Wednesday, September 6, 2023

پَٽڪو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

پَٽڪو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



پَٽڪو، پَٽڪِي (اسم تصغير)، پَڳ، پَڳَڙُ، پَڳڙِي (اسم تصغير) دَستار، پاڳ، ڦينٽو، ڦينٽِي (اسم تصغير) ڦيڙهَه، عِمامو، ڀِينڊي (نرڙ ۽ مٿي تي رومال وغيره ٻڌڻ) مَٿي تي ٻڌڻ جي هڪَ وَٿ (شيءِ) جا نالا آهن. نالن ۽ ماپن آهر انهن جا نيارا روپ ۽ ٻَڌ جا طريقا ٿين ٿا. سنڌي پٽڪو گهڻو ڪري ’ململ‘ جي ڪپڙي سان، سوا پنج والن (ساڍا ڏهه هٿ) کان سوا ست وال (ساڍا چوڏهن هٿَ) تائين ٿيندو آهي، جنھن جا ٻه طُرا (پٽڪي کان ٻاهر نڪتل ڇيڙا) ٿيندا آهن، هڪ: ننڍو طُرو، جيڪو پٽڪي جي چوٽيءَ کان ڇڏبو آهي، ٻيو: وڏو طرو، جيڪو ڪنڌ کان ڦيرائي، اڳيان کاٻي پاسي دل جي مٿان رکي ڇڏبو آهي. ڪي ڪوڏيا وري پٽڪي جي مٿان ٻه طُرا رکندا آهن، يعني ڪياڙيءَ وارو وڏو طرو، پٽڪي کي ڦيرائي، مٿان طرو ڪري بيھاريندا. ٻڌڻ مھل ساڄي کان کاٻي پاسي وَرَ مٿان وَرُ ڏيئي، پٽڪي جي وَڻِي (وَر مٿان وَرُ) بيھاري، آخر ۾ کاٻي پاسي کان طُرو ڏيئي بند ڪندا. پٽڪي جي وَرن جو ڌيان رکندي، ڪپڙي جي ماپ ۾ سوائي (سوا پنج يا ست وال) ضرور رکندا ته جيئن وَرَ پورا بيھن. اهو ٻَڌندڙ جو هٿ اهڙو ته بيٺل هوندو آهي، جو جيڪڏهن ڪا گهٽ وڌائي ٿي ته چين ڦٽي ويندس.



پَٽڪو لفظ مرڪب لفظ آهي، ’پَٽ = ڪپڙو + ڪُ = اسم تصغير جي نشاني‘ مراد ڪپڙي جو اهڙو ڀاڱو/ ٽُڪر، جنھن سان مَٿي جي ٻَڌَ ڪري سگهجي. اڳي پٽڪو، شاهي گهراڻي جا ماڻهو پائيندا هئا، جنھن سبب ان جي ٺاهَه، پَٽ جي ڪپڙي مان ڪئي ويئي، پوءِ ململ يا ٻين ڪپڙن مان ڪيو ويو. هاڻي به توڻي جو عام رواج نه رهيو آهي، پر پوءِ به خاص ڏهاڙن تي يا پرڻن تي پٽڪا ٻڌا ويندا آهن. پرڻي ۾ گهوٽ کي لازمي پٽڪو پارايو ويندو آهي ته جيئن سڀني مٽن مائٽن توڻي مھمانن ۾ نيارو ۽ نرالو لڳي.

پ- پي- پَڳَ (پي زبر پَ + ڳي زبر ڳَ = پَڳَ) ته اسان جي درسي ڪتاب ۾ به موجود آهي، ان ڪارڻ هر طبقي جو ماڻهو يا ٻارُ هن لفظ کان واقف آهي ۽ ٻار به سمجهي سگهي ٿو ته هن کي مانُ لھڻ لاءِ مٿي تي ڪپڙي کي ڦيرا ڏيئي پائبو آهي.

 سنڌي پٽڪي ٻڌڻ وارو، ڪپڙو کولي، بَر (ويڪر) جا برابر چُڻ بيھاري مُٺِ ۾ ڪندو، پھرئين وَر ۾ هٿ ماپ جو ڇيڙو (اڌ وال) کاٻي پاسي رکي، باقي طُول وارو پاسو ڪنڌ کان ڦيرائي، مٿي جي وچ تان ڦيرو ڏيئي، نرڙ کان وَٽُ ڏيندو ۽ ساڄي کان کٻي پاسي ڏَنھُون ڦيري ايندو. ٻئين وَرَ لاءِ به ساڳئي ڀيرَ سان ڦيرائيندو، پر ان ڳالهه جو خيال رکندو ته وَرُ، وَر جي مٿان اچي ۽ گڏو گڏ کاٻي پاسي کان آڱوٺي يا آڱرين جي چَٻَ سان موڙُ ڏيئي، ايئن ويندو ڦيرا ڏيندو، تان جو آخري ڦيري ۾ ٻن ڇاڙڪين (يعني اٺن آڱرين جي ماپ) جيترو طُرو ڇڏي، وَرَ کي کاٻي ڪَن مٿان، پٽڪي کي پورو ڪندو. ايئن ڪرڻ سان ٻه طرا بيھندا، هڪ ننڍڙو مٿان ۽ ٻيو وڏو کاٻي پاسي، دل مٿان، پوءِ جيڪڏهن دل ڪري ته اهو کاٻي پاسي وارو وڏو طرو، ڳچيءَ کان ڦيرائي ساڄي پاسي ورائي ڇڏي يا وري اتي دل جي مٿان ئي ڇڏي ڏئي، يا وري پٺ ڏانھن ورائي ڇڏي ته جيئن ڪنڌ کان هيٺ لڙڪي بيھي. ڪي وري ان طُري کي ڦيرائي پٽڪي ۾ ئي مٿي اٽڪائي ڇڏيندا آهن. ڪن جو ته وري انداز ئي نرالو، ڇا ڪندا جو پٽڪي کي گول وٽُ ڏيئي، نوڙ بڻائي ورَ مٿان ورَ ڏيئي ٻَڌي ڇڏين.

سنڌي پٽڪي ٻڌڻ جا ڀير، سنڌ جي طبعي ڀاڱن وانگر، نيارا به ٿيندا آهن ته وري ڳوٺ ڳوٺ جا ڀير به الڳ الڳ ٿيندا آهن. ڀر وارن مختلف ڳوٺن جا ڀير ان سبب نيارا ٿين ٿا، جو انهن جا بنيادي سيکاريندڙ ساڳيا نه هوندا آهن. ڪنھن ڳوٺ جو ڀيرُ ان ڪري به ٻين ڳوٺن کان نيارو هوندو، جو انهن کي جيئن پٽڪي ٻڌڻ جي سکيا ملي، ته سيکڙاٽ به ان جي ٻَڌَ تي هلندا. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو پري کان سڃاپندا آهن ته فلاڻي ڳوٺ جو ماڻهو اچي پيو. يعني پٽڪي جو ڀير به ماڻهوءَ جي ڳوٺ ۽ خطي جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي ۽ هو پنھنجي ڳوٺ جي نمائندگي ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي.

پٽڪو ٻڌڻ وارو گهڻي قدر ڪنھن ڳوٺ ۾ ويندو ته ماڻهو ان جو نھايت قرب سان آڌرڀاءُ ڪندا، اهو ان لاءِ ته همراه کي پٽڪو ٻڌل آهي، ضرور ڪو مانائتو ماڻهو هوندو. ٻي صورت ۾ هر پٽڪي ٻڌندڙ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هئو. گهڻا ماڻهو مذهبي خيال کان به ٻڌندا آهن ته هيءَ رسم اسان جي پاڪ پيغمبر، خاتم النبيين محمد مصطفى صلعم جن جي رهي آهي، ان لاءِ پٽڪو ٻڌڻ لازم سمجهندا آهن. انهن سببان عام ماڻهو پٽڪي واري کي مانُ ڏيندو آهي.

پٽڪو ٻڌڻ ايئن آهي، جيئن ڪو ماڻهو ڏاڙهي ڇڏي ۽ ان جو ڀرم به رکي. جڏهن ماڻهو پٽڪو پائي نڪرندو آهي ته وٽس ان ڳالهه جو احساس رهندو آهي ته سماج ۾ ڀلو ٿي هلڻو آهي، ٻئي کي مانُ ڏيڻو آهي، نياڻين سياڻين جو خيال ڪرڻو آهي، بکايل يا لاچار ماڻهوءَ جي واهر ڪرڻي آهي، وغيره. مطلب ته پٽڪي وارو، پاڻ تي قومي ۽ سماجي قدرن جو احترام لازم سمجهندو آهي. ان لاءِ پٽڪي پائيندڙ يا پڳدار کي ايتري ته عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي، جو ان جي ڪيل نِبيري کي ڌريون دل سان قبول ڪنديون آهن ۽ اڳتي لاءِ ڪنھن به مامري کي شھه ڏيڻ کان پاسو ڪنديون آهن.

گهڻي ڀاڱي ’ململ‘ جو پٽڪو عام رهيو آهي. ڀلي کان ڀلِي وٿُ جو ڪو ڇيھه ڪونهي، ڪي ڪوڏيا ته بنھه ڀلي ململ به ڳنھندا آهن، اهڙي جو ويڙهي سيڙهي کڻي گيدي ۾ وجهجي. ململ کان سواءِ اجرڪ يا لونگيءَ جو پٽڪو به ٻَڌو ويندو آهي. اڳتي هلي وري بوسڪيءَ جي پٽڪي جو رواج پيو. بوسڪيءَ جو پٽڪو اميراڻو شوق رهيو آهي، ان لاءِ بوسڪيءَ جو پٽڪو به اهو پائيندو، جيڪو سدائين لاءِ پائيندو رهي. جڏهن پٽڪن جو گهڻو رواج هيو، ته بوسڪيءَ جو پٽڪو به ڪن ڪن ماڻهن کي ڏسبو هيو. اسان جي محرابپور ۾ مون پنھنجي سانڀر ۾ وڏيري در محمد موجائيءَ کي بوسڪيءَ جو پٽڪو ڏٺو، پڇاڙيءَ تائين مرهيات ايئن ئي بوسڪيءَ جي پٽڪي سان رهيو. باقي وقتي ته ماڻهو پيا پائيندا آهن ۽ ڪجهه ڏينھن کان پوءِ قميصون ٺھرائي چوڙي ڇڏيندا آهن. اهو وقتي شوق رڳو پيسي جي مستي هوندي آهي، اهي رڳو ٿوري ڏيکاءَ لاءِ ٻڌندا، پوءِ ڪجهه ڏينھن بعد ساڳيا ٽڪر ساڳ سان!

سنڌ ۾ امن ۽ شانتيءَ جو اهڃاڻ بڻيل گيڙو پٽڪو ته عام آهي. سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ فقير فقرائن کي گيڙو پٽڪو پاتل هوندو. صوفي بزرگن جي درگاهن تي گيڙو پٽڪو، عام ماڻهوءَ کي، يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي ڳائڻن کي، عقيدتمندن کي، مطلب ته اڇي رنگ سان گڏ، گيڙو پٽڪي جو نماءُ جام ڏسڻ ۾ ايندو. هونئن نه به پائين، پر جڏهن فقرائي محفلون ٿينديون ته ذات گيڙو پٽڪن سان ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا. اهي ڏينھن خوشيءَ ۾ ڳڻيا ويندا آهن، جن ۾ ماڻهو دلي سڪون حاصل ڪري ٿو.

مٿي جي بچاءَ لاءِ، پٽڪي پائڻ واري روايت کي ڀلو ڄاتو ويو آهي. جهيڙن جهٽن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مٿي تي ڏنڊا لڳي ويندا آهن ۽ مٿي جي زخمن سبب ماڻهو هَلي پوندو آهي؛ پر پٽڪو اها وَٿُ آهي، جيڪا چڱو ڀلو ڌڪُ پَچائي ويندي. يعني موٽر سائيڪل تي به هيلميٽ پائڻ جي گهرج نه ٿي پوي، ان لاءِ ته دنيا ۾ سکن جي دستار بنديءَ کي هيلميٽ پائڻ جي قانوني ڇوٽ هوندي آهي.

اسان جي امڙ ڳالهه ڪندي هئي ته ’زوار نبي بخش (جنھن بابا سائينءَ کي پاليو) گهڻو ململ جو پٽڪو پائيندو هئو. جڏهن پڻھين کي ماستري ملي، ته زوار نبن چيس، ته سومرَ (بابا جو گهرُو نالو)، ان خوشيءَ ۾ مون کي بوسڪيءَ جو پٽڪو پاراءِ. اُن وٺي ڏنس، ڪجهه وقت پاتائين، پوءِ چيائينس ته يار، لڳي ٿو هاڻي پوڙهو ٿيو ويو آهيان، هيءُ ته مون کان کڄي ئي ڪونه ٿو. بس تون هن مان قميصون وڃي ٺھراءِ.‘ سو جنھن ماڻهوءَ سڄي عمر ململ جو پٽڪو پاتو، تنھن جو پِيريءَ ۾ بوسڪيءَ جي پٽڪي جو انگل ته ڪيو، پر ان جي بارَ کيس بيچين ڪري ڇڏيو. ان مان اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته پٽڪي جي ٻَڌَ به ٻانھُن جو زور گهري ٿي، ان لاءِ پِيريءَ ۾ پٽڪي جو وَر ئي ڍرو ٿي ويندو. يعني پٽڪو به آهي جوانيءَ جو؛ پڇاڙڪي ڄمار ۾ ڍرَن وَرَن سبب ڄڻ مٿي تي آنڊن ڍير هوندو.

سدائين لاءِ پٽڪو ٻڌندڙ کي، ان کان سواءِ مزو ئي نه ايندو. ان لاءِ پٽڪي پائڻ ۽ ان کي سنڀالي رکڻ جو کيس وڏو ڌيان هوندو. ٻَڌندڙ، پٽڪي جي اهميت کي سمجهندو آهي، ان لاءِ ان کي ساهه سان سانڍيندو آهي. جيڪو پائيندڙ هوندو، ورلي ڪو ان کي، ڪنھن مٿي اگهاڙي ڏٺو هجي، نه ته هر وقت پاتل پيو هوندس. مشڪل سان ڪنھن ڏکي گهڙيءَ پٽڪو لٿل هوندس، خاص طور ڪنھن عزيز قريب جِي فوتگيءَ تي!

سنڌ ۾ اڃا ڪي مڱڻھار يا ٻيون ذاتيون آهن، جن جو ڪم ئي، پُڳر خاطر، ٻين جي فوتگين تي وڃي روڄ راڙو ڪرڻ آهي. اهي جڏهن ڪنھن جي موت تي ايندا آهن، ته پھرين اچي پٽڪا لاهي، روڄ راڙو شروع ڪندا. ايئن ئي وري انهن جون زائفون، پوتيون لاهي، مايُن ۾ ڀَنڻُ ڪنديون. اها رسم ميرن جي بادشاهيءَ ۾ گهڻي هوندي هئي. يعني پٽڪا يا پوتيون تڏهن لاهبيون هيون، جڏهن ڪي ڏکيا ڏينھن اچن. اڄ سوڌو، سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي اها رسم موجود آهي.

سنڌي سماج ۾ ’مٿي اگهاڙو هئڻ‘ هڪ گار سمجهي ويندي هئي. ماڻهو مجبوريءَ ۾ مٿو اگهاڙو ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪنھن کي مٿي اگهاڙي ڏسبو هيو، ته ان جا گهڻگهُرا کانئس حال پڇندا هئا ته ’خير ته آهي، مٿو اگهاڙو ڪيو اٿئي؟‘ اهو ان لاءِ ته رسمي طور پٽڪو پائيندڙ، پنھنجي گهر ڀاتيءَ جي مرڻ تي، ٻارهن ڏينھن تائين پٽڪو نه پائيندا هئا.

سچ ته مٿي ڍَڪَ کي ڀلو ڀانيو ويندو هئو، ليڪن هجي پٽڪو! سنڌي ٽوپي پائي نڪرڻ کي به گذارو سمجهيو ويندو هئو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪنھن خفي ڪرڻ جي گهرج پوي ڪونه ٿي. ان لاءِ هر ماڻهو مٿي ڍڪ لاءِ بس ٽوپي مٿي تي رکي هلي پوندو؛ پر پٽڪي ٻڌڻ لاءِ هڪ ته هنر کپي، ٻيو ته واندڪائي هجي. ٽوپي پائڻ، وقت ٽپائڻ ڀانيو ويندو هئو. ان لاءِ ٽوپيءَ کان وڌيڪ پٽڪي کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويو. پٽڪي جي ڀيٽ ۾ ٽوپيءَ کي اهو مانُ نه ملندو هئو، تڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاحي طور، ’ٽوپي پائڻ‘ فعل متعدي يا ’ٽوپي پارائڻ‘، فعل متعدي باالواسطه جي صورت ۾، ’ڪنھن کي بيوقوف ڪرڻ/ ٺڳڻ‘ جي معنى ۾ ڪم اچي ٿو.

هاڻي ته ابتو درياه ٿو وَهي، اڳي مٿي اگهاڙي کي ’لُچُ‘ ڀانيو ويندو هئو، هاڻي مٿي اگهاڙي رهڻ جو رواج ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڪنھن کي پٽڪو يا ٽوپي پاتل ڏٺو ويندو ته لُچ يا ڄٽُ ڄاتو ٿو وڃي، ۽ مٿي اگهاڙي کي مانائتو! يعني پٽڪو ته ويو، پر ٽوپيءَ جو رواج به گم ٿي ويو. هاءِ ڙي زمانا!

شڪارپور جي دوست خاوند بخش پَھوڙ سان ڪچھري ٿي، هن ٻڌايو ته ’دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ پٽڪي پائڻ جا رواج آهن.‘ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ’مون کي پٽڪي پائڻ جو گهڻو شوق رهيو آهي ۽ ترڪي، افغاني، مغل، بلوچي، سنڌي، هندستاني/ راجسٿاني وغيره وارا ڀيرَ ٻڌي سگهندو آهيان. مون کي سَو کن ڀيرَ ٻڌڻ ايندا آهن.‘ هن پنھنجي هڪ اهڙي تصوير موڪلي، جنھن ۾ اڳيان پٽڪي جا اهڙا ته وَر ڏنل هيا، جيئن زنجير جو ڪَڙا، ڪَڙن ۾ لپيٽيل هجن. ان بابت هن ٻڌايو ته ’اهو پَھوڙ گهراڻي جو مخصوص ڀيرُ آهي، جيڪو اصل راجسٿاني آهي.‘ سچ ته پٽڪي جو اهڙو ڀيرُ مون پھريون ڀيرو، صاحب موصوف کي ٻَڌل ڏٺو. هن پٽڪي ۾ سورهن وال ڪپڙو ڪم آندو ويندو آهي، جنھن کي ’هريڙن واري ٻَڌ‘ چيو وڃي ٿو. اها ٻَڌ، پٽڪي جي ڇيڙي کان شروع نه ٿيندي آهي، بلڪ پٽڪي جي بلڪل وچ کان شروع ڪبي آهي ۽ هر هڪ پاسي واري ورَ کي هڪٻئي سان ڦاسائي زنجير وانگر ڪڙو ڪڙي سان بيھاريو ويندو آهي. سنڌ ۾ هيءَ ٻَڌَ بلڪل نرالي آهي.

پٽڪي جا ڀيرَ، مختلف قومن، ذاتين، قبيلن، نُکن جي الڳ سڃاڻ رکن ٿا. ململ جو بلوچي پٽڪو، سنڌ ۾ بلوچ قوم پائي ٿي، جنھن جي ماپ ڏهن کان ٻارهن وال ٿئي ٿي. ان جي ٻَڌ به ٻانھَن جي زور تي هوندي آهي ۽ ان جي بيھڪ به هڪ ڪَري گول ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سنڌي پٽڪي ۽ بلوچي پٽڪي ۾ فرق اهو هوندو آهي ته سنڌي پٽڪو، سوائيءَ سان پنج يا ست وال ٿيندو ته جڏهن ته بلوچي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه وال ٿيندو ۽ انهن جي ململ، سنڌي پٽڪي جي ڀيٽ ۾ گهڻي سنهي هوندي آهي. ان کان سواءِ بلوچي پٽڪي ۾ ٻُٽَ واڌاري هوندي آهي، جڏهن ته سنڌي پٽڪي ۾ ’ٻُٽَ‘ نه هوندي آهي. سنڌي پٽڪي ۾ مٿان ننڍو طُرو رکبو آهي، جڏهن ته بلوچي پٽڪي ۾ مٿان طُرو نه ٿو رکيو وڃي. بلوچي پٽڪي جي وَرَ ۾ وَٽُ نه ٿو رکيو وڃي، جڏهن ته سنڌي پٽڪي جي وَرَ ۾ وَٽُ رکيو ويندو آهي. بلوچي پٽڪي جي ٻَڌَ ٽوپيءَ تي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته سنڌي پٽڪو مُکياري (اختياري) هوندو آهي. بلوچي پٽڪي جي ٻَڌ اهڙي ڪئي ويندي آهي، جو لاهي کڻي رکجي ۽ کڻي مٿي تي رکجي، جڏهن ته سنڌي پٽڪي جي ٻڌَ ايتري ڇڪيل نه هوندي آهي. باقي هٿ کَن سيني وارو طُرو ٻنهي ۾ ٿئي ٿو. هيئن به ٿيندو آهي ته ڪافي ذاتين يا نُکُن جي ماڻهن پنھنجي الڳ سڃاڻپ لاءِ پٽڪن جي ڀير ۾ مَٽَ رکي آهي، ان ڪارڻ ٻَڌَ ۾ مَٽَ سَٽ ٿيندي رهي آهي.

مزي جي ڳالهه اها ته پٽڪي ٻَڌندڙ جو هٿُ سدائين هڪجھڙو نه هوندو آهي، ان لاءِ کانئس پٽڪي جو ڀير ڪڏهن به هڪجھڙو نه بيھندو. ڪڏهن ٻَڌندڙ کي ايڏو ته ڀلو لڳندو، جو سوچيندو ته جيڪر کوليانس ئي نه! ڪنھن مھل دل کي ٽڪاءُ نه ايندس، پيو هر هر کولي وري وري پيو ٻڌندو. دراصل، اهي ڪيفيتون سندس دل مَن هونديون آهن- ڪڏهن مَن ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيھر شينھن!

پٽڪي جي ٻَڌَ واري ڀيرَ جا به ڪي نالا رکيل هوندا آهن، خاص طور، ’چھنبڙي ٻَڌ پٽڪو‘، جيڪو نرڙ تي نَوي ڊگريءَ جي ڪنڊ ٺاهيندو آهي. يعني اها ٻَڌَ، اڌ کاٻي پاسي اڌ ساڄي پاسي برابر بيھندي. سنڌ ۾ پھوڙ گهراڻي جي ٻَڌ ’هريڙن واري ٻڌَ‘ چئي وڃي ٿي، جنھن ۾ پٽڪي جو ورَ، زنجير وانگر، ڪڙو ڪڙي سان ملائي ٻڌو ويندو آهي. ان کان سواءِ ’جيڪب آبادي ڀير‘، جنھن ۾ کاٻو پاسو سڌو لَسو ۽ ساڄي پاسي ورَ مٿي وَرُ وارا وڪڙَ؛ لاڙ وارو ڀير، جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي وَرَ وٽيل هوندا؛ باقي سنڌ جو عام ڀير وچ تي چھنبڙيءَ وارو آهي. هتي ان ڳالهه ڪرڻ جي به گهرج آهي ته پيشي جي لحاظ کان به الڳ الڳ سڃاڻپ ٿئي. جوڳين (مُرلي وڄائڻ وارن) جو ڀيرُ الڳ، ته مڱڻھارن (دهل ۽ مُتي يا شرناءِ وڄائڻ وارن) جو ڀيرُ الڳ، ايل پنھوار (ڳئون چاريندڙن) جو ڀير وري نيارو، جتن (اُٺَ چاريندڙن) جو ڀيرُ واري اڃا نرالو، مطلب ته پيشي وارن جي پٽڪي جو ڀير الڳ الڳ ٿئي ٿو.

اهو ته ٿيو هڪ سنڌي ڪلاسيڪي پٽڪو، جنھن جو تير پتير احوال ڪيو ويو. ان کان علاوه سنڌ ۾ پٽڪن جا ٻيا ڀيرَ به آهن، جن جي سَھڃارپ لاءِ الڳ سان نالا رکيل آهن، جيئن: پَڳ، ڦينٽو، پڳڙ، ڦيڙهُه، دستار، عِمامو، ڀِينڊِي وغيره.

پَڳ، راڄُوڻي پريي مڙس يا ڪنھن قبيلي جي وڏيري، ڪنھن جماعت جي اڳواڻ کي پٽڪي جي صورت ۾ پارائي ويندي آهي. سنڌ ۾ راشدي پيڙهيءَ جي سَرواڻ کي ’پير پاڳارو‘ ڪوٺيو ويندو آهي ۽ ان گهراڻي جي ٿيندڙ اڳواڻ کي پَڳ پارائي ويندي آهي. پڳ جو لفظ مخصوص اڳواڻيءَ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. ’پڳ پارائڻ‘ ۾ گهڻي قدر گهراڻي جا ماڻهو ۽ راڄُوڻي ماڻهو گڏجي، هڪ هڪ پٽڪي جو وَرُ ڦيرائيندا ۽ اڳواڻيءَ جي پڌرائِي ڪئي ويندي. برادريءَ ۾ وري پڳ پارائڻ جا ست وَر ٿيندا آهن، پھريون وَرُ ڪٽنب جو وڏو ڏيندو، پنج وَرَ اوڙي پاڙي جي ٻين ذاتين وارا ڏيندا ۽ پڇاڙڪو وَرُ پاڙي جو پَريو مڙس ڏيندو، ان پٽڪي جي ماپ گهڻي ڀاڱي ست هٿ رکي ويندي آهي.

پڳ، سرواڻيءَ جو اهڃاڻ آهي، ان ڪارڻ ’پَڳ‘ تي ڪنڌ به ڪپجي ويندا آهن. تاريخي لحاظ کان سنڌ جون ڪافي اهڙيون بادشاهيون، سرداريون يا درگاهون هونديون، جتي پڳ جي مامري ۾ جانيون ناس ڪيون ويون هونديون. پڳ جي مامري ۾ دودي چنيسر جو نيم تاريخي داستان اسان سڀني لاءِ مثال آهي.

ڦينٽو، ٿري يا راجسٿاني/ مارواڙي پٽڪي کي ٿو چئجي، جيڪو هوندو ته سڌو سادو آهي، ليڪن رنگين ۽ نرالن رنگن ۾ پيو چمڪا ڏيندو، ان کان سواءِ هڪ رنگو به رکيو ويندو آهي. ڦينٽي جي رڱاوت چُنريءَ جي هُنر تي ڪئي ويندي آهي. هن جي ٻَڌڻ ۾ مٿان ننڍڙو طُرو رکبو آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي ڦينٽي جي مٿان وچ تي بيھاريندا، باقي لڙڪڻ وارو طُرو گهڻو ڪري ڪونه رکنس. ٻَڌ ۾ ساڄي پاسي وارا وَر کاٻي پاسي تي چڙهت سان ڏسڻ ۾ ايندا ۽ وچ ۾ چھنبڙي ٿي بيھندي. ڦينٽي جي ٻَڌ واري وَرَ ۾ ڪپڙي جو وَٽُ نه رکندا آهن، بلڪ وَرُ سڌو ڦيرائيندا. ڦينٽي جي ٻَڌ جا گهڻائي ڀيرَ ٿين ٿا، جيترا ماڻهو، اوترا ڀيرَ! ڪي ويچارا گهر جي پوتي به پٽڪِي ڪري پائين، ان کي ڦينٽِي چئجي ٿو. پٽڪو وڏي ماپ وارو هوندو ته ’ڦينٽو‘ ۽ ننڍي ماپ وارو هوندو ته ڦينٽِي!

سنڌيءَ ۾ ’دستار‘ جو لفظ، گهڻي ڀاڱي، مدرسن مان ’فارغ التحصيل‘ طالب علمن کي پٽڪي پارائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. دستار لفظ فارسي آهي، جيڪو ٻن لفظن ، ’دست + آر‘ جو مرڪب آهي، جنھن جي مراد هٿ سان ٻڌل پٽڪو آهي. مدرسي ۾ جيئن ته عربي ۽ فارسي پڙهائي ويندي آهي، ان لاءِ مُعلِم توڻي مُتعلِم پٽڪي جي بدران ’دستار‘ جو لفظ گهڻو ڪم آڻيندا آهن. مدرسن جي کٿابين تي به دستار پائڻ لازم هوندو آهي، اهڙي دستار گهڻي ڀاڱي، هلڪن ڦلڪن وَرَن تي مشتمل هوندي آهي. مذهبي دنيا ۾ ’دستار‘ جو لفظ وڌيڪ شانائتو سمجهيو ٿو وڃي. سک برادري، جيڪو پٽڪو ٻَڌندا آهن، تنھن کي به ’دستار‘ ڪوٺيندا آهن. انهن جي ٻَڌڻ جو انداز وري پوري دنيا ۾ بنھه نرالو آهي.

پَڳڙُ وڏي پٽڪي لاءِ ۽ پڳِڙي ننڍي پٽڪي لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. پنجابي قوم جيڪو ڪُلي تي ڪلف آيل پٽڪو پائيندا آهن ۽ مٿان وڏو اُڀو طُرو رکندا آهن، تنھن کي پڳڙي ڪوٺيندا آهن. انگريزن هتان جي مقامي سڀيتا کي نيچ ڪرڻ لاءِ ڪُلي تي پڳڙي، ريلوي جي ڊائننگ ڪار جي بيرن ۽ ڪورٽن ۽ مختيارڪاريءَ جي نائڪن جي يونيفارم قرار ڏيئي ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو ان جو عام رواج گهٽبو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ وري پڳڙي ننڍي پٽڪي لاءِ ڪم آڻبو آهي. البت، پڳڙُ سنڌيءَ ۾ وڏي پٽڪي يا ڦيڙهه کي چئي وٺندا آهن.

ڦيڙهه به ساڳيو ئي پٽڪو آهي، پر وَرَن ۽ وزن ۾ سرس هوندو ۽ گهيرو وڏو هوندس. چند ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته جيترو وڏو پٽڪو ٻَڌبو اوترو ماڻهوءَ جو دٻدٻو بيھندو، ان لاءِ ڪافي ماڻهو پٽڪي کي طول ڏيئي وڏو بيھاريندا آهن، جنھن کي عام ٻوليءَ ۾ ’ڦيڙهه‘ ڪوٺجي ٿو.

سنڌ ۾ علڻ فقير جو پٽڪو وري ٺپ نيارو، اجرڪ جو پائيندو هئو ۽ مٿان وري مور جي کنڀ جيان ڪلف تي ’ڪلنگي طُرو‘ ٻڌندو هئو. اهو سندس پٽڪو مختلف سڀيتائن جو سنگم آهي. باقي پٽڪِي ته هر عام ماڻهو يا ٻارُ مٿي ڍَڪ لاءِ ٻڌندو آهي، پوءِ ڪو رئو اچي ويو، ڪو وڏو رومال اچي ويو، ڪو انگوڇو اچي ويو، پوتڙو اچي ويو، ٻڌي وٺبو، ان کي پٽڪِي ٿو چئجي، جي اڃا ننڍڙي هوندي ته پَٽڪِڙي. اهي سڀ نالا پٽڪي جا آهن، بس خِطي ۽ ماڻهن جي استعمال تي آهي.

اسان جا عالم سڳورا، مختلف پروگرامن ۾ ويھي واعظ ڪن يا مجلسون پڙهن، سي جيڪي پٽڪا پائين، تن کي ’عِمامو‘ چيو ٿو وڃي. عِمامي کي پٽڪو سڏڻ به سندن شان ۾ گستاخي ٿي ويندي.

نراڙ کان مٿي تائين ڪو رومال يا پوتي وغيره پائڻ واري ڀيرَ کي ’ڀِينڊي‘ ٿو چئجي. ڪنھن مٿي ۾ تيل وجهرايو يا مالش ڪرائي، وارن کي ڪيسُ ڪيو ته مٿي کي ڍڪڻ لاءِ ڪو ڪپڙو وغيره ٻڌي ۽ ڳنڍ ڏيئي ڇڏيندا آهن يا وري شوق مان وڏو رومال ٻڌي، ڳنڍ ڏيئي ڇڏيندا، ان کي ڀِينڊي چئي سگهجي ٿو. ڪنھن زائفان کي جيڪڏهن مٿي ۾ سُور پوندو آهي ته مٿي تي پوتي رکي، ساڳي پوتيءَ يا ٻئي ڪپڙي جو سونٽو ٺاهي، نرڙ تي ٻڌي ڇڏيندي آهي، ان کي ڀِينڊِي ٿو چئجي. اها پٽڪي جي گروهه ۾ ته شامل ناهي، ليڪن مٿي ٻڌڻ ۾ ڪم اچي ٿي، جنھن سبب ذڪر ڪري ٿو وٺجي.

 بھرحال، پٽڪي کي اسان جي سنڌي سماج ۾ هينئر به عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. ان ڪارڻ سماجي ٻوليءَ ۾ ان جو استعمال به جهجهو ٿئي ٿو. شاعر به پنھنجي شاعريءَ ۾ پٽڪي کي ياد ضرور ڪندا آهن، مولوي احمد ملاح جا ٻه شعر پيش آهن:

ڪِينَ پَٽڪي جِي پَٽي، گُهرجي بَدن مُنهنجي کي بَند،

وار جو واري ڪَفن کي، وَر وَرائين جي ته آءُ.

ڌَڙا ڌَڙ ڌار سِر ڌَڙ کان، دوناليون دُور ڌَڪ ڌَڪ ۾،

سِسيون پَٽجو ڪِرن پَٽ تي، نِپٽ پَٽ جا به پَٽ پَٽڪا.

خيال خاطر چند اصطلاح، محاورا ۽ پھاڪا ۽ چوڻيون پيش ڪجن ٿيون:

• سادي پرولي:

• گهر گهر ۾ آنڊَن جو ڍير. (ڀڃڻي: پٽڪو)

• اصطلاح ۽ محاورا:

• پٽڪو لاهڻ (بي مانو ڪرڻ- بي عزت ڪرڻ)

• پٽڪِي لاهرائڻ (ٻئي کان بي عزتو ڪرائڻ)

• پَٽڪِي ڌوڙ ڪرڻ (بي عزتو ڪرڻ)

• پَٽڪِي رلائڻ (ڪنھن کي سخت پريشان ڪرڻ)

• پٽڪو ٻڌائڻ (مانُ ڏيڻ- نالو روشن ڪرڻ)

• پٽڪو پارائڻ (گهرائي مانُ ڏيڻ)

• پٽڪو لاهي هٿ ۾ ڪرڻ (پنھنجي عزت جو خيال نه ڪندي، ٻئي کي بي عزتو ڪرڻ)

• پٽڪو لاهي بغل ۾ ڪرڻ (ميدان ڇڏي ڀڄڻ)

• پَٽڪو وڌائڻ (پٽڪو لاهي، ٿانيڪو رکڻ)

• ٽوپي پائڻ/ پارائڻ (بيوقوف بڻائڻ- ڪنھن کي سڃو ڪرڻ)

• لونگي ٻڌائڻ (عزت ڏيڻ)

• پڳ مٽ يار هئڻ (گھري دوستي هجڻ)

• ڦينٽِي لاهڻ (بي عزتو ڪرڻ)

• پٽڪي لٿو (بي عزتو- بي شرم)

• پھاڪا ۽ چوڻيون:

• واڻيي جي ڪاهه، پڳڙيءَ تي.

(واڻيو ڪنھن سان پڄي نه سگهندو، ته پوءِ ڪاوڙ ۾ پڳڙي هر هر پيو لاهيندو ۽ وري وري پيو پائيندو. پنھنجي زيردست ماڻهوءَ تي پئي ڪاوڙ ڪبي. غريب تان ڪاوڙ لھي ئي ڪونه)

• اڇي پَڳ مَ پَس، اندر مڙيوئي اڳڙيون.

(ٻاهرئين ڏيک تي ڪا راءِ قائم نه ڪجي)

• ٽوپي ڪري ٽانءِ، ته به پٽڪي برابر نانھه.

(پٽڪي جو شان مٿانھون آهي)

• پيرَل جي پڳڙِي ميرل جي مٿي تي رکڻ.

(هڪ کي بي عزتو ڪري ٻئي کي مانُ ڏيڻ)

• وڏو کونسي ننڍي سان، پٽڪو لھرائڻ لاءِ

(ٻارن سان اجائي کونس نه ڪجي)

• ڪچي جي زميندار کي پٽڪو؛ يا بوسڪيءَ جو، يا نوڙيءَ جو.

(ڪچي جي زمين جو ٻوڏ ۾ ريج ٿئي ته پوک ڀلي ٿئي، جي ٻوڏ نه اچي ته ڪاريءَ وارا ڪک)

• اڇي پَڳ ۾ وڏ ماڻهپو بَند ناهي.

(پٽڪي سان به ماڻهوءَ جو ڪردار اول آهي)

• پَڳ کان بتانو وڏو

(بتانو = پڳ جي اندران ڏنل ڀراءُ/ استر. حد کان وڌيڪ شان ڏيکارڻ)

• پڳ پائجي عزت لاءِ، نه مٿو ڍڪڻ لاءِ.

(پڳ پائڻ کان پوءِ ماڻهپو هجڻ ضروري آهي)

• شانائتي پڳ ٻڌجي، مشڪرن واري نه.

(جيڪڏهن پڳ ٻڌجي ته ان جو ڀرم به رکجي)

• اربيلو ٻارُ، پيءُ جي پڳ لاهي.

(دادلو اولاد، پنھنجي پيءُ جي عزت جو ڀرم نه رکي سگهندو)

• نڪُ وڍيو، مبارڪ؛ پَڳ لٿي، سلامت.

(بي حيا ماڻهو، هر ڳالهه ۾ اڳرو ۽ خوش)

• نڪُ وڍيو، پڳَ لٿِي،

چئي: ’سائينءَ منھنجي ڍَڪ ڍَڪي.‘

(بي سمجهه ماڻهوءَ کي عزت جي ڪھڙي پرواهه)

• اُٺُ ڀاڙيو ته پَلَڻُ به بارُ، مڙس ڀاڙيو ته پٽڪو به بارُ.

(ماڻهو همٿ نه هاري، زندگيءَ سان سلهاڙيو رهي)

• بابي جو پٽڪو ۽ امڙ جي ساءِ، ڪٿي نه ڏسان.

(پيءُ کان وڌيڪ ڪنھن جي عزت ناهي، ماءُ کان وڌيڪ ڪا ڇپر ڇانوَ ناهي)

• آڌيلي جي پڳڙي، رپيو ٻَڌائِي،

ڪري پوي کوهه ۾، ٻه رپيا ڪَڍائِي.

(اجائي ڪم تي ڏوڪڙ زيان نه ڪجي. ٽڪي جو اٺ، ٻارهن آنا گِھِلاڻي)

• اندر اڳڙيون، ٻاهر پڳڙيون.

(ظاهري ڏيک تي موهت نه ٿجي)

• پَٽڪو ڏجي ته ٻڌڻ به سيکارجي.

(ڪنھن تي مھربان ٿجي ته هدايت به ڪجي)

• پٽڪو ميرو ۽ پٺيان مکين جا ڌَڻ- مَڏو.

(مَڏا ذات وارا کير مکڻ جون چَونريون مٿي تي کڻي کپائڻ ويندا هئا، جنھنڪري سندن پٽڪا ميرا ۽ سڻڀا ٿي ويندا هيا، پوءِ سڻڀ ۽ ميرَ تي مکين جا ڌڻ)

• اجرڪ گوڏ، اجرڪ پٽڪو، اجرڪ ڪلهن تي، سَٺيو!

(سَٺيو = سنڌي ذات. سنڌي ماڻهو، اجرڪ جو استعمال ڪيئن به ڪري سگهجي ٿو)

• پڙهڻ، پٽڪو ٻڌڻ، تَرڻ، تِير هڻڻ، پنجين گهوڙي سواري،

ننڍي هوندي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري.

(ڪچڙي عمر ۾ ضروري ڪمن جي تربيت لازمي هوندي آهي)

• پَڳ جو پيچُ، جيڏانھن وراءِ، تيڏانھن وري.

(اولاد کي جيڪڏهن سٺي تربيت ڏبي ته سڌرندو)

• پنھنجي پڳ لاهي، جنھن هٿ ۾ ڪئي،

تنھن کي ٻئي جي لاهيندي ڪھڙو ڀَو!

(بي عزتي ماڻهوءَ کي ٻئي جي عزت جي ڪھڙي سڃاڻ)

• پٽڪي جي وَرَ جو ڇيھه ئي ڪونهي.

(پٽڪي جو ور، عزت جو اهڃاڻ آهي. عزتدار ٿيڻ لاءِ ڪا حد مقرر ڪونهي)

• پَٽڪي پَٽڪي پنھنجو وَرُ.

(هر ماڻهوءَ يا شيءِ جو پنھنجو سڀاءُ ۽ سواد آهي)

• راڳ، رَسوئِي، پَڳڙي، ڪڏهن ڪڏهن.

(راڳ جي بيھڪ، کاڌي پچائڻ جو سواد، ۽ پڳ جي وڻِي، ڪڏهن ڪڏهن رَسُ ڪندي آهي)

• سِرُ سلامت، پڳ پاڻهي پوندي.

(جان سلامت هوندي ته پڳ پائبي. سڀ مزا زندگيءَ سان آهن)

• پڳ بچائڻ کان وڌ، جان بچائڻ جي ڪجي.

(زندگي هڪ دفعو ملندي آهي، ان جو خيال ڪجي)

• چنڊ جي پَڳ، تاري تي.

(وڏي جي پڳ، سندس مرڻ بعد ننڍي تي ايندي. اُڀ جي اونداهين راتين ۾ چنڊ نه هوندو ته وڏا تارا ئي روشني ڪندا آهن)

• دودي چنيسر جي جنگ به پڳ تان ٿي هئي. (تاريخي چوڻي)

• شريف جي پڳ لھي ته هيڏي هوڏي نھاري مٿي تي رکي،

ڪميڻي جي لھي ته بيھي چَونڪ تي نچي.

(شريف ماڻهو، عزت بچائڻ خاطر خاموش ٿي ويندو، پر ڪميڻو وتندو ڍوءِ ڍوءِ ڪندو)

• ميان ٻڌو پٽڪو، چئن ڏينھن جو چُٽڪو.

(زماني جو ٺٺ ٺانگر آهي ڪجهه ڏينھن. ڪرسيءَ واري عزت آهي چند ڏينھن)

• چئن ڏينھن جو چٽڪو، ڄٽ ٻڌو پٽڪو.

(بي بقا زندگيءَ تي ناز نه ڪجي)

• جنھن گهر ۾ ٻيرِ هوندي، مالڪ جو پٽڪو ضرور لھندو.

(ڇنڊي ڦوڪي وک کڻڻ گهرجي- وقت سان نياڻين کي اٿارجي)

• ڏاڍو اهو جيڪو پنھنجي پڳ سنڀالي.

(سگهارو اهو آهي، جيڪو پنھنجي عزت بچائي)

• دستار، گفتار ۽ رفتار، قابوءَ ۾ رکجن.

(زندگيءَ جا معاملا سٺي نموني نڀائجن)

• ڊَڳڙِي مذهب ڊَڳڙِيءَ تائين، ٻَھروپيءَ جو سلام پڳڙيءَ تائين.

(کاڌي جو مذهب، کاڌي تائين، وري اهڙو جو اهڙو؛ جڏهن ته منافق ماڻهوءَ جو سلام اڀرندڙ سج کي، لھندو ته اهڙو جو اهڙو)

 

(هن مضمون تيار ڪرڻ ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي، مان سندس ٿورائتو)

2 comments: