Saturday, September 28, 2019

پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري - علي مردان راھوجو


پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.
علي مردان راھوجو
Ali Mardan Rahoojo's profile photo
سياڻن اها ڳالھ سورنهن آنا سچ چئي آهي. جيڪي ڪتن پالڻ جو شوق رکن ٿا، اهي هن چوڻي تي هڪ ڀيرو وڌيڪ غور ڪن ۽ پوءِ ڪتن ڌارڻ جو فيصلو ڪن.
مان توهان کي پنهنجي گهر جو مثال ڏيان. مون کي ڪتن پالڻ جو ڪو شوق نه آهي پر منهجا ٻئي ٻار ۽ انهن جي ماءُ جنون جي حد تائين Pet Lovers يعني جانورن سان پيار ڪرڻ وارا آهن. هي ڪڏهن ڪنهن زخمي ٻلي ۽ ڪتي جي ٻچي کي گهر ۾ کڻي ايند ۽ انهن جو علاج ۽ پرگهور ڪري پالي وڏو ڪندا آهن. يا ڪو جنسي ڪتي يا ٻلي جو ٻچو خريد ڪري ايندا ۽انهن کي پاليندا ۽ واندڪائي ۾ ويٺا هنن سان رانديون ڪندا آهن.


پر اهو ڪو سستو شوق نه آهي.
هو جڏهن به ڪتي جو ٻچو گهر کڻي ايندا آهن ته پهريان ڪتن جي ڊاڪٽر Veterinarian کان ان جي چڪاس ڪرائيندا آهن. وٽنري ڊاڪٽر جي فيس، ميڊيڪل ڊاڪٽر کان به وڌيڪ هوندي آهي. چڪاس کان پوءِ ڊاڪٽر کين ويڪسينيشن جو شيڊول ڏيندو آهي ۽ هر هفتي، ٽن مهينن تائين لڳاتار، وڪسينيشن ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر کي گهر تي گهرائجي ته هو پنهنجي وزٽ جا پئسا الڳ چارج ڪندو آهي ۽ دوائن جا الڳ. يعني في وزٽ ۵۰۰۰ روپين کان گهٽ نه هوندي آهي.
وري ان ڪتي کي ٽرينڊ ڪرڻ لاء هڪ Dog Trainer رکبو آهي، جيڪو ڪتي کي ٽرينڊ ڪندو آهي ته هو اشارن جي زبان ۽ انساني آواز ڪيئن سمجهي. ان ڊاگ ٽرينر جي فيس منهنجي ٻارن جي ٽيوشن ماسٽر کان به وڌيڪ هوندي آهي. پر اڃا قصو ختم نه ٿيو آ. هاڻي وري ڪتي جو اسپيشل کاڌو (Dog Food)، جيڪو پئڪٽن ۾ ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ٿيندو آهي، ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگو آهي، تنھن جا به پئڪٽ وٺي ايندا آهن.
جيڪڏھن ڪتي جو ٻچو ڪنھن جنس جو وٺندا آهن ته اهو به وڏو مهانگو ملندو آهي. جيئن چوندا آهن؛ ”شوق جي ڪا بها نه هوندي آهي“ تنھن وانگي، هيءُ به پنهنجي کيسي-خرچيءَ مان اھو شوق پورو ڪندا آهن.
مون کي صرف هڪ ڳالھ ڪتي جي سٺي لڳندي آهي ته هو سڄي رات جاڳندو آهي ۽ گهر جي دروازي تي بيٺو، لوسي لپاٽيءَ تي ڀؤنڪندو آهي.
ٻيو؛ مان هر روز واڪ Walk ڪندو آهيان. جڏهن ڏينهن جو مصروفيت وڌيڪ هوندي آهي ته مان رات جو اوندھه ۾ ڪتي کي رسو وجهي، واڪ تي گڏ وٺي ويندو آهيان. جنهنڪري دل کي ڏڍ هوندو آهي ته ڪو سوئر يا پاڪيٽ مارُ، تڪڙ ڪري ويجهو نه ايندو. توهان کي خبر آهي ته رات جو اسلام آباد جي روڊن تي سوئر گهڻا نڪرندا آهن.
قصو ڪوتاھ! ڪتن پالڻ جو شوق ضرور ڪيو پر انهن جي پالڻ جا لوازمات به پورا ڪيو. جيڪڏهن پورا نه ٿا ڪري سگهو ته ڪتا نه ڌاريو. ور نه ته توهان جي جان جوکي ۾ وجهي ڇڏيندا.
مطلب؛
۱ . جيڪو پاڻ پالي سگھي، سو ڪتا ڌاري.
۲ . جنھن کي خرچ جي وصيت ناھي، سو شوق نه ڌاري.

No comments:

Post a Comment