Saturday, August 5, 2017

نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا.

نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا. (پھاڪو)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي نينگريءَ جو رشتو، جمعي نالي ھمراھ سان طئي ٿيو ھيو. وقت گذرندي گھوٽيتا، زبان تان ڦري ويا.
ھونئن ته نياڻيءَ رشتو ڪرڻ ۾ دير وجھڻ سان، يا رشتو ٿيڻ بعد، ڪنھن اڻبڻت سبب ٽٽڻ سان، نياڻي سڄي عمر ويھجي ويندي آھي. پوءِ سندس شادي به نه ٿيندي آھي. زندگي به اھنجن ۽ ڏکن واري ٿي ويندي اٿس. ڇو جو نياڻيءَ جي ماني، بادشاھن جي گھر ۾ به ناھي.


ھن نينگريءَ لاءِ به گھوٽيتن جو اھو ارادو ھيو ته؛ رشتو ٽوڙڻ سان زندگي خراب ٿيس. جڏھن ته اھا نينگر اڃا ننڍي ھئي. ان جي رشتي وٺڻ ٻيا کوڙ گھوٽ ھيا، جيڪي اڃا ڪنواريتن ڏي نياپا موڪليندڙ ۽ پنڌ ڪندڙ ھيا.
گھوٽيتن جي صدمي ڏيڻ تي، ڪنواريتن پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ، ۽ اڳتي جي اميد نه ٽوڙڻ واسطي، ڪنواريتن کي ڍيڪ طور چئي ڏنو؛ ”نينگر به ننڍي، جمعا به گھڻا.“
مطلب؛
۱ . اوھان اگر، ڌوڪو ٿا ڏيو ته ڀلي ڏيو. پر رب وڏو آھي. اسان جو به اڄ نه ته سڀان ڪم ٿي ويندو.
۲ . زمين خدا تنگ نيست، پائي گدا لنگ نيست. (فارسي)
۳ . نينگر ننڍي آھي، جمعا گھڻا سنڀري. (ابتو)

۴ . نينگر ننڍي، ڊھا گھڻا سنڀري. (ابتو)

No comments:

Post a Comment