Sunday, July 16, 2017

حساب برابر ٿيو


حساب برابر ٿيو
هڪ بادشاهي محفل ۾ ڪنهن ڳائڻي ڳائڻ شروع ڪيو.
بادشاهه خوش ٿي هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو.
وري ڳائڻي دل سان ڳائڻ شروع ڪيو.
بادشاهه، ان تي وري هيرن جواهرن جي پيٽي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
ڳائڻي اڃا ويهن آڱرين جو زور لڳائي ڳايو.


بادشاهه ان تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس ھڪ وڏي جاگير انعام طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
محفل ختم ٿي. ڳائڻي کي ٻئي ڏينھن تي انعام وصول ڪرڻ جو چيو ويو.
ٻئي ڏينهن تي ڳائڻو انعام وصول ڪرڻ لاء پهتو.
”ڇا جو انعام؟“ بادشاهه نٽائيندي چيس؛ ”تو منهجا ڪن خوش ڪيا، مون تنهجا ڪن خوش ڪيا. حساب ٿيو برابر.“
مطلب؛
1.     جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.
2.     تون مون کي غازي ڪوٺ، مان تو کي نمازي ڪوٺيان.

3.     تو منھنجي پٺي کنھي، مون تنھنجي پٺي کنھي، ٿياسين برابر.

No comments:

Post a Comment