحال ”گونگي ڳالهايو، ٻوڙي ٻڌو“. سنڌ حڪومت کي ڪتن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾، رولو ڪُتا، ولر ڪيو ٿا هلن. ان لاءِ سنڌ سرڪار، ڪتا-مار-مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پر ڪتا-مارڻ کانپوءِ انهن کي ڪٿي اڇلايو ويندو؟ ان جو انتظام به ڪيو وڃي.
هاڻي حڪومت، ڪتا مارڻ جو اعلان ڪيو آهي. حالانڪ ٻي دنيا ۾ (جنهن سان مقابلو ڪرڻ ممڪن نه آهي) مختلف طريقا آهن.
جيئن؛ ڄم روڪ جو طريقو، جانورن ۾ (پيدائش ۾ وقفو) رائج آهي. ان ڪري ڪا به ڪُتي، سال ۾ ٿورا ٻچا، هڪ دفعو ڄڻي ٿي. ان کانسواءِ، ڪتن ۾ ڇتي ٿيڻ کان بچڻ جي ويڪسين ڪرڻ سبب، ڪتا بيمار (ڇتا) نه ٿيندا آهن. اعتبار نه اچي ته ڪئناڊا، آفريقا ايتري حد تائين بنگلاديش ۾ ڏسو.
سنڌ ۾ ڪتن تي چند مشهور پهاڪا هن ريت آهن.
·      ڇتو ڪتو به، ڌڻيءَ کي سڃاڻي.
·      ڪتو به کاڌوسين، ڪک نه ڀري.
·      ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان؟!
·      پنڌ کان، ڪتي جي وات ۾ کڄي وڃڻ چڱو.
·      ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گهر جو، نه گهاٽ جو.
·      جاڙا خان! ڪتو جھل، اسان به اچي وياسين.

(يھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي ڇپيل، مير اعظم علي ٽالپر جي ڪالم، ”گونگي ڳالهايو، ٻوڙي ٻُڌو تان ڪوري کنيل)

No comments:

Post a Comment