Saturday, July 8, 2017

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت - حسنين جمال/ انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جي روايت
حسنين جمال
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
۱
اسان جو عام ماڻھو، جيترو ڪتي-شناسيءَ جي معاملي ۾ جڏو ثابت ٿيو آھي ۽ ڪتي يا ڪتي جي ذات پرکڻ ۾ جيترو وقت وڃائي ٿو، ان کان مايوس ٿي مون اردو ادب منجھ ڪتا-شناسيءَ جي روايت تي تحقيق لاءِ، اونداھي کوھ اندر ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ڄڻ ڏول لاٿو آھي. بس ارادو ڪرڻ جي دير ھئي، اردوءَ جي اعلى ادب منجھان ڪتن جي باري ۾ حوالا ۽ اقتباس ائين ڊوڙندا سامھون اچي بيٺا جو مون کان بي ساخته نڪري ويو؛
المدد شوق کہ بس آ پہنچے
سامنے کوچہ رسوائی ہے
اٺاويھين سيپٽمبر، سڄي دنيا ۾ ڪتا-مار مھم جي طور عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي. رات جو يارن دوستن سان ڪچھري ھلي پئي ته اسان جي ھڪڙي مھربان دوست تمام گھڻا شعر، ڪتن جي صفت بابت ٻڌايا ۽ محفل ڄڻ لٽي ويو. انھيءَ عالم ۾ ڏنل ٽٻيءَ  منجھان اڃا نڪتو نه ھيس جو مون کي دل ۾ آيو ته ھاڻي ان امر جو به جائزو ورتو وڃي ته اردو ادب ۾ ڪتا-شناسيءَ جا امڪان ڪيتري حد تائين آھن. ائين ته سڄي دنيا جي ادب منجھ ڪتن تي تمام گھڻو ادب تخليق ڪيو ويو آھي. ليڪن اردوءَ جي چند مکڙين تي قناعت ڪرڻ جو مقصد، اسان جي ڪالم جي ننڍي جھولي ھئڻ سبب سمجھندا. ٻيو ته ٿورو لکيو، گھڻو سمجھندا.

قصو چار درويش جو خواجا صاحب، سگ-پرست کي ياد ڪندو آھي. ھڪ ڏينھن، بادشاھ پنھنجي لعل ۽ جواھرن جون تعريفون، پنھنجي درٻارين جي واتان ٻڌي ٻڌي ميان مٺو پئي ٿيوجو ھڪڙي وزير جي وچ ۾ ٽپي ڏيڻ تي مزو ڪرڪرو ٿي ويو. وزير ڇا چيو؟ سو بادشاھ جي زباني ٻڌو؛ ”خداوند! ھڪڙو ادنيٰ سوداگر (ان سوداگر، اڳتي ھلي خواجه سگ-پرست سڏرايو) نيشاپور منجھ آھي. ان ٻارھن داڻا لعلن جا، ھڪ ھڪ ستن مثقال جو آھي، پٽي ۾ مڙھائي، ڪتي جي ڳچيءَ ٻڌا آھن. مون کي ٻڌندي ئي ڪاوڙ اچي وئي. ۽ بزدل ٿيندي حڪم ڏنم ته ان وزير جو سر قلم ڪري ڇڏيو. ھاڻي وزير صاحب ته قيد ٿي ويو. سندس صاحب زادي، پنجن پيراگرافن کان پوءِ سوداگر ٻار جو روپ ڌرن ڪري ان ڪتي جي تلاش ۾ نڪرندي آھي. بالآخر، کيس اھو نظر اچي ويندو آھي. منظر ڪشي ڏسو؛
”اتفاق سان جو ھڪ طرف نظر ويس ته ڏسي ھڪڙو دڪان آھي، جنھن ۾ ٻه لوھي پڃرا پيا لڙڪن. ٻنھي منجھ، ٻه ماڻھو قيد آھن. تن جي مجنونءَ جھڙي صورت ٿي وئي ھيي، جو چم ۽ ھڏڙين جي مٺ ھيا، مٿي جا وار ۽ نُنھن وڌي ويا ھين، اونڌي منھن ويٺا ھيا. وري اھي حبشي، بدشڪليا ٻنھي طرفن کان مسلح ٿيا بيٺا ھين. سوداگر ٻار جي دل ڪچي ٿي. لاحول پڙھي جو ٻئي طرف ڏسي ته ھڪ دڪان ۾ غاليچا وڇايا پيا آھن. مٿن ھڪڙي صندلي ھاٿيءَ جي ڏندن جي، جنھن تي بخمل جو گاديلو وڇايل، تنھن مٿان ھڪڙو ڪتو جواھر جو پٽو ڳچيءَ تي ٻڌل ۽ سون جي زنجير سان ٻڌل ويٺو آھي. ٻه غلام تمام خوبصورت، سندس تيمارداري ڪري رھيا آھن. ھڪڙو ته مور-ڇل، جڙيل دستي وارو کنيو پيو مٿس مکيون ھڪلي، ٻيو ڄڻو سھڻين تارن وارو برش سان ويٺو سندس ٻوٿ ۽ پير ڇنڊي. سوداگر ٻار، ڏاڍو غور سان ڏٺو ته پٽي ۾ ٻارھن لعل جيئن ٻڌا ھيائين تيئن موجود آھن. خدا جو شڪر ڪيائين ۽ ڳڻ ڳوت ۾ پيو ته ڪنھن بهه صورت ۾ اھي لعلون بادشاھ تائين پڄايان ۽ کيس ڏيکاري ابي جي جان آجي ڪرايان. ھيءُ ان حيرانيءَ ۾ ورتل ھيو، جڏھن ته سموري خلقت، چوڪن ۽ رستن تي سندس حسن ۽ جمال کي ڏسي حيران ۽ ھڪي ٻڪي ٿي رھي ھئي. سمورا پاڻ ۾ اھو سرٻاٽ ڪري رھيا ھيا ته اڄ تائين ان صورت ۽ شبيھ جو انسان ته نظر نه آيو آھي. ان خواجه پڻ ڏٺو. ھڪڙي غلام کي موڪليائين ته وڃي منٿ ميڙ ڪري ان سوداگر ٻار کي مون وٽ وٺي اچ!“
ڳالھ کي اڳتي ٿا وڌايون. آڳاٽن ليکڪن منجھ، سر سيد پنھنجي مضمون بحث ۽ تڪرار جي شروعات ئي ڪتن کان ڪئي ۽ ڪجھ ھيئن چئي ويو؛
”جڏھن ڪتا پاڻ ۾ ملي گڏ ويھندا آھن ته پھرين تيور چاڙھي ھڪٻئي کي بري نگاھ سان اکيون مٽي مٽي ڏسڻ شروع ڪندا آھن. وري ٿورو ٿورو چيخن وارو آواز، ناسن مان ڪڍڻ لڳندا آھن. پوءِ ٿورو ڄاڙي کلندي اٿن، جن منجھان ڏند پيا ڏيکاربا آھن ۽ نڙيءَ منجھان آواز نڪرڻ شروع ٿيندا اٿن. مٿئون واڇون چيرجي وڃي ڪنن سان لڳنديون اٿن، ناسون ڦونڊجي وڃي نرڙ سان لڳنديون اٿن. ڏاٺن سميت ٻٽيھي ٻاھر نڪري ايندي اٿن. واتئون جھڳ پئي نڪرندي اٿن. ڀيانڪ آوازن سان، ڪن ڪيٽا ڪري اٿندا آھن ۽ ھڪٻئي سان چنبڙي پوندا آھن. ھن جو ھٿ ھن جي ڳچيءَ ۾، ھن جي ٽنگ ھن جي چيلھ ۾. ھن جو ڪن، ھن جي وات ۾ ۽ ھن جو پڇ ھن جي ڄاڙيءَ ۾. ھن ھن کي چڪيو، ھن ھن کي کڻي وڃي ھنيو. جيڪو ڪمزور ھيو، سو پڇ پائي ڀڳو.“
اسان کي انھيءَ ضمن ۾ اھا به شڪايت معلوم ٿي آھي ته اردو ادب منجھ ڪتن کي ھميشہ منفي ڪردار ۾ پيش ڪيو ويو آھي. يا وڌائي چئجي ته کل مذاق وقت، ٺڪر وري به ڪتن تي اچي ڀڄندو آھي. حالانڪ پنجابيءَ ۾ ته بلھا شاھ ايستائين وڃي چيو؛
" کتے، تیتھوں اتے"
وري عربيءَ منجھ، خدا اسان کي سورة ڪھف منجھ سبق ٿو ڏئي ته صالحن جي صحبت جو اثر ھميشہ سٺو ئي پوندو آھي، پوءِ ڀلي اھا مخلوق اھڙي ڇو نه ھجي جنھن کي اوھان ڪريل ۽ رذيل سمجھندا ھجو. ابن ڪثير فرمائين ٿا؛ ”سندن ڪتو به ان برڪت منجھ شامل ھيو. ان حالت ۾ جو کين ننڊ آئي، ان ڪتي کي به ساڳيءَ طرح ننڊ آئي. چڱن جي صحبت جو اھو ئي فائدو آھي، جنھن جي بنياد تي انھيءَ ڪتي جو به انھن ئي ڀلارن سان ذڪر، شان ۽ مقام رھيو.“
ابن انشا به مزاحيه ادب ۾ ھجو جو باني ھيو، اردو کی آخری کتاب ۾ ڇا ٿو فرمائي، سو ٻڌو؛ ”ھڪڙو ڪتو، ليلا جو به ھيو. ماڻھو، ليلا تائين پھچڻ لاءِ، ان سان پيار ڪندا ھيا. ان جي خوشامد ائين ڪندا ھيا، جيئن سيڪيٽري صاحب جي پٽيوالي جي ڪرڻي پوندي آھي.“ گويا، اتي به اسان جو بي زبان دوست، منفي تاثرات سان پيش ڪيو ويو.
فيض صاحب جي شاعريءَ ۾ به موصوف سمورين صفتن سان نظر آيو. اسان سوچيو ته ان جو ھڪڙو ٽڪرو به ثواب خاطر، اوھان جي نظرن آڏو آڻيون.
" نہ آرام شب کو، نہ راحت سویرے،
غلاظت میں گھر، نالیوں میں بسیرے،
جو بگڑیں تو اِک دوسرے سے لڑا دو،
ذرا ایک روٹی کا ٹکڑا دِکھا دو،
یہ ہرایک کی ٹھوکریں کھانے والے،
یہ فاقوں سے اکتا کے مر جانے والے۔"
(”کتے“، نقش فریادی)
جميل جالبي صاحب، ان نظم جي باري لکي ٿو ته؛ ”فيض جو نظم، ”کتے“ اردو ادب ۾ ھڪ نئون اضافو آھي. اردوءَ منجھ تمام ٿورا نظم اھڙا آھن جيڪي انھيءَ نوعيت ۽ صنف ۾ ملن. اگر آھن به ته اھڙي خوش اسلوبيءَ سان لکيل ناھن.  شاعريءَ ۾ به موصوف سمورين صفتن سان نظر آيو. ”کتے“ نظم، نيم سياسي تشبيھ جو مثال آھي، جنھن ۾ مضمون ۽ معنيٰ جا ڀنڊار ڀريل آھن. سؤ-سالا ھندستاني زندگيءَ جي اخلاق ۽ ڪردار، تھذيب ۽ تمدن، ذھني رجحان، پستي ۽ ذلت، احساس ڪمتريءَ کي ان نظم ۾ ايترو مختصر ۽ اھڙي قدر جامع لفظن ۾ سموھيو ويو آھي جو نظم ھڪ معجزي وانگر پيو معلوم ٿئي.“ ھلو، ڪٿي ته ڪتي جي پيرن سان محبت جو مظاھرو نظر آيو. جڏھن ته ”یہ فاقوں سے اکتا کے مر جانے والے“ مصرعي اندر سمايل بلاغت جو ته ڪو جواب ئي ناھي. مير حسن دھلوي ياد اچي ويو. ڪھڙو نه سھڻو مصرعو ھيو سندس مثنويءَ منجھ.
”کڑے سے کڑے کو بجاتی چلی“۔
ڪتا-شناسيءَ جي سمنڊن منجھ ٿوري وڌيڪ کوجنا ڪندي، اسان کي ھڪ ھمعصر ھيءَ حڪايت بيان ڪندي نظر چڙھي ٿو، سا اوھان به ٻڌو؛
”ھڪڙي ھاريءَ ھڪڙو ڪتو ۽ ھڪڙو گڏھ، ٻئي ڌاريا ھيا. ھڪڙو بار ڍوئڻ جو ڪم پيو ڪري ته ٻيو گھر جي واھت جي بلي ھيو. ٻنھي کي پنھنجي پنھنجي حد ۾ رھندي، ڪردار ادا ڪرڻ جي تربيت ڏني وئي ھئي. ھڪ ڏينھن گھر ۾ ھڪڙو چور گھڙي آيو. فرض ته ڪتي جو ھيو جو کڙڪو ڪن تي پوندي ئي ڀؤنڪڻ شروع ڪري ھا، مگر ڏاڍو آرام سان ستو رھيو. گڏھ، ڪتي کي جاڳائي، کيس فرائض جي بجاآوريءَ کان آگاھ ڪرڻ ضروري ڄاتو ۽ کيس ٻڌايائين ته گھر ۾ چور گھڙي آيو آھي. ڪتي ھڪڙي اک کوليندي چيس؛ ”منھنجي نڙي ويٺل آھي.“ ۽ ننڊاکو ٻوٿ ڪري وري سمھي پيو. گڏھ کي پنھنجي پيءُ جي ٻڌايل نصيحت ياد اچي وئي ۽ پنھنجي ڌڻيءَ سان وفاداري نڀائڻ جي خاطر زور زور سان ھينگڻ شروع ڪيائين. (ڇو جو عين ان وقت، ڪتو پنھنجي ڪتي ھجڻ جو مظاھرو ڪري رھيو ھيو.) چور، گڏھ جي ھينگ ٻڌي گھٻرائجي، پڇ پائي وٺي ڀڳو. مگر مالڪ گڏھ جي بي وقتي ھينگڻ تان پريشان ٿي اٿي ويٺو ۽ گڏھ کي چيائين؛ ”اڙي بيوقوف گڏھ! آرام سان سمھڻ ڇو نه ٿو ڏين.“ گڏھ سينو تاڻي چيس؛ ”حضور! گھر ۾ چور گھڙي آيو ھيو، ان لاءِ مون اوھان کي خبردار ڪرڻ ضروري ڄاتو.“ ڌڻيءَ ٺاھوڪو ڏنڊو کڻي اچي خوب مرمت ڪيس ۽ چيائينس؛ ”اھا تنھنجي ذميواري نه ھئي. جيئن ته ڪتو آرام سان ستو پيو آھي، ان جو مطلب ته چور گھر ۾ ناھي گھڙيو. تون پنھنجي بچاءَ ۾ ۽ منھنجيون ھمدرديون حاصل ڪرڻ خاطر، ويٺو ٿو ڪوڙ گھڙين.“ ڪتو ڏاڍو مزي سان، اک ڪاڻي ڪيو، ڌڻيءَ کي ڏنڊي سان گڏھ جي خوب خدمت ڪندي ڏسندو رھيو. جڏھن ڌڻي ھليو ويو ۽ گڏھ روئڻ لڳو ته ڪتي کيس چيو؛ ”اڄ جو انسان ڏاڍو بي رحم آھي. سندس انتھا-پسنديءَ ۾ ايتري وفاداري ٺيڪ ناھي. تون سڄو ڏينھن وزن کڻين ٿو ۽ رات جو مار ٿي پوئي. جڏھن ته مان صرف ڌڻيءَ آڏو پڇ لوڏيندو آھيان ته ڌڻي مون کي موتي موتي ڪري سڏيندو آھي ۽ تو کي گڏھ گڏھ پيو ڪوٺي. تون سدائين گڏھ ھجڻ جو مظاھرو ڪندو آھين، ڪڏھن ڪتي-پڻو به ڏيکاري ڇڏ.“
حالانڪ ھيءَ حڪايت ڪتن جي باب اندر، ھڪ ٻي بدعنواني آھي، ليڪن ڪو نه ڪو سبق ته ڏئي ٿي. جڏھن ته اصلاحي لکيتون، قوم جي حيثيت سان، اسان مڙني جي جان آھن.
ھاڻي ھڪڙي نظر، پطرس بخاري صاحب جي فرمان عاليہ، ڪتن جي باب تي پڻ وجھو، ڇو جو ان کان بغير ڳالھ اڳتي ناھي وڌڻي.
”خدا ھر قوم منجھ، نيڪ فرد به پيدا ڪيا آھن. ڪتا، انھيءَ قانون کان وانجھيل ناھن. اوھان خدا ترس ڪتو به ضرور ڏٺو ھوندو، سندس جسم منجھ، تپسيا ڪرڻ جا اثر ظاھر ٿيندا آھن. جڏھن ھلندو آھي ته اھڙي مسڪيني ۽ نھٺائيءَ سان ڄڻ گناھن جي بار جو احساس کيس اک به مٿي کڻڻ نه ٿو ڏئي. پڇ، گھڻو ڪري، پيٽ سان چھٽيل ھوندس.  رستي جي وچ تي، غور ۽ فڪر لاءِ ليٽي پوندو آھي ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيندو آھي. شڪل بلڪل فلاسافرن جھڙي ۽ شجرو ديوجانس ڪلبي سان ملندڙ ھوندس. ڪنھن گاڏيءَ واري، لاڳيتو ھارون وڄايس، گاڏيءَ جي باڊيءَ جا مختلف حصا مٿس کڙڪايا، ماڻھن کان منٿون ڪرايائينس، پاڻ ڪيئي دفعا ايلازو ٿيس، تنھن تي مس وڃي مٿو ساڳيءَ طرح زمين تي رکيو ڳاڙھيون خماريل اکيون پٽيائين. صورتحال کي ھڪ نظر سان ڏٺائين. وري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. ڪنھن چھبڪ ٺوڪيس ته پاڻ ڏاڍو اطمينان سان اتان اٿي ھڪ گز کن وٿيرڪو ٿي وڃي ليٽي پيو ۽ خيالن جو سلسلو، جتان ٽٽو ھيس تتان، وڃي شروع ڪيائين. ڪنھن سائيڪل واري گھنٽي وڄايس، ته ستي ستي سمجھي ويو ته سائيڪل وارو آھي. اھڙين ڇڇورين شين لاءِ رستو ڇڏي ڏيڻ، فقيريءَ جي شان جي خلاف سمجھندو آھي.“
ھاءِ ھاءِ! مير صاحب ڇا ته چئي ويو آھي. ٿورو اھو به ٻڌو؛
غیر نے ہم کو ذبح کیا، نے طاقت ہے نے یارا ہے
اس کتے نے کر کے دلیری صید حرم کو مارا ہے
۲
سائين منھنجا!
ما در چہ خیالیم و فلک در چہ خیال.
پاڻ سوچيو ھيو ته اردو ادب منجھ، ڪتن جي امڪاني احوالن تي ٿوري گھڻي روشني وجھبي، ھڪ اڌ ڪالم منجھ معاملو ئي پورو ٿي ويندو، پاڻ ٿڌا ٿانئرا ٿي ھنڌ ڀيڙا ٿينداسين. ليڪن ڪاٿي يارو! ريکائن جا ڪرم اڻ-مٽ آھن. سگ-شناسي يا ڪتن جي ڄاڻ ۾ پاڻ لنڌور پٽ سعدان ٿيندا پيا وڃون. جڏھن ته معاملو پورو ٿيندو نظر نه ٿو اچي. ٿورو ڌيان گيان ٿيو ناھي، وري خيال ڪتن ڏانھن. ھاڻي ته نثر منجھان ئي ڪافي سگ-پارا چونڊيا آھن. گھڻو اڳتي ويا آھيون. باقي به تيار پيا آھن. ايندڙ ڪالم منجھ اڃا واڌو مصالحو اوھان جي خدمت ۾ پيش ڪبو. في الحال ھي چند چوڻيون ۽ پھاڪڙا ڏسو ۽ مون واري بيگم جي حوصلي کي پڻ داد ۽ ان جي نصيبن کي دعائون ڏجو ڇاڪاڻ ته اھا به پنھنجي حصي جو وقت اسان کي دان ڪري ٿي. نتيجي طور اسان ھي جواھر-پارا اوھان جي خدمت ۾ پيش ڪيون ٿا.
المثل فی الکلام کالملح فی الطعام۔
گفتگوءَ منجھ، پھاڪي/ چوڻي جي اھميت اوتري ئي ڄاڻجي، جيتري کاڌي منجھ لوڻ جي آھي.
ھن وچور اندر جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿم، اتي وضاحت پڻ ڏني اٿم. روان تبصرو ته ڪيل آھي ئي آھي، تنھن ھوندي به اگر ڪا ڪمي ڪوتاھي نظر اچي ته نظر انداز ڪري ڇڏيندا.
کتا چوک چڑھایئے، چکی چاٹن جائے۔
ڪم ظرف کي، عزت راس نه ايندي آھي. ۱- ھجائتي ڪتي ھجري ۾ ھنگي. اڃا قرب ڏينس ته ھنج ۾ ھنگي. ۲- ڪتو ڪاوڙجي ته پير ڦٽي، ريجھي ته ٻوٿ چٽي. ۳- ڪتو ڇاڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان؟ ۴- ڪتو ڇا ڄاڻي، قرب منجھان.
کتیا بھونکنے سکھائی، تو کاٹنے کو آئی۔
ڪتيءَ کي ڀؤنڪڻ سيکاريو، مورڳو ڏھڙڻ تي آئي. ۱- ڪم ظرف کي ٿورو علم حاصل ٿئي ته پنھنجي استاد کان به واڌو علامه سڏائي.
کتے تیرا نہیں تیرے سایئں کا منہ ہے۔
ڪتا تو نه منھن، تنھن جي ڌڻين منھن. ۲- خدا، سائينءَ جو سر سلامت رکي. برھمڻن چواڻي اھو آھي مشڪل.
کتا، کتے کا بیری ہوتا ہے۔
ڪتو، ڪتي جو ويري. ۲- فقير، فقير جو ويري. ۳- ھم-پيشه با ھم پيشه شود دشمن. (فارسي) ۴- ساڳئي ڌنڌي وارا، ھڪٻئي جا ويري ھوندا آھن. (ترجمو) ۵- پٺاڻ، پٺاڻ جو ويري.
کتے کی زندگی جینا۔
ڪتي واري زندگي گذارڻ. (اصطلاح) ۲- تمام غليظ ۽ ڪريل زندگي گذارڻ. ۳- آواگون جا قائل، ڪتي جي جوڻ ۾ اچڻ کان پناھ پيا گھرندا آھن.
کنویں میں سے کتا نکالو۔
ھڪڙا اڻ-پڙھيا مريد، پنھنجي ڪامل مرشد وٽ مسئلو کڻي پھتا. عرض ڪيائون؛ ”اسان جي ڳوٺ جي کوھ ۾ ڪتو ڪريو آھي. ڪيترا ڏول پاڻيءَ جا ڀري ڪڌون جو اھو کوھ پاڪ ٿئي. اسان سؤ ڪڍيا آھن، پر پاڙي وارا ٿا چون اڃا ٻيو سؤ ٻوڪو ڪڍو، تڏھن کوھ پاڪ ٿيندو.“ مرشد پڇين؛ ”کوھ منجھان ڪتو ڪڍيو اٿو.“ چيائونس؛ ”نه! اھو ته اتي مري ويو آھي. لاشو ڪو نه ڪڌيو اٿائون.“ مرشد نصيحت ڪندي چين؛ ”پھرين بابا، کوھ منجھان مئل ڪتو نڪرندو. ان کان پوءِ ايترو پاڻي ڪڍبو جو کوھ خالي ٿي وڃي، پوءِ کوھ اندر جيڪو پاڻي نارن ذريعي چڙھندو سو پاڪ ھوندو.“ ۲- اصل غلاظت دور ٿيڻ کان سواءِ، پليدي دور نه ٿيندي آھي. ۳- رڳو ٻوڪا ڪڍڻ سان کوھ پاڪ نه ٿيندو، چاھي سڄو کوھ خالي ڪري ڇڏجي.
اپنا پیٹ تو کتا بھی پال لیتا ہے۔
پيٽ ته ڪتا به پيا پالين. ۲- پنھنجي پيٽ جي ھڻ وٺ ته ڪتي ٻلي کي به آھي. اصل زندگي اھا ناھي. اصل زندگي اھا آھي، جيڪا ٻين جي خدمت منجھ گذارجي. ۳- زندگي، بي بندگي، رنجگي.
اونٹ کی پکڑ اور کتے کی جھپٹ۔
اٺ جي پڪڙ ۽ ڪتي جي جھپڙ کان رب پناھ ۾ رکي. ۲- اٺ جو چڪ، ٻين جانورن جي چڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زھريلو ۽ خطرناڪ ھوندو آھي. ۳- ڪتو به لڪي لڪي جڏھن چڪ ھڻندو آھي ته ڪانئچ جو ڏر ئي ڦاڙي وجھندو آھي. ۴- ٻنھي جي چڪر مڪر کان رب، پناھ ۾ رکي.
ایک بوٹی، سو کتے۔
ھڪ ھڏو، سؤ ڪتا. ۲- ايک انار، سؤ بيمار. (ھندي)
باسی بچے، نہ کتا کھائے۔
نه ٽڪر بچي، نه ڪتو ڀؤنڪي. ۲- نه بانس ھوندو، نه بانسري وڄندي.
جو بندھ گیا، وہ موتی۔
پوئجي ويو، سو موتي. رھجي ويو سو ڪوڏ. ۲- اگر ڪوڏ به غلطيءَ سان موتين جي ھار ۾ پوئجي ويو آھي ته ان کي به چڱن جي صحبت جي اثر سبب ساڳيو مان ملندو. ۳- چڱن سان چاھ پئي جي من ميڙ ڪيائين، رڱجي ته لال ٿيندو، نه ڪڪوربو ته سھين. ۴- قسمت ڀلي ھجي ته ڪتو به عزت ماڻيندو آھي. جيئن اصحاب ڪھف وارو ڪتو آھي.
چوٹٹی کتیا، جلیبیوں کی رکھوالی۔
چسيري ڪتي، جليبين جي رکوال. ۲- جو ڍيري، گڏ رکپال. ۳- چور کي چوڪيداريءَ جو ڪم سونپڻ. ۴- بگھڙ کان پڇيائون؛ ”ٻڪرين جو ڌڻ پھرائي ايندين؟“ ٻئي ھٿ اکين تي رکيائين. ۵- آنڊن جا واھي؛ گدڙ. ۶- ڪراڙي مڙس کان پڇيائون؛ ”ڪني چٽيندين؟“ چي؛ ”ابا ويٺي ڪو وڌندم.؟.“
خارشی کتیا، مخمل کی جھول۔
خارسي ڪتي، بخمل جي جھل.
کتا دیکھے گا نہ بھونکے گا۔
ڪتو نه ڏسي، نه ڀؤنڪي. ۲- لالچيءَ کي نه مال جي خبر ھوندي، نه ئي چورائڻ لاءِ سازش سٽيندو.
سب کتے کاشی گئے تو ہنڈیا کس نے چاٹی۔
سمورا ڪتا ڪاشيءَ ويا، پوءِ ڪنو ڪنھن چٽيو.
سرائے کا کتا، ہر مسافر کا یار۔
سراءِ جو ڪتو، گدڙ جو يار. ۲- سراءِ جو ڪتو، جاتي آيو تاتي ستو. ۳- سراءِ جو ڪتو، آئي وئي جو يار.
سوتے کا منہ کتا چاٹے۔
ستلن جا ٻوٿ، ڪتا چٽين. ۲- ستي ٻار جو چھرو چميو؛ نه ماءُ خوش، نه پيءُ خوش. ۳- ڪنھن جي تعريف ڪرڻي ھجي ته ٿورو نشانبر ٿي ڪجي ته جيئن اڳلي کي ٿوري گھڻي راحت اچي. ۴- جنگل ۾ مور نچيو؛ ڪنھن نه ڏٺو. (محنت ئي اجائي) ۵- ڪنھن جي تعريف دل ۾ ڪيو ۽ ٻاھر ٻاٻور نه نڪري، ائين آھي جيئن ستي جو منھن ڪتي چميو.
شکار کے وقت کتیا ہگاسی۔
شڪار نڪتو، ڪتيءَ کي ھنگڻ آيو. ۲- گھور ويل، نڀاڳي مڱڻھار کي اچي ٽورو. ۳- گدڙ جي گونھن ۾ ڪم پوي ته انگاس تي ھنگي اچي. ۴- عين وقت تي لنوائي وڃڻ واري کي ائين طعنو تنقو ڪبو آھي.
کتا بھی بیٹھتا ہے تو دم ہلا کر بیٹھتا ہے۔
ڪتو به ويھندو آھي ته پڇ لٽڪائي پوءِ ويھندو آھي. ۲- صبح سان ڪتو ٻلو به منھن چٽي/ صاف ڪري نڪرندو آھي. ۳- صفائي، نصف ايمان آھي. ۴- جتي ويھجي سا جاءِ صاف ڪري پوءِ ويھجي. ۵- مال صفا، ھزارين نفعا.
گھر آئے کتے کو بھی نہیں نکالتے۔
گھر آئي کي آڌر ڏجي. ۲- گھر آئي ڪتي کي به ڪير نه ٿو لوڌي. ۳- مھمان جو وڏو قدر آھي.
آئے گا کتا تو پائے گا ٹکا۔
ڪتو ايندو ته ٽڪو مان ٿيندس.
اپنا کتا باندھو ہم بھیک سے باز آئے۔
پنھنجو ڪتو ٻڌ، اسان پنڻ پچر ڇڏي. ۲- جاڙا خان ڪتي کي جھل، اسان به اچي ويا آھيون.
کتے کی سی ہڑک اٹھنا۔
ڇتي ڪتي واري ھوڏ ٿيڻ. ۲- ھئي ھڏي تي ھوڏ، ڪالھانڪر ڪتن جي. ۳- اوچتو چريائپ وارو اوٿارو ٿيڻ. ۴- اگر خالي چئون؛ کتے کی ہڑک ته ان مان مراد ’ڇتي ڪتي جي گگ‘ ورتو ويندو. جنھن سان ماڻھو واقعي مري سگھي ٿو. بچڻ لاءِ چوڏھن سيون، دن ۾ ھڻائڻيون پوندس.
اپنی گلی میں، کتا بھی شیر ہوتا ہے۔
پنھنجي گھٽيءَ ۾ ڪتو، به شينھن. ۲- ڏر تي، گدڙ به شينھن.
اندھا پیسے کتا کھائے۔
انڌي پيھين جنڊ، ڪتيون چٽين. ۲- انڌن آندو، ٻلن چٽيو. ۳- انڌي کائي ھڪ، چٻڪارا اچن ٻه.
اونٹ چڑھے کو کتا کاٹے۔
اٺ چڙھيي به ڪنھن کي ڪتي کاڌو. ۲- اٺ چڙھيي، نڀاگي کي ڪو نانگ کائي.
کتے کی موت مارنا۔
ڪتي جو موت مرڻ. (اصطلاح)
کتے گھسیٹنا۔
ڪتا گھلڻ. (اصطلاح) حقير ۽ ڪريل ڪم ڪرڻ. ۲- ايترو ڪريل آھي جو سڄو ڏينھن ڪتا گھليندو وتندو آھي. آڳاٽن دورن ۾ عورتن جي بازار لڳائن واري لاءِ به اھو محاورو استعمال ھيٺ ايندو ھيو.
کتے مار۔
ڪتا ڪھڻ. (اصطلاح) بيھوده طبيعت انسان لاءِ استعمال ڪبو آھي. ۲- فلاڻو، فلاڻن تي سڄو ڏينھن ڪتا ڪھندو ٿو وتي.
دنیا و آخرت، دونوں کا کتا ہونا۔
دنيا ۽ آخرت، ٻنھي جو ڪتو ٿيڻ. (اصطلاح) ۲- سگ دنیا و عقبیٰ۔ ۳- دنيا ۽ آخرت وڃائڻ.
کتے کا بھیجا کھا کر آنا۔
مٿي/ مغز ۾ ڪتي جي وھ ڀريل ھئڻ. ۲- ڪتي جو مغز کائي اچڻ. (اصطلاح) ڀؤنڪڻ يا گھڻو ڳالھائڻ.
کتے کا کفن۔
ڪتي جو ڪفن. (ورجيس) صفا ڪنو ڪپڙو، ساخت يا سبجڻ ۾. عورتن جو محاورو آھي. خاص طور تي ڏيرياڻيون، سس-نھن، نڻان-ڀاڄائي ھڪ ٻئي تي اھڙا محاورا يا جملا جوڙي پيون لاھڻيون لاھينديون آھن.
آدمی پیٹ کا کتا ہے۔
ماڻھو؛ پيٽ جو ڪتو آھي. ۲- پيٽ؛ ماڻھوءَ کي ڪتن سان گڏ کارائي ٿو.
کتے کی دم بارہ برس بھی نلکی میں رکھیں تو ٹیڑھی رہتی ہے۔
ڪتي جو پڇ، سؤ سال نڙ ۾ وجھي ڪڍيائون، ساڳيو ٽيڙو. ۲- جبلت يا فطرت، ڪڏھن به ڪٽجي نه ٿي. ۳- عادت عضوو آھي. ۴- عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جاءِ، اٺ پوي ڪڻڪ ۾، ڪنٽا چڻ چڻ کاءِ. ۵- ہیں کجی میں مردم کج طبع بھی کتے کی دم، راست ان کو کیجیے سو بار ہوں سو بار کج۔ (ناسخ)
کتے کے بھونکنے سے ہاتھی نہیں ڈرتے۔
ڪتن جي ڀؤنڪڻ سان ھاٿين ۾ ٽاھ نه پوندا آھن. ۲- ڪتن جي ڀؤنڪڻ سان، چنڊ چمڪڻ نه ڇڏيندو. (عربي، ڪھاوت)
جو بھونکتے ہیں وہ کاٹتے نہیں۔
جيڪي ڏاڙھيندا آھن، سي ڏھڙيندا ناھن. ۲- ھڪڙو ھمراھ سوڙھيءَ گھٽيءَ مان گذريو پئي جو سامھون ھڪڙو ڪتو بيٺو ھيو ۽ ھن کي ڏسي ڀؤنڪڻ لڳو. ھمراھ، ڪتي کي ڀؤنڪندو ڏسي بيھي رھيو. ٻئي واٽھڙوءَ ياد ڏياريندي دل ٻڌرائڻ خاطر چيس؛ ”انگريزي ڪتاب ۾ پڙھيو نه اٿئي؛ بارڪنگ ڊاگ نيور بائيٽس. ڊڄ نه! ھليو وڃ!.“ ڊڄي بيھندڙ ھمراھ وراڻيس؛ ”تو واري ڳالھ ته مون ڪتاب ۾ پڙھي آھي. پر ھن ڪتي پڙھي آھي الائي نه!“ ۳- اھڙي ئي موقعي تي پطرس بخاريءَ پڻ اردوءَ ۾ خوب تبصرو ڪندي لکيو آھي؛ ”خدا معلوم بھونکنے والا کتا، کب کاٹنے پر اتر آئے۔
کتے کے پاؤں جا اور بلی کے پاؤں آ۔
ڪتي-پير وڃ، ٻليءَ-پير اچ. (ورجيسي جملو.) ۲- ڪتي وانگر وڏين ٻرانگھن تي وڃ، ٻليءَ وانگر دٻئي-پير موٽ، جو ڪو کڙڪو نه ٿئي ۽ نه ڪنھن کي ڪا سڻس پوي. ۳- واچ-مينھن ڪندو وڃ، واءُ-مينھن ڪندو موٽ. ۴- ڏاڍو تيز وڃ، ايڏو تيز وري موٽ.
کتیا کے چھنالے میں پکڑا جانا۔
ڪتيءَ جي ڪيس ۾ ڦاسڻ. (اصطلاح) ۲- مفت ۾ بدنام ٿيڻ. ۳- کوتيءَ کي ھٿ لائڻ جي ڏوھ ۾ پڪڙيو وڃڻ.
کتے خسی میں کون پڑے۔
ڪتا-خصي ڪير ڪري. (ورجيسي جملو) ۲- بي فائده وارو، ڌنڌو ڪير به نه ڪري.
آیا کتا کھا گیا تو بیٹھی ڈھول بجا۔
ڪتي اٽو وڃائي، تون ويٺي ڍولڪ وڄاءِ. (ورجيسي جملو) ۲- امير خسرو جي ڪھ-مڪرڻين جو ھڪ حصو. ۳- تيرھن تالي حجامڻ، رواتي-چم چمندي رھي، چور گھر ٻھاري ويا.
بوڑھا کتا بانچے سون، لگی ہے تو مارے گا کون۔
پوڙھو ڪتو سنگھي سون، لڳي آھي ته ماريندس ڪو ڪو نه. ۲- ڪراڙو ڪتو شگون ڏسي چوندو آھي؛ گھر جا دروازا ته بند ٿي ويا آھن، اڃا ڪڙا نه آيا اٿن. ۳- انتھائي سست ماڻھن لاءِ ائين چئبو آھي. ۴- پيٽ تي پيل ٻير به نه کڻي کائڻ وارن سستن لاءِ ائين چئبو آھي.
کتے کی موت آتی ہے تو مسجد کی طرف بھاگتا ہے۔
ڪتي کي موت کڻي ته مسيت ڏانھن ڊوڙي. ۲- ڳوھ کي کڻي کٽي، ڳولھي ڍيڍن جا گھر. ۳- مصيبت ايندي آھي ته خود خطري واري پاسي ڏانھن وٺي ويندي آھي.
کتیا چوروں سے مل گئی تو پہرہ کون دیوے۔
ڪتي، چورن سان مليل ھجي ته چوڪيداري ڪير ڪندو. ۲- پھير ٿئي چور، واھي وھي ڪيترو. ۳- پھير پوک کي کائي، ھاري تنھن کي ڪيترو بچائي؟
کتے کے بن گاڑی نہ چلے۔
ڪتي بنا، گاڏي نه چرڻ. (اصطلاح) آڳاٽي دور ۾ بيل گاڏين سان ڪتو به سفر ۾ ساڻ کڻندا ھيا، جيڪو محافظ ۽ سونھين وارو ڪم ڪندو ھيو. ان ڪتي کان سواءِ بيل گاڏي نه چرندي ھئي. ھاڻي ان ڪتي جي ضرورت ناھي. تنھن ھوندي به اگر ڪو پنھنجي طاقت جو غلط اندازو ھڻي ته ان لاءِ ائين چئبو آھي. جيئن ڪو چوي ته مون کان سواءِ گاڏي نه چرندي يا فلاڻو ڪم نه ٿيندو.
کتے نے اٹھائی پونچھڑی، گیا ستایئس کوس۔
ڪتي رکيو پڇڙو ڪنڊي تي، چي؛ ڀڳس ستاويھ ڪوھ. ۲- ڊاڙي ٻٽاڪيءَ لاءِ ائين چيو ويندو آھي.
کتے کا منہ کالا، دلیہ اتنے کا اتنا۔
ڪتي جو منھن ڪارو، رٻ اوتري جي اوتري. ۲- ھڪڙي ھمراھ ڪڻڪ جو ڀت، ديڳڙيءَ ۾ رڌيو پئي. ڪم لاءِ ٿورو ھيڏي ھوڏي ٿيو ته ان وچ ۾ ھڪڙي ڪتي آئي، جنھن اچي ڪنيءَ ۾ ٻوٿ ھنيو. باھ تي چڙھيل ھئڻ ڪري، ڪنو تتل ھيو. منھن لڳندي ئي ڪتي وات وٺي ڀڳي. تيستائين مالڪ به اچي پھتو. جنھن ڏٺو ته ڪتيءَ ڪنو نوسيو آھي، رٻ نه وڃائي آھي، جنھن تي ائين چيائين. ۳- ڪنھن جي گلا ڪرڻ سان ان جو ڪجھ به نه بگڙندو آھي. گلاخور جي پنھنجي وقعت ۽ حيثيت ڪرندي آھي. ڇو جو گلا، سواءِ گناھ بي لذت جي ٻيو ڪجھ ناھي.
کتے کو گھی نہیں پچتا۔
ڪتي کي گيھ ڀانءِ نه پوي. ۲- ڪم ظرف ۾ چڱائي سنڀالڻ جو حوصلو نه ھوندو آھي. ۳- ڪتيکي ڪڻڪ جي ماني ڀانءِ نه پوي.
کتے کی چھوٹ اور شکرے کی موٹھ نزدیک سے چاہیئے۔
ڪتي کي بڇجي يا شڪري کي ڇڏجي، تڏھن جڏھن شڪار ويجھو اچي. ۲- دشمن کي داءَ پيچ نه سمجھائجن. پنھنجي پاڻ کي ھلاڪت ۾ وجھڻو آھي.
کتا کپاہ وچ ہونا، کتیا ٹرک کے نیچے آ جانا اور کتی سوئی ہونا۔
پنجابيءَ جون ٽئي وڌ کان وڌ استعمال ٿيندڙ محارا آھن. جن کي مطلب اچي ٿو، سي ته مر پيا مزو وٺن. جن کي ڪا سڌ ناھي، تن جي مزي لاءِ مٿي ڏنل ڪھاوتون ئي ڪافي آھن. انھن مان ئي مزڙو پيا وٺن.
انھيءَ ڪتن جي گھٽيءَ ۾ ساري ماجرا کي سمجھائڻ خاطر ھيٺ ڄاڻايل ڪتابن تان مدد ورتي وئي آھي.
اردو کہاوتیں اور ان کے سماجی اور لسانی پہلو۔ ڈاکٹر یونس اگاسکر
کہاوتیں اور ان کا حکایتی و تلمیحی پس منظر۔ ڈاکٹر شریف احمد قریشی
جمال الامثال۔ خلیق احمد صدیقی
ہماری کہاوتیں۔ مولوی ظفر الرحمن صاحب دہلوی
فرہنگ اردو محاورات۔ پروفیسر محمد حسن
فرہنگ آصفیہ۔ مولوی سید احمد دہلوی
امیر اللغات۔ امیر مینائی
(ڪتا-شناسيءَ جي اڻ-کٽ موضوع تي وڌيڪ گل-افشاني آئندھ ڪنھن ڪچھريءَ ۾ بيان ڪنداسين.)

(نوٽ: حسنين جمال صاحب جي ذاتي بلاگ، روزنامه دنيا پاکستان تان ٿورن سان، ٻه ڪالم (۱ ۽ ۲) کنيل.)

No comments:

Post a Comment