Monday, September 30, 2019

ماڻهو ڪن مهيسر - شاهنواز مهيسر


ماڻهو ڪن مهيسر
شاهنواز مهيسر
Image may contain: night and text
ان متعلق چيو وڃي ٿو ته؛ ”مهيسر، فقير لوڪ ماڻهو آهن. مذهبي پرچارڪ ھئڻ سان گڏ، مذهب سان وابستگي به گهري اٿن.“
چيو وڃي ٿو ته؛


ھڪڙو مهيسر ذات وارو ھمراھ، نهر ڪناري، ماڻهن جي اچ وڃ کان پري، عبادت ۾ مشغول رھندو هيو. ان نهر تان ڳوٺ جون عورتون پاڻي ڀرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ اينديون هيون. جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو اتان گذرندو هيو ته هو هڪ ٻئي کان پڇنديون هيون؛ ”ماڻهو آهي ڪن مهيسر؟“
ان پڇڻ مان سندن ارادو اھو ھوندو هيو ته؛ مهيسر، حياداريءَ کان، ڏانهن نظر کڻي به نه نهاريندو. ان ڪري کانئس لڪڻ يا پردو ڪرڻ جي ضرورت ناھي. اگر ٻي ذات وارو ماڻھوءَ ھجي ته کانئس پردو ڪجي.
مهيسر منجھان، انھن عورتن کي ڊپ ڊاءُ ڪو نه هوندو هيو.
جنھن تان ان مهيسر سبب، اهو ضرب المثل ٿي ويو؛ ”ماڻهو ڪن مهيسر.“
مطلب؛
۱ . ماڻھو ڪن مس-چٽو.
۲ . ماڻھو ڪن مڱريو.
۳ . نانو ڪن ولي.
۴ . شير ڪن لوغان.


(محمد نصير مھيسر جي فيسبڪ تي رکيل پوسٽ ”ماڻهو آهين يا مهيسر“ تي شاھنواز مھيسر جي ڏنل ٽيڪاٽپڻي تان کنيل)


No comments:

Post a Comment