Thursday, July 27, 2017

وٽ تي رسو ڀڃڻ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

وٽ تي رسو ڀڃڻ (اصطلاح)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو





رسو، اڪثر ڪري، سڻيءَ منجھان وٽي ٺاھبو آھي. ڊيگھ ۾ تمام وڏو ھوندو آھي. جنھن ڪري ان کي ويڙھي، ويٽي جي صورت ۾ رکبو آھي. حسب ضرورت اتان، ٽڪرا ڪپي استعمال ھيٺ آڻبا آھن.


دڪاندار، تور يا ماپ وقت، ھڪ جڳھ تان ڪپيندا آھن ته جيئن گراھڪ کي گھربل ڊيگھ وارو رسو ڏئي سگھن. ان رسي جو، ڪاتيءَ سان ڪپجڻ، ڏکيو ھوندو آھي. ان کي ڏاٽي يا ڪارائيءَ سان وڍ ڏئي، ڪپبو آھي ته سولائيءَ سان ڪپجي پوندو آھي. يا وري ڪھاڙيءَ جو ڌڪ ھڻي ڪپبس ته به سولائيءَ سان ڪپجي ويندو ۽ گھربل حصو گراھڪ کي ڏيڻ لائق ٿيندو.
ان جي برعڪس اھو ڏٺو ويو آھي ته گھڻن دڪانن تي، مھل موقعي سارو، رسي ڪپڻ جا اوزار ھڪيا حاضر نه ھوندا آھن. جنھنڪري ھو ٻيا طريقا اخذ ڪندا آھن. ڪي دڪاندار، ماچيس جي تيلي ٻاري، گھربل ھنڌ تي رسو ساڙي ٻه اڌ ڪندا آھن. ڪن وٽ وقت تي ماچيس نه ھوندو آھي يا اھا رسڪ نه کڻڻ چاھيندا آھن ته اھي وري ڪوشش ڪندا آھن ته رسي جو وٽ، ابتو ڦيرائي، کولين ۽ اتان ان کي ٻه ٽڪر ڪن.
اھو به ڪن ڪمزور دڪاندارن جي وس جي بات نه ھوندو آھي. جنھن ڪري اھي رسي کي سير يا ڪلوگرام جي لوھي وٽَ تي رکي، چوڌاري ڦيرائي، کاٻي ھٿ سان مضبوط جھليندا آھن. پوءِ ٻيو اھڙي ئي وزن وارو ھڪ-سيرو يا ٻه-سيرو وٽ کڻي، ان رسي تي وڪڙ وٽ، مسلسل ڌڪ ھڻندا آھن. ان مرحلي ۾ ھيٺيون وٽ، سنداڻ جو ڪم ڏيندو آھي ته مٿيون وٽ وري ھٿوڙي جو ڪم ڏيندو آھي. مسلسل ڌڪن لڳڻ سان، وڪڙ واري ھنڌان، رسو کاڄندو ويندو آھي ۽ نيٺ ڪمزور ٿي ڀڄي/ ٽٽي پوندو آھي. ان سڄي مرحلي کي، ”وٽ تي رسو ڀڃڻ“ چئبو آھي.
مطلب؛ ۱. ڄٽڪي نموني، مسئلي جو حل ڪڍڻ.
۲ . حاضر وٿن منجھان فائدو وٺڻ.
۳ . غير ترقي يافته ھجڻ.
۴ . قانون کان ھٽي، جڳاڙي نموني يا سنڌي سليمي نموني، مسئلو حل ڪرڻ.

No comments:

Post a Comment