Sunday, September 8, 2019

چريو چئي، سياڻو سمجهي. (سنڌ، پھاڪو)


چريو چئي، سياڻو سمجهي. (سنڌ، پھاڪو)
مشتاق چنا 
Image result for a mental shoots physician
هڪڙو ھمراھ، چرين جي اسپتال گهمڻ ويو. ڇا ڏسي ته سامهون هڪ چريو، آڱرين سان پستول 👉 ٺاهي، ڀر ۾ بيٺل ڊاڪٽر ڏانھن تڪي، وڏي آواز سان ڪري پيو؛ ”ٺا“.
هر ”ٺا“ جي آواز تي، رد عمل ۾، ڊاڪٽر رڙ پيو ڪري؛ ”آھ“.
گهمڻ ويل اها سرگرمي، ٻه چار ڀيرا ڏسي، همراھ ٻيھر موٽي ڊاڪٽر وٽ پھتو. کيس چوڻ لڳو؛ ”سائين هُن جو دماغ کسڪيل آ، سو ته ڀلي ويٺو ٺاٺا ڪري. اوهان ڊاڪٽر هوندي ويٺا هروڀرو آھ آھ ڪيو، سو ڇو؟“


”ادا تو کي ڪھڙي خبر!“ ڊاڪٽر کيس نماڻائيءَ مان جواب ڏنو؛ ”اهو چريو ڏاڍو خطرناڪ آ، جيڪڏھن آئون آھ آھ نه ڪندس ته سمجهندو شايد سندس پستول 👉 مان گوليون ختم ٿي ويون آھن. پوءِ لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏيندو. سو پنھنجي جان بچائڻ خاطر، چريي سان پيو چريائپ جون ڳالھيون ڪيان.“
مطلب؛ ۱. ڏاهن جو ڏس آ؛ اياڻو چئي، سياڻو ويڃائي. (ساھتي)
۲ . نادان ڳالھ ڪري، داناءُ قياس ڪري. (ساھتي)

(مشتاق چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment