Wednesday, September 11, 2019

يار زندھ، صحبت باقي - منظور ڪوھيار


يار زندھ، صحبت باقي
منظور ڪوھيار
Image may contain: Manzoor Kohyar, standing, beard, outdoor and nature
ڪو زمانو هيو جو ماڻھو چوندا هيا؛ ”پراڻ جائي، وچن نه جائي.“ ھاڻي وچن جائي، پراڻ نه جائي“ جو زمانو آھي. اڳي ’جور و جفا ڪندڙ معشوق‘ چوندا هيا، ھاڻي معتبر ماڻھو چون ٿا؛ اهو واعدو ڪهڙو، جيڪو وفا ٿئي.“ ان جو وڏو مثال، ويجھڙ ۾ سينيٽ چئرمين صادق سنجراڻي جي موشن آف نو ڪانفيڊنس جي ووٽنگ جو وٺو. جنهن مان خبر پئي ٿي ته هن معاشري جا معتبر ماڻھو ڪيڏا نه انجامي ڪوڙا آھن. باقي رهيو مون جھڙو خس و خاشاڪ، ته ’بادو بي ميار آھي‘.


ٽيون ڏينهن ڪراچيءَ جي سنگت سان واعدو ڪيو هيم، ته سندن اڱڻ اچبو. پر افسوس جو ڪالھ پاڻ کي جبل جھاڳڻ (ڪراس ڪنٽري ڪرڻ) جو شوق جاڳيو.
چوندا آھن؛ ”شؤق جي بها ئي ڪونهي.“ ايئن جيئن هڪ هٽ واڻئي ٻه ٽي ڏينهن سچي گيھ جي ڪٽي ڇا کاڌي، کيس پنهنجي ٻلوان هئڻ جي پڪ ٿي وئي. چوندو وتي؛ ”ڀائي جي سانھ جي وريل سڱ ۾ ٻانهن وجھي، شٽ ڏيانس ته شنڱ ٻه ٽڪر ٿي پويس.“ گهڻن گھڻگھرن سمجھايس ته؛ ”ڀائي مڙي وڃ!..“ پر نه مڙيو. جو شؤق جي بها ئي ڪو نه. نيٺ هڪ ڏينهن سانھ جي وريل سڱ ۾ ٻانهن ڦاسائي جو سٽ ڏنائين ته پنهنجي ٻانهن ٻه ٽڪر ٿي پيس. جنهن چيس پئي ته؛ ”ڀائي هي ڇا ڪيئي؟ ته جواب پئي ڏنائين؛ ”ڀائي! ٻانهن ڀڳي ته گھوري، هر کر ته مئي نه!.“
اڄ مون به پاڻ کي پنجهٺ سالن جو جوان سمجھي، گلشن حديد جي اتر کان شروع ٿيندڙ پهاڙين کان وٺي ڪاٺوڙ جي ٽڪرين تائين، اوٽ موٽ اندازن ويھ پنجويھ ڪلوميٽر پنڌ جا ڪيا آھن. شؤق ته پورو ٿيو. پر هاڻي پير سڳل ۽ گوڏا ورتل آھن. ٿورو ڪڻسجي به پيو آهيان. ٻين چوڻين وانگر عبدالوهاب سهتي جو اهو پهاڪو به غلط ثابت ٿيو ته؛ ڪراڙو اٺ، ٻه ڪنواٽ لهي.“ البت لطيف سائين جي اها چوڻي پوري ٿي ته؛ ”جھونو ٿئي جھاز، سٽ نه جھلي سڙھ جي....
استاد ڪليم لاشاري ۽ مانواري سائين خليل الرحمان شيخ صاحب کان معذرت خواه آھيان. کين عرض ته؛ ”جيئن اوهان هن ملڪ جي انجامي ڪوڙن کي معاف ڪندا آيا آھيو. ائين مون کي به معاف ڪري ڇڏجو. جو واعدو ڪري اوهان جي پاءِ-بوسي نه ڪري سگھندس. جي زندگي رهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اوهان جي قدم-بوسي ضرور ڪبي. نه ته؛ ويٺي گھر گھوري، پرئين مٿان جندڙو.“

No comments:

Post a Comment