Sunday, July 2, 2017

پهاڪن جي پيڙهه اکوڙڻ بابت چند رايا - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

پهاڪن جي پيڙهه اکوڙڻ بابت چند رايا

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

اوهان ڪيترا پهاڪا ٻڌا هوندا ۽ انهن جو مطلب به سمجهندا هوندا. جن پهاڪن جو ذڪر هن مضمون ۾ ڪرڻو آهي سي تمام ناميارا ۽ گڏوگڏ بدنام آهن. معنيٰ به سولي اٿن پر هنن جي سچائيءَ ۾ مون کي شڪ پئجي ويو آهي. اُن جو هڪڙو سبب پهاڪن جي جهونائي به آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڪم ئي نٿا اچن. هن هيٺ اهڙن غلط پهاڪن مان سورهن پهاڪا چونڊي انهن جو بنياد پٽڻ لاءِ ڪجهه عرض ڪريان ٿو.



1.           الله به سڃاڻي سڱ ڏي ٿو.
اهو ته صحيح آهي ته الله سڱ نه ڏي ٿو ۽ ڪن به! سڃاڻي ئي ڏي ٿو. مثال طور مينهن جا سڱ ڍڳيءَ کي ڪو نه ٿو ڏي. گڏهه ۽ گهوڙي کي فقط ڪن ڏنا اٿس ان لاءِ ته سڱن جي بار کان سواءِ هر ڳالهه چٽائيءَ سان ٻڌي سگهن. ٻنهي کي ڊيهه ھڻڻ جو اختيار ڪونهي پر لت عرف پستي ھڻڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهين. ٻئي ڀائر نهايت شائستگيءَ سان پستي هڻندا آهن.
الله ته برابر ڏاتار آهي پر هنن همراهن کي انهن معمولي سڱڙن جي گهرج به ڪونهي. سڱ ته ڦاڙهي کي به آهن. هاڻي ياد ڪريو اُنهن سڱن وارو اهو سبق، جيڪو سنڌي اسڪول ۾ پڙهيو ھيوسين.

2.           لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي.
جيتوڻيڪ هن پهاڪي واري جو مطلب آءٌ پوريءَ ريت سمجهي نه سگهيو آهيان. تنھن ھوندي به سمجهان ٿو ته هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جو مفهوم رکيو اٿس. لعل لڀي پنهنجي کيسي ۾ رکجي ۽ ٻئي کي رڳو پريت جي گيري ۾ رکجي؟ نه ايئن نه هوندو! پهاڪي وارو ايترو مطلبي نه هوندو. آءٌ ڀانيان ٿو، ٻين سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري، جنهن سبب گهڻي وڳوڙ ۽ ڪريت کان بچي پئجي. پر اسان اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي هڪ عمل سان لعل وڃائي ۽ پريت ڦٽائي ڇڏيندا آهن ۽ مسلسل اهڙو عمل ڪندا آهن، جنهن سان گوڙ وڳوڙ وڌندو رهندو آهي. اهڙن ماڻهن کي هدايت خاطر به اهو پهاڪو ڪمائتو آهي پر پهاڪن سان ڪو ماڻهو سڌرندا آهن ڇا؟ مال ڀيل ڪندو آهي ته اُن لاءِ ڍڪ ۽ ترم جو دستور پيو آهي.

3.           بک ۾ بصر به مٺو.
اسان جي پاڙي مان هڪ ماڻهو چين ويو هو. اُن ٻڌايو ته؛ چيني بصر ايئن کائيندا آهن ڄڻ ٽافيون پيا کائين! سوال ٿو پيدا ٿئي ته ههڙي خوشحال قوم، بک کان ته بصر ڪو نه ٿي کائي. چين کي ڇڏي سنڌ جو مثال وٺو ته هتي جيڪڏهن بصر کائبو ته هرو ڀرو بک کان ڪو نه کائبو! بصر هڪ ڪمائتي غذا آهي، ٻوڙ ٻاڙي جو ته نڪ آهي. خاص ڪري هن پهاڪي ۾ لفظ ”مٺو“ اعتراض جوڳو آهي. منهنجي تجويز آهي ته پهاڪن جي ايندڙ خريف ۾ ڪو ٻيو مناسب لفظ آندو وڃي.

4.           بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
بک بڇڙو ”ٽول“ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ”ٽول“ معنيٰ شيءِ. شيءِ کائبي ته بک ئي نه لڳندي. مطلب تي اچو ته؛ بک ديوانن کي داناءَ بنائيندي آهي. پيٽ ڀرجڻ سان ته ڪيترا بکيا، پڇ-ڍاوا (پوءِ-ڍاوا) اِٽون، پستيون ۽ هٽلري لتون هڻندا آهن. ٿوم مان زعفران بنجي، چنڊ تي مڪون پيا اُلاريندا آهن. پيءُ کي ”پوڙهو“ ۽ ماءُ کي پوڙهي“ سڏيندا آهن. پاڇي کي پاڻ سان ڪو نه هلائيندا آهن. سوپاري ته ڦوڪ سان ڀڃي ڇڏيندا آهن. اُن ڪري اهڙن کي وري هڪ بک ڏجي ته چريائيءَ جو کيپ لهين ۽ سڌا ٿين. هاڻي اهو پهاڪو کڻي هيئن بنائجي. ”بک بڇڙو ٽول، ديوانا دانا ڪري.“

5.           ٻلي شينهن پڙهايا، ڦر ٻلي ڪون کانوڻ آيا.
سرائيڪيءَ جي هن پهاڪي ۾ ته بنيادي چوڪ آهي. هڪ ته ٻلي ۽ شينهن، هڪ ڪلاس روم ۾ گڏ ويهي نٿا سگهن. ٻلي شينهن جي دهشت جهلي ئي نه سگهندي. ڪتاب کولي پڙهائڻ يا ليڪچر ڏيڻ ته پري رهيو. پراڻن قصن ڪهاڻين وارن اهو لکيو آهي ته ٻليءَ مان ارتقا ڪري شينهن بنيو آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته ٻلن جي کوٽ ٿي وڃي ها ۽ دنيا ۾ فقط شينهن رهجي وڃن ها. اُن ڪري ته ڊارون کي اسان ۽ اوهان گڏجي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي. ان دليل سان ته جي انسان ڀولڙي مان ارتقا پذير ٿي بنيو هجي ها ته ڀولڙن جو پنهنجو نسل ته ختم ٿي وڃي ها. اُن ڪري هن پهاڪي وارو به ڀليو ٿو ڏسجي. البت هڪڙو مثال ياد اچيم ٿو. ايم اي ۾، هڪڙو ڪلاس-ڀائي، مون کي اڪثر چوندو هو ته: هن سال اسين به ايم اي پاس ڪنداسين. پوءِ اسان ۽ هنن پروفيسرن ۾ فرق ڪهڙو رهندو. اسين به انهن جهڙا ٿي وينداسين.“
پر اهو ته هڪ سئڪالاجيڪل ڪيس آهي!!

6.           ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
هن پهاڪي کي جيڪڏهن خميسي ڏٺڙ جي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪبو ته Tow brothers third Arithmetic ٿيندو. ليکو هونئن به ڏکيو سبجيڪٽ آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته ٻن ڀائرن جي وچ ۾ اهو نه رهڻ کپي. اُن جي بدران سوشيالاجي، جاگرافي ۽ تاريخ ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ضرور رهڻ کپي.
حقيقت ۾ ٻن ڀائرن جي وچ ۾ قدرتي محبت رهڻ کپي. ڀائرن به جي ويهي ليکو ڪيو ته سج ئي لهي ويندو. خميسي ڏٺڙ کي ڇا آهي؟ رڳو اجايا پهاڪا پيو پهي. هي پهاڪو هيئن هجي Two strangers third Arithmetic يعني ٻه ڌاريان ٽيون ليکو.

7.           جيئرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو.
اچو ته پهريائين هن پهاڪي جي ٿوري حمايت ڪريون. اُهو هن ريت ته ڪي ماڻهو دوست جي ٻليءَ جي کنگهه جي علاج لاءِ ته ڊاڪٽر پيا وٺيو ايندا پر جي دوست دنيا کان منهن موڙي بهشت ڏي قدم ٿو وڌائي ته ڳولهيا هٿ نٿا اچن. واقعا اوهان به ڪي ڏٺا هوندا، مون به ڪي ڏٺا آهن. اُنهن کي ڏسي اڃا پهاڪي واري کي هار پارائڻ لاءِ تيار ٿيو هوس ته اندر واري پهاڪا-ٽوڙ چيو ته؛ نه اُهو جئرو به لک جو نه هو. ماڻهن رڳو هن کي ٺڳيو ٿي. جيڪڏهن ڪنهن کي هن معاملي جي اُپٽار ڪرڻي هجي ته آءٌ وڏي خوشيءَ سان ٻڌندس.

8.           جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا:
جيڪڏهن هن جي معنيٰ اها آهي ته ”وڏا اُٺ ته وڏا لوڏا ايندا“ ته پوءِ هي پهاڪو بنهه غلط آهي.، جئرا جاڳندا مثال پيا آهن. مون سان گڏ، هڪ ڏينهن بس ۾ بدين هلو ۽ واپس جيپ ۾ اچو ته اوهان کي لوڏن جي خبر پوي. پوءِ ڏسو ته لوڏا وڏي سواريءَ ۾ وڏا آهن يا ننڍي سواريءَ ۾! اُٺ تي ئي چڙهڻو آهي ته پوءِ سپر هاءِ وي تي اُٺ وٺي اچو.

9.           چري ڀونڊي ۾ خوش.
اُها ڪا پراڻي زماني جي ۽ ٻهراڙيءَ جي ڪا اڻپڙهيل، اَڻ سڌريل ۽ غير فيشني چري هوندي، هاڻي ته چريون ماڻهن کي ڀرپور ٺونشو ھڻڻ کان پوءِ به خوش نه آهن. اعتبار نه اچي ته حيدرآباد جي راحت سئنيما وٽان لنگهي ڏسو. جيڪڏهن رحمان بوڪ بائينڊر وٽ پهچڻ تائين ڪلهي جي مالش نه ڪندا وڃو ته چري چري ناهي. اڃا به جي چريءَ کي ڀونڊو ڏيڻ جو شوق آهي ته ساٽين جي پاڙي واري صابو چريءَ کي ڀونڊو ڏيئي آزمائي ڏسو.
عرض آهي ته هي خلائي دؤر آهي. خلائي طرز جي چرين کان پاسو ڪرڻ کپي. پهاڪن ٺاهڻ وارا ته غير خلائي ڳالهيون سوچيندا آهن.

10.       چڱا سي، جن جا پويان چڱا.
هيءَ ڳالهه ته اڄڪلهه جي اولاد کي رد ڪرڻي آهي. سندن عمل سان جيڪڏهن پوين جي چڱائي پهاڪي واري کي ريٽڻي آهي ته خير، باقي چڱن جي نمائندگي ڪندي، آءٌ هن پهاڪي کي رد ڪرڻ لاءِ گذارش ٿو ڪريان.
سڄن پيٽان، وڍيا پئي ڄاوا آهن. اولاد اُٿي اُبتا پير کڻندو ته وڏن جي چڱائيءَ جو پروانو رد ته نه ڪبو. پويان چڱا هوندا ته مائٽن جو نالو پيو ڳائبو. سوين مثال ملندا، جن ۾ اولاد مائٽن جي بنهه اُبتڙ نڪتو آهي. ۽ ته به هڪڙي جي چٽي، ٻئي تي ڪا نه پوندي.

11.       خون ۽ کٿوري، ڳجها ڪين رهن.
خون ته پئسن جي چمڪاٽ پٺيان لڪي ويندو آهي ۽ کٿوريءَ کي به سائنس وارن جي حمايت سان اهڙن دٻن ۾ بند ڪري سگهجي ٿو، جتان ذرو به بوءِ نٿي اچي سگهي. پهاڪو رد.

12.       رت دانگيءَ تي به وري پوي.
بنهه بيڪار دليل آهي. دانگيءَ تي رت وريو ته ڇا ٿي پيو. مغلن جي تاريخ پڙهي ڏسو. سنڌ ۾ ترخانن جا ڪارناما پڙهي ڏسو ۽ ڪلهوڙن جي آخري حاڪمن جا ڪم نظر ۾ رکو ته خبر پوندي ته اُنهن رت جي رشتي تي ڪهڙا نه وحشي ٽهڪ ڏنا.

13.       ماکي نه ڏسي وڻ، زال نه ڏسي وڙ.
ماکي وڻ نه ڏسي ته ڀلي نه ڏسي، پر زال ته وڙ ڏسندي آهي. اُن کي ته زال ئي ڪو نه چئبو آهي. اڌ پهاڪو صحيح آهي. پويون اڌ رد ٿو ڪجي.

14.        هڻ ڌيءُ کي، سکي ننهن.
بلڪ آءٌ چوان ٿو ته هڻ ننهن کي ته سکي ڌيءَ. پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي ڇو ڌڪ هڻجي! هڻجي پرائي ڌيءُ کي، جيڪا مائٽن سس سرڪار جي خدمت ۾ ’ٻانهي آهيان، گولي آهيان‘ جي راڳ سان رواني ڪئي آهي. راڳ نه ڳائي ته ڌڪ نه ته به کٽ پٽ، گار گند ته ڪجيس. مائٽن کي، بلڪ ستن پيڙهين کي لوئجيس. اڃان به سڌي نه ٿئي ته پوءِ ڪوشش ڪري گهر مان ڪڍجيس. ائين ڪرڻ سان من ڌيءَ سکي! پوءِ به نه سکي ته کٽن ڀاڳ پهاڪي واري جا.

15.       نيم طبيب، خطره جان، نيم ملا، خطره ايمان.
پهاڪو سڄو سون آهي، پر نئين زماني جي طبي تحقيقن، جراحت، ماهر امراض فلان فلان ۽ ديني علوم جي افراط عرف جهاجهه بمعنيٰ گهڻائيءَ جي، لفظ ”نيم“ ٻنهي هنڌان خارج ڪري فقط طبيب ۽ ملا ڪري پڙهو ته صحيح لطف اچي.

16.        راجا جي گهر، ڪو موتين جو ڪال.
بلڪل کوٽو ۽ نسورو جعلي پهاڪو آهي. راجائن کي کوٽ کنيو، تڏهن راجايون ختم ٿيون. وٽن موتين جا خزانا کٽن نه ها ته راجايون به ختم نه ٿين ها. جيترو وقت وٽن موتي هئا، اوترو وقت راجائي هلايون. هاڻي جڏهن راجائي وئي ته خلق کان پئسو ڇڪڻ لاءِ جمهوريت بلڪ منهنجن لفظن ۾ سرمايه دارانه جمهوريت ٺاهي اٿن. جيئن ٿا پئسا ڪمائين، تيئن ٿي پئسي جي لالچ وڌين. ڏسڻ ۾ ڊنگ پيا اچن پر ويچارن جا بئنڪن جي قرضن ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. سچن موتين جو وٽن ڪال آهي، پر موتين جهڙن لڙڪن جي وٽن کوٽ ناهي. اُنهن جو وٽن ڪال ڪونهي.

(زنبيل، تان کنيل)

No comments:

Post a Comment