Tuesday, June 27, 2017

اها ئي زبان کٽ تي ويهاري، اھا ئي زبان پَٽ تي ويھاري

اها ئي زبان کٽ تي ويهاري، اھا ئي زبان پَٽ تي ويھاري

حضرت بهلول رح پنهنجي دور جو مشهور داناءُ ۽ الله-لوڪ-ماڻهو هيو.
هڪ ڏينهن صحرا اندر، پنهنجي مستيءَ ۽ موج ۾ ويٺو ھيو جو سندس شهر جو هڪ تاجر اتان اچي گذريو. تاجر جي دل ۾ بهلول لاءِ وڏي عزت هئي. گهوڙي تان ويٺي ويٺي، کانئس مشورو وٺڻ لاءِ پڇيائين؛ ”اي داناءَ! مان تجارت جي لاءِ وڃان پيو. مشورو ڏي ته ھن دفعي ڇا جو واپار ڪريان، جنهن مان مون کي گھڻو منافعو ملي.“
”ھن دفعي،“ بهلول، کيس مشورو ڏيندي چيو؛ ”ڪاري ڪپڙي جو واپار ڪر..“


تاجر ان مشوري تي عمل ڪيو.
يمن مان وڏي تعداد ۾ ڪارو ڪپڙو وٺي آيو. اتفاق سان ڪجهه ڏينهن اندر هڪ وڏي شخصيت جي وفات ٿي پئي. جنهن جي ڪري ماڻهن ڪارو ڪپڙو وڏي تعداد ۾ خريد ڪيو. شهر ۾ ٻئي ڪنهن واپاريءَ وٽ ڪارو ڪپڙو ايترو نه ھيو، جنھنڪري مڙني دڪاندارن هن تاجر کان وڏو منافعو ڏئي ڪارو ڪپڙو خريد ڪيو. تاجر، پنهنجي در دل تي منافعو ڪمايو.
گھڻي پئسي جي اچڻ جي ڪري، تاجر جي طبيعت ۾ تڪبر اچي ويو.
ڪجهه ڏينهن بعد، تاجر وري يمن ڏانهن تجارت لاءِ سنبريو. هن ڀيري به رستي تي هن کي بهلول داناءُ گڏجي ويو.
”اي چريا! تجارت لاءِ وڃان پيو، ٻڌاءِ ته ڇا خريد ڪريان!“ آڪڙ منجھان، تاجر مشورو گھريو.
”هن ڀيري تون ڇانهينءَ ۽ گدري جي خريداري ڪر!“ بهلول داناءَ مجذوبانه انداز ۾ وراڻيس.
تاجر، بهلول جي لفظن تي عمل ڪندي، پنهنجي سڄي دولت مان رڳو ڇانهيون ۽ گدرا خريد ڪري آيو. جيستائين ايڏا گراھڪ، خبر ٻڌي وٽس اچن، تيستائين گدرا ۽ ڇانهيون هفتي جي اندر ڌپ ڪري ويا. اڇلڻا پئجي ويس. منافعو، منافعي جي ماڳ، مور به لڙھي ويس. ايترو جو پنڻ جھڙو ٿي ويو.
پريشانيءَ ۽ پشيمانيءَ منجھان، بهلول داناءَ کي ڳولي هٿ ڪيائين ۽ کانئس پڇيائين؛ ”ھن دفعي مشورو ايمانداريءَ سان نه ڏنو ھيئي. تو واري مشوري تي ھلڻ سبب منھنجي اڪي ميڙي ھلي وئي ۽ گھر ئي ڀينگ ٿي ويو.“
”اها ڀينگ، مان نه پر تنهنجي لفظن ۽ لهجي ڪرائي آهي.“ بهلول داناءَ دليل ڏيندي، پنھنجي صفائيءَ ۾ چيو؛ ”پهرئين دفعي تو مون کي اي داناءَ ڪري سڏيو هو. ان دفعي تو کي دانائيءَ وارو مشورو ڏنو ھيم. پوئين دفعي تو مون کي اي چريا ڪري سڏيو هو. ان دفعي تو کي چرين وارو مشورو ڏنم. ان ۾ منهنجو ڪھڙو قصور؟!“
مطلب؛
1.   لفظ ۽ لهجو، نصيب ٺاهين ٿا.
2.  اها ئي زبان آهي جيڪا کٽ تي ويهاري ٿي ته پَٽ تي به.
3.   زبان، مڄاڻ ننڍڙي، آھي وھ جي ڳنڍڙي.

4.  ساڳي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري، ساڳي زبان اس ۾ ويھاري.

No comments:

Post a Comment