لوڪ ادب
رائچند راٺوڙ، چيلهار
سنڌ جي شهرن ۾، جتي ڪافي پڙهيل طبقو آهي، ماڻهن جي وندر
ورونهن ۽ تفريح طبع لاءِ ڪئين وسيلا موجود آهن. مگر ٻهراڙين ۾ جتي ڪافي عوام
اڻپڙهيل آهي، اتي کين پنهنجيءَ وندر لاءِ، ٻين وسيلن کانسواءِ، لوڪ ادب جا بيمثل ۽
بيشمار خزانا موجود آهن. ماڻهو ڏسو ته بلڪل سادا، لنڱن تي پورو لٽو نه لڀين، پر
جڏهين ٿا سَٿ ۾ ويهي ملوڪ پنهنجو منهن کولين تڏهن لفظن جون لڙهيون اهڙيءَ طرح ٿا
اوتين، ڄڻ سڳين ۾ موتي ٿا پوئين. درحقيقت لوڪ ادب ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ادب جو بنياد
آهي. ٻهراڙيءَ جي سگهڙن وٽ اڪيچار بي بها خزانو موجود آهي، جنهن کي هو پشت بپشت
سيني ۾سانڍيندا آيا آهن. ڪيترا ملوڪ پنهنجي حياتيءَ جو دورو پورو ڪري هليا ويا ۽
اهو خزانو به ساڻ کنيو ويا، ڇو ته وٺڻ وارو ڪو هو ئي ڪو نه. پر هاڻي وقت جي تقاضا
آهي ته اهو هنن کان وٺي، ضايع ٿيڻ کان بچائي، پوين لاءِ توشو ڪيو وڃي. خزاني کي هٿ
ڪرڻ لاءِ پارکو، اورچ، هڏ ڏوکي، سياڻا ۽ سالڪ هجن، جي شيءِ کي سڃاڻي ان جو قدر به
ڪن. انهيءَ ڏس ۾ سالڪن ۽ سگهڙن کان ڪي ٿورا ٽڪر ڀور هٿ آيا آهن، سي علم دوست
اصحابن اڳيان پيش ڪجن ٿا.
(1) تيني رپٽا روڙ
ڪنٺ بنا گائيي، مَتَ بِنا چورَ
تِريڻا تِريوَڙ بنا، تيئي رپٽاروڙ.
ڳائڻ وارو، جنهن جو گلو صفا نه هجي؛ چور، جنهن کي سمجهه يا
اٽڪل نه هجي؛ ۽ تريئا (يعني زال)، جنهن کي وينت نه هجي، اهي ٽيئي رپٽاروڙ يعني ڪم
بگاڙيندڙ آهن. (تريوڙ = گهرو ڪم ڪار ۽ خرچ پکي لاءِ حساب ڪتاب رکڻ جي اٽڪل يا
وينت، جيئن پورت ٿي اچي).
(2) تِيني روڳ ري ماسـِي
اونگهه، آرس، اوٻاسي،
تيني روڳ ري ماسي.
اونگهه (ننڊ، گهڙيءَ گهڙيءَ يا گهڻي ننڊ اچڻ)، بدن ۾ آرس
يعني سستي ٿيڻ، ۽ اوٻاسيون اچڻ، ٽيئي حالتون بيماريءَ جو بنياد آهن.
(3) ٽنهي ۾ ٽوٽو
وڙهڻ ويريءَ سان اَڪَ کڻي سوٽو،
واڻئي جي هَٽَ تي هجي وَٽ کوٽو،
ساماڻيل زال کي وَر ڏيڻ ڇوٽو،
انهن ٽنهي ۾ ٽوٽو.
اَڪ جي ڪاٺي اَڀري ٿيندي آهي، جا جهٽ پٽ ڀڄي پوندي آهي. اَڪ
جو سونٽو کڻي دشمن سان وڙهبو ته اهو جٽاءُ ڪو نه ڪندو، مار کائڻي پوندي؛ دڪان تي
جي کوٽو وٽ هوندو ته شي تور ۾ گهٽ ملندي ۽ پوري خبر نه پوندي، جنهن ڪري خلق کي نقصان پهچندو، جوان
زال هجي ۽ ان جي شادي ننڍيءَ ڄمار جي نابالغ ڇوڪر سان ڪبي ته اها خوش نه رهندي:
سگهڙ چوي ٿو ته انهن ٽنهي حالتن ۾ نقصان آهي.
(4) تيني رکجين جوئا
ڀَلو نه ڀاڻيجو، ڀيڙي نه رکجي ڀوئا،
اِستري نون اَنتَ نه ڏيجي، تيني رَکجين جوئا.
ڀاڻيجو ۽ ڀوئا (يعني پـُڦي) گهر ۾ نه رکجن، ڇو ته انهن مان
ڪڏهين نه ڪڏهين نقصان رسندو. ڪا به ڳجهي ڳالهه زال ذات سان نه ڪجي، ڇو ته ڏٺو ويو
آهي ته زالن ۾ اها عادت ٿيندي آهي ته جيستائين ٻڌل ڳالهه ٻئي ڪنهن سان نه ڪنديون،
تيستائين کين آرام نه ايندو. ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي ظاهر ٿيڻ ڪري نقصان
ٿيندو آهي. تنهنڪري، سگهڙ چوي ٿو ته ڀاڻيجي ۽ ڦڦيءَ کي گهر کان، ۽ زال کي ڳجهين
ڳالهين ٻڌائڻ کان جوئا (يعني جدا) رکجي.
(5) ٽيئي نه ٿين
برو ڀَلو هوئي نَهين، گولو ڀيلاڙو،
گڏهه گهوڙو ٿي نَهين، گنگا جهيلاڙو
ڪي گولا (غلام، نوڪر) يا ڪي ڀيل احسان فراموش ٿيندا آهن.
اهي ڪڏهين به چڱا نه ٿيندا. هندو ماڻهو گنگا نديءَ جي پاڻيءَ کي پاڪ سمجهندا آهن،
گڏهه کي انهيءَ پاڪ پاڻيءَ سان وهنجاربو، ته به گهوڙو ڪو نه ٿيندو. سگهڙ چوي ٿو ته
اهي ٽيئي، جي خراب آهن، سي چڱا نه ٿيندا.
(6) چار ئي چـُور
سـُر مَنڊل جي ساز جو سانڊي ڪهڙو سـُور،
راڻي جي راڳ تي رِڍَ نه ريجهي مور،
ڪهڙو قدر ڪافر کي سندو نبيءَ نور،
ڄَٽ نه ڄاڻي ڳالهه کي، پرٺوڪي رکندو ٺور،
اهي چارئي چور، عقل کان، علي بخش چوي.
مرليءَ يا ٻئي ساز جي آواز جو سانڊي تي ڪهڙو اثر ٿيندو.
مرليءَ تي ته واسينگ ويجهندو آهي. رڍ (بيعقل ماڻهو) کي مومل راڻي جي راڳ جو ڪهرو
قدر. نبي پاڪ ﷺ جو نوراني اثر ڪافر تي ڪهڙو ٿيندو. جو ڄٽ ماڻهو هوندو، سو ڳالهه
سمجهندو ئي ڪو نه، اٽلو مٿان ميار رکندو. سگهڙ علي بخش (ذات نهڙي، ويٺل ڳوٺ گرڙا
ٻهه، تعلقو ڏيپلو) چوي ٿو ته اهي چارئي بيعقل آهن.
(7) پهرين ڪجي جَتن
ڪاچَ ڪٽورو، گھيءَ گهڙو، موتي ۽ مَن،
ڀَڳا وري نه ٺهن، تن جو پهرين ڪجي جَتن.
شيشي جو ٿانءُ ڀڄي پيو ته وري نه ڳنڍبو. گيهه جو دلو ڀڄي
پيو ته گيهه هارجي ويندو. (ٿر جي مالدارن ۾ اڳي رواج هو ته گيهه ٺڪر جي دلن ۾
رکندا هئا. اڄ تائين به ڪٿي ڪٿي اهو رواج آهي.) سچو موتي ڀڄي پيو ته وري ڳنڍجي نه
سگهندو. انسان جي دل ۾ به جي هڪ دفعو ڪنهن لاءِ ڌڪار پيدا ٿي، ته اها حياتي تائين
هلي ايندي. تنهنڪري سگهڙ چوي ٿو ته انهن چئني شين (جي نازڪ آهن) جي پهريائين سنڀال
ڪجي، ۽انهن جي بچاءُ جو خيال رکجي.
(8) نَرڪ جون چار نشانيون
روکا ڀوڄن، ڀونءِ پوڍڻ، ڪَرهَه ڪميڻي نار،
چوٿا ميلي ڪپڙي، نرَڪ نشانين چار.
گهر ۾ غربت جي ڪري ٻوڙ، کير، لسي يا ٻئي ڳنڍڻ کانسواءِ، رکو
سڪو، ٽاڻي تي مس ملندڙ ٽڪر ڀور هجي، سمهڻ لاءِ کٽولو به نه هجي، ۽ڍرتيءَ تي سمهڻو
پوي؛ گهر ۾ ڪَرهه يعني ڪلڪل ۽ جهڳڙو ڪندڙ زال هجي؛ ۽ پائڻ لاءِ ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا
هجن: سگهڙ چوي تو ته اهي چارئي حالتون نرڳ يعني دوزخ جون نشانيون آهن.
(9) چار ئي نه رکجن
ڄيٺو گهَر گهي نه رکيئي، ڀادروو ڪپاس،
ڌيئان گهَر، بهوئان پيهرَ، اِتنِي رَکئي
وِڻاسَ.
ڏٺو ويو آهي ته ڄيٺ مهيني ۾ گيهه جو اگهه ۽ بڊي ۾ ڪپهه جو
اگهه چڱو هوندو آهي، تنهنڪري وڪڻي ڇڏجن، ڌيءَ لائق ٿئي ته پرڻائي ڇڏجي؛ نـُنهن کي
گهڻو وقت پيِهرَ يعني سندس مائٽن ۾ نه ڇڏجي: سگهڙ چوي ٿو ته انهن کي وڌيڪ وقت رکڻ
ڪري ضرور وڻاس يعني نقصان ٿيندو، تنهنڪري نه رکجن.
(10) چار ئي خراب
گهر نينگَر، ٻوجهه گهڻو، ڪچي ڦـُلي ڏو-واءُ،
ڀائيان وڇوڙو ماهيلي، مينهان اُگتيو واءُ.
گهر جي جاءِ جي ڇت نينگر يعني اوچي هجي ۽ مٿان ٻوجهه يعني
بار گهڻو هجي ته اوچتو ڪنهن نه ڪنهن مهل يا برسات وقت ڊهڻ جو ڊپ آهي. بهار جي موسم
۾ يا ٻئي وقت جڏهين وڻن ۾ ڦل لڳندا آهن ۽ اڃا ڪچا هوندا آهن، ان وقت جي ڏو واءُ،
يعني ڪڏهين اتر کان ۽ ڪڏهين ڏکڻ يا ٻئي طرف کان هوا لڳندي آهي ته ڦل ڇڻي ويندا
آهن، جيستائين ڀائر ڪنوارا هوندا آهن، تيستائين منجهن محبت رهندي آهي، پر شادي ڪرڻ
بعد اها محبت نه رهندي آهي، يعني ماهيلي يا زال انهن جي وچ ۾ اڻبڻت جو ڪارڻ آهي،
سا کين جدا ڪري وڇوڙو وجهندي آهي. برسات شروع ٿيڻ واري هوندي يا وسندڙ هوندي ۽ جي
ان وقت آگتيو يعني اڀرندي طرف جو واءُ لڳو ته ڪڪڙ ٽڙي پکڙي ويندا ۽ برسات بند ٿي
ويندي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي چارئي حالتون خراب آهن.
(9) چار ئي جوڀن
گانيان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن اَن،
ماهيلي جوڀن مَردَ هي، مردي جوڀن ڌَن.
هڪ سگهڙ چوي ٿو ته ڍڳين کي گاهه ڍءُ تي پيو ملندو ته کائي
متاريون ٿينديون وينديون، اها انهن لاءِ جواني آهي، تـُريان يعني گهوڙين کي جي
داڻو جام ملندو ته مواڙ رهنديون؛ ماهيلي يعني عورت جي سهاڳڻ آهي ته سدائين خوشيءَ
۾ هوندي ۽ جوان پيئي ڏسبي؛ ۽ مرد وٽ جي ڌن آهي ته کيس ڪا به ڳڻتي نه هوندي ۽ هميشـﮧ خوشيءَ ۾ هوندو.
جنهنڪري جوان پيو لڳندو: اهي چار ئي حالتون جواني پيدا ڪندڙ آهن.
(10) چار ئي جوڀن
گانيان جوڀن برسات هَي، تـُريان جوڀن ڏئِت،
ماهيلي جوڀن مان هَي، مردي جوڀن ڇَتَ.
ٻئي سگهڙ چيو آهي ته گاهه ته ڍڳيون سدائين پئيون کائينديون
آهن، مگر برسات وقت جڏهن تازو سائو گاهه ٿيندو آهي، اهو وقت ڍڳين لاءِ جوڀن جو وقت
آهي. رڳو داڻو گهوڙين کي ڪجهه ڪو نه ڪندو، پر جڏهن گيهه مکڻ ۽ ٻيون شيون ڏبيون
آهن، تڏهن انهن لاءِ جوڀن آهن. سڀني سهاڳڻ زالن وٽ مرد آهن، پر تنهن هوندي به
ڪيتريون سدائين غمگين ڏسبيون آهن، پر جنهن زال جي مرد وٽ عزت آهي، اها جوان آهي.
مرد وٽ رڳو ڌن هجي، پر جي ڇَت يعني ايمان يا مهل تي مردانگيءَ جو جوهر نه هوندو،
ته ڌن جو بچاءُ به ڪري نه سگهندو، ۽ نڪو پنهنجي عزت برقرار رکي سگهندو، تنهنڪري
ايمان ئي مرد جو جوڀن آهي. مٿيون چار ئي حالتون جواني پيدا ڪندڙ آهن.
(11) چار ئي ڪم نه ڪجن
نه ڪَسيئي ڪَماڻ، نه پَڙيئي جماڻ،
نه ٽپيئي ڪوئا، نه رَميئي جوئا.
ڪمان تي هر هر تير نه ڪشجي، ڇو ته جي هٿان ڇٽو ۽ مبادا جي
ڪنهن کي لڳو ته نقصان ڪندو، ڪنهن جو به ضامن نه پئجي، ڇو ته اڄ اعتبار وارا ٿورا
آهن؛ ۽ ڪوئا يعني کوهه جي مٿان ٽپو نه ڏجي، پير جي ٿڙيو ته جان جوکو آهي؛ ۽ جوئا
راند نه ڪجي، جا نقصان واري آهي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي چار ئي ڪم نه ڪجن.
(12) چار ئي خراب
ڏاڙ-کٽوڪي ڪاڪِرو، جَم رَجي کٽوڪي نيڻَ،
گيو کٽوڪي والمو، موئي وسري ويڻَ.
کاڌي کائڻ وقت ڏاڙ يعني ڏاٺ جي هيٺان پٿر ذرو اچي، يا اک ۾
رَجي يعني تمام ٿورو ذرو گند پوي ته پيو کٽڪندو. ڪنهن زال جو مڙس (والمو) پرديس ويل
هوندو ته کيس نه وسرندو. جي ڪنهن ڪڏهين بد-شد ڳالهايو هوندو ته اهي اکر انسان کي
مرڻ بعد وسرندا. سگهڙ چوي ٿو ته اهي چار ئي حالتون خراب آهن.
(13) چار ئي نه وسرن
موران نان ميههَ نه وسري، مَنگَتَ نان ڏاتار،
ماهيلي نان پيهَرَ نه وسري، هاري نان
ڀَتوئار.
سگهڙ چوي ٿو ته مور پکي ميهه يعني برسات کي هر وقت ياد ڪندو
آهي، تنهنڪري کيس اها نه وسرندي آهي؛ منگت يعني پينو فقير کي ڏاتار يعني سخي مرد
نه وسرندو؛ ماهيلي يعني پرڻجي ويل ڪنوار کي پيهَر يعني مائٽاڻو ڳوٺ نه وسرندو؛ ۽
ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ هاريءَ کي ڀتو ئارڻ، يعني ڀتو يا کاڌو آڻيندڙ (سندس زال) نه
وسرندي آهي. (هاري صبح جو سوير ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ويندو آهي؛ سندس زال گهر جو ڪم ڪار لاهي، ماني پچائي ٻنيءَ تي
کڻي ويندي آهي، جنهن کي ڀتو آڻيندڙ يا ڀتوئارڻ چئبو آهي.)
(14) چار ئي سڌارين
ميهه سڌاري بجلي، سَرووَرَ سـُڌاري پار،
ٻيٽو سـُڌاري ٻاپَ نان، گهر سڍاري نار.
ميهه يعني برسات اها، جنهن سان گڏ بجليءَ جا چمڪاٽ هجن،
يعني گوڙ سان ايندڙ برسات سٺي آهي. سروور يعني تلاءَ جي ڪپ تي گپ هوندي آهي،
جنهنڪري پاڻي ڀرڻ وقت پير گپ ۾ خراب ٿي پوندا آهن. پر جي پار يعني ڪنارو پڪسرو
ٺهيل هوندو ته اهو عمدو تلاءُ ليکبو، ۽ ماڻهن کي پاڻي ڀرڻ، وهنجڻ، ڪپڙن ڍوئڻ،
وغيره جي هرڪا سهوليت ٿيندي. ٻاپ يعني پيءُ جي ناموس ڪرڻ ۽ عزت وڌائڻ، ٻيٽي يعني
پٽ جو ڪم آهي؛ جي ڪپوٽ هوندو ته پيءُ وٽ روز بروز ماڻهن جي گلا ايندي، پر جي سپوٽ
هوندو ته سڀڪو واه واه ڪندو؛ انهيءَ ۾ پڻس جي به عزت آهي. زال گهر جي راڻي آهي،
جنهن کي سڌارڻ سندس ئي ڪم آهي؛
مڙس کڻي ڪيترو ئي ڪمائي اچي، پر جي زال هٿ ڦاڙ هوندي ته پورت ڪا نه ٿيندي، پر جي
زال سلڇڻي ۽ سگهڙ هوندي ته ٿوريءَ ڪمائيءَ مان به پيئي پورت ٿيندي، ۽ گهر جو ٺاهه
ٺوهه اهڙو رکندي جو پيو ٻهڪندو.
(15) چار ئي ڏَهنَت
اڌ سکي وديا ڏهي، ڏهي ڪٻڌي ويرَ،
ڪُل هيڻ ڪامڻي ڏَهي، چنتا ڏهي سرير.
پوري تعليم پرائڻ ڪري انسان کي ڄاڻ پوندي آهي، پر اَڌوري
علم سکڻ ڪري پاڻ هٺ وڌندو آهي ته مون جهڙو ٻيو هوشيار آهي ئي ڪو نه. اڪثر ڏٺو ويو
آهي ته اهڙا ماڻهو ٻئي جي سچي ڳالهه به نه مڃيندا آهن ۽ ضدي ٿيندا آهن. سمجهو
ماڻهن کي وري اهو افسوس ٿيندو آهي ته وقت اجايو وڃائي ڇڏيم، مگر علم پورو ڪو نه
پرايم، انهيءَ ڪري سدائين ڳڻتي رهندي. جيڪڏهين ڀاءُ ڪٻڌي ]ڪ = نه، ٻڌي = سمجهه: بيسمجهه[ هوندو ته ڪي نه ڪي اجايا ڪم ڪندو، جنهنڪري ماڻهن سدائين گلا
ڏيندا رهندا، جا ٻڌي ٻڌي سدائين ڳڻتيءَ ۾ رهبو بيڪار ۽ بدلڇڻيءَ زال جي ڪري، جنهن کي
پنهنجي ڪل جي عزت جو خيال نه هجي، مرد کي سدائين ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻو پوندو. ڪهڙي به
چنتا هوندي ته انسان بدن ۾ ڳرندو ويندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي چار ئي ڳالهيون انسان
لاءِ هميشه ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهن ۽ دل تي پيئون کٽڪنديون.
(16) چار ئي ساکي
ميهان ساکي مارگو، سيئان ساکي اڪَ،
ڏاتار ساکي منگتا، سوران ساکي ڌڪ.
ڪٿي به برسات پوندي آهي ته ايندڙ ويندڙ ]مارگ = واٽ، رستو مارگو= واٽ ويندڙ، مسافر[ جتان لنگهندا، اتان ڳالهيون ڪندا ويندا، جنهنڪري يڪدم گهڻي
ملڪ ۾ خبر پئجيو وڃي: چئبو آهي ته “وٺي جون خبرون
واٽهڙو ڏيندا.” سيءُ پوندو آهي ته وڻ سڙي ويندا آهن. ٻيا وڻ گهڻي سيءُ جي
ڪري سڙندا اهن، پر اَڪ کي ٿوري سيءَ جي لهس آئي ته سڙي ويندو؛ يعني اڪ پهريون ئي
وڻ آهي، جنهن تي سيءَ جو وار جلد ٿيندو آهي. سخي مرد ڪڏهين به سواليءَ کي خالي نه
ڇڏيندا آهن، تنهنڪري منگتا يا سوالي انهن جي جتي ڪٿي پيا ساراهه ڪندا آهن. سورهيه
يا بهادر جو ڍڪ لڳل لڪو نه رهندو آهي، ڦٽ ڇٽي سگهي ٿو، پر نشان گم نه ٿيندو. سگهڙ
چوي ٿو ته اهي چارئي هڪ قسم جا ساکي، يعني شاهد آهن.
(17) چار ئي موجود
داتا اتي مَنگتا، سَرو وَرَ اتي هَنسَ،
راجا اتي رهاڻيون، مورک اتي بحثَ.
جتي سخي مرد هوندو اتي سوين سوالي ايندا. جتي تلاءُ ڀريل
هوندو، اتي هنس پکي ضرور هوندا. راجا هوندو، اتي سدائين ماڻهن جا ميڙاڪا، مجلسون ۽
ڪچهريون هونديون. مورک ماڻهو هوندو، اتي سياڻپ جي ڪا ڳالهه ڪا نه هوندي، پر خسيس
ڳالهين تي به اجايو بحث هوندو. سگهڙ چوي ٿو ته مٿين حالتن ۾ اهي چا ئي ڳالهيون
موجود هونديون.
(18) چار ئي ڍَڪَ
ڪوئا ڍاڪَڻ ڍاڪڻو، کيتر ڍاڪڻ واڙَ،
ٻاپَ ڍاڪڻ ٻيٽڙو، گهَر ڍاڪڻ نارِ،
ڪوئا گهر ۾ رکيل شيون زيان ڪري ويندا آهن؛ زالون انهن جي
بچاءَ لاءِ مٽيءَ جو ڍاڪو ٺاهي، ان جي هيٺان شيون رکنديون آهن ته بچاءُ ٿيندو آهي.
ٻنيءَ جي چوڌاري ڍنگهرن جو لوڙهو ڏبو ته بچاءُ ٿيندو. پيءُ جا افعال کڻي ڪهڙي به هجن، پر جي
پٽ سپوٽ ٿيو ته مائٽ جا اوگڻ لڪي ويندا ۽ پاڻ نيڪي ٿيندي. گهر ۾ سنجم ۽ صرفي واري زال هوندي ته سڀڪنهن نموني،
ٿوريءَ ڪمائيءَ مان به پيئي پورت ٿيندي، ڪڏهين به گهر جي اوگهڙ نه ٿيندي. سگهڙ چوي
ٿو ته اهي چارئي شيون هڪ قسم جو ڍڪ، يعني بچاءُ يا پردو آهن.
(19) پنج ئي ڪٽيا ڀلا
گڏهه، گولو، ڍول، ڪاڳر ۽ ڪپاهه،
پنج ئي ڪٽيا ڀلا، نه ڪٽيا تو وڻاهه.
سگهڙ چوي ٿو ته گڏهه مانَ ۽ عزت مان نه سمجهندو آهي، کيس
ڪجهه ماربو آهي، تڏهين ٺيڪ ڪم ڏيندو آهي، جيئن چوندا آهن ته “سونٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.” گولي يعني نوڪر
تي به جيڪڏهين مالڪ ڪجهه ضابطو رکندو ته ٺيڪ ڪم ڏيندو، پر جي مالڪ ساڻس گستاخ ٿيو
ته نوڪر ساڻس هجتي ٿي پوندو ۽ ڊپ نه رهندس، جنهنڪري ڪم چڱيءَ طرح نه ڪندو. ڍول يعني
دهل به ائين پيو هوندو ته ڪنهن به ڪم جو نه آهي، پر ڏانڊئي يعني ڪاٺيءَ ٽڪر سان
ڪٽبو يعني وڄائبو ته ڪم ڏيندو. ڪاغذ تي به قلم سان ڪجهه لکبو، تڏهين ڪم ڏيندو.
ڪپهه کي به پڃائبو (سٽبو، ڪٽبو)، تڏهين نرم ٿيندي ۽ ڪم اچي سگهندي. اهي پنج ئي
شيون مٿئين نموني ٿوريءَ تڪليف ڏيڻ سان ڪارآمد ٿينديون، نه ته انهن مان ڪو فائدو
ڪو نه ٿيندو، پر اٽلو وڻاهه يعني نقصان رسندو.
(9) پنج ئي نه وسرن
ميهه موران، بَنَ ڪونجران، آنٻان ڏار سوئان،
ويڻَ سَڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موئان.
مور پکيءَ کي ميهه يعني برسات، ڪونجر يعني هاٿيءَ کي بَن يا
جهنگ، طوطي کي (سوئان)، جيڪو باغن ۾ رهندو آهي، انب جي وڻ ٽاري، ۽ مرد کي دوست جو
ڪڙو ٻول ۽ پنهنجي جنم ڀومي يعني وطن اصل نه وسرندو آهي: اهي مرڻ کان پوءِ وسرندا
شاهه صاحب به چيو آهي ته “حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين
وساريو.”
(10) پنج ئي هڪ دفعو
شاهه وَچَن، شينهن گَمڻَ، ڪيلو ڦري ايڪ وار،
تريئا تيل، همير هَٺَ، چڙهي نه ڏوجهي وار.
بادشاهه جو هڪ دفعو زبان سان قول ڪندو آهي، اهو پاريندو
آهي. شينهن پنهنجي حياتيءَ ۾ فقط هڪ دفعو گمن يعني گرهست (ميلاپ) ڪندو آهي. ڪيوڙي
جو وڻ فقط هڪ دفعو ڦل ڏيندو اهي. تريئا يعني زال لاءِ به پهريون دفعو لانئون لهڻ
درحقيقت شادي آهي. بادشاهه کي به هڪ دفعي جيڪو خيال ٿيندو آهي، پوءِ اهو چڱو هجي
يا خراب، ته به هو پورو ڪندو آهي، مڙندو نه آهي (همير هٺ = بادشاهي ضد). سگهڙ چوي
ٿو ته اهي پنج ئي ڳالهيون هڪ دفعو ٿينديون آهن، وري ٻيهر نه ٿينديون آهن.
(11) پنج ئي ڀاڙي
پاڻ اڇا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي،
ڪم پئي هڪل ڪجي، تڏهين کنهي ڪياڙي،
اَڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دُهل تي تاڙي،
عقل جو ايل پنوهار، گهڻي هڻي ڪچهريءَ ۾ ڄاڙي،
ٻه چوري ويڙهائي، ڏئي گهر کي اماڙي:
اهي پنج ئي ڀاڙي.
جو ماڻهو پاڻ سٺا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ زال لاءِ سادو ڪپڙو به نه
هجي ۽ ڦاٽل ٽٽل ۾ وقت ڪاٽي، اوچتو ڪو ڪم پئجي وڃي ۽ کيس مدد لاءِ سڏ ڪجي، تڏهين
ڪياڙي کنهي، يعني انڪار ڪري يا گس گساءُ ڪري (ڪياڙي کنهڻ گيد پڻي جي نشاني آهي)؛
ڪو کيس سڏ نه ڪري، پر بنا سڏ جي ڪٿي وڃي ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپي پوي (دهل تي تاڙي هڻڻ
يعني اجايا يٽ شٽ هڻڻ يا ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپي پوڻ)؛ بيوقوف، جو ڪنهن ڳالهه کي
سمجهي ئي نه پر ڪچهريءَ ۾ اجائي ڄاڙي هڻي، يعني بڪ بڪ ڪري، جو ٻن ماڻهن جي وچ ۾
اجايون سجايون هڪٻئي جون گهٽ-وڌ ڳالهيون ٻڌائي، چغليون کائي، انهن کي ويڙهائي گهر
ڦٽائي (گهر کي اماڙي ڏيڻ يعني ويڙهائڻ، گهر ڦٽائڻ). سگهڙ چوي ٿو ته اهڙن پنجن ئي
قسمن جا ماڻهو ڀاڙي آهن.
(12) پنج ئي مَي
مَتَ
ارهه سٽاڻي ڪامڻي، مرد جوڀن گَتَ،
سوئر سڱا ڪڍيا، شينهن پهرين سَٽ،
تُري طبيلا ڇٽي، اهي پنج ئي مَي مت.
ڇوڪري جڏهين سترهن ارڙهن سالن جي ٿيندي آهي، تڏهين ارهه اٿڻ
وقت جوانيءَ جي پور ۾ هوندي آهي، ان وقت سندس خيال جوانيءَ جي پور ڪري مستانا
هوندا آهن. اهڙيءَ طرح مرد به جڏهن جوان ٿيندو آهي، تڏهين ساڳي حالت ٿيندي آهي.
سوئر کي به جڏهين تازا ڏند نڪرندا آهن، تڏهين طاقت جي نشي ۾ مست هوندو آهي. شينهن
پنهنجي شڪار تي جڏهين پهريون وار ڪندو آهي، تڏهن پوريءَ طاقت سان حملو ڪندو آهي.
تري يعني گهوڙو جو سدائين طبيلي ۾ ٻڌل هجي، اتفاق سان جي ڇنائي نڪتو ته پوءِ کيس
جهلڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي مٿين حالتن ۾ مي مت يعني طاقت
جي نشي يا خمار ۾ مست هوندا آهن.
(13) پنج ئي سهنج
گهر نديءَ ڪناري وٽ، هجي کير جو گنج،
ڀلو گهوڙو چڙهڻ لاءِ، مٿس سونا سنج،
زال هجي سلڇڻي، ٻيٽو جنهن جي هنج:
اهي پنج ئي سهنج.
مرد لاءِ حياتيءَ جي سک لاءِ مٿيون نعتمون هجن. سندس گهر نديءَ جي ڪناري تي هجي، جيئن
پاڻيءَ جي ڪا به تڪليف نه ٿئي؛ سواريءَ لاءِ ڀلو گهوڙو، سونن سنجن سان هجي؛ گهر ۾
سلڇڻي زال هجي، جنهن جي هنج ۾ پٽ هجي، يعني کيس اولاد جي سڪ به نه هجي (چوندا آهن
ته دنيا ۾ پٽ جهڙو مٺو ميوو ڪو نه آهي)- سگهڙ چوي ٿو ته مرد لاءِ اهي پنج ئي سک
آهن.
(14) پنج ئي نه ٿيا
ڏچر گهوڙي، سچر زال، اُڌارو وهانءُ
گهاٽا تِرَ، ڇڊي ڪڻڪ، پنج ئي نه ٿيا.
ڏچر يعني ٿورو کائيندڙ گهوڙي، سچر يعني گهڻو کائيندڙ زال
(جي اهڙي زال هوندي ته گهر جو ڍينگو ئي ڍيري)؛ ڇڊي پوکيل ڪڻڪ ۽گهاٽا پوکيل تر
هوندا ته فصل سٺو نه ٿيندو؛ شاديءَ وقت گهر ۾ ڪجهه نه هجي ۽ اڍارو وٺي، پٽي سٽي
پورت ڪبي ته ڪهڙي خوشي هوندي: سگهڙ چوي ٿو ته انهن پنجن ئي حالتن ۾ ڪو فائدو ڪو نه
ٿيندو.
(15) پنج ئي بدنام
گابو ڪپڙ-چٻڻو، نرَ گهوڙو وَهي ڊُگام،
ڪَرَههَ ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان،
گانڊوُُ رڻ نه چڙهي، گهَر هڻي شوغان،
راجا جوٺ ٻولي؛ اهي پنج ئي بدنام.
ڪن ڪن گابن جي عادت ٿيندي آهي جو اهي ڪپڙي جا ٽڪر چٻاڙيندا
آهن؛ اهو گابو جي گهر ۾ هوندو ته ڪڏهين مالڪ جا ڪپڙا چٻاڙي، ٽُڪي، خراب ڪري، اٽلو
نقصان ڪندو؛ نر گهوڙو جو پنڌ هلي نه سگهي ۽ ڊگام هلي، جنهنڪري سواريءَ ۾ اٽلو سوار
کي ڪڪ ڪري، يا ڪن حالتن ۾ ڇِڪي وجهي يا چيلهه ۾ سور وجهي بيمار ڪري؛ ڪن زالن جي
عادت ٿيندي آهي جو گهر ۾ جي ڪو مزمان آيو ته خواهه مخواهه پنهنجي منهن يا مڙس سا
ڪرهه يعني کٽِ پٽ يا تڪرار ڪنديون آهن، اهڙي ڪامڻي يا زال گهر ۾ هئڻ مصيبت آهي؛
گيدي ماڻهو، جو بهادريءَ جهڙو ڪم هجي ته منهن نه ڏئي، پر گهر ۾ ويهي زال وٽ پنهنجي
بهادريءَ جي ساراهه ڪري ۽ ڊاڙ هڻي (رڻ چڙهڻ = لڙائيءَ تي وڃڻ)؛ ۽ راجا، جو ڪوڙ ڳالهائي: سگهڙ چوي ٿو
ته اهي پنج ئي بدنام آهن.
(16) پنج ئي پيٽ ٻارا
رات آنڌاري، ٻَڙِڌ ڪارا، گوچريو کيتر، پگان ۾
وارا،
ڏوسي ڪوهَڙِ، آڱڻئي سارا: اهي پنج ئي پيٽ
ٻارا.
ڪاري رنگ جا ٻڙڌ يعني ڍڳا هجن ۽ جهنگ ۾ رهجي وڃن، مٿان
اونداهي رات هجي ته انهن کي ڳولي لهڻ مشڪل آهي. گوچر يعني ڳوٺ جي وجه يپسگردائيءَ
۾ جي ٻني هوندي ته ڳوٺ جو مال - گڏهه، گابو، رڍ، ٻڪري، ڇيلو، وغيره- اويل سويل وڃي
ٻنيءَ ۾ پوندو، جنهنڪري ڀيل ٿيندي ۽ هاريءَ کي هر وقت پهري سجاڳ رهڻو پوندو، نه ته
تڪليف ٿيندي؛ ۽ وري جي پگان يعني پيرن ۾ وارن جي بيماري (وار ڪينئون) هوندي ته اٿي
به ڪو نه سگهبو، ۽ نڪو ٻنيءَ جي سنڀال ٿي سگهندي، اهڙيءَ حالت ۾ ٻيڻي مصيبت ٿيندي.
گهر ۾ زال ڪوهڙ يعني کٽ پٽ ڪندڙ ۽ مڙس جو چيو نه مڃيندڙ هجي ۽ وري جي سالو به گڏ
رهندڙ هجي، ته مڙس زال کي چئي به نه سگهندو ۽ پيو اندر ۾ ساڙ کائيندو. سگهڙ چوي ٿو
ته اهي پنج ئي حالتون تڪليف واريون، يعني اندر کي ساڙيندا آهن.
ڪي وري ساڳيو گفتو هيئن به چوندا آهن.
(17) پنج ئي پيٽ ٻارا
رات اونداهي، ڏاند ڪارا، پوک جي ڀر تي ڪانبن
وارا،
ٻار ننڍا، مٿان پون پارا، ڪلڇڻي نار، ساهراڻا
پاڙا:
اهي پنج ئي پيٽ ٻارا.
ڏاند رنگ جا ڪارا ۽ اونداهي رات هجي، پوک جي ڀر تي ڪانبن
يعني جهولين وارا هجن ته چورائي پوک لڻي وڃڻ جو خطرو آهي؛ ٻار ننڍا هجن ۽ سياري جي
موسم هجي ته ٻارن جي مٿان هر هر ڪپڙو وجهڻو پوندو،جنهنڪري زال کي سجاڳ ۽ چست رهڻو
پوندو؛ جي گهر
۾ ڪلڇڻي زال هجي، جنهن ۾ ڪو لڇڻ نه هجي، ۽ وري ساهرن جو ڳوٺ هجي، جيئن مڙس زال کي
ڪجهه چئي به نه سگهي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي حالتون پيٽ ٻاريون آهن.
(18) پنج ئي رهن مـُئا
اصل چوري، مَنڊ ۽ جوئا،
پَرَ گهر رلي ڪامڻي، کٽر گانءِ سوئا:
اهي پنج ئي رهن مئا.
چوري ڪندڙ کي هميشه پڪڙجڻ جو، ۽ جادوگر کي پنهنجي ڦند ظاهر
ٿيڻ جو اونو رهندو آهي؛ جوئاري شخص به جي کٽيو ته اجايا خرچ ڪري پئسا وڃائيندو،
پاڻ سڃي جو سڃو، ۽ جي هارايائين ته گهر جا ٽپڙ نيلام ڪرڻا پوندس، ازانسواءِ ٻارهو
ئي پوليس جي ڊپ ۾ رهندو؛ پراوا گهر رلندڙ استريءَ جو مڙس سدائين ڳڻتيءَ ۾ هوندو؛
کٽر ڍڳي، جنهن کي ڏهڻ لاءِ اوهه ۾ هٿ وجهبو ته لتون هڻي ڀڄي ويندي، اهڙي جي سوئا
يعني تازي ويايل هوندي، ته به مالڪ کي کير جي تولي جي به اميد نه هوندي: اهڙين
حالتن وارا آدمي سدائين ڳڻتيءَ ۾، يعني جيئري ئي مئلن برابر آهن.
(19) پانچي ڏَهَت سَريرَ
اپت اوپر خرچ ڪرڻا،ٻيجا بيچ ۾ ٻولڻا،
ٽيجو ندي کارو نيرَ، چوٿون گهر ۾ نار ڪنار،
پنجون ڪلڇڻو ٻيلي، پانچي ڏهت سرير.
اپت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ، جنهنڪري سدائين پئسي جي تنگيءَ ڪري
ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻو پوي؛ ٻه ويٺا ڳالهائين ته هروڀرو وچ ۾ ٽپي پوڻ؛ ندي، جنهن جو پاڻي
کارو هجي؛ گهر ۾ زال اڙانگي ۽ بدڪار هجي؛ نوڪر ڪلڇڻو هجي: اهي پنج ئي حالتون انسان
جي لاءِ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهن.
(20) پنج ئي نه ٿيا
جوٺا پرين، کوٽو ٻَڙڌ، کٽرَ گانءِ،
ڇڊا گيهون، گهاٽا تِر، پنج ئي نه ٿيا.
ڪوڙو ماڻهو دوست نه ٿيندو؛ ڪنهن ڪنهن ڍڳي ۾ عادت ٿيندي آهي
جو هَر يا گاڏيءَ ۾ ٻڌبو ته ويهي رهندو، اهڙي کي کوٽو ڍڳو چئبو آهي؛ کٽر گانءِ
يعني اها ڍڳي، جنهن کي ڏهڻ لاءِ اوهه ۾ هٿ وجهبو ته لتون هڻي ڀڄي ويندي؛ ڪڻڪ جا
ڇڊي پوکيل هوندي ۽ ترن جو فصل جو گهاٽو پوکيل هوندو، سونو ٿيندو: سگهڙ چوي ٿو ته
اهي پنج ئي حالتون بيڪار آهن.
(21) پنج ئي نابينا
ٻل هوندي قياس نه ڪرنا، جوڀن ۾ مالڪ ڪو
ڀولڻا،
پرايا گن ڇپاوڻ، ڪارج سرئي دوست ڪو منهن نه
ڏيڻو،
پنجون پرک مهل پري ڀڄڻا، اهي پنج ئي نابينا.
جو طاقت هوندي قياس نه ڪري ۽ ظلم ڪري؛ جوانيءَ ۾ پنهنجي
مالڪ جي ياد نيري نه ڪري ۽ ڀلجي وڃي؛ ٻئي ۾ ڪو عمدو لڇڻ هجي ته اهو لڪائي يا پاڻ
تي ڪنهن احسان ڪيو هجي ته اهو نه مڃي؛ ڪم ڪٿي پنهنجي دوست کي منهن نه ڏئي؛ ۽ ڪم
مهل ڀڄي وڃي: سگهڙ چوي ٿو ته اهڙا انسان سچ پچ ته نابينا يعني انڌا آهن.
(22) پنج ئي جڳائي مرڻا
دوست دشمن ڪون نه پرکڻا،
ملئي وڏي مرتبي سنگت ڪو نه سڃاڻڻا،
مايا هٿ آئيي ڏکيا ڏينهن ڀولڻا،
ڪچهري وچ ننڍي وڏي ڪونه ڏيکڻا،
وديا پا وڻ سين وڏي ڪون مورک سمجهڻا:
اهي پنج ئي جڳائي مرڻا.
دوست دشمن جي پرک نه ڪري سگهندڙ” دولت يا وڏي عهدي ملڻ بعد
ننڍپڻ جي سنگتين کي نه سڃاڻيندڙ، غريب هجي پر اوچتو ملڪيت هٿ اچي وڃي ته ڏکيا
ڏينهن ڀلجي ويندڙ، ڪچهريءَ ۾ وڃڻ سان ننڍي وڏي جي سندن شان موجب عزت نه ڪندڙ، علم
پڙهي هوشيار ٿيڻ بعد وڏن کي مورک ۽ بيوقوف سمجهندڙ، سچ پچ ته انسان نه آهن. سگهڙ
چوي ٿو ته اهڙن جي حياتيءَ مان ڪهڙو فائدو، تنهنڪري کين مرڻ جڳائي.
(23) پنج ئي مرد نه مور
مذهب سين محروم رهيا ۽ دين ڪنُون دور،
چوري سين چاهه لڳائي، ۽ڪم ڪنون وڃي وهلور،
عمر ساري اپنا نفعا ڍونڍي، نت ڪري ڪلور،
چغليان تي عزت وڌائي، سچ ڪنون ٿئي سور:
اهي پنج ئي مرد نه مور.
جنهن ماڻهوءَ مذهبي تعليم نه پرائي ۽ نه انهيءَ بابت واقفيت
رکي ۽ ساري عمر انهيءَ کان پري رهيو؛ چوريءَ سان چاهه رکي اها ڪندو رهيو ۽ حق حلال
جي ڪمائيءَ کان پري ڀڄندو رهيو؛ ساري عمر خلق خدا جي فائدي جو ڪو به خيال نه ڪري،
فقط پنهنجي فائدي لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو ۽ انهيءَ ڪري ڪيترا ظلم ڪرڻا پيا ته اهي به
ڪندو رهيو؛ چغليون کائي، پاڻ کي ٻين وٽ سرخرو ڪري، پنهنجي عزت وڌائيندو رهيو ۽عمر
ڪوڙ ۾ گذري ويس، ڪڏهين به سچ نه ڳالهائين: سگهڙ چوي ٿو ته اهڙن گڻن وارا ماڻهو
ڪڏهن به مرد نه آهن.
(24) پنج ئي گينوار
ڏينهان ڇَلو نه ڪري، ڪڪڙ سانجهي وار،
جوءِ پرائي پکڙي، مرد لهي نه سار،
جو ويٺي ساٿَ سمهي رهي، اهي پنج ئي گينوار.
جو مرد روزانو صبح جو ڇلو يعني سنان نه ڪري؛ ڪڪڙ هميشه اسر
جو ٻانگ ڏيندو آهي، پر ان جي بدران شام جو ٻانگ ڏئي؛ زال جا ڌارئي مرد سان ڀڄي وڃي
ان جي گهر ۾ رهي ۽ مرد اهڙيءَ حالت ۾ به يادگيري نه ڪري؛ ۽ جو مرد، سنگت ۾ دوست
ويٺا هجن ته پاڻ سمهي رهي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي بيعقل آهن.
(25) پنج ئي گهوچائي
ڪوڏر بنا کاٽي کڻي، بنا ڏالي هڻي لائي،
سَٿَ ويٺي سمهي رهي، نيچو وهي اونچو تري،
اڻڏٺي ڏي اوڳاهي، اهي پنج ئي گهوچائي.
کاٽيءَ جو ڪم ڪوڏر کان سواءِ نه ٿيندو آهي، جي ڪو بنا ڪوڏر
کاٽي کڻڻ لاءِ سنڀري ۽ ڏاٽي کان سواءِ لڻڻ لاءِ تيار ٿئي، مجلس ۾ ماڻهو ويٺا هجن ۽
پاڻ سمهي پوي، هيٺ پاڻي وهندڙ هجي ۽ وهڪري کي ابتو تري، بنا ڏٺي ڪوڙي شاهدي ڏئي:
سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي گهوچائي يعني ڏٽائي يا بيوقوف آهن.
(26) پنج ئي بيڪار
نيچ ڪنڌو ٻڙڌيو، اونچ ڪنڌي نار،
راهه رڙڻو ڏاگو، ۽کٽل زميندار،
هيڪل هٽو واڻيو، اهي پنج ئي بيڪار.
ڪي ڍڳا اهڙا ٿيندا آهن جو هيٺ ڪنڍ ڪري هلندا آهن، اهڙي قسم
جا ڍڳا کوٽا ٿيندا آهن ۽ ڪم جي مهل ويهي رهندا آهن؛ جنهن زال کي پنهنجي ۽ ڪل جي
عزت پياري هوندي سا ادب، فضيلت ۽نئڙت سان هلندي، پر جا بدڪار هوندي سان ڪنهن جو به
لحاظ نه ڪري، اگهاڙي منهن، اوچو ڪنڍ ڪري هلندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيئي نهاريندي؛
ڪي اٺ اهڙا ٿيندا آهن جو رستي هلندي هر هر رڙندا آهن، جنهنڪري تکو هلي نه سگهندا
آهن؛ ۽ اهڙو اٺ سوار لاءِ مٿي جو سور آهي ۽ بعضي ڪن ڳجهن ضروري ڪمن لاءِ وڃڻ ڪري
خواهه مخواه رڙهڻ جي آواز تي ٻين کي سجاڳ ڪندو آهي زميندار جي کٽل هوندو ته حد ۾
ويٺل ماڻهو مٺا- هو شي شڪل، وقتي پئسو ڏوڪڙ گهرندو، ۽ نه ڏيڻ جي حالت ۾ انهن تي
ظلم ڪندو، وغيره، شهرن ۾ جتي گهڻا دڪان آهن، اتي ماڻهو پڇا ڪري جتي سستي شي ملندي
اتان وٺندو، پر ٻهراڙين ۾ اڪثر هڪڙو دڪان هوندو آهي (اڳي واڻين جا دڪان هوندا هئا)،
اتي شي جو اگهه دڪاندار پنهنجي مرضيءَ تي، جو به وڻندو سو وٺندو، ۽ ماڻهن کي لاچار
شيءِ وٺڻي پوندي، نه ته ٿوري گهڻي لاءِ هرڪو ماڻهو شهر ڏانهن وڃي ڪو نه سگهندو،
تنهنڪري لاچار جو به اگهه واڻيو چوندو اوترا پئسا ڏيڻا پوندا: سگهڙ چوي ٿو ته اهي
پنج ئي بيڪار آهن.
(27) پنج ئي گگهن گهور
ڪاڻي اک ڪجل پائي، ٻچي ڏاڙهي هٿ هڻي ٺاهي،
بني نڪ نٿ پائي، ٺوٺ گر، ماٺو ڍور:
اهي پنج ئي گگهن گهور.
جنهن جي اک ڪاڻي هجي ۽ سونهن لاءِ ڪجل پائي؛ ڏاڙهي ٻچي هجي ۽هر هر هٿ
هڻي پيو سنواري ۽ ٺاهي؛ ننڍو ۽ بندرو نڪ هجي ۽ ان ۾ نٿ پائي؛ استاد، جو ڏڏ هجي
تنهن کان ڪهڙي سکيا ملندي؛ ۽ ماٺو يعني آهستي هلندڙ ڍورو هجي جو منزل تي به نه
پهچائي سگهي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي اجايا آهن، جن مان هوند نه شڪر.
(28) هاٿ آوين موئان
ڪيهر مڇ، ڀوئنگ مڻ، ستي پهو سرڻي گت سوران،
ڪر پڻ ڌن، هاٿ اوين موئان.
شينهن پنهنجي جيئري مڇ جو وار پٽڻ نه ڏيندو. ڀوئنگ يعني
نانگ جي مٿي ۾ جا مڻ ٿيندي آهي، سا جيئري هٿ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. ستي استريءَ کي
پنهنجو ڪرڻ بلڪل اڻٿيڻي آهي. بهادر وٽ وڃي پناهه وٺبي ته هو پنهنجي جيئري، دشمن کي
ڪڏهين به ٻانهن نه ڏيندو.ڪر پڻ يعني ڪنجوس پنهنجي حياتيءَ ۾ وس پڄندي پنهنجو ميڙيل
ڌن ڪنهن کي ڪو نه ڏيندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي شيون انهن کان جيئري هٿ ڪرڻ نه رڳو مشڪل پر ناممڪن آهن، پر مرڻ بعد هٿ
ڪري سگهجن ٿيون.
(29) ست بکيون سنسار
ڌرتي ميگهه نه رجيئي، آگ نه رجيئي ساڙ،
راجا راج نه رجيئي، موت نه رجيئي مار،
عيشون نفس نه رجيئي، پرش نه رجيئي نار،
دونئنان نه رجيئي، ڏٺي سڄڻ ڪلتار.
ڪيترو به ميگهه يعني مينهن پوي، ته به اهو سمورو پاڻي ڌرتي
آهستي آهستي چوسي ويندي ۽ ڍءُ نه ٿيندس. باهه جي سامهون جيڪا به شيءِ آئي، تنهن کي
ساڙي ويندي، ۽ ته به ڍءُ نه ٿيندس. بادشاهه وٽ ڪيترو به ملڪ هجي، ته به ڀانئيندو
ته اڃا ٻيا به ملڪ فتح ڪريان. ساهوارن جي مارڻ ڪري، موت کي ڍءُ نه ٿيندو، سدائين
اهو دستور هليو ايندو. عيش عشرت مان نفس کي ڪڏهن به ڍءُ نه ٿيندو. پرش يعني مرد
جو، نار يعني زال مان ڍءُ نه ٿيندو. ٻنهي اکين کي محبوب جي ڏسڻ مان ڪڏهين به ڍءُ
نه ٿيندو. سگهڙ چوي ٿو ته دنيا ۾ اهي ست ئي شيون سدائين بکيون آهن.
(43) اٺَ ئي الوٽ
جهونو منڊ، بڊي ڀنگ، گانجي پوئين سوٽ،
گهوڙو سر ميدان ۾، ڀري گاڏنيءَ سوٽ،
پرڻي رات پهرين، پپر پينگهه جهوٽ،
عشق اول کان لڳو، اهي اٺ ئي الوٽ.
جهوني جادوگر کي پنهنجي فن تي گهڻي تجربي جي ڪري بانور
هوندو آهي. بڊي جي مهيني ۾ ڀنگ جو فصل ڀلو ٿيندو آحي، جنهن ۾ نشو گهڻو ٿيندو آهي.
گانجي وارا جڏهين سلڦيءَ کي آهستي آهستي سوٽون هڻي مچائيندا آهن، تڏهن پوئين سوٽ
زور سان هڻندا آهن، جنهنڪري نشو ايندو اٿن. گهوڙو ميدان ۾ جڏهين پورا سراڙي ۾
هوندو آهي، تڏهن کيس پنهنجي به سڌ نه رهندي آهي. نشئي ماڻهو جڏهين سوٽ تي سوٽ يعني
دٻل سوٽ ڀريندو آهي، تڏهين خمار ۾ اچي ويندو آهي. شاديءَ جي پهرين رات گهوٽ ۽
ڪنوار لاءِ، جواني جي انڌ ڪري، مستاني رات هوندي آهي . پپر جي وڻ جي مٿانهيءَ
ٽاريءَ ۾ پينگهه ٻڌل هجي ۽ لڏندڙ آهستي آهستي ڪري جڏهين مچائيندو آهي، تڏهين کيس
فرحت پيئي ايندي آهي. شروعات ۾ جو عشق لڳندو آهي، پوءِ اهو ڪهڙو به هجي، ته به ان
جو اثر انسان تي سدائين قائم رهندو آهي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي اٺ ئي حالتون الوٽ،
يعني خمار پيدا ڪندڙ آهن.
(44) ٻارهن ئي ٻَن پيا
بادشاهه ديوانو نه ٿئي، هاٿيءَ ٿئي نه هار،
ڪلر ويري ڪوٽ جو، ۽ مڇيءَ ويري ڄار،
مرد ويري ننڊ، ۽ عورت ويري سينگار،
ڪچهريءَ ۾ گانڊو ڏيندو گار،
پَڇَ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي هجي تجار،
اهي هجن ستار، ته به ٻارهن ئي ٻَن پيا.
جيڪڏهين ملڪ جو بادشاهه چريو ٿيو ته اجايا حڪم ڪندو،
جنهنڪري رعيت لاءِ ظلم ٿيندو، اهڙي ملڪ مان ڀڄڻ ٺيڪ آهي. لشڪر ۾ لڙائيءَ جي ميدان
تي هاٿيءَ جيڪڏهن هار کاڌي، يعني پوئتي وريو، ته اٽلو پنهنجا ماڻهو لتاڙي ماريندو.
ڪهڙو به عاليشان ڪوٽ هجي، پر جي ڪلر لڳو ته ناس ڪري ڇڏيندو. ڄار مڇيءَ جو دشمن
آهي، جنهن ۾ هوءَ ڦاسيو پوي. ننڊ مرد لاءِ چڱي نه آهي، ڇو ته هميشه پهري سجاڳ رهڻ
ٺيڪ آهي.” عورت سينگار ڪري ٻاهر نڪرندي ته سڀني مردن جون نگاهون هن ڏانهن هونديون،
جي نيٺ خرابيءَ جو باعث ٿينديون، يعني سينگار عورت جو دشمن آهي. جيڪو ٻڙڌيو يعني
ڍڳو، لانٻڙ-پونڇو (جنهن جو پڇ حد کان ڊگهو هجي) هوندو، تنهن ۾ کوٽائي يا ٽهڻ جو
عيب هوندو آهي، جنهنڪري پورو ڪم نه ڏيندو. جا عورت هٿ پير اگهاڙا ڪري هلي، يعني
بنا پردي ريل ڇيل گهمي، سا سلڇڻي نه هوندي. هاريءَ وٽ ٻنيءَ ۾ وڃبو ته هو اڀون،
ڇانهين گدري، وغيره جي ضرور آڇ ڪندو؛ پر جنهن جي ٻنيءَ ۾ ڪجهه به نه هجي ته اهو
ڪنهن به ڪم جو نه آهي. کوهه جي تر ۾ هيٺان چوڌاري پاڻيءَ جا نار يعني وهڪرا يندا
آهن، جنهنڪري تري ۾ پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي: جيڪڏهن ڪنهن کوهه ۾ کاري پاڻيءَ جو نار
هوندو ته سڄو پاڻي کارو ٿي پوندو، يعني کوهه لاءِ کاري پاڻيءَ جو نار خراب آهي. ڪميڻو ماڻهو، جنهن کي ڳالهائڻ جي فضيلت نه هوندي آهي، سو
ڪچهريءَ ۾ هوندو ته به اجائي بڪ شڪ پيو ڪندو، گهٽ وڌ ڳالهائيندو ۽ گارگند به پيو
ڪندو. جو اصل غريب هجي ۽ پوءِ ڪنهن نموني شاهوڪار ٿيو هجي، ان کي پڇ ڍائو يا پوءِ
ڍاول چئبو آهي: اهڙي ماڻهوءَ کان قرض نه وٺجي، ڇو ته اهڙو ماڻهو گهرڻ وقت ٻئي جي
حالت يا مجبوريءَ جو خيال نه ڪندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي ٻارهن ئي ٻَن يعني کڏ ۾
پون، انهن کان پري ڀڄجي ۽ بچيل رهجي.
Good post , I am going to spend more time researching this topic Sindhi News
ReplyDelete