چؤماسي جون چوڻيون ۽ مينهوڳيءَ جا اهڃاڻ
جئه پرڪاش موراڻي
ڀلي
بلبَن جي روشني راتين کي ڏينهن ۾ بدلائي ڇڏي، ڀلي ڏامر هاريل روڊن تي تيز رفتار
بسن جي ڪري ڏينهن جو پنڌ ڪلاڪن ۾ کٽي وڃي، ڀلي مٺڙائو مان نڪتل رڻ شاخ مان پائيپ
لائين ذريعي سنڌوءَ جو مٺو پاڻي مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلي جي ماڻهن جا ٽانڪا ڀري،
ڀلي کارن کوهن تي (شهرن جي حد تائين) ڪنڊن جا ڀينٽارا رکي انهن کي بند ڪيو وڃي،
ڀلي تڙن تان گوشين جي هڪل ۽ ڀؤڻن جا ڀڻڪا ٻڌڻ ۾ نه اچن، ڀلي پٿرن جهڙيون دليون
رکندڙ شڪاري ٿر جي واٽن تي پاڻي لاءِ پريشان ٿيندڙ هٺيلن هرڻن کي گولين جو بک
بڻائين، ڀلي ڪنهن اڻ ڄاتل ۽ ري ڪوٺي بيماري سبب مهراڻي جي مورن ۾ موت جو رقص ٿيندو
هجي پر ٿاريلن ۽ وڏڦڙي جي وچ ۾ جيڪو سڱ آهي ۽ وُٺي جي هوائن جي معطر خوشبوءَ جي جيڪا مهڪ
آهي ان جو ٿرئي جي من سان جيڪو سٻنڌ آهي ان کي ٽوڙڻ ڏاڍو ڏکيو يا ايئن کڻي چوان ته
اڻ ٿيڻي آهي.
ٿاريلو
ڀلي نيويارڪ جي وال اسٽريٽ ۾ وڙڪندو هجي، جدي جي بازارن ۽ دبئي جي برُج العرب ۾
رهائش پذير هجي يا وري “سنڌ” جي ڪنهن وڏي شهر ۾ ٿانيڪو ٿيل هجي وُٺي جي مهڪ سندس
من کي ضرور جهَٻو ڏيندي آهي ۽ جنهن کي اها سڪ واري ڇِڪ نه ٿي ٿئي ان جي ٿاريلي هجڻ
تي نه رڳو مون کي پر اوهان کي به شڪ ڪرڻ گهرجي.
چئوماسي
جي شروعات آهي پر اڃا تائين مهر جا مينهن نه وسڻ جهڙا وٺا آهن، اتر جي جابلو پٽي ۾
ڪجهه ڪڻين ۽ ڪجهه هوائن جي جهُوٽن ساڻ جهُڙ ڦُڙ ٿي هئي پر اها ته رات جي راڻي واري
خوشبوءَ وانگر هوا ۾ ئي اڏامي ويئي.
دراصل
سنڌي ڪئلينڊر موجب جيٺ، آکاڙ، ساوڻ ۽ بڊو هي چار مهينا گڏجي “چئوماسو” سڏبا آهن.
يعني چئن مهينن واري رت- هنن چئن مهينن ۾ برساتون ٿين، وڏڦڙا وسن، ٽاريون ٽمن، مور
نچن، نئيون ۽ نديون اٿلن، تل ترايون ڀرجن، واٽن تي گڏ ٿيل پلر جي پياڪن مان هرڻ
پنهنجي پياس پوري ڪن. ٿر ۾ ته چئوماسي دؤران سئو سئو رنگ رچن، ڦوڳ ڦلارجن، کيتن ۾
جوڙا جوٽجن، همرچن جا آواز اٿن، اوڙن ۾ ان پوي ۽ ساوا سلا اُسري ٻوٽا بڻجن ۽ انهن
ٻوٽن ۾ سونا روپا سنگ جهُولن، مڙهن ۾ گلزاري ٿئي، ڀٽون ۽ ڏهر سائي چادر اوڍين،
جهرڻو، گهوڙاويل، ناگر ويل، گولاڙا ۽ ٻيا گاهه ٿين، برساتن بعد جڏهن ڌرتي جي پياس
ٻُجهي ته کاٽونبا ۽ کنڀيون اُسرن، گاهه جا گنج ٿين ته مال ڀٽارو پڻ پنهنجون ڪُکيون
ڀري ۽ ايئن کير جون نديون وهن، گهر گهر ۾ ولوڙن جون وايون ٿين، مريا، ٽپريون ۽ ٽڀا
کير، مکڻ ۽ مهي سان پُر ٿين، ماٽين ۾ جهرڻي جي جهر جهر ۽ چوڙن جي ڇڻڪار هڪ انوکي
موسيقي جو روپ بڻجي ٻُرن مطلب ته ٿر بهار ۽ گل و گلزار بڻجي وڃي.
برساتن
لاءِ ٿاريلا ڪيئي سنئوڻ ڪن ته ڪيئي ساٺ پڻ سوچين. اڪثر چوندا آهن ته:
“ويساک وُٺو نه ڀلو، چمڪيو نه ڀلو چيٽ
راجا رُٺو نه ڀلو، پرچيو نه ڀلو سيٺ.”
ويساک
سنڌي ڪئلينڊر جو ٻيو مهينو ٿئي. برساتي سنئوڻن موجب جيڪڏهن ويساک ۾ ڀُلجي به ٻه
ڪڻيون ڪري پيون ته پوءِ ساري رُت مينهن ڪنهن نخريلي محبوب وانگر رٺل رهندو ۽ ان کي
پرچائڻ لاءِ ڪيئي جتن ڪرڻا پوندا. چيٽ جيڪو سنڌي ڪئلينڊر جو پهريون مهينو آهي ان ۾
وڄ جي چمڪاٽ کي ڪُ سنئوڻ لکيو ويندو آهي. مطلب اهو ته چيٽ ۾ جيڪڏهن کنوڻ کِنوي
پوءِ اُهو سمجهو ته هيل وسڪارو ٻاڙو ٿيندو، ان ڪري هاڻي کان ئي توڏا تاڻي، مال
ڪاهي وڃي ڪهن ناري جي نواب يا لاڙ جي وڏيري جو ڀر وٺجي. پر هاڻي ته ناري جا نواب ۽
لاڙي وڏيرا پڻ ديويون ساڙي ڪوئلا پيا وڪڻڻ ان ڪري سانگهڙ جون ڦٽيون ۽ ميرپور جي
ڪڻڪن جا لابارا ئي ڀرجهلا ٿيندا.
انهيءَ
ڏاهي موجب راجا جيڪڏهن ڪنهن سان به رُٺو ته ان جو خير نه هوندو يا ته ڦاهو ڏيندس
يا تُرم ياترا ڪرائيندو نه ته ڏيهه نيڪالي جو پروانو لکيو پيو هوندو. وري سيٺيو
جيڪڏهن ڪاوڙيو ته رڳو اهو ٿيندو ته اوڌر تي وکر نه ڏيندو پر جيڪڏهن ريڌل رهيو ته
پوءِ ڪُڙمي تي قرضن جا ڪوٽ چڙهندا ۽ سندس ست پيڙهيون وياج جي گهاڻي ۾ پيڙهبيون.
هيل
نه چيٽ چمڪيو نه ئي ويساک وُٺو مطلب ته ان حد تائين سنئوڻ سُٺا.
اسان
مهراج ماڻهو وري ٽپڻي پوٽا، اهي پوٿيون پڙهي ورهيه بابت ويچار ڪريون. هيل وڪرمي
سنبت 2068 جي ٽپڻن ۾ پنڊتن جيڪي پرماڻ ڏنا آهن اُن موجب ورهيه جي سواري هرڻ آهي.
هرڻ هميشه پاڻي لاءِ پريشان هوندو آهي ۽ برساتن تي ئي سندس جياپي جو دارومدار
هوندو. مطلب ته هيل ورهيه برساتن سان ڀرپور هوندو. ورهيه جا چار ٿنڀ ڳڻبا آهن جن ۾
جَل ٿنڀ (پاڻي)، کڙ ٿنڀ (گاهه)، ان ٿنڀ (اناج)، سُواءِ ٿنڀ (هوا). ٽپڻي جا ڄاڻو
چون ٿا ته هيل ٽي ٿنڀ چٽا موجود آهن جن ۾ جل ٿنڀ، کڙ ٿنڀ ۽ ان ٿنڀ شامل آهن. مطلب
ته هيل برساتون پڻ ججهيون پونديون ۽ اُهي سڻايون هونديون جنهن ڪري اناج به اڻ ميو
ٿيندو ۽ گاهه پٺو به گنج ٿيندو. مطلب ته ٿر، ٿاريلا، ماروئڙا ۽ مال ڀٽارو سڀ مست ۽
متارا هوندا، ساڻيهه ۾ سڪار هوندو ۽ پريت جي پالوٽ ٿيندي. ٽپڻي (جنتري) موجب هن
سال روهڻي جو واس سمنڊ ۾ ۽ ڌوٻي جي گهر آهي. (روهڻي هڪ نکٽ آهي، جيڪو هن وقت هلي
رهيو آهي، ان جي بيهڪ موجب برسات جي اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي) هاڻي سمنڊ ته آهي ئي
پاڻي سان ڀرپور ۽ ڌوٻيءَ کي پڻ پنهنجا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ هر وقت پاڻي جي ضرورت پوندي
آهي ان ڪري به اهي اهڃاڻ آهن ته برساتون ڀليون ٿينديون. هيل سواءُ ٿنڀ نه هجڻ ڪري
اهو انومان لڳايو پيو وڃي ته هوائون گهٽ لڳنديون، واچوڙا ۽ طوفان نه ايندا. هنن
لفظن لکڻ تائين انهي جا ثبوت ان مان پڌرا آهن ته هيل گهٽ هوائون لڳڻ ڪري انبن جو
ڇاڻو به گهٽ ٿيو آهي، ڇاڻو نه ٿيڻ ڪري انبن ۾ مال به جهجهو آهي هيل باغائين پڻ
اهڙيون دانهون گهٽ ڪيون آهن جهڙيون هر سال ٿينديون آهن. مطلب ته هيل انب اڻ ميا
ٿيندا ۽ غربي غربو ان شاهي ميوي کي کائي خوش ٿيندو. برساتون ٿي سگهي ٿو ته ڪن
ماڻهن خاص ڪري گذريل سال ٻوڏ جي ستايل ماڻهن لاءِ هڪ ڀيانڪ تصور هجن ڇاڪاڻ ته کاتي
وارن جي من ۾ کوٽ، انتظاميه وارن جي اڻ سَهُو روين ۽ ڪامورن ڪڙن جي ڪيني ڪري
درياءَ شاهه جي پاڻي ڪجهه دادلائي ڪئي هئي پر ان ۾ برساتن کان وڌيڪ امداد جي آسري
۾ ڏينهن گذاريندڙ عملدارن جو قصور هو.
ٿر
جيڪو رڳو ضلعي ٿرپارڪر تائين محدود ناهي پر عمرڪوٽ ضلعي جو اڌ، سانگهڙ ضلعي جو
اڇڙو ٿر، نوابشاهه ۽ خيرپور ضلعن جو چڱو حصو، رحيم يارخان ۽ بهاولپور جو وڏو ڀاڱو،
راجسٿان جي پوري رياست جنهن ۾ ٻاڙمير، جوڌپور، جيسلمير، پوڪرڻ ۽ پالڻپور، ڏيسا ۽
ٿراڌ تائين گجرات جو وڏو حصو شامل آهي. ان جي جياپي جي ڏور مينهن جي ڪڻين، کنوڻ جي
تجلن ۽ وڏڦڙن جي وسڪار سان ٻڌل آهي. جيڪڏهن مينهن وسندو آهي ته ماڻهن ۾ ساهه پئجي
ويندو آهي، هيڻو حال ڪيل مال به ٽاڏون ڏيڻ شروع ڪندو آهي. جيڪڏهن وسڪارو رُسي
وڃي ته سڀني جا ڇيهه ڇڄيو پون.
مينهن
وري جيڪڏهن مندائتو پوي ته سون تي سهاڳو ٿي پوي.
هونئن
ته اوهان کي اڳ ئي ٻڌايو هئم ته ٿاريلا چوندا آهن ته “ڄيٺو
مينهن ۽ پوڻيٺيءَ جو پُٽ ڀاڳن وارن کي نصيب ٿيندو آهي.” مطلب ته جيٺ جي
مهيني ۾ آيل مينهن ۽ اولاد ۾ پهريون پٽ ڀاڳ وارن جي نصيب ۾ لکيل هوندا آهن.
هن
وقت سنڌي حساب ۾ جيٺ جي مهيني جي شروعات آهي ۽ هندي حساب سان مهينو اڌ ختم ٿيو
آهي. ورهيه جي اڳڪٿي موجب سنڌ ۽ ڀرپاسي ۾ چئوماسو 5-6 جون کان شروع ٿيندو. مطلب ته
مينهوڳي جي موسم اچڻ واري آهي. جيٺ جو مينهن ٿاريلي موسم جي حساب سان آڳاٽو هوندو
آهي. ان مهيني ۾ مينهن پوڻ ان ڪري به بهتر آهي جو سڄو چوماسو پويان هوندو آهي ۽
انهن رهيل چئن مهينن ۾ ڇپني ۽ ڇنوي جهڙن قهري ڏڪارن کي ڇڏي باقي سالن ۾ ڪڏهن گهڻي
ته ڪڏهن گهٽ برسات پوندي رهي آهي ۽ اها گهڻي يا گهٽ برسات آڳاٽي وسڪاري تي ڪيل پوک
کي هٿي ڏيندي آهي.
جيڪڏهن
اسان جي اڳڪٿي واقعي سچ ٿئي ٿي ۽ 5-6 جون کان وسڪاري جي شروعات ٿئي ٿي ته ان کان
ڀلو سنئوڻ ڪو ٻيو نه ٿيندو. جيڪڏهن جيٺ نه وُٺو ته به خير آهي ڇاڪاڻ ته سنئوڻي ۽
سُچيت ٿاريلا چوندا آهن ته “آکاڙ سُڌ ٻيج، بادل ڪان بيج، نيڙا رکو ٻڙڌيا، کوڙي رکو
ٻيج.” آکاڙ جيٺ کانپوءِ ايندڙ مهينو آهي، سُڌ ٻيج معنى چنڊ جي ٻي ڏينهن تي، يا
بادل هجن يا وڄ کنوي ته ان چوڻي موجب نيڙا (ويجها) رکو ٻڙڌيا (ڍڳن جي جوڙي) ۽ کوڙي
(جهوليءَ ۾) ٻيج (ٻج) رکو. مطلب ته ٻني پوکڻ جي تياري ڪري وٺو، جوڙو ۽ ٻج ويجها
رکو مينهن آيو ڪي آيو. آکاڙ جو مينهن مندائتو مينهن هوندو آهي.
باقي
مالڪ نه ڪري ته “آکاڙ سُڌ ٻيج، نا بادل، نا ٻيج، پهلي
ويچو ٻڙڌيا پَڇي چَٻو ٻيج” واري صورتحال ٿئي. يعني آکاڙ جي سهائي ٻيج جو
جيڪڏهن نه آسمان ۾ بادل هجن ۽ کنوڻ کنوي ته پوءِ پهرين ڍڳا وڪڻو جيئن اڳتي لاءِ
ڪجهه سَٺو ٿئي ۽ پوءِ ٻج رڌي کائو ڇاڪاڻ ته مينهن وسڻ جي موسم سُٺي نه هوندي. جڏهن
ڏيهه ۾ ڏرت اڳ ئي آيل آهي، سائي ستابي سنڌ جيڪا چئني لوڪن جي رکوال ۽ ان داتا هُئي
ان ۾ به ڏڪار جو ڏچو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ڪر کڻي رهيو آهي، سنڌو ڀلي ڪجهه مهينا تار
وهي، ٿوري گهڻي ٻوڙ ٻوڙان ڪري پر پوءِ سڄو سال مهراڻ جي پيٽ ۾ واريءَ جو مينهن وسي
ته پوءِ مهراڻو، کائڙ، پائو، پارڪر، سامروٽي، ونگو، ڍٽ ۽ وٽ ڪهڙي ريت ساوا ۽ سڻاوا
رهي سگهندا.
ڌڻي
در دعا آهي ته مهر جا مينهن سدا وسندا رهن ۽ سانگي سَرها ۽ سُکيا رهن.
Wow! This could be one particular of the most helpful blogs We’ve ever arrive across on this subject. Basically Magnificent. I am also an expert in this topic so I can understand your effort. Sindhi News
ReplyDelete