پھاڪا ۽
سنڌي ادب
نظام الدين
ڪلھوڙو
پھاڪو، لوڪ ادب جي ھڪ اھم صنف
آھي. اسان جو عوامي ادب، جنھن کي لوڪ ادب سڏيون ٿا، اھو اصل ۾ اسان جو قديمي،
قيمتي، فطري ۽ بنيادي ادب آھي. ھن ۾ عوام جي عادتن، حالتن ۽ طبي طور طريقن، سماجي
روين ۽ سماج ڏانھن جوابدارين جو بيان رقم ٿيل ھوندو آھي. پھاڪو، لوڪ ادب ۾ نه رڳو عوام
جي زندگيءَ جو آئينو آھي، پر اڳئين جڳ کي جاچڻ لاءِ به ڄڻ ته آرسي آھي. جنھن ۾ عام
سماجي حالتن کي ڏسڻ کان پوءِ گذريل زماني جي تصوير به چٽيءَ طرح چڪاسي سگھجي ٿي.
اسان جي قديم ۽ فطري زبان
سنڌي ٻوليءَ جي پھ پچار مان پتو پوي ٿو ته ھيءَ ٻولي چوڻين ۽ پھاڪن سان ائين
سينگاريل آھي، جيئن نيرو آڪاس تارن سان، ڄڻ ڪو شاھي تاج ڪنھن وينجھار ويھي، جواھرن
سان جڙيو آھي. ھنن املھ موتين ۽ جواھرن جي حسن جي پچار پوءِ ڪبي، پھريائين ھن ڳالھ
کي پھيون ته پھاڪو خود آھي ڇا؟
پھاڪي جي معنيٰ،
مفھوم ۽ ڪارج:
پھاڪو، لفظ اصل ۾ آھي: پھ +
ڪيو. يعني، ويچار ڪيو ۽ فيصلو ڪيو. جيئن شاھ صاحب چيو آھي ته:
“پتنگن
پھ ڪيو، مڙيا مٿي مچ.”
پتنگن پھ ڪيو. يعني، پڪو
ارادو يا آخري فيصلو ڪيو. عام طرح سان به پھ پچائڻ جي معني آھي، پور پچائڻ يا خيال
پچائڻ، يعني عقل ھلائڻ، غور فڪر ڪرڻ ۽ ڳڻ ڳوت ڪرڻ. حقيقت ۾ ھن لفظ جو بنياد آھي،
پھ؛ يعني خيال ۽ رٿ. جنھن مان ٿيو، پھاڪو.
دراصل اڳئين جڳ ۾ ڪنھن ڏاھي،
ڪو پيچيدھ مسئلو پھي، ان جو ڪو آسان حل ٻڌايو ته اھو پوءِ عوام لاءِ “پھاڪو” بڻجي
پيو. مثال طور: “سونٽي ھجي ساڻ، ته گڏھ گوھي نه ڪري.” اھڙيءَ طرح ڪنھن اوکيءَ ويل
جي چئن چڱن گڏجي ڪو منجھيل معاملو پاڻ ۾ ويھي پھيو ۽ اتفاق راءِ سان ان جو ڪو
دائمي حل ڪڍيو ھوندو، ته اھو پوين لاءِ مڃيل پھاڪو مقرر ٿي ويو. پھاڪي جي معنيٰ
آھي: ڳڻيل ڳوتيل ڳالھ، سوچيل سمجھيل نقطو ۽ توريل تڪيل فيصلو. يعني مڃيل اصول، قاعدو
يا قانون. جنھن جي جامع لفظن ۾ ڪا مصلحت، ڪا دانائي، ڪا نصيحت ۽ ھدايت ھجي. شاھ
لطيف به پھاڪن جي اھا ئي معنيٰ ورتي آھي. سسئيءَ جو واتان ھڪ وائيءَ ۾ چوايو اٿس
ته:
“آتڻ
وجھي آڳ ۾، پڇنديس پوءِ پھاڪو.”
يعني ته اول آتڻ کي ئي ساڙي
ختم ڪري پوءِ جي پاڙي پتيءَ کان پھ پڇبو، ته ڪو به آتڻ ۾ ويھڻ جو ڏس ۽ صلاح ئي ڪو
نه ڏيندو.
اھڙيءَ طرح پھاڪي بابت اھا
ڳالھ به واضح آھي ته:
“پھاڪو يا چوڻي اھا آھي، جنھن
۾ ڪو عقل يا ڏاھپ جو نقطو يا ڪا حقيقت ٿورن، پر سٺن لفظن ۾ ڄاڻايل ھجي.”
مثال طور: انڌو ھاٿي، لشڪر جو
زيان.
مطلب ته انڌو ھاٿي پنھنجي ئي
لشڪر کي لتاڙي ماريندو آھي، تيئن بيوقوف دوست کان نقصان پھچڻ جو انديشو رھي ٿو.
پھاڪا، دراصل ادبي ۽ سڌريل
ٻوليءَ ۾ نه فقط زيب و زينت ۽ سونھن پيدا ڪندا آهن، بلڪ سندن استعمال جي ڪري
ٻوليءَ جي وسعت ۽ معيار کي پڻ بلند ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو شاهوڪار ۽ سربلند
ٻولي، پھاڪن سان سينگاريل هوندي آهي، جنھن ۾ پھاڪا، حقيقتن ۽ واقعن جو ڏيک ڏيندا
آهن، مگر اهي مخفي سرمايي سان ڀريل پڻ هوندا آهن، جن کي ٻوليءَ جي حسن ۾ شامل ڪري
سگهجي ٿو. جڏهن به ڪنھن قوم يا ملڪ جي ماڻھن ۾ ڪي تاريخي واقعا ۽ ڳالھيون عام ۽
خاص جي زبان تي اچي وڃن ٿيون، ته ان ۾ موقعي مطابق چيل گفتا ۽ جملا مشھور ٿي وڃن
ٿا ۽ انھن چوڻين کي “پھاڪا” چئبو آهي. پھاڪو، لفظن جو اهو عقلي مجموعو ٿئي ٿو،
جيڪو خيال جي دانائيءَ کي متحد ڪري، هڪ سٽ يا جملي ۾ قيد ڪري، ان کي حياتِ جاودان
عطا ڪري ٿو ۽ انھيءَ جي هر هنڌ “هاڪ” ٻڌجي ٿي. پھاڪا سماج ۽ ادب جا مغزيات آهن.
مٿين بيانن کان سواءِ اها به
حقيقت نروار ڪجي ٿي ته، “پھاڪو” اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي
معنى آهي: ضرب المثل، ڏاهپ جو قول، ڪھاوت، مثال، نظير، سياڻپ، دانائي يا ڪنھن
واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو، رستو، واٽ ۽ نصيحت وغيره.
ٻوليءَ جي زينت ۽ زيب آهن؛
چوڻيون ۽ پھاڪا. سندن سٽاءُ اهڙيءَ طرح پُرڪشش ۽ دلپذير ٿئي ٿي، جو هڪ هنڌان ٻئي
هنڌ پھچندي کين ويرم ئي نه ٿي لڳي. پھاڪا نه رڳو ٻوليءَ جي جاگير ٿين ٿا، پر ٻين
ٻولين ۾ ٿوري گهڻي مَٽ سَٽ سان پنھنجو مقام پاڻ پيدا ڪري ٿا وٺن. سنڌي زبان ۾ جيڪي
به چوڻيون ۽ پھاڪا رائج آهن، اهي پنھنجي رعنائي ۽ دلربائيءَ سبب ان ئي ڌرتيءَ جي
ماحول ۽ سماج اندر سونھن ۽ سوڀيا جو بھترين نمونو بڻيل آهن، جن مان اسان کي هڪ طرف
عقلي نڪتا ملن ٿا، ته ٻئي طرف منجهانئن انساني معاشري جي ريتن ۽ رسمن جي تصوير به
ڀليءَ ڀت نظر اچي ٿي.
ڪيترا ئي پھاڪا، ٻين ٻولين جا،
اسان جي سنڌي زبان ۽ معاشري ۾ داخل ٿيا آهن. ڪي ترجمي جي صورت ۾ بتدريج سنڌي
ٻوليءَ ۽ ادب ۾ پنھنجو مان ۽ مرتبو حاصل ڪري ويا آهن ته ڪي وري (هوبهو) اصل شڪل و
شباهت ۾ چوڻيون ۽ پھاڪا پڻ استعمال ٿين ٿا. گويا انھن پھاڪن جي اثر ڪري سنڌي علم و
ادب ۾ وڌيڪ گھرائي ۽ وسعت پيدا ٿي آهي. بلڪ اهي پھاڪا، سنڌي ثقافت ۽ تھذيب، سماج ۽
معاشري جي لغوي خزاني ۽ سرمائي جو حصو بڻيل آهن، جن ۾ دانائي، سياڻپ، قابليت ۽
حڪمت جا جوهر به شامل آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي پھاڪا، سنڌي سماج، عوام الناس، تاريخ ۽
سياست جي عڪاسي ڪن ٿا، ۽ اهي سنڌي ٻولي، ادب، رهڻي، ڪھڻي، اقتصاديات ۽ نفسيات جي
دلالت به ڪن ٿا. سندن تعلق سنڌي تمدن ۽ معاشرت سان گھرو ۽ گهاٽو آهي، پر پھاڪا
انساني ذهن جا املهه سرمايو ۽ زنده قوم جا ڪارائتا قانون پڻ آهن. تنھنڪري ائين چئي
سگهجي ٿو ته؛ پھاڪا نه فقط انساني ماحول، تھذيب، ٻوليءَ جي نزاڪت ۽ شاهوڪاريءَ جا
ڪارفرما اصول آهن، پر اهي عوامي زندگيءَ ۽ سياڻن انسانن جا افاديتي ڪردار پڻ آهن،
تن کي بلند مرتبو ۽ درجو حاصل آهي.
بھرحال، پھاڪا انسان جي زندگي،
نفسيات، رهڻي، ڪھڻي، لباس، کاڌِ خوراڪ، علم و ادب، عقل سان واسطو رکن ٿا، مگر اهي
انسان جا ڪرداري قانون ۽ دستور العمل به ٿين ٿا، جن ۾ انساني دانائي جو واهپو، عرق
ريزي، مٿاڪٽ ۽ صلاحيت جو عمل دخل ٿئي ٿو. پھاڪن کي، بصيرت جي نگاهه ۾، پنھنجو
ماحول ۽ معاشرو هوندو آهي، جتي هو وڌن ويجهن ٿا ۽ کين اهو ئي علائقو يا هنڌ، معنى
۽ مفھوم مھيا پڻ ڪري ٿو. در اصل پھاڪن جي بظاهر معنى هڪڙي هوندي آهي، پر سندن
ڪارجي مفھوم ۽ رواجي مطلب ٻيو هوندو آهي. ڪجهه چوڻيون ۽ پھاڪا نموني طور پيش ڪجن
ٿا ته:
1- “آزمائي کي
آزمائي، سو ڌوڙ منھن ۾ پائي.”
يعني: جيڪو آزمائي کي
آزمائيندو، سو آخر پڇتائيندو.
2- “اڪن کان انب
گُهرڻ ناداني آهي.”
يعني: بي فيض انسان مان، فيض جي
اميد رکڻ عبث آهي.
3- “بک ۾ بصر به
ڀلو.”
يعني: وڏيءَ ضرورت وقت ٿوري پورت به غنيمت آهي.
4- “جي اُکرين ۾
مٿا وجهن، سي مُھرين ڀئه ڪين.”
مطلب ته جيڪي مصيبتون سِرَ تي
سھائيندا، سي ڏکن ۽ تڪليفن کان نه ڊڄندا.
5- “ٿڌو گهڙو پاڻ
کي پاڻ ئي ڇانَو ۾ ويھاري.”
مطلب ته چڱو ۽ وڻندڙ انسان،
سماج ۾ پاڻ کي پاڻ ئي پيارو ۽ عزت وارو ڪندو.
چوڻين ۽ پھاڪن ۾ وڏو سچ ۽ فڪر
جو جزو شامل هوندو آهي، پر انھن ۾ معاشري جو عڪس به سمايل هوندو آهي جيڪو شاهوڪار
ٻوليءَ ۽ تمدن جي لاءِ ڪارائتو ۽ پائيدار هوندو آهي. تنھنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته؛
سنڌي زبان پھاڪن ۽ چوڻين جي حالت ۾ دنيا جي سڌريل ٻولين کان ڪنھن به طرح گهٽ نه
آهي.
پھاڪا ٻوليءَ ۽ سماج جو ادبي ۽
ثقافتي املهه خزانو ۽ سرمايو ٿين ٿا ۽ آهن. زبان ۽ ٻوليءَ جي هن سرمائي کي ڪنھن به
سطح تي سماجي سرمائي کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته براه راست علمي ۽ سماجي
اثرن کان، ادب جي عليحدگي ممڪن ئي ڪونھي ۽ سنڌيءَ ۾ پھاڪن کي اها حيثيت حاصل آهي،
جيڪا برطانيه جي تاريخ ۾ ميگنا ڪارٽا (Magna Carta) (اڻ لکيل آئين) کي آهي. مشھور جرمن ڏاهور ‘Luding Wittstein’ پنھنجي ڪتاب “A
Brief History of Literacy Theory” ۾ پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن کي لفظن جي مصوري (Pictorial Theory) ۽ لفظن جي راند (Language Game) جو اضافو ڪندي، پھاڪن کي “لساني سائنس” جو درجو ڏئي ٿو.
بهرحال! پھاڪو، معنى، عقل ۽
ڏاهپ جو اهو نڪتو ٿيندو آھي، جنھن مان ڪا حقيت ٿورن، پر وڻندڙ لفظن ۾ به ڄاڻايل
هجي، جيئن ته: “بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي يا نياڻيءَ کي مائٽ لاڳ ڏيندا، ڀاڳ نه
ٿيندا.” وغيره.
سنڌي پھاڪو، سنڌي عوامي زندگيءَ
جو آئينو آهي ۽ سنڌ جي تھذيب و تمدن، ريتن ۽ رسمن، مذهبي خيالن، معاشرتي طور طريقن
۽ قديم تاريخي اهڃاڻن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. پھاڪو سماجي حقيقتن تان نقاب لاهي ان کي
وائکو ڪري ٿو. پھاڪي ۾ وڏو سچ لڪيل هوندو آهي، جيڪو سماجي اعتقاد کي پڻ ظاهر ڪري
ٿو. سنڌي پھاڪا سنڌ جي سچار ۽ صداقت واري زندگيءَ جي ترجماني ڪن ٿا. جھڙوڪ:
1- “سنگ تاري، ڪُسنگ ٻوڙي.”
ان جو مقصد اهو آهي ته چڱي صحبت
مان فائدو ملندو آهي، بري سنگت ۽ دوستيءَ مان نقصان ئي ٿيندو آهي.
2- “آهه غريبان، قھر خدائي.”
مطلب ته غريب کي هروڀرو تنگ ڪبو
ته، ان جي آهه عرش عظيم تائين ويندي ۽ خدا جو ڏمر نازل ئي ٿيندو آهي.
3- “اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو،
محبوب کي ماڻو.”
ان پھاڪي جو مقصد اهو آهي ته،
اٺ هميشه جهنگلي گاهه لاڻو ڳوليندو، گهوڙي کي داڻو گهرجي، مرد کي ڌن، دولت ۽ محبوب
جو ناز و انداز ئي سھڻو لڳندو آهي.
مذڪوره پھاڪا وڏي معنى ۽ اهميت
رکن ٿا ۽ انھن مان واضح ٿيو آهي ته پھاڪا انسان جي سماجي زندگيءَ سان گھرو تعلق
رکن ٿا ۽ انساني زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي به ڪن ٿا، جن مان اسان کي گهڻو ئي لاڀ حاصل
ٿئي ٿو.
سنڌيءَ ۾ “پھاڪو” ان کي چئبو
آهي، جيڪو ڪنھن واقعي يا پسمنظر تي آڌاريل هجي، ڪنھن ڏاهي يا داناءَ جو قول هجي ۽
ان جي ڪتب آڻڻ سان ڳالهه جو مفھوم اهڙو آسان ۽ عام فھم ٿي وڃي جھڙو مُنڊيءَ تي
ٽِڪَ، جيئن:
“انڌن رکيا
روزا ته، ڏينھن به ٿيا وڏا.”
ان پھاڪي جي معنى آهي ته سُست
ماڻھو ڊڄي ڊڄي ڪم ڪندو، سو به کيس ڏکيو پوندو.
پھاڪي جي قدامت ۽
اوسر:
پھاڪا ان زماني کان چالو ٿيا
آهن، جڏهن انسان گڏجي رهڻ شروع ڪيو ۽ گڏجي رهڻ ڪري مسئلا پيدا ٿيا ۽ انسان ذات،
پنھنجن معاملن ۽ مسئلن کي سوچڻ ۽ سنوارن شروع ڪيو. اهي مسئلا، اڪيلي سر به، ڪي
سياڻا سنواريندا رهيا ته وري باهمي سمجهوتي سان به حل ٿيندا پئي آيا آهن. مثال
طور: ڪنھن عام ماڻھوءَ يا راڄ جي چڱي مڙس، ٻي شادي ڪرڻ چاهي هجي ۽ ڪنھن پرئي مڙس
يا چؤياريءَ کان صلاح ورتي هُجئين، پوءِ ڪنھن فيصلو يا صلاح ڏيندي چئي ڏنو هُجي ته؛
“ٻن ترارن جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾.”
اهو ٻن ترارن وارو پھاڪو شاهه
لطيف وري هيئن استعمال ڪيو آهي:
خودي ۽ خداءِ، ماڻيندا من ۾،
ٻن ترارن
جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.
ڪنھن به پھاڪي لاءِ اڄ پڪ سان
چئي نه سگهبو، ته اهو ڪنھن چيو ۽ ڪھڙي زماني ۾ چيو. حڪيم سقراط، وتائي فقير، شيخ
چلي، بيربل، شيخ سعدي ۽ لقمان حڪيم جا نقل، روايتون، واقعا، ناصحاڻا ۽ فلسفيانه
نقطا ۽ ٽوٽڪا ته گهڻا آهن پر ڪو به پھاڪو انھن ڏانھن منسوب نه آهي. ڇو ته اهي بلڪل
ئي قديم زماني کان ۽ عوام وٽان ئي چالو ٿيا آهن، جڏهن انسان ذات، اڃا پنھنجي اُتم
ڌنڌي يعني اتم کيتي جو مس آغاز ڪيو هو. پوک بابت اهڙو ئي پھاڪو سنڌيءَ ۾ به
اُسريو:
سٺ پچي سٺڙي، سؤ پچي جُئار،
تھان هاري
تڪڙو، ته لاهن پاڙون نھار.
يعني: ڳاڙهي ڪُنڊ جوئر سٺ ڏينھن
۾ ئي پچي راس ٿئي. باقي سڌي سنگ واري اڇي جوئر، سا ته سؤ ڏينھن کان به پوءِ لهي،
پر جي هاري ان لاءِ آتو ٿئي، ته وڃي لاهن جي پاڙن وٽ نسريل سنگ نهاري.
مطلب ته اهي پھاڪا، هزارين
پيڙهين جي تجربن جو نتيجو آهن ۽ ايامن جي آزمائشن کان پوءِ وڃي مقبول ٿيا آهن.
هاڻي وڃي سند جي حيثيت حاصل ڪئي اٿن. شام جي قديم يهودين ته هميشه ئي پھاڪن جي
پاڪائي ۽ برڪت کي مذهبي حيثيت سان پئي مڃيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي عبراني چوڻيون حضرت
سليمان عليہ السلام (973 مسيح) جا حڪيمانه قول آهن. جيڪي سڄي دنيا ۾ سياڻي “سليمان
جا سخن” سڏجن ٿا. جڏهن ته انھن ۾ ڪيترا ئي اهڙا پھاڪا به قبول ڪيل آهن جيڪي حضرت
سليمان عليہ السلام کان اڳ اُر، نيپور ۽ بابل ۾ هلندڙ هئا. سڀ کان پھرين عراق ۾
سميري زبان جي “پھاڪن جو مجموعو” نيپور شھر ۾ اٽڪل 1834 قبل مسيح ڌاران مليو.
عربي ادب جي تاريخ ته پھاڪن سان
ئي شروع ٿئي ٿي. مگر چيني ادب ۾ پھاڪا عيسوي سن کان به گهڻو پوءِ قلمبند ڪيا ويا
آهن ۽ اسان جي سنڌي ادب ۾ ته اڃا فقط شروعات ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ ڪن اديبن ٿورا
گهڻا پھاڪا گڏ ڪري ڇپايا به آهن، پر انھن جي “پاڙ” پڌري ڪيل ئي ڪانھي، رڳو هرهڪ
پھاڪي جي الڳ الڳ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. پھاڪن تي ڪيل اهڙي ڪم ۾ سر فھرست ديوان
ڪوڙي مل جو ڪم آهي، جنھن جا گڏ ڪيل پھاڪا “سنڌي پھاڪا” نالي سان 1898ع ۾ ڇپيا.
1905ع ۾ ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي جو “گلشڪر”، 1905ع ۾ ميرزا قليچ بيگ جو “پھاڪن جي حڪمت”. جڏھن
ته 1941-42ع ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ “سنڌي پھاڪن جي پيڙهه” ۽ “گلقند” ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي
پڌرا ڪيا. جڏهن ته غلام اصغر جو “سنڌي کٽمٺڙا” محاورن جو ڳٽڪو 1956ع ۾ شايع ٿيو ۽
عبدالڪريم سنديلي “پھاڪن جي پاڙ” 1966ع ۽ “اصطلاحن جي اصليت” 1977ع ڌاري ڇپائي
پڌرا ڪيا. اهڙيءَ طرح ڀارت جي ڪيترن ئي سنڌي عالمن پڻ پھاڪن جا مجموعا ترتيب ڏيئي
ڇپايا آهن، جھڙوڪ: گهنشام داس ڀڳت جو “سنڌي ٻوليءَ جي سونھن (ورجيسون ۽ محاورا)”
تيرٿ داس پيسومل جو “پھاڪن جي پاٻوهه” ۽ ٻيا پڻ ذڪر جي قابل آهن. پر ويجهڙائيءَ ۾
مسلمان اديبن ۽ عالمن به پھاڪن ۽ چوڻين جي حڪمت ۽ پاٻوهه متعلق ڪيترا ئي ڪتاب
ڇپايا آهن، جن ۾ پھاڪن جي پيڙهه (الهه بخش ٽالپر)، سنڌي ورجيسي ٻولي (ڊاڪٽر شمس
الدين عرساڻي)، “اُترادي پھاڪا ۽ چوڻيون”، “موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پھاڪا ۽
چوڻيون”، “ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا” ۽ “ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج” (انجنيئر
عبدالوهاب سھتو) ۽ ٻيا به اچي وڃن ٿا.
مٿين مجموعن کان سواءِ، ٻين
ادبي توڙي گرامر جي ڪتابن ۾ به ڪجهه “چوڻيون ۽ پھاڪا” موجود آهن. “سنڌي ٻوليءَ جي
تاريخ” (ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي)، “آفتاب ادب- عرف ساهت جو سج” (حڪيم فتح محمد سيوهاڻي)،
“سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا”، “سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ۽ سنڌي معلم” (ڊاڪٽر غلام علي
الانا)، “اترادي ٻولي” (ڊاڪٽر هدايت پريم)، “ماٿيلي، اٻاوڙي جي ٻولي” (پروفيسر شيخ
محمد فاضل)، “سنڌي رهبر” (علي محمد بلوچ)، “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات”
(پروين موسى ميمڻ) وغيره ستائش جي لائق آهن.
اهڙيءَ طرح شاهه جي ڪلام کي
پڙهنداسون ته ان ۾ ڪافي پھاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن. شاهه جي رسالي مان جيڪي شعر
پھاڪي طور استعمال ٿين ٿا، تن کي چونڊي مرزا قليچ بيگ “لطيفي لات” جي نالي سان
ننڍڙو ڪتاب شايع ڪرايو. لطيف جي پھاڪن ۽ محاورن کي گڏ ڪري سيد اظھر گيلانيءَ “شاهه
جي ڪلام ۾ پھاڪا ۽ محاورا” نالي ڪتاب ڇپايو. ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جو “مون
مطالع سپرين” ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو “سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف” وغيره ۽ ٻيا پڻ
تعريف جوڳا ڪتاب آهن.
سماجي تبديلي ۽
پھاڪا:
اها مڃيل حقيقت آهي ته ڪنھن ملڪ
يا قوم جون سماجي حالتون، سياسي ۽ تاريخي اثرن سبب، تبديل ٿينديون رهن ٿيون. بلڪ
انساني ريتن ۽ سماجي رسمن، اصولن ۽ اعتقادن ۾ به فرق ايندو رهندو آهي.
اهڙيءَ طرح سماج ۾، سماجي قدرن
جي تبديلي، سماج جي ادب، ريتن، عقيدن ۽ طور طريقن ۾ پڻ نواڻ آڻيندي آهي. هڪ وقت جي
سچي حقيقت، ٻئي وقت ۾ پنھنجي به ڪڏهن اهميت وڃائي ويھندي آهي.
قديم زماني جا قبول ڪيل ڪيترا
پھاڪا نين حالتن هيٺ پنھنجي مڃيل ۽ مستند حيثيت کان يا حيثيت پڻ وڃائيندا رهن ٿا. مثلاً:
“عورت ته
گهرُ، مرد ته هـَرُ.”
هيءُ پھاڪو سماجي قدرن جي
تبديليءَ سان پنھنجي اهميت وڃائي، “عورت ته ايٽُ، مرد
ته کيٽُ” تبديل ٿي ويو. ان جي برعڪس وري ڪيترا ئي پھاڪا هر دور ۾ (بشرطيڪ
ساڳئي نموني جا تاريخي، سماجي ۽ سياسي واقعا ٿيندا رهندا هجن.) پنھنجي حيثيت ۽
اهميت برقرار رکندي، سماج جي نمائندگي ڪندا رهن ٿا، مثال طور:
“آئي
ٽانڊي ڪاڻ، بڻجي ويٺي بورچياڻي.”
هن پھاڪي کي تجزئي ڪرڻ سان
معلوم ٿيندو ته هي ان دور جي تاريخي، سياسي ۽ سماجي واقعي جو اهڃاڻ آهي، جڏهن
ٻاهرن آيل ڌاريا ماڻھو مدد گهرڻ جي بھاني آيا ۽ ملڪ تي قبضو ڪيائون. جيئن پورچوگيز
مدد جي بھاني آيا ۽ پوءِ ڦرلٽ ڪيائون. يا انگريزن واپار سانگي اچي، نه رڳو ملڪ جي
اقتصاديات تي قبضو ڪيو، پر قابض ٿي، حڪومت ڪيائون.
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن موجوده سنڌي
سماج جو جائزو وٺبو ته هندستان کان آيل پناهه گيرن، پناهه جي بھاني اچي، قبضو ڪيو
آهي، تنھن ڪري هيءُ پھاڪو اڳوڻي سماج توڙي موجوده سماج ۾ پنھنجي اصلي معنى، مفھوم
۽ مقصد سان پنھنجي حيثيت ۽ اهميت برقرار رکيون بيٺو آهي. اهڙيءَ طرح سماج ۾ وڏين
تبديلين جي باوجود جيڪڏهن موجوده سماجي
حالتن ۾ ڪو خاص ڦيرو ڪو نه ٿو اچي ته اڳ جا قائم ٿيل پھاڪا پراڻا هجن، توڙي نوان،
حڪيمانه قول ۽ سياڻن جا ٻول آهن، جن ۾ جهوني جڳ جون جهلڪيون به موجود آهن، ته عام
تھذيب ۽ تمدن جي تصوير به تمام چٽيءَ طرح سان چٽيل آهي. وري ٻئي طرف هي بامقصد ۽
پُر معنى پڻ آهن. جن ۾ هر قدم تي ڪا نه ڪا هدايت ۽ رهبري به موجود آهي.
پھاڪا انسان ذات جي ڪيترين ئي
پيڙهين جي لاڳيتي سوچ-ويچار جو ثمر ۽ ايامن جي غور فڪر جو گويا نچوڙيل عرق ۽
انساني عقل جو چڪايل جوهر آهن. تنھنڪري هر “پھاڪو” ڄڻ ته سڄي قوم جو ئي گڏيل فيصلو
آهي. انھيءَ ڪري ئي هن جي دائمي حيثيت به گويا لوهه تي ليڪو آهي يا کڻي هيئن چئجي
ته ڄڻ انسان ذات جو اڻ لکيل آئين، زباني قانون ۽ فطري دستور آهي، سو به ائين آهي،
جو مُنڊيءَ تي ٽِڪ، مثلاً:
“پرائي
امانت، ڌرتي به نه ڊوهي.”
هِيءُ پھاڪو ڏيکاري ٿو ته اڳي
جڏهن بئنڪون ڪين هيون، تڏهن اسان جا ماڻھو ڌرتيءَ ۾ ڌن پُوريندا هئا. ڌرتي سندن
رقم کائي ڪا نه ويندي هئي. هيءُ پھاڪو سيکاري ٿو ته؛
“امانت ۾،
خيانت نه ڪجي.”
اهڙيءَ طرح پھاڪن ۾ وڏي فلاسافي
سمايل آهي ۽ ساڳئي وقت، اهي اسان جي تھذيب يا سڀيتا جي ساک آهن. اسين ڳالهه ڳالهه
تي ڪو پھاڪو پنھنجي ڳالهه کي ٽيڪ ڀرائڻ يا ڪنھن نقطي جي وضاحت خاطر ثابتيءَ ۽ سند
طور پيش ڪندا آهيون.
مثال طور؛ ڪنھن ماڻھوءَ کي گهڻو
اولاد آهي ۽ وڏا ٿي سڀ نااهل ۽ بيڪار ثابت ٿين ٿا ۽ پنھنجي پيدا ٿيڻ کي ماءُ پيءُ
جي غلطي ٿا سمجهن ته جيڪر هُو نه ڄَمن ها، نه ڏکيا ڏينھن ڏسن ها. ان تي ڪنھن سياڻي
ڪيڏو نه ٺھڪندڙ نقطو بيان ڪيو آهي ته:
“ماءُ
ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊي.”
يا وري ڪو ماڻھو پيٽ جي دوزخ
ڀرڻ لاءِ نيچ کان نيچ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ته اهڙي موقعي تي ڪنھن سياڻي جو
هيءُ سخن پنھنجو مَٽُ پاڻ آهي ته:
“بک بڇڙو
ٽول، داناءَ ديوانا ڪري.”
پھاڪن ۾ عوام جون نسلي خاصيتون
۽ دماغي لياقتون، سندن طبعي لاڙا ۽ فطري رجحان، ملڪي ماحول ۽ راڄ نيتي وايو منڊل
(سياسي نظام)، گذر معاش جا طور طريقا ۽ قديم تاريخي اهڃاڻ سمايل آهن. پھاڪا پراڻا
هجن توڙي نوان، سڀئي معنى خيز ۽ پُر مقصد آهن، جي عاقلن جا قول ۽ سياڻن جا ٻول
آهن.
“راجا ات
رهاڻيون، مؤرخ ات بحث.”
هي قديم زماني ۽ انساني حڪمت جا
عجيب اُهڃاڻ آهن، جن تي پراڻي زماني جي بنيادي فلاسافي توڙي جديد فلسفي جو بنياد
رکيل هي، جيڪو ٻولي توڙي سماج جي تاريخي ارتقاء ۽ لسانيات جي اڀياس لاءِ تاريخي ۽
ثقافتي مواد مھيا ڪري ٿو. هي پھاڪا، چڱن جون چوڻيون آهن، جن ۾ اَوَس چڱائي ۽ سماج
کي سمجهڻ لاءِ صحيح حڪمت عملي آهي. هاڻي اسان اهو ڏسون ٿا ته پھاڪن جو تعلق
شاعريءَ سان ڪيتري قدر آهي؟
پھاڪا ۽ شاعري:
پھاڪن جي پھه پچار مان هڪ اهم نُڪتو
نروار ٿئي ٿو، جو پڻ سوچڻ جي لائق آهي. پھيل ڳالهه ۾ اهو ئي پھه آهي، جنھنکي جيڪر
جديد شاعريءَ وارو “شعور” چئجي. گويا اهي پھاڪا انھيءَ ڪري قديم شاعري ۽ بنيادي
سگهڙپائيءَ جو به سھڻو نمونو آهن.
قبائلي پيشوا توڙي خاندان جا
بزرگ، پنھنجن پوين کي پنھنجو موروثي علم ۽ سندن ذاتي آزمودا يا ڪي خاص هدايتون
اهڙين ئي موزون چوڻين ۾ بر زبان ياد ڪرائيندا هئا. اهڙي ضرورت جي مدنظر هي پھاڪا
بلڪل ئي مختصر، مائيدار ۽ موزون لفظن ۾ پوتل آهن، انھيءَ ڪري ته ياد ڪرائڻ ۾
سھنجائي ٿئي. گهڻو ڪري ته سڀني پھاڪن ۾ قافيو آهي ئي آهي ۽ ڪيترا ته ٺھيل ئي وزن
تي آهن، جيڪي ويچاريون وڏيون ته وڏي ڍار ۽ جهيل سان جهولائي چونديون آهن ته:
“ابي چاڙهي، ادي چاڙهي،
مون نه
چاڙهي، ڪنھن نه چاڙهي.”
اڳئين وقت ۾ ته اهي پھاڪا ئي
هئا، جن حياتيءَ جي هر وهنوار، ڇيڙي، نبيري، ڏيتي ليتي، آچار ويچار ۽ نياءَ نبيري
۾ وڏي واهر پئي ڪئي آهي. “تڏي آئي تنگ نه ٿِجي، توڙي
هجن وير هزار.”
وڏي ڳالهه ته قِصن ۽ ڪھاڻين ۾ به ڪيترا ئي پھاڪا وڏن ۽
خاص واقعن جون يادگار چوڻيون، “ڳاهن” طور ڳايل آهن. ڏومڻ سوناري واري آکاڻيءَ ۾
هيءَ مشھور “ڳاهه” به آلاپيندا آهن ته:
“سچ ته بيٺو نچ، ادا ڙي ڪارو
منھن ٿئي ڪوڙ،
سچن ملندو
سچ سگهو ۽ ڪوڙن پوندي ڌوڙ.”
حقيقت ۾ هيءُ لاجواب پھاڪو آهي،
پر آکاڻيءَ ۾ ڳالهه وانگر جهونگاربو آهي. اهڙيءَ طرح گذريل زماني جي ڪن وڏن واقعن
جون يادگار چوڻيون به آهن ته:
“سَپُ نه
ماري، سپ جو سراپ ماري.”
هيءُ موکي ۽ متارن جي آکاڻيءَ
جو مرڪزي نڪتو آهي. ان کان علاوه اها به حقيقت عيان آهي ته، جڏهن ڪنھن ملڪ يا قوم
۾ مشھور شاعر يا عالم ٿي گذرندو آهي، تڏهن انھيءَ ملڪ يا قوم تي ان جو اثر ٿو ٿئي.
انھيءَ جي گفتا، ٻوليءَ ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃن ٿا، ۽ گفتگوءَ ۾ توڙي لکپڙهه ۾، اُهي
پھاڪن يا مثالن وانگي ڪم ايندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هر ڪنھن سڌريل ٻوليءَ ۾
پھاڪن ۽ چوڻين جو هڪ وڏو خزانو موجود هوندو آهي، جو ان ٻوليءَ جي تحريري يا زباني
ادب جو هڪ اهم ۽ مکيه حصو هوندو آهي. سگهڙ مرد توڙي گهرو سگهڙ عورتون، شاعر، اديب
۽ مقرر جڏهن چاهيندا آهن، ته پنھنجي نصيحت يا اندر جي جذبات ٻين تائين مؤثر نموني
۾ پھچائن، ته اڪثر اهي پھاڪن ۽ چوڻين جو سھارو وٺندا آهن. جيئن مٿي چيو ويو ته:
سنڌي زبان پھاڪن ۽ چوڻين جي حالت ۾ دنيا جي سڌريل ٻولين کان ڪنھن به طرح گهٽ نه
آهي، ڇو ته منجهس بيشمار پھاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، جيڪي ٻوليءَ ۽ ادب جي سونھن ۽
سوڀيا جو ثبوت پيش ڪري رهيا آهن، پر اهي زبان ۽ ثقافت جي ڪشادگي ۽ وسعت به پيدا
ڪري رهيا آهن. جن ۾ حڪمت جا موتي ۽ ڏاهپ جا ٻول پڻ موجود آهن. اڳ ۾ ذڪر ٿي آيو آهي
ته: شاهه لطيف رح جي ڪلام کي پڙهنداسون ته ان ۾ ڪافي پھاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن:
“ويا مور مري، هنج نه رهيو
هيڪڙو،
وطن ٿيو
وري، ڪوڙن ڪانئرن جو.”
شاهه صاحب جي مٿئين بيت جي
حيثيت، اڄ ڪلهه سنڌي معاشري ۾ پھاڪي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. نيڪ انسانن جي
خصوصيتن کي واضح ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي پھاڪا شاعريءَ جي شڪل ۾ پڻ ملن
ٿا، جيئن ته :
“چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون
مَٺن،
جو وڙ
جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.” (شاهه)
هن شعر جي سونھن، معنى وڻندڙ ۽
جاذب آهي، جا عام طور تي پھاڪي جي شڪل پڻ اختيار ڪري چڪي آهي. ساڳيءَ طرح خليفي
نبي بخش “قاسم” پڻ ڪيترا مروج پھاڪا پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندا آهن، انھن مان هڪ سٽ
هن ريت آهي:
“جني پکا
اوڏڙا، سيڻ ڪجن سيئي.”
ڪبير شاهه ٻيلي واري جون
ڪيتريون ئي حڪمت ڀريون حڪايتون، اهڙن ئي حڪيمانه قولن جي جڙاءَ سان جڙيون پيون
آهن. هيٺئين ڪلام جي هر سٽ پنھنجي جاءِ تي هڪ مڪمل پھاڪو آهي.
نصيحت تنھن نادان کي، ڪري ڪين
اثر،
ڪلر مان ڪين ٿئي، توڙي جام
پيارينس جرُ،
شيدي گورو نه ٿئي، توڙ ي مھٽي
لاهينس مـرُ،
اڪ آمون نه ٿئي، توڙي ڦٽي ڪڍي
ڦرُ،
کٿو چاڙهين کُنڀ تي، ته به
مور نه ڇڏي مـَرُ،
مِرون ڌارئين مينھن کي، ته به
سندو سوئر ڦرُ،
ڪڻڪ کارائين ڪتي کي، ته به
کيس چني سين چـَرُ،
پـَرُ پنھنجو نه ٿئي، توڙي لُٽي
ڏئينس گهرُ،
ڪميڻو اشراف نه ٿئي، توڙي
دليؤن هجي دلبرُ،
تنھن کان
ڏورانهن بيٺو ڏرُ، جو پوءِ لڳي پشيمان ٿين.
اڃا به جيڪڏهن اسين جاچي
ڏسنداسين ته ڪن شاعرن جي ڪلام جون ڪي تڪون ۽ سٽون اڄ به پھاڪي طور پيون ڪم اچن!
اگرچ اهي پھاڪا اڳي ئي هلندڙ هوندا ۽ پوءِ جي شاعرن وري ساڳيا ئي پھاڪا نئين سر
ويھي پنھنجي ڪلام اندر جڙيا آهن، جيئن شاهه جو هي بيت آهي ته:
سِڪ ناهي سُٿري، کڻ پروڙي
پيرَ،
ڪُسڻ
ڌاران ڪيرُ، ڪري سُڌ سِڪڻ جي.
هن بيت جي پھرين سٽ عام طور تي
پھاڪو ٿي استعمال ٿيندي آهي. جڏهن ته اها پڪ آهي ته پھاڪا شاهه صاحب کان گهڻو اڳ
ئي هلندڙ هئا. مطلب ته انھن پھاڪن کي شاهه صاحب پوءِ پنھنجي ڪلام ۽ شاعريءَ ۾ آندو
آهي. شاهه ڪيترا ئي اڳ رائج ٿيل پھاڪا ڪلام ۾ آندا آهن، جيئن ته:
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو
نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،
سا ڪا هڙ
هلاءِ، آڳهه جنھن جي اُبهين.
اهڙيءَ طرح شاهه صاحب انسان جي
سُھڻي سيرت، اخلاق ۽ سٺي برتاءَ جي ڳالهه بيان ڪري ٿو ته:
هو چونئي تون مَ چؤ، واتان
ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو
کائي،
پاند ۾
پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.
شاهه جون هيٺيون سِٽون پھاڪي طور
استعمال ٿين ٿيون ته:
يار سڏائي سڀڪو جاني، زباني،
آهي
آساني، ڪم پئي ٿي ڪَلَ پوي.
اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته،
ڳوڙها ڳاڙي ڏک جو اثرائتي نموني اظھار ڪرڻ ته انساني فطرت جو گڻ آهي. مگر “مٿو پٽڻ”
رڳو سنڌي ثقافتي زندگيءَ جو انفرادي گڻ آهي، جيڪو شاهه صاحب استعمال ڪري، پنھنجي
وسيع سنڌي ثقافت جي مطالعي جو ثبوت پيش ڪيو آهي، جيئن ته هو چوي ٿو:
مران، مٿو پٽيان، نھاريان
نيڻانِ،
سُخن جي
سندانِ، آئون نه جئندي اُن ري.
حقيقت پسنديءَ جي حيثيت ۾، هيءُ
پھاڪو به جديد شاعريءَ جو نمونو ۽ اهڃاڻ آهي:
اڌ کي ڇڏي، جو سڄيءَ ڏانھن
ڊُڪي،
تنھن کي
سڄو ته نه ملي، پر اڌ کان به سِڪي.
نه صرف اڳئين دور جي ڪلاسيڪي
شاعرن ئي پھاڪن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ جيئن جو تيئن ڪم آندو آهي، پر موجوده دور جي
وڏن ۽ جديد شاعرن به پھاڪن کي، استعمال ڪري انھن جي ڪارج مان حظ حاصل ڪيو آهي.
اهڙيءَ طرح شيخ اياز به پنھنجي
شاعريءَ ۾ پھاڪي جو استعمال خوبصرت انداز سان ڪيو آهي ته:
ويهه ونگي ٽڪ سان،
چپن لائي چُن،
اڄ ڇا کان
ڪاپائتي؟
اهڙي ئي نموني سنڌ جي ٻين جديد
شاعرن به پھاڪن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ائين جڙيو آهي، جيئن مُنڊيءَ تي ٽِڪَ، جيئن
ته:
اگهئو ڪائو ڪَچُ،
ٻليون پوندئي ڪانچ ۾،
جي تون
چوندين سچ.
انھيءَ ڪري عوام جا اڳواڻ ۽ وقت
جا سڄاڻ ماڻھو ته سدائين انھن کي عوام جي ڀلي خاطر، نئين دڳ لائڻ لاءِ پنھنجي
تنوارن ۽ جهونگارن ۾ جيئرو رکندا پئي آيا آهن.
ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي
شان،
الله ڏئي
ايمان، ته گوڏا ڏئي گذارجي.
لسانيات جا ماهر بخوبي واقف آهن
ته پھاڪا سنڌي زبان ۾ اڳ موجود هئا، پر ڪيترن ئي شاعرن متعدد پھاڪا پنھنجي ڪلام ۾
آندا آهن، جنھن سان هيڪاري ٻوليءَ توڙي شاعريءَ ۾ رواني، سونھن ۽ سليقائي اچي ويئي
آهي. سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ پھاڪن جو خزانو، سڀيتا جو ڪم ڏيندا آهن. انھن جي حيثيت
۽ اهميت معاشري جي اڀياس برابر آهي. تنھن ڪري ائين به چئي سگهجي ٿو ته پھاڪن جو
ساٿ نه رڳو علمي، ادبي ٻولي ۽ شاعريءَ سان آهي، مگر سندن تعلق سماجي، تاريخي
مطالعي ۽ انساني زندگيءَ سان پڻ گھرو آهي.
دراصل پھاڪن ۾ بيشمار نصيحت ۽
سبق آموز نُڪتا شامل هوندا آهن، پوءِ اهي پراڻا هجن يا نوان. ليڪن انھن ۾ نصيحت،
دانائي ۽ حڪمت ڀريون ڳالھيون موجود هونديون آهن. اهڙيءَ طرح شاعريءَ ۾ معاشري جو
عڪس ۽ زندگي گهارڻ جا اصول ۽ قاعدا شامل هوندا آهن، جيڪي انسان کي سنئين ۽ چڱي
راهه تي هلائڻ جا پڻ ذميوار آهن. جيئن شاعريءَ ۾ انساني جذبن جو اظھار ۽ بيان
هوندو آهي، تيئن پھاڪن ۽ چوڻين ۾ به سچائيءَ ۽ صداقت جو درس هوندو آهي، جيڪو
انساني معاشري توڙي زنده قومن جي بلڪل رهبري ۽ رهنمائي ڪندو آهي.
مطلب ته پھاڪا، تمدن ۽ انساني
سماج ۾ نه صرف حسناڪ ڪم ۽ ڪردار جو تاثر ڏين ٿا، پر اهي شاعريءَ جھڙو شعور به
ڦھلائن ٿا. جنھن ۾ صداقت ۽ حقيقت جي تصوير منعڪس هوندي آهي، جيڪا انساني زندگي،
عقل آرائيءَ جي نڪتي، زبان ۽ علميت جي لاءِ پائيدار پڻ هوندي آهي. ليڪن هيءُ پھاڪو
پڻ شاعريءَ جھڙو درس ڏيئي رهيو آهي ته:
“دنيا کي هڪ ڏينھن، ڇڏڻو
ضروري آهي،
ڀانڊو جو
گهڙيو، سو ڀڄڻو ضرور آهي.”
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي
ڪلام مان ڪجهه پھاڪا مليا آهن، پر انھن مان هي شعرپھاڪا آهن:
جهولي ٿي ڀرجي مال سان، سختين
سهڻ کان پوءِ،
تابش جهلڻ کان سج جي ئي، ٿو
سنگ جهلي اَنُ.
جو ڄائو نيٺ مرندو، جو اڀريو
نيٺ لھندو سو،
جو بيٺو نيٺ
ويهندو، جو پوکيو نيٺ لُبجندو سو.
مددي ڪتاب:
1
ٻگهيو، محمد قاسم، ڊاڪٽر: “سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين”،
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1998ع.
2
آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند: “سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ”، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
سنڌ، 1993ع.
3
قليچ بيگ، ميرزا: “لطيف لات”، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ 1994ع
4
سوڍر، شاهنواز، ڊاڪٽر: “سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف.” شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز، حيدرآباد.
5
ميمڻ، پروين موسى: “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات.” روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو نوشھروفيروز 2004ع.
6
سيوهاڻي، فتح محمد، حڪيم: “آفتاب ادب عرف ساهت جو سج”، سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو، سنڌ 1983ع.
7
بلوچ، علي محمد: “سنڌي رهبر”، مڪتبه اسحاقيه جهونا مارڪيٽ، ڪراچي.
8
هدايت پريم، ڊاڪٽر: “اترادي ٻولي”، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد،
سنڌ 1995ع.
9
شيخ، محمد فاضل، پروفيسر: “ماٿيلي-اُٻاوڙي جي ٻولي”، سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ، 1992ع.
10 سھتو، عبدالوهاب، انجنيئر: “اُترادي پھاڪا ۽
چوڻيون.” سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد ، سنڌ 2006ع.
11 الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: “سنڌي ٻوليءَ جو
اڀياس”، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، سنڌ 1987ع.
12 الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: “سنڌي ٻوليءَ جي
ارتقا.” سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ، 2006ع.
13 بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: “جامع سنڌي لغات”،
(جلد ٽيون) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1981ع.
14 الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: “سنڌي معلم” سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ، 1984ع.
15 بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: “هڪ جُلدي سنڌي
لغات”، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ، 1998ع.
16 ونڍير، غلام اصغر: “سنڌي کٽمٺڙا” آر.ايڇ
احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، 1956ع.
17 بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: “ٻيلائين جا ٻول.”
زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1970ع.
18 بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: “خليفي نبي بخش
جو رسالو”، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1966ع.
19 آڏواڻي، ڪلياڻ، پروفيسر: “شاهه جو رسالو”،
مڪتبه اسحاقيه جهونا مارڪيٽ، ڪراچي.
20 عباسي، شمس، مسز: “مولانا حڪيم فتح محمد
سيوهاڻيءَ جي شخصيت: علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون”، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ
1988ع.
(کنيل، ٽماھي
مھراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ۲۰۱۱/۱-۲ع ص ۱۸۴ کان ص ۱۹۲ تائين)
No comments:
Post a Comment