Monday, September 23, 2019

آيتون آهين - ڪريم بخش خالد


آيتون آهين...
(الف-بي وار منتخب پهاڪا ۽ چوڻيون)
ڪريم بخش خالد


شاھ لطيف جو رسالو، سنڌ جي تاريخ جو ثقافتي ماخذ آھي. سنڌي معاشرت جو منجھس مانڊاڻ آھي ۽ زبان جو ايترو وسيع ۽ ڪثير ذخيرو، جو شايد دنيا جي ڪنھن به شاعر جي ڪلام ۾ ايترا محاورا، ضرب الامثال، پھاڪا، وقت سر ۽ موضوع جي مطابق دلي مدعا بيان ڪرڻ لاءِ معياري ادبي فقرا ملي سگھن، پر افسوس آھي جو سنڌي زبان ازل کان جغرافيه حدبندين جو شڪار رھندي پئي آئي آھي، ان ڪري ان جي سمجھڻ ۽ لکڻ پڙھڻ جو دائرو به محدود رھيو ۽ ان جي حدبنديءَ جو اثر مشرق جي شاعر اعلى شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس پيغام تي به پيو.


سال ۱۹۶۲ع ۾ مرتب ڪيل ڪتاب ”گلستان لطيف“ ۾ رسالي جو انتخاب شامل ڪيو ھيم ۽ ھن ڀيري رسالي جي ادبي سمنڊ مان ڪي جرڪندڙ ۽ آبدار موتي پيش ڪريان ٿو. ھن انتخاب ۾ پاڪيزو، صحتمند ۽ افادي ادب آھي، زبان جون خوبيون آھن، من جون مرادون، طلب ڪرڻ جون دعائون آھن، انساني قدرن جي اپٽار آھي، اخلاق جا آئينا آھن، عبديت جي اظھار ۽ قادر جي ڪارسازي قدرت ۽ ڪرم گستريءَ جا لافاني نڪتا آھن.
اھا حقيقت آھي ته ”رسالي“ جو ھن قسم جو الف بي وار آئينو، محترم ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل ”رسالي“ ۾ شامل آھي، پر مون ان ۾ نه فقط اضافا ڪيا آھن پر ترتيب ۾ اھڙي تبديلي آندي آھي، جو موجودھ صورت ۾، اھو آئينو ھر رسالي جي نسخي مان مطلوبه بيت ڳولھڻ ۾ معاون ٿي سگھي ٿو. چراغ مان چراغ روشن ٿيندو آھي. اميد اٿم ته ڪو اھل علم ۽ صاحب قلم ان کي وڌيڪ تابناڪ ۽ ڪارآمد بنائڻ جو سعيو ڪندو.
(الف)
ابو ڏاڏو گھور، پاڻ سوڌو پرينءَ تان.                  ليلا چنيسر    ۱۴-۳
اڀي اوسڙان اس ۾، جھليو ڪن ڪنار.               گھاتو      ۸-۱
اتي اڻتارن، ساھڙ! سير لنگھاءِ تون.                  سھڻي     ۱۱-۲
اتي وينديس آئون، لوئيءَ لڄ مٿي ڪري.             مارئي     ۸-۲
اٿي اسارا! وير وڙھنديءَ ويسرا.                      سريراڳ            ۲-۵
اٺئي پھر اجل جو، ڪنڍو منجھ ڪپار.                سورٺ     ۱۵-۲
اجل ايندءِ اوچتو، جو سدا ٿو سُڄي.                   سريراڳ            ۴ – وائي
اڄ آديسي مر! صباح مرندو سڀ ڪو.                رامڪلي            ۱۲-۹
اڄ ڪِ سنجھ صباح، نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾.    مومل راڻو   ۳-۵
اڄ منھنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.                   سارنگ            ۳-۳
اچي سار لھيج، ساجن سور تماري آئون ماري.  يمن ڪلياڻ    ۲-وائي
ادب ۽ اخلاص جا، سڙھ ٻڌج سوري.                   سريراڳ            ۱۱-۶
آدم تائين اپيو، ھوءِ جا کڄي منجھان کڏ.            رپ                ۱-وائي
آدمين اِخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو.                      بروو سنڌي     ۴-۳
آديسين ادب، آھي اکڙين جو.                           رامڪلي            ۱۲-۷
اڌر، نڌر، اڀري، اسونھين آھيان.                           آبري           ۱-۸
آڌر لڳ الله، ويلو ڪر مَ وچ ۾.                      پورب     ۲-۱
آريون اٻوجھن جون، سپڙ ڄام سھي.                 پرڀاتي     ۱۰-۱
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گهڻو.                  ليلا چنيسر    ۲۲-۲
آسر هڏ مَ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.                       ڪلياڻ     ۱۸-۳
اسين سِڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ.   آسا                ۸-۴
اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين.                     آسا                ۲۱-۲
اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.         يمن ڪلياڻ    ۲۹-۵
اکيون سي ئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.  آسا     ۲۳-۲
اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون.              آسا                ۶-۲
اکين کي آهين، وڏا وجھ وڙھڻ جا.                   آسا                ۱۷-۲
اکين ۾ ٿي ويھ، ته آئون واري ڍڪيان.               آسا                ۱۴-۳
آگو عيب اوھان جا، ڍڪيا ڳجھ ٻجھي.               سريراڳ            ۴-وائي
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.         يمن ڪلياڻ    ۱۶-۸
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.                  سريراڳ            ۱۱-۴
اگھن مڙي اڄ، ڪيو سڏ صحت کي.                  يمن ڪلياڻ    ۱۹-۲
الا! اچن اوءِ، جن آئي من سَرهو ٿئي.         ديسي         ۵-۳
الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.                  ليلا چنيسر    ۶-۲
الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو.                  ڏھر                ۱۸-۲
الڙي آڇ مَ تون، واٽاڙن وائي.                         يمن ڪلياڻ    ۸-۱
الوداع، وو! الوداع، جاني ڪيوءِ جدا!                سورٺ     ۴-وائي
امل ڀانئيان ان کي، ساڄن مون کي جا چئي. معذوري          ۵-وائي
امن آھي ان کي، جو منجھ الله اجھي.                سريراڳ            ۴-وائي
اِن در سيئي اگھيا، جن وڃايو وجود.                  سريراڳ            ۱-وائي
انت نه ڏجي عام کي، لوڪان ڪجي لڪ!   سريراڳ      ۶-وائي
اندر آئينو ڪري، پر ۾ سو پسيج.                    سھڻي     ۱۲-۷
اَندرُ تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا!                   يمن ڪلياڻ    ۲۹-۵
اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي.                      سسئي آبري       ۸-۱
انڌا، اونڌا، آکڙيا، سڀ نباھي نيندو.                   بلاول     ۴-وائي
انڌو ٿي پسيج، مشاھدو محبوب جو.                  کاھوڙي            ۱۶-۳
انين جا امر، کڻ ته خالي نه ٿئين.                      سريراڳ            ۱-۱
اَڻَ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار.                  يمن ڪلياڻ    ۲۱-۸
اوڏايان اوڏو گهڻو، ڪهڙا ڪرئين سڏ.               رپ                ۱-وائي
اوڳڻ، عيب، مَٺايون، ڍولا! ڍڪ سڀيئي.              ليلا چنيسر    ۱-وائي
اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس، داسڙا!                  ليلا چنيسر    ۶-۳
اول آخر آهي، هلڻ مُنهنجو هوت ڏي.         ڪلياڻ         ۱-۱
اوليءَ ۾، عبداللطيف چئي، سڄڻ ڏيندو سڏ!        رپ                ۱-وائي
اونائيج عليل جو، سٻاجھا! سوال.                     سورٺ     ۱۰-۲
اھل اباڻن کي، مري شال ملھائيان!                   مارئي     ۸-۳
آهي اگھاڙين کي، جانب جو جنسار.                   حسيني            ۲-وائي
آھي انگ امل، ماٺ تنھنجي مينڌرا!                  مومل راڻو       ۱۹-۸
آهي گهڻو اگھن جو، ترس طبيبن.                    يمن ڪلياڻ    ۴-۲
آھي موت مڙن تي، گوڙيون ڪيو گجي.             سريراڳ            ۴-وائي
آھيان گھڻو اڄاڻ، ڀر، ڀليرا سپرين!                   سھڻي     ۲۲-۸
آئون اوھان جي آهيان، بندي بي سمر.         حسيني           ۱۳-۱۰
آئون پيادي پٽئين، نماڻي نڌر.                         ديسي     ۱۲-۵
آئون جنين جي آهيان، ڪڙي مَ ٿيان تن.             يمن ڪلياڻ    ۵-وائي
آئون ڪئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ول.  مارئي    ۱۳-۳
آئون ڪئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان؟  مارئي         ۷-۳
آئون نماڻي نڪڻي، دمج تون دلدار.                   ديسي     ۷-وائي
اِي اھو ئي کيل، ڪور پروڙي ڪين ڪي.   آسا                ۲۶-۳
اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي. مارئي     ۱۱-۳
ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون. ڪلياڻ     ۲۰-۱
ايندم جان پيھي، ته سڀ لاھيندم ڏکڙا.               سامونڊي            ۳۷-۱

(ب)
بر ۾ بورائو، کڻ، پياري! پاڻ سين.                  حسيني            ۲۵-۱۲
برو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اُجاريو.                     حسيني            ۱۱-۳
بک انين جي بکيا، ڌوڙ انين ڌوپ.                   رامڪلي            ۳۶-۹
بک وڌائون بگريين، جوڳي ڪندا جُڃَ.               رامڪلي            ۱-۹
بغل منجھ بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا.         ڏھر                ۱۸-۴

(ٻ)
ٻَڌ توڪل جو ترھو، آھر ساڻ الله.                  سھڻي     ۹-۷
ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو.         حسيني            ۳-۶
ٻڪي ڏيندم ٻاجھ جي، اچي شال عجيب.             ڪلياڻ     ۴-وائي
ٻاروچا ٻيا گھڻا، منھنجو اجھو آرياڻي.        حسيني           ۲۷-۱۲
ٻيا در تن حرام، اي در جنين ديکيو.                  ڪلياڻ     ۹-۳
ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اي امل اتائين سپجي.  ڪلياڻ         ۸-۵
ٻِيائيءَ کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.         ڪلياڻ     ۱۲-۱
ٻيڙي تنھنجي ٻاجھ، وکر تنھن وصال جو.    سريراڳ          ۶-۳
ٻيڙي پراڻي، وکر پاءِ مَ وترو.                         سريراڳ            ۷-۳

(ڀ)
ڀڄي آئين ڀڄڻا! لڄائيءَ مون يار!                    ڪيڏارو            ۱۲-۳
ڀڳي پڄاڻان، پد مان پري ٿيو.                         سريراڳ            ۱۷-۴
ڀنگا جنين ڀينگ، صاحب تنين سامھون.              رامڪلي            ۴-۹
ڀليو سڀ ڀنڀور، جو پٺيءَ ھوت نه ھليو.              حسيني            ۹-۳
ڀيرو ڀڃ مَ ڪاپڙي! لاھي وھ مَ لاڳ.        مومل راڻو   ۴-۷

(ت)
تان ڪي ڏونگر ڏوريان، جان ڪڙھ اندر ساھ!       سامونڊي            ۱-وائي
تانگهي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو ترهو.                     سريراڳ            ۱-۶
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي.             حسيني             ۱۸-۲
تڏھن ڦڪيون فرق ڪن، جڏھن امر ڪريو ان کي. يمن ڪلياڻ    ۴-۱
ترھو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو.                سھڻي     ۳۱-۱
تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن.         آسا                ۴۷-۴
تن جنين جي تانگھ، سي سڄڻ سفر هليا.            سامونڊي            ۲۵-۱
تن منجھ تنوار، ھو! يار! سدا آھي سڪ جي.        سسئي آبري       ۱-وائي
تہ ڪھڻيءَ ڪبو ڪوھ، جہ رھڻيءَ رھيو نه سپرين. يمن ڪلياڻ    ۳۰-۵
تو تيڏانھن پنڌ، جيڏانھن عالم آسرو.         کنڀات         ۶-۲
تو تي لڄ لطيف چئي، آھي سندي عام.               سسئي     ۷-۶
تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.               ڪلياڻ     ۱۳-۳
تو جئن ڪري نه ڪوءِ، بُڇن سان ڀلايون.            سريراڳ            ۳-۴
تو ور! وھون ڪيتريون، مون ور تون وري. ليلا چنيسر    ۱۳-۳
توبه جي تاثير سين، ٽري ويا طوفان.                  سريراڳ            ۵-۲
تون اوڍر، تون اوڍڪو، تون اجھو، تون اڳ. بلاول     ۳۱-۳
تون پارس آ لوھ، جي سَڃين، ته سون ٿيان. پرڀاتي     ۲۳-۱
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا.    يمن ڪلياڻ   ۱-۱
تون ڏئين، تون لاھئين، تون ئي ھادي رب.   يمن ڪلياڻ   ۳-۱
تون سپڙ، آ سيڪڙو، تون صاحب، آ سڳ. پرڀاتي     ۲۳-۱
تون سمو، آ گندري، مون ۾ عيبن لک.             ڪاموڏ            ۵-۱
توڻي تڙئين تون، يا الا، تو در توءِ نه ڇڏيان.  کنڀات         ۲-وائي
توڻي لھين نه پير، تو راحت آھ رڙھڻ ۾.    معذوري          ۴-۴
تھڙا چاليھا نه چاليھ، جھڙو پسڻ پرينءَ جو.  يمن ڪلياڻ    ۳۳-۵
ترھو آڇ مَ تن کي، جن عشق سين آگاھ.             سھڻي     ۳۳-۱
تڙ تڪڙ تار گھرڻ، ايءُ ڪاڻيارن ڪم.                سھڻي     ۱-۳

(ٿ)
ٿي ٻانھي، ڀر اوئيون، لڏ مَ پسي لڪ.                معذوري            ۹-۶
ٿيا نيڻ نھال، جنين دلبر ديکيو.                           آسا                    ۱۱-۲

(ٽ)
ٽڪ ونگي، ور گھڻا، ڪئا ڪڄاڙو.                   ڪاپائتي            ۲۱-۱
ٽڪاڻا ۽ ٽول، وسہ، مون وھ ٿيا.                       مومل راڻو       ۱-۷
ٽمو مَ نيڻاھ! ته پير نھاريان پرينءَ جو.               معذوري            ۶-۲

(ٺ)
ٺاڪر اکيين ٺار، مڻئي تي ٿي مٽئين!               ليلا چنيسر    ۳-۱

(ث)
ثابت لنگھيا سير، لھرين لوڏيا ڪينڪي.             سريراڳ            ۹-۵

(پ)
پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون! سئيءَ ساڻ.               مارئي     ۱۴-۷
پاند مَ ڇڏج پرينءَ جو، پھين جو پاتار.                سھڻي     ۹-وائي
پاڻُ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وسار.                    سھڻي     ۳۶-۱
پاڻھين خلقي خوب، پاڻھين طالب تن جو.            ڪلياڻ     ۱۷-۱
پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.                   سسئي آبري       ۹-۱
پائي تراڙيءَ توريان، ته ملڪ نه تنھنجو مٽ. مومل راڻو    ۱۶-۶
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان! مار مَ مون.              يمن ڪلياڻ    ۱۰-۶
پايو منھن مونن ۾، غربت گذار.                      يمن ڪلياڻ    ۲۱-۸
پتنگ چاھين پاڻ کي، پسي مچ م موٽ.             يمن ڪلياڻ    ۱۲-۳
پٿون جي پاتار، ھنج تنين جو ھيرئون.                ڪارايل            ۳-۱
پچڻ گھڻا پچايا، تون پچڻ کي پچاءِ.                  يمن ڪلياڻ    ۱۰-۳
پڇ پتنگن کان، سنديون کامڻ خبرون.        يمن ڪلياڻ   ۹-۳
پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار.         سھڻي     ۳۱-۲
پِريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي.                     ڪلياڻ     ۱۱-۳
پريم! تنھنجا پار، ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان.  ڪلياڻ     ۲۱-۱
پرين سي پسن، ٻئي جنين ٻوٽيون.                   آسا                ۱-۳
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين.               ڪلياڻ     ۱۹-۱
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.               يمن ڪلياڻ    ۲۷-۵
پسي لھس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ.                    يمن ڪلياڻ    ۱۳-۳
پکن جي پِريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.                مارئي     ۱۱-۳
پکو پنھنجي پرينءَ لاءِ، سبي ڪر ساڄو.             سارنگ            ۹-۴
پنو سو پڙھن، جنھن ۾ پسن پرينءَ کي.              يمن ڪلياڻ    ۱۷-۵
پنهونءَ ڌاران پٻ ۾، ٻيلي ناھ ٻڻي.                   سسئي آبري       ۷-وائي
پڻي جا پيرن جي، لڱن کي لايان.                      ديسي     ۷-۳
پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو.                    ڪلياڻ     ۱۰-۲
پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اجھاءِ.                   سسئي آبري       ۵-۱
پيرين وجھي ھٿڙا، زاريون زور ڪريج.              مومل راڻو       ۶-وائي
پيڪن سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان پر تان.   مومل راڻو    ۱۳-۶
پيھي پن پاتار ۾، جت ڳڙھ گنگا جو راءِ.             بلاول     ۱۵-۲
پيھي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رھاڻ.                     سسئي آبري       ۲-۵
پئي جا پرڀات، سا ماڪ م پسئو ماڻھئا.              ڏھر                ۱۶-۳

(ڦ)
ڦٿل سي ڦوڳي، جن شڪم سانڍيا.                    رامڪلي            ۱۶-۴
ڦري آءُ فراق! مون کي وصالان وچ ٿيو.             حسيني            ۱۲-۵
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو.                    ڏھر                ۲۰-۳
ڦڪي فقيرن، ماڳيان پني ماٺ جي.                   رامڪلي            ۸-۷
ڦير مَ ھنئون ڪنڌ، ڪياڙي، ٿيندءِ ھاج ھٿائين. پرڀاتي         ۱-وائي

(ج)
جا پر پاڻيءَ لوڻ، سا پر منھنجي ڄندڙي.             حسيني            ۶-۶
جا جئاري جوڳين، سا ماڙھڻ مصيبت.                رامڪلي            ۴-۱۲
جا چتايم چت ۾، سڄڻ سا ٿو ٻجھي.         ڪلياڻ         ۱-وائي
جا سنھو نه سکي، سا مر رنڍا ئي روڙي.             ڪاپائتي            ۲۹-۱
جا نوازي اھنجي نام، سا ھوت! مَ ڇڏج ھيڪلي. سسئي آبري ۷-۶
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه سُجودُ.   آسا                ۱۲-۱
جان جان دعوى دم، تان تان پرت پنوھار سين. مارئي     الف م-۱۷
جان جئين تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري.             حسيني            ۱۷-۲
جاني آيو جوءِ ۾، ٿيو قلب قرار.                           سارنگ               ۴-۱
جاڳيا جي جبار لئه، سيئي سمانا.                      سريراڳ            ۱-وائي
جايون، گل، جبات، وڻ، تو رءَ ڪوماڻا!               مومل راڻو       ۱۰-۷
جت ڪڙم نه قبيلا، ات رسج، رھبر! راھ ۾. سسئي آبري ۹-۲
جتي پرينءَ حضور، تتي، رنگ نه روپ ڪو. کاھوڙي           ۱۵-۳
جتي عرش نه اڀ ڪو، زمين ناھ ذرو.        رامڪلي          ۵۵-۹
جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي.              سھڻي     ۱-۹   
جسي ۾ جبار جو، خفي خيمي کوڙ.                  يمن ڪلياڻ    ۸-۵
جفا ڏيئي جي کي، ٿي فڪر منجھ فنا.               سريراڳ            ۱-وائي
جلي تون زبان سين، چار ئي پھر چور.               يمن ڪلياڻ    ۸-۵
جن جي ساھڙ ساڻ صلاح، سي ڪين ٻڏنديون ڪڏھن. سھڻي  ۹-۷
جن کي حب انھين جي آ، ساھڙ ساڻي تن جو. سھڻي         ۴-۵
جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهُڙ ڀانئن وکڙي.        سھڻي     ۴-۳
جن نه ماري ميس، ناٿ نه نمي تن کي.               رامڪلي            ۱۰-۶
جنهن کي ساڻ پريان جا سُور، تنهن کي ندي ناھ نگاھ ۾. سھڻي    ۲-۳
جنهن کي سڪ ساهڙ جي، سا گهايل، گهر نه گهاري. سھڻي        ۶-وائي
جنين ٽڪ نه مالھ، سرھيون سي صراف سين.  ڪاپائتي          ۳۰-۱
جنين مٿي مامرا، سي ڪيئن سک سمھن.
جو تون ڏورئين ڏور، سو سدا آھي ساڻ تو.  سسئي آبري  ۸-۳
جو نوازي ڏڏ، آسر لاھ مَ ان جي.                     رپ                ۱-وائي
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.   سريراڳ          ۴-۴
جهڙا اچن ڏينھنڙا، تھڙا ويٺي گھار.                   مارئي     الف م-۵۱
جهڙو ڏسڻ ڏوھ کي، تهڙو تن ثواب.          رامڪلي          ۱۳-۳
جئن ٿا پڇن ان کي، تئن جي پڇن الله.               رامڪلي            ۸-۹
جئن جئن ورق وارئين، تئن تئن ڏٺو ڏوھ.   يمن ڪلياڻ    ۳۰-۵
جئن جئن ٿا جھلين، تئن تئن ٿو تاڪيد ٿئي. يمن ڪلياڻ    ۳۰-۵
جئڻ ناھي جڳ ۾، ڏينھن مڙيئي ڏون.                ڪلياڻ     ۲-وائي
جئڻا اڳي جي جئا، جڳ جڳ سي جيئن.              معذوري            ۸-۴
جي اوسيڙي آڌيءَ اٿن، تنين واڳ وري.              رامڪلي            ۴-وائي
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ.                  سھڻي     ۲۵-۶
جي تون آسايتو آئيو، ته چائنٽ ٻي مَ چور.   بلاول         ۸-۳
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته ڪين پيارو پيءُ. رامڪلي          ۷-۴
جي فارسي سکيو، گولو، توءِ غلام.                  آسا                ۲۳-۴
جي ساھڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿئي.              سھڻي     ۳۲-۱
جي سمنڊ منھن ڪيان، توءِ سرڪيائي نه ٿئي. سھڻي     ۱۱-۶
جي لھوارو لوڪ وھي، تون اوچو وھ اوڀار. آسا                ۲۱-۲
جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج.                    ليلا چنيسر    ۳۳-۵
جي ماسو جڙيئي مال، ته پوڄارا! پر ٿئين.   سريراڳ          ۳-۲
جي ورق وارين ويھ، ته اکر اھو ئي ھيڪڙو.        يمن ڪلياڻ    ۳۳-۵
جي ھٿان ھوت مڙن، ھوت تنين جي ھنج ۾. معذوري          ۱۴-۶
جي ھوا اوڳڻ ڪنئي، اسونھين! ته تون ڳڻان ئي ڳن. يمن ڪلياڻ    ۱۰-۸
جي ھو چونس”ٻوڏ!“ ته ”جي“ سڻائي جڳ کي. حسيني           ۳۲-۲
جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار. ڪلياڻ     ۲۱-۱
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون. ڪلياڻ          ۲۰-۱
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان.    ڏھر                ۲۳-۲
جيڪي ڏنائون، سو سر ڏيئي سھ جندڙي!   يمن ڪلياڻ   ۹-۸
جيڪي طالب تات جا، تات به تنين وٽ.               حسيني            ۲۲-۱۰
جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي.                   حسيني            ۱۱-۵
جيڪي منجھ جھان، سو تاريءَ تڳي تنھنجي.       سريراڳ            ۱-۲
جيڪي وھي وجود ۾، صاحب سو سمجھي. سريراڳ          ۴-وائي
جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي.    ڪوھياري    ۸-۳

(ڄ)
ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اٻوجھن جو.        پرڀاتي     ۱۴-۱

(جھ)
جھيڻو ڳالھائيج، پيرين وجھي ھٿڙا.                  کنڀات     ۵-۲

(چ)
چُپ سين جي چوَن، ادب ڪجي ان جو.           مومل راڻو       ۱۳-۸
چکيم چڱائي، سورانگھي سوريءَ تان.               ڪلياڻ     ۱-۲
چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن.                       سريراڳ              ۴-۴
چميو، چُمُ چائٺ، ھوءَ جا سندي سڄڻين.             سامونڊي     ۴۴-۱
چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سين. کنڀات     ۱۴-۱
چوندن ڪيم چئيج، ويڻ ورائي سامهون.            يمن ڪلياڻ    ۲۰-۸
چوڻ چارو ناھ ڪو، بديون بيشمار.                    سريراڳ            ۱۲-۲

(ڇ)
ڇپون ڇپر کٽ، پھڻ پٿراڻيون ڀانيان.         حسيني           ۵-۵
ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاھوتي لاھي.                    يمن ڪلياڻ    ۱۸-۶
ڇلان، منجھ نه ڇاڪ، پران، پونم پرڪڻا.            سسئي آبري       ۱۸-۴
ڇنڊيان کِہ اکين سين، پيرين وجھان ھٿ.             ليلان چنيسر    ۳-وائي
ڇنن توءِ مَ ڇن، پاءِ اميري ان سين.                   يمن ڪلياڻ    ۱۰-۸

(ح)
حاذق آھئين جو، اچين شال، عجيب.          سسئي آبري  ۴-وائي
حال قربان، مال قربان، گھوريان لڊاڻو.                مومل راڻو       ۱۶-۵
حقيقت ھن حال جي، جي ظاھر ڪريان ذري. ڪوھياري    ۵-۵
حوصلو، حيرت ۾، ڪري ڪين درڪ.                آسا                ۲۷-۳

(خ)
خاص خليلن کي، سختيون سھائي.                    ڪيڏارو            ۱۰-۲
خاڪ، مٽي ڪابان، ڪاٽيا پوءِ ڪجھ نھين.  سورٺ         ۵-۴
خالق! تنھنجي کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ.            ڏھر                ۱۸-۲
خالق! چؤ مَ تون، مَ ڪي چؤ مخلوق.                ڪلياڻ     ۱۴-۱
خدمت ڪر خلق سين، پاند ڳچيءَ ۾ پائي.    آسا                ۴-وائي

(د)
دائم دونھين دل ۾، من سين مالھا وار.               رامڪلي            ۹-۴
در داتا مڱ، مڱتا! ٻئي جي ڪڍ مَ ڪاڻ.            بلاول     ۱۳-۲
دلبر! ھن دنيا ۾، وڃي رھندو واس.                  بروو سنڌي     ۱۴-۱
دل جو دلبر ھيڪڙو، گھڻا تان نه ڪجن.              بروو سنڌي     ۷-۳
دنيا تنھن دوست تان، فدا ڪريان في الحال.  بروو سنڌي    ۱۴-۱
دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.              سارنگ            ۱۲-۴
دوست ڪُهائي دادلا، محب مارائي.                    ڪيڏارو            ۱۰-۲
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.             ديسي     ۱۲-۱

(ڌ)
ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا.                   ديسي     ۱۳-۱
ڌوڌا! ٿيءُ مَ ڌار جم.                                       يمن ڪلياڻ   ۱۸-۳

(ڏ)
ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي.               پرڀاتي     ۱۰-۱
ڏاتار ته تون، ٻيا مڙئي مڱڻا.                           پرڀاتي     ۲۶-۱
ڏڏ ٿي ڏان گھريج تون، ڇڏ وڄا وڃائي.               پرڀاتي     ۱۵-۱
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنين جي ھيڪڙي.             حسيني            ۲۴-۱۹
ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري! حسيني           ۲۴-۶
ڏکي! ڏک وسار، سيج ڦٽي ڪر، سسئي.             معذوري            ۶-۶
ڏمريو ته ڏئي، پرچي تان پاٽ ڀري.                    بلاول     ۱۶-۲
ڏوريان ڏوريان مَ لھان! شال مَ ملان ھوت! حسيني           ۱-۷
ڏينھن مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.             مومل راڻو       ۴-۵
ڏينھان گھارئين ڏم سان، راتيان ساڻ ملھار.        

(ڊ)
ڊڄان ڀر فراق، متان پونم پرينءَ سين.                حسيني            ۱۰-۵
ڊڄي ڊاءِ ڌڻي، جي، جيڪو ڀيءُ ڀڄي.         سريراڳ          ۴-وائي

(ڍ)
ڍَڪين ڍڪڻھار! ڏيئي پاند پناھ جو.                 ڏھر                ۲۵-۲
ڍڪي، ڍول! گذار، لڄ منھنجي لوڪ ۾.             ليلا چنيسر    ۹-۳
ڍولا! ڍيل مَ مون، ڪانڌ! ڪميڻي آھيان.             ليلا چنيسر    ۱۰-۳
ڍولي ڍڪي آھيان، ھيس اگھاڙي.                      مومل راڻو       ۹-۸
ڍوليا! ڍڪڻ ٿيءُ! ڪامل! ڪچاين جو.               مومل راڻو       ۸-۸

(ذ)
ذوق زمانو، مون، ور! ويو وسري.                    سسئي آبري       ۸-۱۰

(ر)
راتيان جاڳڻ، صاحب سنڀالڻ، اي فقيران دا ڪام. يمن ڪلياڻ ۶-وائي
راتيان ڏينھن روح ۾، تن تونھين جي تات.  مومل راڻو   ۸-وائي
راڻا! ھيس ريءَ، تو سائينءَ مون سون ڪيو. مومل راڻو   ۸-۸
رتيءَ علم نه راس، ڌاران پسڻ پرينءَ جي.   سسئي آبري  ۸-۵
رءَ ٿنڀين، رءَ ٿوڻي، تون ڇپر، تون ڇانءَ.             ڏھر                ۲۳-۲
رئان، تان راند، کلان، تان کامي ھنيون.              حسيني            ۸-۶
ري قريبن توت ڪيو، ويٺي ورهه مران.          ڪوھياري    ۱-۵

(ز)
زاريءَ ڌاران زور، هلي ڪو نه حبيب سين.  ديسي     ۱۸-۴

(س)
سا ڪا ھڙ ھلاءِ، آڳھ جنھن جي ايھين.        سريراڳ          ۴-۳
سا مجلس ئي مَٽ، جي حاصل ھوءِ ھزار جو. يمن ڪلياڻ    ۲۳-۸
ساجن سونھن، سرت، وکان ئي ويجھو گھڻو.        سسئي آبري       ۲-۲   
ساڄڻ ترس ري، ”لا“ سين لڏين جي.                  معذوري            ۷-۲
ساجن سڀ ڄمار، ڏُکي! ڏورج ڏيل ۾.                سسئي آبري       ۲-۳
ساڄن سڀنئان سھڻو، سائينءَ جو سوڳنڌ.             بروو سنڌي     ۱-وائي
سارج سڀيئي، ليلا! لکڻ پانھنجا!                    ليلا چنيسر    ۱۳-۲
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو.              سريراڳ            ۲-۲
ساري رات سبحان، سودو ڪن صاحب سين. سريراڳ          ۶-۲
ساهڙ ڄام سچو، ساڻي ٿيندم سير ۾.        سھڻي         ۳-۲
ساهڙ، سا سھڻي، سائر پڻ سو ئي.                     سھڻي     ۳۴-۱
سامي سو ئي، جنھن جي منھن ۾ منڊ!               رامڪلي            ۳-وائي
سائينم! سدائين، ڪرين مٿين سنڌ سڪار.  سارنگ           ۱۲-۴
ساڻي جنين سچ، ٻجھان سي نه ٻجھنديون.   سھڻي     ۱۱-۷
سائينءَ لڳ، ستار! ميٽ مدايون منھنجيون. ليلا چنيسر   ۶-۳
سٻاجھو ستار! ستڙ سڀيئي ڪري.                    سريراڳ            ۱۹-۲
سٻر سيءُ پيو؛ نه مون سوڙ، نه گبرو.                 رپ                ۱۰-۲
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏيو لوڀ.             معذوري            ۳-۲
سڀ ۾ پنھون پاڻ، ڪينھي ٻيو ٻروچ ري.   سسئي آبري    ۱۴-۵
سڀئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم.                  سريراڳ            ۲-۴
سڀيئي سنئين ڪرين، ڪو مَ منجھائين واٽ! سريراڳ          ۱-۴
ستا! اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.          ڏھر                ۸-۳
ستَرُ ڪر ستار، آئون اگهاڙي آهيان.                   ڏھر                ۵۲-۲
سٽ انين جو سڦرو، جي پر ۾ پڃائين.               ڪاپائتي            - ۹
سپيريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مدُ.             آسا                ۱-۱
سج، چنڊ نه پاڙيان، سيڻن جي شبيھ.                 سارنگ            ۸-۴
سڄڻ سنئيون ڪري، لوڪان ليکي ونگيون.        آسا                ۲۴-۳
سڄڻ ماکيءَ ساءِ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏھن.               کنڀات     ۵۲-۲
سچ جنين جو سير، تن گر ويٺي ئي گڏيو.    رامڪلي          ۱۶-۵
سدا سانوڻ ڏينھڙا، ھئن نه ھونداءِ.                     سھڻي     ۱۹-۳
سدا شوق پرين جي، ڦران ڦيريدار.                    پورب     ۱-۲
سڌر منجھان سپرين! مون تان لاھي مَ ھٿ. ليلا چنيسر   ۳-وائي
سرجي تان سور، سامائي، تان سک ويا.               حسيني            ۱۶-۱
سِر سانداڻ ڪري، پڇج گھر لوھار جو.               يمن ڪلياڻ    ۲۰-۳
سَر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙھيري پنجاھ.         ڪارايل           ۱۸-۱
سرھيون سي سرتيون، حاضر پاسي حق.              مارئي     ۱ م- ۲۳
سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.                      ڪلياڻ     ۴-۲
سڪ سڪالي سڪ، سڪ نه آھي سٿري.              آسا                ۱۷-۳
سڪڻ ۽ سُوري، ٻئي اکر ھيڪڙي.                   يمن ڪلياڻ    ۷-۷
سڪيءَ ٻڏن جي، ساھڙ ساڻي تن جو.                 سھڻي     ۲۳-۶
سکو سپن کان، سرتيون! ريت سڪڻ جي.  مارئي     ۱۶-۱۰
سکين ٿي مَ سنري، پسي ڏک مَ ڏر.         سسئي آبري    ۱۵-۱
سَگهن سُڌَ نه سُور جي، ته گهايل ڪئن گهارين. يمن ڪلياڻ    ۸۱-۱
سلي سوريءَ چاڙھيا، بيان ڪن نه بات.               يمن ڪلياڻ    ۸-۲
سمر جنين نه ساڻ، ھوت حمائتي تن جو.              ديسي     ۵-۵
سموري سرڪار، نيئي رکج ناھ ۾.                   سسئي آبري       ۱۷-۷
سمي جي سھاڳ جي، ڪنھين نه ڪل پيئي. بلاول         ۴-۲
سنجھي مون نه سنڀاليو، صبح ساريم سور.  ديسي         ۹-۴
سندو واري ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو؟                ڏھر                ۵۲-۴
سنها ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگ جا.                   ڪارايل            ۳-۲   
سنئين نه سياڻان، ناھ اتيئي ان سان.                  رپ                ۶-۲
سنئين سوالي سمگڻا، تو، داتا! ڏيئي دان.   سسئي آبري    وائي-۸
سو پرين، سو پساھ، سو ويري، سو واهرو.  ڪلياڻ            ۱۸-۱
سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنج.   ڪارايل           ۱-۲
سو ھيءُ، سو ھو، سو اجل، سو الله.                  ڪلياڻ     ۸-۱
سوڍا تو ڳر ساھ، نات راڻا گهڻا راڄ ۾.              مومل راڻو       ۱۵-۷
سُور! مَ مٽج ساءُ، آ نه وڪني آھيان.         حسيني           ۱۲-۶
سورھَ! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار.        ڪيڏارو            ۵-۵
سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.                  ڪلياڻ     ۲-۲
سوريءَ چڙهڻ، سيڄ پسڻ، اِيءُ ڪم عاشقن.         ڪلياڻ             ۸-۲
سو ئي عين عذاب، سو ئي راھت روح جي. ڪلياڻ         ۶-۳
سھ سڀڪا آر، آگي جي ادب سين.                     رامڪلي            ۵-۴
سھ سيارو، پاڻي پارو، جت جھڙ، جھڪ ۽ جھول.       سھڻي            ۱۵-۳
سَهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ.            سھڻي     ۱۸-۶
سھسين شڪرانه، ڪوڙين ڀال ڪريم جا.            سريراڳ            ۱-وائي
سھين جئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا.        يمن ڪلياڻ    ۲۱-۳
سئين وھن سير ۾، ماڻڪ، موتي لال.        سريراڳ          ۳-۲
سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.             آسا        ۴۸-۴
سي مر سڃا ئي سونھن، جن ڀلي ڀينگ ڀرم ۾. مومل راڻو    ۲۵-۸
سيويو جن سبحان، وير نه وڙھي تن سين.   سريراڳ          ۵-۲

(ش)
شال مَ ڇڄي نينهن، گِهڙان، گهوريو ڄندڙو. سھڻي     ۱۵-۶
شڪر، مليا سپرين! جيئري، جاني يار!               بروو سنڌي     ۵-۳

(ص)
صاحبَ تنھنجي صاحبي، عجب ڏٺيسون.             ڏھر        ۱۹-۲
صباح سو نه شمار ۾، ليکيان جو اڄ لاٿو.   سھڻي ۱-م وائي
صبر جي شمشير سين، ڪر ڪيني کي قتلام. رامڪلي          ۴-۴
صحبت سپرين جي، مٺي آھي مٺائي.         رامڪلي          ۶-وائي

(ض)
ضايع ذرو نه ٿئي، لکئي منجھان لک.        معذوري          ۶-وائي

(ط)
طعنا ڏنم تور، آءُ، ته پرچون پاڻ ۾.                   مومل راڻو       ۱۱-۶
طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پين اڃ.               رامڪلي            ۹-
طھورا تڙين کي، پانڊپ پياريندو.                     بلاول     ۴-وائي

(ظ)
ظاھر ۾ زاني، فڪر منجھ فنا ٿيا.                    يمن ڪلياڻ    ۱۶-۵
ظلمت جا زمين جي، سا نرمل! نور ڪريج.  ديسي     ۱۶-۷

(ع)
عدل ڇٽان آ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.    سريراڳ          ۱-۲
عاشق اَجل سامهان، اُونچي ڳاٽ اچن.                 ڪلياڻ     ۱۶-۳
عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق.            ڪلياڻ     ۱۴-۱
عاشق زهر پياڪ، وِھ ڏسي وهسن گهڻو.             ڪلياڻ     ۱۳-۲
عمر سڀ عبث، ويل وڃايم، وقت وڃايم سڀ پانھنجا.  سريراڳ ۵-وائي
عشق اھڙي ذات، جو مانجھي منجھائي.              بروو سنڌي     ۱-۳
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو.               يمن ڪلياڻ    ۱۹-۶
عَقُل، مَت، شرم؛ ٽيئي نينهن نهوڙيا.        سھڻي         ۱-۳
عيبن ڀري آھيان، ستر ڪج، ستار!                   مارئي     ۸-وائي

(غ)
غافل! عفلت ڇوڙ! تون ڪيئن اڻاسي! اوجھرين؟ ڪوھياري    ۵-۱

(ف)
فردا مون ڦٽي ڪئي، وعدي ڏي نه وھان.             معذوري            ۱-۶
فڪر سين فرقان ۾، اسم اعظم ڏور.        ڪلياڻ         ۸-۵
فڪر ڦرھي ھٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن.                  يمن ڪلياڻ    ۱۷-۵
فنا وجھي فم ۾، ڪارڻ ٿي ڪباب.                   سھڻي     ۱-وائي
فاني ني فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.                    بروو سنڌي     ۸-۲
فنا ۽ فراق جو، سامين چکيو ساءُ.                     رامڪلي            ۶-۸

(ق)
قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آھِ قديم.              ڪلياڻ     ۱-۱
قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو.                سريراڳ            ۲-۴
قضا جا ڪريم جي، ڪنهن تان ڪين ٽري.   ڪوھياري    ۱-وائي

(ڪ)
ڪا مونھين ۾ گھٽ، نات سڄڻ سٻاجھا گھڻا. سامونڊي          ۴-۳
ڪاتي تکي م ٿئي، مر منيائي ھوءِ.                   ڪلياڻ     ۱۲-۲
ڪاري رات اڇو ڏينھن، اي صفتان نور.              کاھوڙي            ۱۵-۳
ڪٿان سکيين سپرين ڪاسائڪي ڪار.              بروو سنڌي     ۱۰-۳
ڪڄاڙو ڪھان؟ تو کي حال معلوم سڀڪا.  ڏھر                ۲۳-۲
ڪچ ڪمايوم ڪوڙ، ڀڳم عھد الله جا.               سريراڳ            ۸-۱
ڪڏھن اچان، اچڻ نه لھان، ڪڏھن ڪوٺيو نين. بروو سنڌي    ۱۸-۱
ڪڏهن پئجي ڪَن ٿي، ڪڏهن ٿجي واتُ.    سسئي آبري  ۵-۱۱
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ.               سريراڳ            ۹-۱
ڪڍ ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ ڪمائيج.                  سريراڳ            ۴-۱
ڪرم ساڻ ڪريم جي، سڀ لنگھندا پار.              بروو سنڌي     ۲-وائي
ڪر ڪو واڪو وس، وھ مَ مُنڌ ڀنڀور ۾.            سسئي آبري       ۱۵-۸
ڪُسڻ جو قرار، اصل امامن سين.                     ڪيڏارو            ۹-۱
ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.                     ڪلياڻ     ۱۶-۳
ڪنڌ ڪٽارو، منھن وٽي، عادت سندين اي.   يمن ڪلياڻ    ۱۸-۴
ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون، ساھڙ ساھڙ ڪن.   سھڻي         ۹-۱
ڪنهن کي ڏيان دانھن؟ قلم قضا وھايو.              سھڻي     ۹-۹
ڪو در ناھ جھوءِ، مون ٻيا در گھڻا نھاريا.    ڏھر                ۲۲-۲
ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، گھڙي سو ٿئي.               گھاتو      ۳-۱
ڪوٺي ڪھي سپرين، ڪوٺي ڪھڻ ساڻ.             ڪلياڻ     ۱۷-۳
ڪوٺيو ڪنگالن کي، ڏئي دلاسا در.                   بلاول     ۹-۳
ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سِر سڀ ڪنھين.               بروو سنڌي     ۸-۲
ڪوڙ ڪمائيءَ ڪچ، اٿي اور الله سين.              سريراڳ            ۹-۱
ڪوڙي دنيا، ڪوڙا پسارا، ڏينھن مڙيئي ڏون. پورب         ۲-وائي
ڪوڙين ڪايائون تنھنجيون، لکن لک ھزار. ڪلياڻ     ۲۱-۱
ڪوڙين پڇن ڪيچ، ھوت نه پڇن ھٿھين.    سسئي آبري    ۱۰-۳
ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾. ڏھر                ۱۶-۴
ڪؤنر پاڙون پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس.              ڪارايل            ۲۲-۱
ڪونهي ات ڪوھيارو، جت تو، ڀوري! ڀانئيو. سسئي آبري  ۳-۳
ڪونھي ڪميڻيءَ جو، بگر تو بلو.                    ڏھر                ۲۴-۲
ڪھڙي پڇين ذات؟ جي آيا، سي اگھيا.               مومل راڻو       ۵-۹
ڪھن ۽ ڪوٺين، اي پر سندي سڄڻين.               ڪلياڻ     ۲۱-۳
ڪي انھين منجھ آھي، ھو جي جھونا پسجن جھوپڙا. آسا          ۴-وائي
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.  بروو سنڌي    ۱۲-۱
ڪي چڙھن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور.
ڪي تران ڪي تار مون، ڪي سگھان ڪي سگھ. سھڻي          ۱۹-۹
ڪيچ تنين کي ڪوٺ، جنين جي ڪڇ ۾.    معذوري          ۱۱-۲
ڪين ساڱا ھيم، سپرين! جاڙون ڪيم جال. مومل راڻو    ۱۴-۸
ڪي سمھ، ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.  ڏھر                ۱-۴

(ک)
کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان.                  سھڻي     ۱۱-۶
کٽين جي ھارائين، ھنڌ تنھنجو ھيءُ.                 ڪلياڻ     ۱۱-۱
کم! کمندن کٽيو، ھارايو ھوڙن.                      يمن ڪلياڻ    ۱۴-۸
کڻ تون قوت قبر جو، گھڻو ٿو گھرجي.              سريراڳ            ۴-وائي

(گ)
گولا جي گراھ جا، جُوٺا سي جوڳي.                   رامڪلي            ۱۶-۲
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام.         رامڪلي          ۴-۴
گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن.                        مارئي     ۱۵-۳
گولي ٿيان گل بوءِ، جي مون نيو پاڻ سين.  ديسي         ۵-۳

(ڳ)
ڳجھو ڳالھائي، پرت وٽجي پاڻ ۾.                    ڪلياڻ     ۱-۸
ڳرن ۾ ڳرھيج، روئي ڪج مَ پڌرا.                   رپ                ۹-۱
ڳڻيو ڳڻيان ڪيتريون، وڏيون وڏا پاءِ.                سھڻي     ۱-م وائي

(گھ)
گھڙي گھڙو ھٿ ڪري، الاھي تھار.                   سھڻي     ۱۵-۱
گھڙيا سي چڙھيا، ائين اٿيئي.                          سھڻي     ۴-۵
گھوريو سو سھاڳ، جنھن ۾ پسين پاڻ کي. ليلا چنيسر    ۱۲-۲
گھوڙن ۽ گھوٽن، جئڻ ٿورا ڏينھڙا.                   ڪيڏارو            ۷-۳

(ل)
لا سين اٿي لڏ، ”ڪين“ رساڻي ڪيچ کي.  معذوري          ۱۰-۲
لائي چت چريو ڪري، پاڻ ڪڍي وئن پوءِ.   بروو سنڌي    ۱۰-۱
لائي خنجر ”لا“ جو، ھيءَ خچر کي ھڻ.                معذوري            ۸-۲
لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪا نه.  سريراڳ          ۱-۲
لطف سان لنگھاءِ، لھرو لھرن وچ مان.        سريراڳ          ۱۰-۱
لَک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.                ديسي     ۱۰-۳
لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙي نه ٿئي.             معذوري            ۸-۵
لڳيءَ جو لطيف چئي، نڪو قال نه قيل.              بروو سنڌي     ۸-۱
لوڪان لڪي سڀ ڪو، لڪان لڪي ڪو نه. آسا                ۶-۴
لھ ساهڙ! سنڀارون، ته لهرن لوڏي نه مران.   سھڻي     ۱۰-۲
لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.         سھڻي             ۳-۹
ليلا لڇ مَ ايترو، اٿي اڱڻ سور.                           ليلا چنيسر   ۱۴-۳
ليلا ليلائيج، اٿيئي ماڳ منٿ جو.                    ليلا چنيسر    ۲۱-۲

(م)
مَ ڪر ڍول! ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين.                   ڏھر                ۲۴-۳
مَ ڪي روءُ، مَ رڙ ڪي، ھنجون ھڏ مَ ھار! مارئي         ۱- م۵۰
مَ ڪي ھيج، مَ ھوج، ترس مَ تاڻ جھاز کي. سريراڳ          ۱۰-۶
ماڙھو گھرن مال، آ سڀ ڏينھن گھران سپرين. بروو سنڌي    ۱۴-۱
ماڻڪ موتي مال خزينا، ڏيندءِ ٻيلي سائين.   پرڀاتي         ۱-وائي
متان ٿئين ملور، ڪين آڳاھون آھيان.         حسيني           ۲۴-۱۹
متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين.                   ڏھر                - ۱۴
مٺو جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو.                  ڏھر                ۲۲-۲
مٺي! ٿي مسڪين، ھمت ھوت وڃايو.                سسئي آبري       ۱۸-۷
محب منھنجا سپرين! آڻيئي الله.                      سارنگ            ۷-۳
محبت سندو من ۾، ماڻڪ! ٻار مچ.                   سريراڳ            ۹-۱
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن.                   ڪاپائتي            ۱۷-۱
مرڻ! مون سين ھل، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان.   معذوري          ۹-۴
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه ماتِ.             معذوري            ۷-۴
مرڻا منھن مَ موڙ، وٽي تي وڌ لھي.                  يمن ڪلياڻ    ۲۰-۴
مِڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
مري جيءُ، ته ماڻيين، جانب جو جمال.        معذوري          ۱-۴
مڱ تنھن کان مڱڻا، جو ڏيھاڙي ٿو ڏئي.            پرڀاتي     ۱۹-۱
ملڪ مارو جي آھيان، جور نه ٿيان جوءِ.              مارئي     ۸-۴
ملڪ مڙيو منصور، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا؟ سھڻي         ۲-۹
منھنجو وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.              ديسي     ۱-۶
منھنجي مداين جي، ڪَل پريان پيئي.         بروو سنڌي   ۸-۳
منھن ته موسى جھڙو، عادت ۾ ابليس.                آسا                ۱۶-۴
موت نه مند آھي، تائب ٿيو تڪڙا.                     آسا                ۳-وائي
موتي جي مھراڻ جا، پورا چڻج پنج.                  ڪارايل            ۲۱-۱
موٽي مران مَ ماءِ! موٽڻ کان اڳي مران.             سسئي آبري       ۲۴-۴
مون ٻيا در گھڻا نھاريا، آھين تون ئي تون.  کنڀات         ۲-وائي
مون تان لاھ مَ ھٿ، ڪامل ڌڻي ڪاڪ جا.   مومل راڻو    ۱۱-۴
مون کي مون پرينِ، ٻڌي وڌو ٻار ۾.                  آسا                ۳۸-۴
مون کي ڪا مَ جهلي، سڀ ڪا پاڻُ پلي.             سھڻي     ۴-وائي
مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي تو کي لڳي. يمن ڪلياڻ    ۱۰-۶
مون نماڻيءَ جي نجھري، ڀيرو ڪج ڀتار!    ديسي         ۱-۱
مينھان ۽ نينھان، ٻئي اکر ھيڪڙي.                   سارنگ            ۶-۲
مينهن مندائتا وسڻا، سدا وَسين تون.                 پرڀاتي     ۲۶-۱
مينھون ھن ملھار جون، الا! سڀ بچن.               سھڻي     ۱۹-۴

(ن)
نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتھا.                         آسا                ۸-۱
نه ڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ.               رامڪلي     ۳۶-۱
نه مون ھڙ نه ھنج ڪي، جو آ چئي چڙھان.   سامونڊي          ۱-۴
نه وارث، نه ولھو، نه سڱ، نه سياڪو.        مومل راڻو   ۱-۶
نااُميدي نيج، ته اوڏي ٿئين اُميد کي.         سسئي آبري    ۱۲-۱
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعلى ڪيو.                   آسا                ۱۳-۱
ناز منجھاران نڪري، جڏھ پري ڪري ٿو پنڌ. بروو سنڌي   ۶-۲
نائي نيڻ نھار، تو ۾ ديرو دوست جو.         سسئي آبري  ۹-۳
ناھ جمعيت جان کي، ھوت پڄاڻان ھت.               سسئي آبري       ۱۳-۱۰
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾.                      رامڪلي            - ۱
نڪا بوءِ بزار ۾، نڪا ڇلر ڇٽ.                           گھاتو          ۱۱-۱
نڪو ناھ ڪلھي ڪري، ھو مَ ھوندن جيئن. رامڪلي          ۵-۳
نمي کمي نهار تون، ڏامر وڏو ڏُک.                   يمن ڪلياڻ    ۱۱-۸
ننڊان نڀاڳن کي، اوڀالا اچن.                       ڪوھياري    ۱۰-۱
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سُپرين!    رپ                ۱۵-۲
نيڻ سقيلا سپرين، ڀنور ڀرون ڀالا.                    بروو سنڌي     ۹-۲
نيرا نائي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي.                    آسا                ۵-۲

(و)
واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساھ.                  مارئي     ۱۲-۶
والي ڪج وڙ ڪو، ته ٻار لنگھيان ٻاجھ سين. سھڻي         ۸-۲
وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو. بروو سنڌي   ۱-۱
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ.                    رامڪلي            ۱۱-۴
وڃي رس وڃڻ کي، وڃڻ پڻ وڃاءِ!                   آسا                ۵-۴
وڃين ٿو وڻڪار؟ ھت نه ڳولھئين ھوت کي. سسئي آبري  ۹-۳
وڏي سگھ سندياءِ، ٻاجھن ڀريو آھين.                  ڏھر                ۲۱-۲
وڍڻ، چيرڻ، چچرڻ، پھت انين جي پر.        ڪلياڻ     ۲۱-۲
وَر سا سڃي، ويڙھ، جنھن ۾ سڄڻ ھيڪڙو. کاھوڙي           ۱۳-۳
وَر لڪن جي لوڏ، گھوريا سک ڀنڀور جا!   حسيني           ۳۱-۱۶
وَرَ! مَ وساريج، آھيان تنھنجي آسري.         ديسي     ۱۶-۷
وَر، واھن جا وسيل رس، رھبر! راھ ۾.          ڪوھياري    ۸-۴
وس ويچاريءَ ناھ ڪو، تون آگا، عرض اوناءِ. سريراڳ          ۱۰-۱
وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.                   يمن ڪلياڻ    ۵-وائي
وصل تنھن وڃايو، سينڌ سرمي سيئن.                معذوري            ۶-۲
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.                  سريراڳ            ۴-۳
ولھون، ويلا واو، جوگين جھليا جان ۾.              رامڪلي            ۲۰-۵
وڻج وھائيج، سڀ سوداگر! سچ جو.                   سريراڳ            ۴-۱
وھم وساريس، نات پنھون آ پاڻ ھئي.               سسئي آبري       ۸-۵
ويا مور مور مري، هنجَ نه رهيو هيڪڙو.             ڪارايل            ۲۹-۲
ويا سي وينجھار، ھيرو لعل ونڌين جي.              سريراڳ            ۱۲-۴
ويٺو وڃج واٽ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏھين.             مومل راڻو       ۲-۵
ويٺي لکيو لوڙيان، جيڪي ڪيڙو مس!             سريراڳ            ۵-وائي
ويڄَ! مَ ٻُڪي ڏي، الا! چڱي مَ ٿيان.         يمن ڪلياڻ    ۱۳-۲
ويھ داتا جي در تي، لنگھا! لاھي لڏ.                  رپ                ۱-وائي
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.                  ڪارايل            ۱۹-۱

(ھ)
ھاري ھنئون مَ لوڏ، سکن چوندي سسيءَ.   حسيني           ۴۸-۱۲
ھت پڻ تنھنجو تڪيو، مھند پڻ مونھين ماڳ. بلاول     ۱۳-۳
هتان کڻي ھت جن رکيو، سي رسيون.               سسئي آبري       ۲-۲
ھتي جي ھئڻ جون، وٿون سڀ وسار.         سسئي آبري    ۱۷-۷
هٿُ پريان جي هٿ ۾، ٻئي کي ڏج مَ ٻانهن.         سھڻي     ۳-۸
هٿن سين ھاج ڪر، نيڻن سين نھار.                  آسا                ۷-۴
ھٿين، پيرين، مونڙئين، ھلج ساڻ ھِنئين.             معذوري            ۹-۵
هل هيئين سين هوت ڏي، سِسي کڻ مَ ساڻ. سسئي آبري     ۶۵-۳
ھلندي حبيبن ڏي، ويلو وچ نه ڪجي.        سريراڳ          ۴-وائي
هلڻ سھان نه ھوت جو، وڃڻ مون نه وس.         ڪوھياري    ۴-۴
هنج مڙيئي هنج، ميرو منجهن ناھ ڪو.              ڪارايل            ۲۷-۱
هو چونئي، تو مَ چؤ، واتان ورائي.                   يمن ڪلياڻ    ۱۶-۸
هوت تنھنجي ھنج ۾، پڇين ڪوھ پھي؟             سسئي آبري       ۱۲-۵
ھوند جنين سين ھوءِ، ھوت نه ھوندو تن سين. معذوري          ۹-۲
ھونديان هوت پري، اوڏو آءُ اڻ ھوند کي.             معذوري            ۷-۲
ھوءَ جا پائين پير ۾، تنھن جتيءَ نه جيھي.   ڪوھياري    ۸-۳
ھوءَ جا گھوري گھوٽ جي، تنھن کي چري چون.        حسيني            ۲۸-۱۲
ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان اي مرڪ. ڪيڏارو           ۳-۳
هيءَ هڏو ۽ چَمُ، پِڪ پريان جي نه پڙي.               ڪلياڻ     ۳۰-۲
ھيڪري ھئڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي. سسئي آبري    ۱۱-۵

(ي)
يار سڄڻ جي فراق، ڙي جيڏيون آ ماري.    يمن ڪلياڻ   ۸-وائي
يار سڏائي سڀ ڪو، جاني! زباني.            بروو سنڌي   ۳-۳

***

No comments:

Post a Comment