Sunday, July 30, 2017

جديد ڊڪشنري - هالار اترادي

جديد ڊڪشنري
هالار اترادي


۱: وڪيل: حرام حلال جي ڪاتي.
۲: صوبيدار: مرڻو به کائي، پرڻو به کائي.
۳: ملان: آڻ پرائي، ته ڏسئون کائي.
۴: حاجي: انٽرنيشنل واپاري.
۵: واپاري: يا! ملاوٽ تيرا آسرا.
۶: انگريزي اسڪول: ٽيوشن سينٽر.
۷: ٻهراڙيءَ جو پرائمري ماستر: وڏيري جو منشي.
۸: انگريزي ماستر: ڪاپي ۽ ٽيوشن جو چيمپيئن.
۹: ڪاليج: کڙتالي سياست گهر.
۱۰: ليڪچرار: جيڪو پهرين تاريخ تي ڊيوٽي تي اچي.


۱۱: پرنسپال: ڪاپي سينٽر جو رکوالو.
۱۲: پوليس وارو: سرڪاري ڌاڙيل.
۱۳: انفرميشن آفيسر: سرڪاري چغل خور.
۱۴: چيئرمين عشر زڪواة: ڪُرڙين جو واهي ڪنگ.
۱۵: هيڊ ماستر: ٽيوشن سينٽر جو رکوالو.
۱۶: انشورنس آفيسر: حضرت عزرائيل جو نمائندو.
۱۷: ٽي وي: ڪلاشنڪوف ڪلچر جو تربيت گاه.
۱۸: سياسي ليڊر: يا ڪرسي تيرا آسرا.
۱۹: سرڪاري بس: گشتي نيم حڪيمن جو دوڪان.
۲۰: اسيمبلي هائوس: چونڊيل نمائندن جو آکاڙو.
۲۱: ٻهراڙيءَ جو اسڪول: چڱي مڙس جي اوطاق.
۲۲: سرڪاري ڊاڪٽر: ڊيوٽيءَ تي مريض، پرائيويٽ ڪلينڪ تي ڊاڪٽر.
۲۳: ايمبولنس: ڊاڪٽرن جو سرڪاري ڪنوينس.
۲۴: فقير: ڪم چور.
۲۵: پرائمري اسڪول: مڇي مارڪيٽ.
۲۶: سرڪاري اسپتال: دارالبقا جو ٽڪيٽ گهر.
۲۷: وي سي آر: نئين نسل لاءِ مٺو زهر.
۲۸: ويڊيو گيم: ٻارن لاءِ ٻرو.
۲۹: پرائمري ماستر: پڙهو نه پڙهو، پھرينءَ تي اسان جو پگهار کڙو.
۳۰: وڏيرو: چورن جي ناني.
۳۱: اخبار: ڌاڙيلن جو خبرنامو.
۳۲: هاري: پاڻ بکيو، ٻين کي کارائي.
۳۳: هيروئني: خانداني منصوبه بندي وارن جو خيرخواه.
۳۴: شاگرد: سياسي پارٽي جا داداگير.
۳۵: ڌاڙيل: وڏيرن جو ماڻهن-مار توبچي.
۳۶: دادو-ڪوٽڙي لائين جي ريل: ريلوي پوليس جي موبائيل ملڪيت.
۳۷: ٿاڻو: مسڪينن لاءِ گهاڻو.
۳۸: واپڊا کاتو: اونده وڪڻي، پئسا ڪمائي.
۳۹: امتحاني بورڊ: اهليت جا سرٽيفڪيٽ وڪڻندڙ کاتو.
۴۰: ٽيليفون کاتو: ڳالهايو نه ڳالهايو، پئسه ڏيو.
۴۱: وزير: جيڪو ووٽ غريبن کان وٺي، نوٽ اميرن کي وَٽائي.
۴۲: مشير: نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ.
۴۳: وڏو شاعر: جيڪو صدارت جي ڪرسيءَ کي ڳوليندو هجي.
۴۴: محقق: جيڪو گهڻن ڪتابن تان ڪاپي ڪري.
۴۵:صحافي: ڳالهائي ته شير، لکي ته لومڙي.
۴۶: نقاد: ناڪام اديب.
۴۷: تعليم: فضول خرچي.
۴۸: بورچي خانو: عورتن جي ليبارٽري.
۴۹: حقو: هڪ ئي ڪش ۾ ۱۰ سگريٽ.
۵۰: سياست: ٺڳي.
۵۱: محبت: ڪوڙ ۽ دوکو.
۵۲: سياستدان: جيڪو چوي ۲ ۽ ۲ ٿيا پنج


(ڏيھاڙي برسات ڪراچي، ڇنڇر ۱۷ سيپٽمبر، ۱۹۹۴ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment