Monday, October 24, 2011

پھاڪن جي پروڙ - شمس الدين تونيو لاڙڪاڻوي

پھاڪن جي پروڙ
شمس الدين تونيو لاڙڪاڻوي



ھيءُ رسالو ڪتابي صورت ۾، ايڇ احمد اينڊ سنس بڪ سيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد سنڌ طرفان ڪرائون سائيز جي ۲۶ صفحن تي ڇپجي پڌرو ٿيو ھيو. ڇپائيءَ جو سال ڪتاب ۾ ڏنل نه آھي. اندازو اھو آھي ته ھيءُ ڪتاب اوڻويھ سؤ سٺ واري ڏھاڪي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيل آھي.
پھاڪن ۽ چوڻين جي شوقينن لاءِ ھيءُ رسالو ٻيھر اي- ڪتاب جي صورت ۾ ھتي پيش ڪجي ٿو. اصل ڪتاب ۾ داخلائن جو تعداد ۴۵۲ آھي. ٻه داخلائون ورجايل آھن، جيڪي ھن ڇاپي مان خارج ڪيون ويون آھن. ان لحاظ کان تعداد ۴۵۰ بيھي ٿو پر اصل مسودي ۾ نمبر ڏيڻ وقت ڪمازيٽر کان سھو ٿي وئي آھي، جنھن ڪري ۴۷۶ داخلا کان پوءِ وري اندراج ۴۷۳ کان ٻيھر شروع ڪيو اٿائين. انھيءَ نسبت سان چار داخلائون اڃا وڌي ويون. جنھن ڪري ھاڻي داخلائن جو جوڙ ۴۵۴ وڃي بيھي ٿو.

داخلائن جي صورت ساڳي رکي وئي آھي. منجھن ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي وئي آھي، سواءِ پروف جي غلطين کي سڌارڻ جي. صورتخطيءَ جون غلطيون سڌارڻ لازمي سمجھندي اھي سڌاريون ويون آھن. باقي سمورا جملا ساڳي صورت ۾ بنا ڪنھن وڌاءَ ۽ ڪاٽ ڪوٽ، بنا ڪنھن تصحيح ۽ تشريح جي، جيئن جو تيئن ڏنا ويا آھن ته جيئن اصل ڪتاب جي ساڳي صورت برقرار رھي ۽ آئندھ جي محقق کي تحقيق ڪرڻ وقت ڪا به دقت نه رھي.
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اسان جي سنڌ ڪيئي سگھڙ، سالڪ ۽ ڪيئي ڪچھرين جا مور پيدا ڪيا آھن، جن پنھنجن نقطن سان ھن عظيم ڌرتيءَ کي نوازيو آھي. اڄ ھو اسان وٽ موجود ڪو نه آھن پر تنھن ھوندي به انھن جا خيال، چوڻيون ۽ قول اسان وٽ بحيثيت امانت آھن، جيڪي انھن سگھڙن ۽ سياڻن جي زندھ رھڻ جي نشاندھي ڪن ٿا.
ٻھراڙين جي سگھڙن جون ڪچھريون مون کي بيحد سٺيون لڳنديون ھيون ۽ شوق سان ڏسندو رھندو ھوس. خيال ڪيم ته انھيءَ کان بھتر ائين ٿيندو ته اوھو قومي سرمايو ھٿ ڪري ڪنھن ڪتابي صورت ۾ آڻي سنڌي ادب جي خدمت ڪندس.
انھيءَ قومي فرض کي بجا آڻڻ لاءِ مون وڏي جاکوڙ ڪري پنھنجو ھيءُ فرض پورو ڪيو آھي.
انھيءَ ڏس ۾ اوھان ڀائرن کي عرض آھي ته ان ڪم ۾ منھنجي مدد ڪن ته جيئن وڌيڪ جيڪو سرمايو ھٿ اچي اوھو به اوھان جي امنگن مطابق پيش ڪري سگھان.
خاص ڪري منھنجو سنڌ جي سگھڙن ۽ محفلن جي مورڙن کي عرض آھي ته اوھي ھن ڏس ۾ منھنجي مدد ڪن. اوھو نه رڳو مون تي احسان ٿيندو بلڪ ھيءَ سنڌ جي سرزمين سندن ٿورائتي ٿيندي.
شمس الدين تونيه طرفان ٻه اکر

متن

1.                  بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري.
2.                  ڄٽ ملوڪ، غلم جو زيان.
3.                  چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا مامرا؟
4.                  نڀاڳن جا نار واڍن چاڙھيا واٽ تي.
5.                  ھڪ رانجھو لکان دا مَٽُ.
6.                  انڌي جھڙي پيڪين تھڙي ساھرين.
7.                  اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪنَ ڇني.
8.                  گھر جو پير چلھ جو مارنگ
9.                  ڄٽ ۽ ڦٽ، نه ڇٽي نه کٽي.
10.              آئي ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويٺي بورچاڻي.
11.              اگھين ته پاءُ نه ته مڻن ئي موٽ آ.
12.              پرچي ته پل ڀري، ڏمرجي ته به ڏيئي.
13.              اھا ڪي ڪجي جا آئيءَ ويل ڪم اچي.
14.              سکڻي ڪني گھڻو اڀامي.
15.              ٻاراڻي پوتي، جھڙي ڌوتي تھڙي نه ڌوتي.
16.              تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي.
17.              سؤ وڃائجي پر ساءُ نه وڃائجي.
18.              نار ھلي نه ھلي، مڙئي ڪم رينگٽ سان.
19.              جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.
20.              جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو، انھيءَ ۾ پاڻ پوندو.
21.              تڪبر ڪنڌ ڀر ڪيرائي ٿو.
22.              ڏکن پٺيان سک، گھوريا سک ڏکن ريءَ.
23.              سڀڪو قرب جو بکيو آ، پيٽ جو بکيو ڪو به ناھي.
24.              ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، سؤ ستر ڪاڻو، گھرئون ڏيئي ناڻو، ته به ماراءِ منڊي کي.
25.              انڌي ھنگي، ٻه سيڙائي.
26.              ڄٽ جي عبادت، لنڊي گڏھ جي ڀيل.
27.              مندي جن جي من ۾ تن لاءِ ڏھاڙي ڏڪار، پيسي لڳي خرار ته به بک وڃي بکئي جي.
28.              ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، سؤ ستر ڪاڻو، جڏھن گنجو ساماڻو، تڏھن مڙني ماٺ ڪئي.
29.              نيم ملان خطره ايمان، نيم حڪيم خطره جان.
30.              ڌوٻيءَ جو ڪتو نه گھر جو نه گھاٽ جو.
31.              جيڪو ڪمائي سو کائي، جيڪو سستي ڪري سو سڪي مري.
32.              سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ.
33.              ھٿ جي ھڻيس ته پکي ٿي پئي.
34.              لتر کي پڄي چڪر.
35.              سلو اھو جو انگورين ڀلو.
36.              مڙس ڊڀ نه آھن جو وري موربا.
37.              ڏٻرو گھوڙو، سيٽيل سوار.
38.              بار کڻندا باري، ناھي ڪم ڪچن جو.
39.              ھجيئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.
40.              بي وس بار اُٺن به ڇڏي ڏنا.
41.              پڇ ٻڌي مھري اُٺ ڪرڻ.
42.              سخي ۽ ڪنجوس جو ٻارھين مھيني ليکو ساڳيو.
43.              نه عقل نه موت، رڳو چوت جي چوت.
44.              لائجي ته نڀائجي، نه ته اصل نه لائجي.
45.              شير شاھ جي شڪري وانگر، وت گھر جا ڪڪڙ ماريندو.
46.              سرمون سڀڪا پائي پر اک اک جو ڦير آھي.
47.              ڀان ڀان دي ڪتي، ھرڻان دا پڇ.
48.              جھڙي صحبت، تھڙو اثر.
49.              اکيون ٻوٽ ته مڙيوئي ميدان.
50.              جيسين ڍائو اُٿي تيسين بکئي جو ساھ وڃي.
51.              جھونا ٿيا جھاز، سٽ نه جھلن سڙھ جي.
52.              سڀاڳو پٽ پينگھي ۾ پڌرو.
53.              جنھن جو رب، تنھن جو سڀ.
54.              حيف اٿئي انھن کي جن ڄڻي ڏيھ ڏيکاريئي.
55.              ناڙي راڻي، ڇٽ ٻانھي.
56.              ڏوئي ڍڪڻ گيھ ۾ اٿئي.
57.              اھو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرين کي.
58.              جھڙا روح، تھڙا ختمان.
59.              جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
60.              ائين ڪجي جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي وڃي.
61.              لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙي نه وھي.
62.              جھڙي نيت، تھڙي مراد.
63.              نيت صاف، مراد حاصل.
64.              جنھن جي نيت بد، تنھن جي روٽي ئي رد.
65.              منھن ڏسي، مٺائي گھرجي.
66.              نه ھڙئون نه ھنجئون، خدا جي گنجئون.
67.              پرائي گھرئون ڌڪو اچي ته به ڀلو، جيڪي ڪجھ اڳڀرو ٿينداسي.
68.              مکڻ پوندي، مٿو ٿو سڙئي.
69.              جن سان مٺا کائبا، تن سان ڪڙا به کائبا.
70.              ڪنڌيءَ کي به ڪن ھوندا آھن.
71.              مشن خالي ڪين وھاءِ، پڇا ٿيندئي پرزن جي.
72.              لوٽي کان منگھ ڳورو ٿي پوڻ.
73.              ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيون ڳرو.
74.              ملان ته ڀت، گھوڙا ته پٽ.
75.              يار ليکي نه ليکي، اسان يار جي ليکي.
76.              چوت چوت کي سؤ ڪوھ تي سڃاڻي.
77.              مٿي ۾ ميٽ ھجيئي، ته به مون وٽ اچي ڪڍ.
78.              بار گڏھ تي، ٽٽ ڇڏي کوتي.
79.              جنھن جو کائجي، انھيءَ جو خير به گھرجي.
80.              جنھن جو استاد ناھي، تنھن جو بنياد ئي ناھي.
81.              ناسودي کي نوَ نڪ، ھڪ وڍيو ته ٻيو موريو.
82.              نه گھٽتائي گھوٽ ۾، نه ڪمي منجھ ڪنوار.
83.              جھڙو گھوٽ تھڙي وني، جھڙي ڇالي تھڙي پني.
84.              سپڙ ھڪ ئي نال بس.
85.              ڪتيءَ کي پيٽ ۾ سور، سرائيءَ کي بڇ تي زور.
86.              ڀاڙيءَ جي ڀاڪر کان، جوان جو ڀونڊو به ڀلو آھ.
87.              ڀڄ چريا جو مست ٿا اچنين.
88.              رب ٿئي مھربان ته گڏھ به خاندان.
89.              ٻٻرن کان ٿو ٻير گھرين.
90.              ڏٺو به لولو مل جو ڪڙمي اٿئي.
91.              گڏھ ساڳيو آ پر استر مٽيل اٿس.
92.              لوٽو لٺ تي، ٽپڙ ٽيشڻ تي، ھلو يارو ھلو.
93.              رب ٿئي راضي ته ڪيا ڪري ملان ۽ ڪيا ڪري قاضي.
94.              نانءَ چڙھيو واپاري، کٽيو کائي.
95.              مولا مينھن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کئون.
96.              اھو سوار ئي نه آھي، جنھن ڌڪو نه کاڌو ھجي.
97.              ڪتي جو پڇ نڙ ۾ وڌو ھئائون، ٻارنھين مھيني ڪڍيئونس ته به اھڙو جو اھڙو وينڊو.
98.              جن ادب، تن ايمان.
99.              بيوقوف کي بازار ۾ کڻجي نه ساڻ، اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ سار لھي سنگت جي.
100.          سڄڻ ڏيئي سڄي ٻانھن ته سڄي ٻانھن نه ڳھجي.
101.          لعل به لڀي پريت به رھجي اچي.
102.          کٿيءَ ۾ کير ڀلو.
103.          ٿورا ڪڻا به ڀالھيءَ ۾ ڀلا.
104.          چريا ڏيئي چار، واڇان ورتم ھڪڙي، سا به چرين جي آچار.
105.          مستن تي ميار ئي ڪانھي.
106.          سھڻي صورت کان سھڻي سيرت ڀلي.
107.          ڀاڙين مٿان ڀت ڪانگن ڪيرائي وڌي.
108.          جت سچائيءَ تي چڙھي ته کڙھ تي کير پياري.
109.          وڃي ڪراڙيءَ کي دانھن ڏيئي ته چانورن جو چڪو چاڙھئي.
110.          ماڻھو آن يا مس چٽو آن.
111.          ٻاھر چکي مکي، اندر ڌونرو دکي.
112.          آپڻي گھوٽ ته نشا ھووئي.
113.          پاڻيءَ کان اڳ ۾ ڪپڙا لاھي بيھڻ.
114.          ڀاڳ ڏيئي ڀيڙو ته دال مان ٿئي سيرو.
115.          سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
116.          مڙس ته ڦهو، نه ته جڏي جو جڏو.
117.          لنگھو ڀڄي کاھي کان، اھا ئي کاھي.
118.          پوڙھو اُٺ ٻه ڪنواٺ لھي.
119.          وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
120.          بيوقوف دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.
121.          اٺو ته ڀر نه ته آھي بَرُ.
122.          پرائي گھڻي کان پنھنجو ٿورو به ڀلو آھ.
123.          ھارياڙھي جي ھير، ٽنگ ڀڳي به نه وڃي.
124.          پڙھي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کٿابي.
125.          ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
126.          بک نه پڇي ٻوڙ، ننڊ نه پڇي ھنڌ.
127.          پير ڀلو يا ويساھ ڀلو.
128.          سائوءَ کي سھي ڪو نه، سڃي کي ڏيئي ڪو نه.
129.          لک وڃائجي پر لڇڻ نه وڃائجي.
130.          سڪڻيءَ کي پٽ ڄائو چمين ۾ ماري ڇڏيائينس.
131.          انڌي ۽ جنڊ، ڏھين ڏوڪڙين پاٽي، سڄو ڏينھن پئي وھي.
132.          صبر جنين جو سينڱ، تير نه گسي تن کان.
133.          سڃ تي سندرو، پڌر تي رات.
134.          جاڙا خان ڪتي کان بيھ اسان به اچي وياسين.
135.          ٻه گدرا مٺ ۾ ڪو نه ايندا آھن.
136.          رڳي سڃ تي سندرو ۽ سکڻا سلام.
137.          ڪري نه خراساني خوار.
138.          وکر سو وھاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي.
139.          مروان موت، ملوڪان شڪار.
140.          رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورھيه ٿيا.
141.          بيداي ننگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
142.          اندر ۾ ابليس، شڪل منجھ شيطان.
143.          پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.
144.          بک کان بصر به ڀلو آ.
145.          ادا ڏٺيسون اوھان جي گھاٽي سرنھن.
146.          بس ڪر نه ته ٿيئي نه ڪوريءَ واري عيد.
147.          ھزار وڃائجي، حياءُ نه وڃائجي.
148.          بھشت ماءُ جي پيرن ھيٺان آھي.
149.          مرڻ ناھي مھڻو، پرڻو ناھي گار.
150.          ذات ناھي ڏات، جو وھي سو لھي.
151.          جنھن کي اخلاق ناھي، اوھو انسان ئي ناھي.
152.          ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين.
153.          ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ڪونھي.
154.          جتي وڻ ناھ، اتي ڪانڊيرو به درخت آھ.
155.          انڌن به وڃي ملتان لڌو ھو.
156.          ڄڻي ماءُ، منھن ڪارو ٻارن جو.
157.          خدا به سڃاڻي سنڱ هنا اٿئي.
158.          تون ته وري لک تي مٿو ڌويو ويٺو آھين.
159.          حد ڪماليت، آغاز زواليت.
160.          ٻه به ويون ته ڇھ به ويون.
161.          اي ڄاڻي او ڄاڻي تون ٻيٺي اٽا تور.
162.          اھڙي ڪندوسانءِ جھڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان.
163.          دل ۾ خوش بغل ۾ اٽون.
164.          چور چور ٿيندو، ٻلو ٻلو ٿيندو.
165.          عورت کي عقل کڙيءَ ۾، سج لٿي کان پوءِ اوھو به چٽ.
166.          جيئن مکڻ ۾ ماکي، تيئن کير ۾ کنڊ جو ھجڻ لازمي.
167.          زال زحمت، ٻار ٻرو، وس پڄيئي ته گھم ڇڙو.
168.          ڀاڻج شينھن کي به پرين آھن.
169.          گرو رڳو گپ و ڀاڙي آھ، ھونءَ جوان آ.
170.          فقير ته فند، ه ته نسورو ئي گند.
171.          نالو وڏو، ديھ ويران.
172.          کائڻ مھل گڏ، سمھڻ مھل مسيت ۾.
173.          سيارو ۽ واڻيون ڪثر نه ڇڏيندا آھن.
174.          پير فقير وائکو ڀلو.
175.          گدڙ به پنھنجي ڏر تي شينھن ھوندو آھ.
176.          اٽو جي گھوٻاٽو.
177.          سؤ رات چور جي ته ھڪ رات ڀاڳئي جي به ضرور ٿيڻي آھ.
178.          ڪڏھن جتيءَ کي به وارو ايندو آھي.
179.          ناني ڪاڻي پاڻي ڏي، ھائو ابا! انھين افعالين گھڻو پيئندين.
180.          جيڪو ڏاڍو سو گابو.
181.          ضلم قائم آ، پر ظالم قائم ناھ.
182.          مسجد ٺھي ئي ناھي، اول انڌن زور ڀريو آھ.
183.          کٽيو کائي فقير، سوٽا جھلي ڀولڙي.
184.          اسان جي حالين، توھان جي افعالين، ھت ڍينگ پيا رڙندا.
185.          ھڏئون ڏيئي ھڻاءِ ته مالڪ ڏين مزرا.
186.          جن جو بد بنياد، تن جو ميوو مٺو ئي نه ٿئي.
187.          گدڙ جي سؤ سال زندگي کان، شينھن جي ھڪ ڏينھن جي زندگي بھتر آھي.
188.          انڌي جي آڏو روئڻ آھي اکين جو زيان.
189.          ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان.
190.          سخيءَ کان شوم ڀلو جيڪو ترت ڏيئي جواب.
191.          ڪڪڙ ڪوريءَ جو نانءُ وڏيري جو.
192.          اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ٻئي جي ليکي ملڪ جو والي.
193.          ھمٿ مردان مدد خدا، بي ھمٿ بندا بيزار خدا.
194.          ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جتي کوڙ اتي کپي.
195.          خون ۽ کٿوري لڪڻ جا ناھن.
196.          ٻري تيل سڙي وٽ، شابس اڙي ڏيئا شابس.
197.          ڏيئي ڏاتار، چوت ڦاٽي ڀانڊار جي.
198.          پڇڻا نه منجھڻا، جيڪي منجھيا سي مئا.
199.          جنھن کي طعنو نه ماري، انھيءَ کي ترار به نه ماري.
200.          سوٽو ھجيئي ساڻ، ته گةھ گوھي ئي نه ڪري.
201.          ھڪ اڻھوند ٻيو افعال بڇڙا.
202.          ماڻھن ۽ کوھن جا وات ڪنھن به بند نه ڪيا آھن.
203.          اتم کيتي وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري پنڻ بيڪار.
204.          ٻٻر بي خبر جن جا آکيرا ئي اونڌا.
205.          مال آ مڻي، جنھن کي کٽي کڻي.
206.          ھن ڪتيءَ به سيھڙ ماريا.
207.          اٺين آني اٺ، ٻارنھن آنا گھلاڻي، ڪري پوي کوھ ۾، سوا رپيو ڪڍاڻي.
208.          ھڪڙي پنھل ڪاڻ، ٻانھي ڪل ٻروچ جي.
209.          موچڙي ۾ سوڀ ھوندي آھ.
210.          ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي مڙيئي نه ھنجھ، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.
211.          ماني آ ڍوَ تي، موچڙو آ گھٽ.
212.          جنھن وڻ ھيٺان ويھجي انھيءَ جو به خير گھرجي.
213.          ڳوھ کي کٽي کڻي ته شڪارين جا در تاڙي.
214.          زور اڳيان زاري آھ.
215.          رب رسي مت کسي، ھڻي ڪو نه ھٿيار، سا ئي ڪرائي ڪار، جنھن ۾ جوکو جان جو.
216.          خوشيءَ جھڙي خوراڪ ڪانھي، ڳڻتيءَ جھڙو مرض ڪونھي.
217.          زور جي ميندي نه لڳندي آھي.
218.          مڱڻھار کي گھور وقت ٽورو ايندو آھي.
219.          چرسي نه يار ڪس ڪا، وزم لڳا ته کسڪيا.
220.          گمنام کان بدنام ڀلو آ.
221.          پنڻ ۽ پورھيئي مان ڪنھن نه ڀريا پل، مانجھي سي مل، ھر جنين جي ھٿ ۾.
222.          سون جھڙا وڃي کڏ ۾ ڪريا.
223.          جيڏو اللھ، تيڏو آسرو.
224.          کائڻ جو کرو ڪم کان ٻرو.
225.          آھ غريبان، قھر خدائي.
226.          رب ھجي رحمان ته ڪيا ڪري شيطان.
227.          ڀنگ جھنگ ۾ پاڻي، جيئي لعل سيوھاڻي.
228.          ٻه ٽي ڏينھن ٿيندئي باقي پائي ميري نه ٿيندئي.
229.          جيڏو تنھنجو نانءُ ٻاجھ به اوڏي منڱيان.
230.          کنئي کپي ڪا نه، ڳولي لڀي ڪا نه.
231.          مکڻ سان ٺڪر به ٺھن.
232.          کائي گلو، ڀري ھيڪلو.
233.          جھڙا ڪانگ، تھڙا ٻچا.
234.          ڄٽ ۽ ڦٽ، ٻئي ٻڌا ڀلا آھن.
235.          جيڪا پوکبي سا ئي لڻبي.
236.          دوا اندر دم ٻاھر.
237.          ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
238.          واندو ماڻھو شيطان جو ڀاءُ آھ.
239.          عورت کي وفادار سمجھڻ عظيم غلطي آھ.
240.          نون ميھارن مينھون ڌاريون، کٿا لاھي دونھيون ڪيون.
241.          پارو پيو، اڪ سڙي ويا.
242.          انڌي ڀونڊي ۾ خوش.
243.          گھڻائي ھر شيءِ جي خراب ٿيندي آھ.
244.          ڪک پن ٿيءُ ته ڍور ڍڳا کائين.
245.          مون ڀانيو درويش، پر ھئين بازن کان بڇڙو.
246.          گدڙ جي گونھ ۾ ڪم پيو ھو ته، ٽڪر جي چوٽيءَ تي ھنگي آيو ھو.
247.          واھ سنڌي تنھنجو اٽڪل، در نه دروازو پڪوڙي ۾ بِھُ.
248.          ھڙ کائي ويندوسانءِ، بي ايماني اصلي نه ڪندوسانءِ.
249.          انسان بيٺو آ ته شينھن، جي ڪري ٿو ته پاڻيءَ جو ڦوٽو.
250.          آسودي جا سالا به گھڻا، سڃي جو ڀيڻيويو به ڪو نه.
251.          ويا مور مري، ھنجھ نه بچيو ھڪڙو.
252.          جھڙو گھوٽ تھڙي وني، جھڙو ٻج تھڙي ٻني.
253.          اھي حال اٿئي حيات جي ٻارن جا.
254.          ولر ڪيو وتن، پريت نه ڇنن پاڻ ۾.
255.          ڪاٿي ڍور سڃا، ڪاٿي چور سڃا.
256.          ڪن جو کلڻ به خواري، ڪن جو وڙھڻ به ورونھن.
257.          نانگ لنگھي وڃي، ليڪو پيو ڪٽجي.
258.          جيڪا شيءِ ظاھري طرح جيتري مٺي ھوندي آھي، باطني طرح اوتري نقصانڪار.
259.          ايترو ٻڌو جو ساڪرو سٽ جھلي.
260.          وات چوي مٺو مٺو، نڙي چوي مان نه ڏٺو.
261.          پيٽي پٽ گھر جي سونھن.
262.          جيڪو اڌ ڇڏي، سڄي جي پويان لڳي تنھن کان اڌ به وڃي.
263.          سٺا ڪتاب، سچا سنگتي آھن.
264.          ٿورين گرھئين، گھڻو کائڻ.
265.          ھوڏانھن باھ، ھوڏانھن ڀت، بغداد منيءَ ۾.
266.          تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي.
267.          ٿورو خفو، گھڻي سونھن.
268.          موذيءَ جو مال، سخي کائين.
269.          واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
270.          ڏٺي به اڪ جي ماکي اٿئي، جو جھٽ پٽ لاھي ويندين.
271.          چريا کريا پنھنجا سٺا آھن.
272.          ٻنيون ۽ ونيون ساڳيون آھن.
273.          جاڏي پير تاڏي خير.
274.          وڙھن سانھ، لتاڙجن ٻوڙا.
275.          ٽُٽيءَ کي ٽاڪو ئي نه لڳي.
276.          جاتي پڪي، تاتي کاڌي.
277.          ڀاڀي ويئي بھ ڪاڻ، شھر ويھڻ کان ويو.
278.          مون ته ڪا اربع خطا ڪا نه ڪئي.
279.          لالچ انسان کي ڪتن سان گڏ کارائي ٿي.
280.          ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
281.          تقدير پڇي ڪا نه ايندي آ.
282.          اھي تنيا ئي ويا جيڪي گھٽا ڏيندا ھيا.
283.          جيڪو پيئي ترو، ان کي سور نه ٻرو.
284.          جن جو کٽيو، سي ڪفن ئي نه لھن.
285.          لٺ به ڏيکارن ۽ چٺ به ڏيکارن.
286.          ملان ڦٻئين؟ چي؛ ڦٻيا اھي جيڪي ڦاٽي مئا.
287.          واھ زمانا واھ، ڀاڳيا وجھي جيل ۾، چور ڇوڙي تو ڇڏيا.
288.          تنھنجو ئي ڀت گھاٽو، اسان جو ڇڊو ڀلو.
289.          ساڙي ڇڏيئي صاحب، آنڊا اشرافن جا.
290.          ٽڪي جي ٻوڙ مان مک نڪرندي آھي.
291.          اڇي ڏارھي، اٽو خراب.
292.          دل کڻي ويو آھين ته بيعانو ته موٽائي ڏي.
293.          جنھن جي گھر ۾ چار داڻا، تنھن جا چريا به سياڻا.
294.          ٻه شينھن ھڪ ٻيلي ۾ ڪيئن رھندا.
295.          سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي.
296.          ميرن کي گھران لڳي ھئي.
297.          راضي ھجي رب، گھوري ٻاجھ ٻين جي.
298.          سامي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو.
299.          تاڙي ھڪ ھٿ سان نه وڄندي آھي.
300.          ڇڏ ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگھ.
301.          گھوڙا ڙي گھوڙا.
302.          بچيو آھين بھرام نه ته دست چڙھيو ھئين ديو جي.
303.          سمر نه ھجيئي ساڻ ته گھڙي پؤ گھٽھڙ ۾.
304.          شيرو ٻلو شاھ جو، وٺي پاسو واھ جو.
305.          لکي لاکو، پڙھي پير شاھ.
306.          سائين جن جي زبان خرچ آ، مواليءَ جو مٿو ئي ويو.
307.          يار به چاڪي مٿو به اڻڀو.
308.          پرائي شاديءَ تي ٿو احمق نچي.
309.          گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.
310.          گپ ۾ گھڙبو آھ ته پوءِ ڦھنگن ڏانھن نه ڏسبو آھ.
311.          دل کوٽي عذر گھڻا.
312.          نينگر به ننڍي جمعان به گھڻان.
313.          رھو حلال ٻوٽيون حرام.
314.          ھڪ سج ٻه پاڇا.
315.          ڀاڳ وارن جا ڪونھان به ڍڪا، نڀاڳن جون ڍڪيون به ڦنڊيون.
316.          ڪم اھڙو ڪنداسين، جيئن سون تي سھاڳ.
317.          آھي ته عيد، ڪونھي ته عاشورا.
318.          اڪيلو ماڻھو آ ڪتي جي آچار.
319.          جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي به ڪو نه ٿيا.
320.          مان مران امڙ ڪاڻ، امڙ مري چگھن ڪاڻ.
321.          نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ.
322.          ڪم لٿو ڊکڻ وسريو.
323.          مٺي به ماٺ ڀلي آھ.
324.          ڄائي ناھي، وري ناني جي مھانڊي.
325.          نيتن تي بھرا ملندا آھن.
326.          نوان سال، نوان خيال.
327.          ڪن لاءِ واڱڻ وائي ته ڪن لاءِ بصر به بادي.
328.          جيڪي وڃان وڃان ڪن سي ويھي ويھندا ڪيترو.
329.          ڏڌو کير ٿڻين نه پوندو آھ.
330.          جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويھ، ڇڏي سارو ڏيھ، اڱڻ اچجي ان جي.
331.          جيترو ھر، اوترو ڦر.
332.          مائٽي وري به مائٽي، رت وري به رت.
333.          جيڪو چلھ تي سو ئي دل تي.
334.          ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
335.          بندي جي من ۾ ھڪڙي ته صاحب جي من ۾ ٻي.
336.          ڳالھ ٿوري بڙ بڙ گھڻي.
337.          تڪڙ ڪم شيطان جو.
338.          ڪک جو چور ۽ لک جو چور ساڳيو.
339.          ٺڪر وٺجي ته به ٺوڪي وٺجي.
340.          چڱائي کي چار ڳڻي ھڻ موچڙا.
341.          انسان خطا جو گھر آھي.
342.          جيڪو اڳي سو ئي تڳي.
343.          ڇا دال ڇا بسم اللھ.
344.          سؤ ڌڪ سوناري جا، ھڪ ڌڪ لوھار جو.
345.          پدم وڃائجي پر پريت نه وڃائجي.
346.          چورن مٿان مور.
347.          ھونھين ھوند مئي، پر ٻڏي جا ٻيڻا ٿيا.
348.          راھوجن ۾ رات قادر نه وجھي ڪنھن جي.
349.          ڪلر ڪا نه ٻاريئي، ڪيئي جٺ جوئر سان.
350.          ڀڳو سڄو ئي نه ٿئي، توڙي موتي ھجيس من.
351.          ميندي من مئي کي، چندن ڀڃي چار.
352.          چرس آ بي ترس.
353.          ڪاتي نه کڙڪاءِ، جوان جاڳني ٿا.
354.          حق جي ٻيڙي ٻڏندي ناھي، پر ترندي آھ.
355.          ڇا کئون وڃي ڇو ٻيلي ٿئين ٻين جو.
356.          سڪن سان گڏ ساوا به چٽ.
357.          حياتي وڏي، چاڙھو ڪو نه.
358.          نه ابو پڙھيو، نه ڏاڏو پڙھيو، اسان ڪيئن اڙياسين.
359.          حياتي باقي آ ته يار اوطاقي آ.
360.          دٻ دال واريءَ کي ته ڪنيءَ واري ڪن ڪري.
361.          مال مفت دل بي رحم.
362.          آ ملان واري ۾، کڙ ڪتر کارايانءِ کاري ۾.
363.          سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
364.          جيڪو گجي ٿو سو ضرور وسندو به.
365.          زميندارڪو ٻار، چريو يا چوتيو.
366.          حال حبيبان پيش پريان.
367.          جيڪي منجھ جھان سو تاريءَ تڳي تنھنجي.
368.          جاتي پڄي نه سگھجي اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو.
369.          جيترو ادب، اوترو نصيب.
370.          نئڙت سان مرتبو وڌي ٿو، تڪبر سان گھٽجي ٿو.
371.          زندگي بي بندگي، شرمندگي.
372.          اھا زبان ئي آھي جيڪا اس ۾ به ويھاري ته ڇانءَ ۾ به.
373.          راند رس ۾ ڇڏجي، گولي گس ۾ ڇڏجي.
374.          اھا پائي ڪانھيس جو سينکيو کائي مري.
375.          رڳي رڌيءَ پڪيءَ جو مالڪ، ٻئي ڪم کان جواب.
376.          تون پارس آ لوھ، جي ساڃين ته سون ٿيان.
377.          ھيءَ ڦري ٿي ٻروچ واري ٿوڻي.
378.          ڏکيو سکيو پنھنجي اجھي ۾ ڀلو آ.
379.          محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آ.
380.          ويٺي ورن نه پون، ستي ملن نه سپرين،
381.          علم کان سواءِ انسان حيوان مثل آھ.
382.          اھا ڪر جنھن سان پت به رھجي اچئي.
383.          اوڌر جي ماءُ مئل آھ.
384.          اھو ڪو ڪج جو مينھن وسندي ڪم اچئي.
385.          شل ڏڪاريا ڏيھ مان موذي سڀ مرن.
386.          ڪمائجي ته کائجي نه ته اصلي نه کائجي.
387.          عدل ڪئي آ نه ڇٽان، ڪر ڪو ڦيرو فضل جو.
388.          ڇٽل تير ڪمان ۾ وري نه اچڻو آھي.
389.          سخي اھو آھ جو ڏيئي نه پچاري.
390.          جھڙو واءُ گھلي، انھيءَ سان منھن ڏجي.
391.          جيئن گھڻو کاڌو، تيئن گھڻي بک.
392.          گھڙيءَ گھڙيءَ جو سڀاءُ آ.
393.          جڙيءَ کي جس آھ.
394.          مٽيارين جي واٽ، ويندي جي ويرم.
395.          ڀڳا ڏار ڳيرا اڏاڻا ھليا ويا.
396.          انڌن رکيا روزا ته ڏينھن به ٿيا وڏا.
397.          ڇا ٻلي ڇا جلاب.
398.          جيڪي اڇن منجھ کرن، سي ڪنھن کان ڪين ٽرن.
399.          ٻوڙو کلي ٻه دفعا، انڌو روئي اٺ دفعا.
400.          غريب جي آھ، عرش کي باھ.
401.          بي سري جي ڦوس، مال ۾ ٽاھ.
402.          ڪير چوي شينھن تنھنجي وات ۾ ڌپ.
403.          جاني جنھن جھاز ۾ سي ٻيڙا ئي ٻيا.
404.          ڪمبخت پاڻ ته انڌو پر ٻين کي به انڌو ڪري ڇڏي.
405.          ڪن آھي ڪو فودني ۾ ڦيرو.
406.          يارن سان وري ڪھڙا ليکا آھن.
407.          سؤ ڪوھ ھجي ولو ته به دڳ ھجي ڀلو.
408.          پَلَوَ پراڻا ڪو نه ٿيندا آھن.
409.          اڳ ۾ خويش، پوءِ درويش.
410.          ھونءَ سائين آن، وڏو آن، باقي گھوڙو ناڙ کان ٻاھر ٻڌ.
411.          اسي، مت کسي.
412.          ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگھ.
413.          مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجھو ھوندو آھ.
414.          حال، پريان نال.
415.          کاڌي خرار به کٽي وڃن.
416.          ڄٽ پڙھيو، اللھ اڙيو.
417.          مون به اس ۾ وار اڇا ڪو نه ڪيا آھن.
418.          ڏي ڪڻو وٺ گھڻو.
419.          ڄٽ چاءِ مري يا کاءِ مري.
420.          تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي.
421.          رن به وئي پر رلھي به کڻي وئي.
422.          مڙس ٿئي ڀاڙي ته ڏاڙھي به بار.
423.          ڇا ڏاڙھي ڇا ڀيل.
424.          ناڙي وسي ته ڳاڙھي نه ته اگھاڙي.
425.          ڪنڊو لڳس پير ۾ کوٽي ويٺو گوڏو.
426.          طالب ڪيو تڪرار، ڏاڙھي ڏاند چري ويا.
427.          اڄ ڪلھ جا حاجي وتندئي رنون زالون ڦريندا.
428.          سوڙ آھر پير ڊگھيڙجن.
429.          ھڪ پنٿ، ٻه ڪم.
430.          آواز خلق، نقارھ خدا.
431.          آخر ھڪ ڏينھن ساڌ جو به ايندو.
432.          جنھنجي جي پڇاڙي سرھي ته ان جي اڳياڙي به سرھي.
433.          ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾ سيٽڻ به گھڻا.
434.          ڄٽ جو ڌڪ ماري يا کاري.
435.          ٻه فقير ڌارئون ڌار.
436.          جيءُ خوش جھان خوش.
437.          مڙس جي ڳالھ ھڪ ھوندي آ، ڀاڙيءَ جون سؤ ڳالھيون.
438.          نانيءَ ناڙو، اکين ساڙو.
439.          ھن ڏي ته پاءُ پاڻيءَ جو به ڪونھي.
440.          ٻروچ ھڪ ته ڀانءِ ڏون، جي ڏون ته ھي جھڳا ھي تون.
441.          ھٿ مٿي کڻ ته گناھ معاف ٿيني.
442.          اڇو ٻڌ ڪاري سان رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي.
443.          جيڪو نُھن سان ڇڄي تنھن تي ڪاتي ڇو وھائجي.
444.          ول نه ڏيلھو کاسان.
445.          شديد غم گونگو ٿيندو آھي.
446.          ٻنھين جھانن جا ٻوڙ لاءَ.
447.          ڇا ڪاڻي ڇا ڪجل.
448.          ڪونھي راڻي راڻو ملڪ ۾.
449.          ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بھتر آھ.
450.          ڏھ دنيا ستر آخرت.
451.          سيٺ سيرومل، جتي ھٿ ۾.
452.          يار جي ياريءَ سان ڪم يا يار جي خواريءَ سان ڪم.
453.          اکين ڏٺيءَ تي اعتبار ڪجي نه ڪنين ٻڌيءَ تي.
454.          چم جي زبان جاڏي ورائينس تاڏي وري.


No comments:

Post a Comment