Saturday, September 16, 2023

ڏِيئو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڏِيئو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ڏِيئو، ديِپُ، ديپَڪُ (اسم تصغير)، ڏياٽُ، ڏياٽِي (اسم تصغير) وغيره نالن سان سھائو ڪندڙ وٿُون سنڌي سڀيتا جي اهڃاڻن ۾ شامل آهن. ڏِيئو ٻارڻ مان مراد ٻين لاءِ سھائو ڪرڻ- ڪو ڪارنامو سر انجام ڏيڻ- شعوري روشني ڦھلائڻ وغيره. ڏِيئي مان ڏِيئو ٻارڻ روشنيءَ جي سلسلي کي وڌائڻ وغيره. اهڙا کوڙ اصطلاح، محاورا، پھاڪا، چوڻيون ملنديون، جيڪي سماجي زندگيءَ مان اسريون آهن. اهڙا ئي سڀيتائن جا اهڃاڻ هوندا آهن، جن سان ٻولي وڌي ويجهي ٿي. سماجي علمن جھڙا مضمون به اهڙن وٿُن جا محتاج هوندا آهن. ان لاءِ اهڙن وٿُن کي ياد ڪجي، جيڪي اسان جي ٻوليءَ ۾ ته ڪم اچن ٿيون، ليڪن انهن جو سماجي ڪارج گهٽبو ٿو وڃي. شايد اهڙو به وقت اچي جو اسان جو نئون نسل پڇي ته اهو ’ڏِيئو‘ وري ڪھڙي بلا آهي! اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڏِيئو قلمبند آهي، جيئن شاهه لطيف، سر راڻي جي داستان ۾ چيو:



ڏيئن ڏينھن ڪيو، وتن وَٽ ٻرِي،

اُڀري چڙهيا اڱڻ تي، وهائو وري،

سوڍا تو سَري، پر مون نه سَري مينڌرا.

ڏِيئو هڪ ننڍڙي ٺِڪر جي وٿُ کي ٿو چئجي، جيڪا ڪنڀر ٺاهي راس ڪندو آهي. اڳي جڏهن بجليءَ جو تصور نه هيو ته سوجهري لاءِ، سانجهڻ ٿيندي ئي، ڏِيئي ٻارڻ جي سَنبَتِ ڪئي ويندي هئي. پراڻن گهرن ۾ ڏيئن لاءِ اهڙا جارا رکيا ويندا هئا، جتي ڏيئا پيا ئي پيا هوندا هئا. بس تيل ۽ وَٽِ تي ڌيان ڏبو هئو. ماڻهن جون ديدون به تيز هونديون هئيون، گهڻي شعاءَ تي هريل به ڪونه هوندا هئا. تيز روشني کين تنگ ڪندي هئي. البت، پڙهندڙن کي رات جي وقت ڏکيائي محسوس ٿيندي هئي.

’ڏياٽُ ‘هڪ مشعل نما وٿُ ٺھندي هئي، جنھن جي هيٺان هَٿيو وجهبو هيو، جيڪو هٿ ۾ اُڀو ڪري هلڻ لاءِ هئو. اڪثر خوشين تي اهو ڏياٽُ ٻاري، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃبو هئو. ’ڏياٽِي‘ ان جو اسم تصغير آهي، اها به ان نموني ئي ٺھندي هئي ۽ هيٺان مُٺيو لڳائبو هيو. ان ساڳئي مُٺيي جي بدران جڏهن ڏياٽِي ڪنھن ڇِڪي جي وچ يا پاسن ۾ هيٺان ٽيڪ رکبي هئي، ته ان کي به ڏياٽي چئبو هيو. ’دِيپ‘ مان مراد به ڏِيئو ئي آهي، ديپ ۾ اسم تصغير جي پڇاڙي ’ڪ‘ لڳائي، ’دِيپَڪُ‘ ڪم آندو ويو، يعني ’ننڍڙو ديپ‘. ايئن ئي ڏِيئي جو اسم تصغير ’ڏيئڙو‘ ٿيندو. ڏياٽِيءَ وارو ڇِڪو اڪثر پتل يا ڪُٽ جو ٺھيل هوندو آهي. هونئن ڏيئو ته عام طور مِٽيءَ جو ئي ٺاهيو ويو آهي ۽ ٺاهجي ٿو، پر ڪافي ماڻهن وٽ مختلف ڌاتن جا به ٺھيل رهيا آهن. پتل، ڪُٽ، ٽامو، لوهه وغيره جا به ڏيئا ٺھيا ۽ اڄ به ڪافي ماڻهن وٽ سنڀاليل آهن.

ڪنڀر لاءِ ڏِيئو ٺاهڻ ايترو وِلوڙ وارو ڪم ڪونهي. ڪنڀر جڏهن ٻين ٿانون ٺاهڻ لاءِ چيڪي مِٽي چونڊي کڻي اچي ٿو، ان کي ٿاڦي سان سَٽي سنهو ڪري ٿو، وري ان کي سڪڻ ڇڏي ٿو ڏيئي، سڪڻ بعد وري ان کي آلو ٿو ڪري، آلو ڪرڻ کان پوءِ چيڙهاتو ڪرڻ لاءِ گُڏي ٿو، اٿلائي اٿلائي، مِٽيءَ کي آلوکڙو ڪري ٿو، وري چاڻا ٺاهي، ان کي آلي ڪپڙي سان ڍڪي ٿو، مطلب تي ان مِٽيءَ سان اهڙي ٿو ڪري، جو جيڪڏهن ساهواري هجي، ته جيڪر ڪِيڪَٽ ڪري! ايتري جاکوڙ کان پوءِ وڃي چاڻي کي چَڪَ تي رکي، پيرن جي لوڏ سان مختلف ٿانوَ ٺاهيندو. جڏهن سمجهندو ته هاڻي ٿانوَن بعد به ڪجهه مِٽي بچي پئي آهي ته پوءِ ڏِيئو يا ٻيا رانديڪا ٺاهيندو. ڏِيئي ٺاهڻ ۾ دير وري ڪھڙي ٿي لڳي! بس ايتري مٽي کڻندو، جيتري لَپ ۾ اچيس، کڻي رکندو، چَڪ تي ٻه ڦيرا ڏيندس ته گول وَٽيءَ جھڙو ڏِيئو تيار، رڳو پيار ڀري چپٽي هڻڻي هوندس. ان لاءِ وقت مليس ته ٿورو سڪائي پوءِ چھنب ٺاهڻ لاءِ آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر سان، ڪَني جي هڪ پاسي کان وٺي چپٽي گهمائيندس، جيئن ننڍڙي ٻار کي پيار وچان چپن تي چپٽي هڻبي آهي. دَلن، مَٽن، ٽِڀَن، دکيُن وغيره جا لڱ سڌا ڪرڻ ۽ مرضيءَ سان ڦيرڻ ۾ ته ٺپڻي ڪم آڻيندو، پر ڏِيئي کي ننڍڙو پتڪڙو ٻار سمجهي، هن سان وڌيڪ کڻاند ڪندو ئي نه! جڏهن ’آوِي‘ (کُورِي- بَٺِي) چاڙهيندو ته جتي ٻين ٿانوَن دِلي- مَٽ وغيره کي ڏاڍي سٽاءَ ۽ سنڀال سان رکندو، اتي ’ڏِيئي‘ کي ايترو مانُ به نه ڏيندو. بس جيڪا ڪنڊ پاسو بچيو، ان ۾ هڻي ڇڏيندس. پوءِ جتي ٻيا ٿانوَ پچندا، تِتي هيءُ به پچي پوندو. جڏهن ٿانوَ تيار ٿيندا، ۽ هَٽ تي چڙهندا، اتي رُونگَ ۾ ڏِيئو به هليو هلندو. جتي ٻيا ڪنڀر جا ٿانوَ اگهه ڪندا، اُتي هيءُ چَپ لڙڪيل ويچارو چُپ هوندو آهي. جنھن کي گهرج هوندي سو وٺندو، باقي هَٽ تي ئي پيا هوندا.

ڏِيئو ڳنھندڙ، پھرين گهر کڻي وڃي، پاڻيءَ ۾ پسائيندس، پوءِ وجهندس سَرنھَن جو تيل ته جيئن ڦُٽِرو (تندرست) ٿئي. هاڻي کڻندو ڪو ڪپھه جو پُوڻو، وَٽُ ڏيئي، وَٽِ بيھاريندو، پوءِ ڪنڀر پاران ڪَني کان پاتل ڳراٽڙيءَ واري چپٽيءَ ۾ وٽِ وجهندو. وَٽِ کي به اهڙي نموني بيھاريندو، جو ان جو ٿورڙو سِرو ٻاهر نڪتل هجي، باقي سڄو جو سڄو سَرنھَن جي تيل ۾ ٻُڏل هجي. اڳي تي ماچيس نه هوندا هيا، ان لاءِ پٿرن يا باهڻ جي ڪاٺين مان چڻنگ ڪڍي ٻاريو ويندو هئو. هڪ ڀيرو باهه ٻري، ته وسامڻ ئي نه ڏبي، جي وسامي ويئي ته پوءِ اوڙي پاڙي کان پيو ٽانڊو پڇبو هئو. ايئن چُلهه به ٻرندي ته ڏِيئي جھڙيون وٿُون به ٻرنديون. ’باهه ٻرڻ/ ٻارڻ ۽ وسائڻ‘ لفظ جيئن ته اصطلاحي طور منفي معنائون به رکي ٿو، ان لاءِ باهه ٻارڻ لاءِ ’وسنؤ‘ (آبادي- رونق) جو لفظ ڪم آندو ويندو آهي، ڪنڀر به ’آوِي‘ کي باهه ڏيڻ لاءِ چوندو ته ’آوِيءَ کي وسنؤ ٿو ڏيان‘. ايئن ئي باهه وسائڻ به سٺو سَوڻ نه سمجهيو ويندو آهي، ان لاءِ باهه وسائڻ کي به ’گُل ڪرڻ‘ واري اصطلاح سان پڪاربو آهي. اها ٻوليءَ جي نزاڪت ۽ نفاست آهي. سو جنھن مھل ڏِيئي جي سھائيءَ جي گهرج نه هوندي ته چئبو ته ’ڏِيئو گل ڪَر‘ (ڏِيئو وساءِ).

سنڌ ۾ ڏيئو گهڻو ڪري سَرنھَن جي تيل سان ٻاريو ويندو آهي. اهو تيل سان ٻارڻ جو رواج گهڻو پراڻو هوندو؛ ڇاڪاڻ ته سَرنھَن هڪ ديسي پوک آهي، جنھن جو ٻج گهاڻي مان پيڙائي، تيل ورتو ويندو آهي. ممڪن آهي ته ٻين علائقن ۾ کوپري يا ٻين وکرن مان تيل ڪڍيو ويندو هجي، جيڪو ڏِيئي ۾ ڪم ايندو هجي. سَرنھن جي تيل جو استعمال سنڌ جي عام گهرن ۾ رهيو آهي ۽ هاڻي به ان تيل تي وڌيڪ ڀاڙيو ويندو آهي. يعني ڏِيئي ۾ سڀ ديسي وَٿُون (ٺڪر جو ڏيئو، سَرنھَن جو تيل، ڪپھه يا اڳڙِيءَ جي وَٽِ) ڪم اچن ٿيون. اهو ان لاءِ ته اهي وَٿُون هر ماڻهوءَ جي سھنج ۾ رهيون آهن. ڏِيئي جي روشني ڳاڙهسِري ٿئي ٿي ۽ شعاءُ پورو سارو ٿئي ٿو. ٿوري هوا لڳي ته پيو پِنڪيُون کائيندو، جيئن ته رکيل ڪنھن اوٽ ۾ هوندو آهي، ان لاءِ هروڀرو گُل نه ٿيندو.

’ڏيئو‘ جتي اسان جي گهرن ۽ ڪکائن گهرن جي گهرج رهيو آهي، اتي درسي ڪتابن جي به سونھن رهيو آهي. ليکراج ڪشنچند عزيز، پنھنجي دور جي اهم still life وٿُ کي نظم (مسدَس) جي گهاڙيٽي ۾ چٽيو آهي. شاعر ڏِيئي سان ڳالهائيندي چئي ٿو:

ڪکائن گهرن کي تون روشن ڪرِين ٿو،

غريبن جي چَونرن کي گلشن ڪرِين ٿو،

لٿي سج عَيان، پنھنجو جوڀن ڪرِين ٿو،

سحر تائين هر جا نشيمَن ڪرِين ٿو،

مزورَن ۽ ڪڙميُن سان هَمڪارُ آهين،

فقيرَن جي مَجلس جو سِينگارُ آھين.

سڙي تون ٻين کي ڏِئين ٿو سھائي،

رکيَل تو ۾ ڪيڏي نه آھي چڱائي،

پري کان منجهيل جي ڪرين رهنمائي،

ڏيئا تو ۾ آھي سراسر سچائي،

سچي دوست دشمن تي دلسوز آهين،

سچائيءَ سان سڀ جو شب افروز آھين.

هوا ساڻ سِر لاٽ جو ٿو جهُڪائِين،

ٿو نوڙت ڪندي، پنھنجي جيوت بَچائِين،

حياتيءَ جو مقصد سڄو ٿو ٻُڌائِين،

ٻين لاء پنھنجو ٿو تَن مَن جَلائِين،

جَلِي جي ٻين کي سھائو ڏين ٿا،

لکين گهور تن تان پَتنگا ٿين ٿا.

ان نظم ۾ شاعر سنڌي قوم جي بنيادي قدرن: ’ٻين ڪاڻ جيئڻ‘، ’همراهي ڪرڻ‘، ’پاڻ کي اهنج ڏيئي به ٻين کي سُک ڏيڻ‘، ’مُنڌل جي رهنمائي ڪرڻ‘، ’سچائي ڏيکارڻ‘، ’سڄڻ توڻي ڏڄڻ سان ڀلائي ڪرڻ‘، ’ٻين جي ڏاڍائيءَ کي نظر انداز ڪرڻ‘، ’نياز نوڙت ڪرڻ‘، ’ٻين جي اهنجن لاءِ پنھنجو رتُ سَتُ ساڙڻ‘ ۽ ’خادميءَ سان ئي مخدومي ملڻ‘ جي اپٽار پڻ ڪئي آهي. اهو نظم درسي ڪتاب ۾ مون نائين ڪلاس ۾پڙهيو، هن وقت سنڌي چوٿين ڪتاب ۾ موجود آهي.

مون کي ايترو ياد آهي ته پنھنجي گهر ۾ ڏيئن لاءِ جارا هئا، ٻه ڏيئا ٻرندا هئا، بعد ۾ گاسليٽ واري چمنيءَ (دٻڙي مٿان ٻُجي ۾ گول وٽِ پيل) جو رواج پيو، ان کان پوءِ لالٽين بتي (چپتري وَٽ، جيڪا ڦرڻيءَ تي گهٽ وڌ ڪبي هئي) گهر ۾ آئي، ان کان پوءِ وري مِنٽل وارو گولو آيو، جنھن جي اهڙي اڇي روشني، جو اکيون ٺري پونديون هيون. شمعدان ٻين هنڌن ته ڏسبا هيا، ليڪن مون گهر ۾ نه ڏٺو. ايتري ۾ بجلي به اچي ويئي. شروعات ۾ وڏي گهر ۾ ٻه اڍائي بلب هوندا هيا، پوءِ ته بلبن، ٽيوب لائيٽن ۽ سيوَرن جو رواج وڌندو ويو.

ڏيئن کان پوءِ جڏهن ٿوري سانڀر ٿي، ته مون به هڪ مٽيءَ جو ڏيئو ٺاهيو، چُلهه ۾ پچايو به، ليڪن مون کي اها خبر ڪونه هئي ته اهو ڪنھن به تيل تي ئي ٻري سگهي ٿو، مون ان ۾ گاسليٽ وڌو، ليڪن اهو ڇا ٻريو، سڄو ئي ٻَري ويو ۽ امڙ جا ٻُلا به کاڌم. اهڙا تجربا به ڪڏهن ڪڏهن سيکاري ڇڏيندا آهن. يعني گاسليٽ جي هوا بند هجي، ته ٺيڪ ٻرندو، ليڪن سَرنھَن جي تيل کي ڀلي ته وائکو ڇڏيو، ٻرندڙ وَٽِ پنھنجو قُوت پئي کڻندي ۽ تيل کي باهه وٺڻ جو به امڪان نه رهندو.

هاڻي عام گهرن مان ڏيئو ايئن گم ٿي ويو، جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ! ليڪن پوءِ به اسان جي بزرگن جي درگاهن تي ننڍڙن جارن يا اوٽُن ۾ ڏيئا ضرور پيا هوندا آهن. عقيدتمند ماڻهو، شيشين ۾ سَرنھن جو تيل کڻي ايندا ۽ رکيل ڏيئن ۾ وجهندا. يعني درگاهن تي بجلي يا سولر جي سھولت هوندي به ڏيئا ضرور ٻرندا. ٻرندي ٻرندي، ڪارٺ ۽ سڻڀ جي گَرُ چڙهي پئي هوندي، ليڪن ڏِيئي جي وسنؤ لڳي پئي هوندي. يعني مجاور، بزرگن جي ڪارِ ڪرت کي جياريون پيا اچن.

سنڌ جي ڳوٺاڻيُن مسجدُن ۾ هاڻي به ڏيئا ٻارڻ جو رواج برقرار آهي، اهو ان لاءِ ته ڪنھن به سبب اوندهه نه رهي. گاسليٽ تي ٻرڻ واريون وَٿُون ضرور اُگرو دونھون ڪنديون، ان لاءِ ڏِيئي ۾ تيل يا سُرهي تيل ٻارڻ کي ڀلو سَوڻ سمجهيو ويندو آهي. هاڻي به جيڪي مسجدون ٺھن ٿيون، انهن ۾ ڪي جارڙا رکيا ويندا آهن، ته جيئن اَڙيءَ اُڌيءَ ڏيئو ٻاري سگهجي. تنھن کان سواءِ اهي جارڙا مسجدن جا اهڃاڻ به رهيا آهن.

اسان جي روايتي يا مذهبي ڏڻن ۾ اهي وَٿُون ضرور نظر اينديون آهن. ڏياريءَ/ ديوالي/ ديپاولي (ڏِيئن جي قطار) جو ڏڻ ته آهي ئي ڏِيئي سان سلهاڙيل، جيڪو اَسُوءَ جي مھيني يعني ٿڌي مٺي رُتِ ۾ ملهائبو آهي. هندو ان ڏينھن تي ڏيئا ۽ ڏياٽيون ٻاري سرهائي ڀائيندا آهن. جڏهن ته مسلمان به ان ۾ شامل ٿي ويندا آهن. سنڌي ليکڪ، رام ڄيٺملاڻي انهيءَ سرهائي جو نقشو چٽيو آهي ته ’سنڌ جو ريئل سيڪيولرزم ۽ صوفيت اها هئي جو اسان کي جيڪي مائٽ سال تي ڪپڙا وٺي ڏيندا هئا، سي ڏياريءَ تي نه پر عيد تي وٺي ڏيندا هئا ۽ مسلمان ٻارن کي وري عيد تي نوان ڪپڙا نه پر ڏياريءَ ڏينھن نوان ڪپڙا ملندا هئا. مسلمان مندرن مڙهين ۾ ويندا هئا ۽ اسين درگاهن ۽ مسجدن ۾. ڪوبه ويڇو، ڪوبه تفاوت ڪونه هئو، سڀ ڀائرن جيان رهندا هئاسين. سو سنڌ صوفين ۽ سنتن جي ڌرتي هئي.‘ حقيقت ۾، اهي ڏيھاڙا ان ڪارڻ ملهايا ويندا آهن ته جيئن اسان جو آئندو پنھنجي اتھاس کان ڄاڻُو سُڃاڻُو ٿئي ۽ روشن خياليءَ جو پابند ٿئي.

اسلامي تاريخ پندرهين شعبان جي نسبت، شب برات تي به اڳي گهرن ۾، ۽ ڪوٺن جي اولن سان ڏيئا ٻاربا هئا، پوءِ ميڻ بتين ٻارڻ جو رواج پيو. ننڍپڻ ۾ مون به ڪافي سَنبِيرَ (قطار- لانڍ) سان ميڻ بتيون ٻاري، خوشي ملهائي. ڏياري ته نه رڳو سنڌ ۾ بلڪ دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ ملهائي ويندي آهي، ان لاءِ ته مختلف مذهبن ۾ ان جا مختلف حوالا آهن.

جڏهن ڪاڙهي جا ڏينھن پڄاڻيءَ تي پڄندا آهن ته پوءِ رُتِ ٿڌي- مٺي ٿي ويندي آهي؛ رات جو ماڪ پوڻ شروع ٿيندي آهي، ڏينھن جو ٿوري گهڻي گرمي ٿيندي آهي، باقي رات ٺرندي آهي. اَسُوءَ جي ڏهن ڏينھن کان پوءِ چِٽَ جو چاليھو به پورو ٿي ويندو آهي، ان بعد ڪم ڪار تي به دل چوندي آهي. چِٽ کان پوءِ اَسُو مھيني جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ ئي ڏياري ملهائي ويندي آهي. ان بعد ماڻهو ڪمين ڪارين سفر تي به نڪرندا آهن. ان رُت کي لطيف سائينءَ سُر سامونڊيءَ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:

ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙهَه سَنباھِئا،

وِجِهيو وَرُ وَنجهَه کي، روئي وَڻِجارِي،

مــارِيندَءِ مــارِي، پِرهَه سُــورَ پِرِيَنِ جا.

راڳ ديپڪ به ديپ يا ڏيئي مان ورتل آهي. هن راڳ ۾ ٻرڻ لاءِ ڏيئا تيار ڪري، ان جي سامهون ’ديپڪ‘ ڳاتو ويندو آهي. راڳي تانسين لاءِ مشھور آهي ته هو جڏهن ديپڪ ڳائيندو هيو، ته ڏيئا ٻري پوندا هيا ۽ روشني پکڙجي ويندي هئي. ممڪن آهي ته ايئن ٿيو هجي، يا ٿيندو هجي، پر اصل ۾ اهڙا راڳ ماڻهوءَ جي ڪيفيتن سان سلهاڙيل هوندا آهن، جن جي اندر جا ڏيئا روشن ٿين ٿا يا اندر جي ڏيئن ۾ باهه ٻري ٿي وڃي.

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته لفظ ’ڏيئو‘ ارتقائي مرحلن مان گذرندي، ’ديئا‘، ’ديپ‘ ۽ ’ديپڪ‘ مان معنائون جوڙيندو ۽ تبديل ڪندو ’ديوا‘، ’ديوتا‘ ۽ ’ديوي‘ بڻجي ويو. اڃا اڳتي هلي، ’ورونا‘ معنى ’روشنيءَ جو ديوتا‘ ٿي ويو. عربيءَ ۾ جڏهن داخل ٿيو ته ’ضيا‘، ’الضحى‘ ٿي ڪم اچڻ لڳو. مغربي تھذيب يعني يونان ۾ پھتو ته اهو لفظ بدلجي ’ڊيوس‘ ۽ بدلجي ’زيوس‘ ٿي ويو. ’ڊيوس‘ انگريزن جي خطي ۾ ’ڊوائِين‘ ۽ ’ڊوِنٽي‘ تائين پھتو. بھرحال، اهو لفظ جو سفر تاريخي لسانيات جا ماهر ئي طئي ڪري سگهن ٿا. اسان ته هلون پيا ٻُڌيُن ڳالهين تي!

مطلب ته ڏِيئو اسان جي سڀيتا پٽاندر سکن ڏکن جو ساٿي رهيو آهي. اڳي عام طور جنھن واڻيي يا واپاريءَ کي ٽوٽِ پوندي هئي ۽ لَھِڻي ليکي ۾ کٽي پوندو هيو ته پنھنجو ڏيوالو ڏيکاريندو هئو. گهرن جي مُک دروازي وارن پاسن کان ننڍڙا جارا (هڪ فوٽ اُڀا ۽ اڌ فوٽ ويڪرا) ٺھيل هوندا هيا. جيڪي رات جي پھر ۾ ٻاريا به ويندا هيا، ليڪن جڏهن کُٽي پوندا هئا ته ڏينھن جو دَرَ جي ٻاهران ڏيئا ٻاري ڇڏيندا هئا ۽ هَٽ تي پڻ ڏيئو ٻاربو هئو. اهو ڏينھن جا ڏيئا ٻارڻ، سُڃائيءَ ۽ اڻھوند جو اهڃاڻ رهيو آهي. ان کي ڏيوالو ڪڍڻ سڏبو هيو. لفظ ’ڏيوالو‘ به ’ڏِيئي‘ مان نڪتل آهي، جنھن جي معنى آهي ’ڏيئو ٻارڻ‘. ان رسم کي قانوني طور به هڪ ٽيڪ مليل هوندي هئي، جو لھڻيل واڻيي جي ڪا به ٻڌي ڇوڙي نه ٿيندي هئي. رهندو، ان سان ماڻهو ڀال ڀلائيندا هئا ۽ ان سان مناسب سھڪار پڻ ڪندا هئا.

سنڌي ٻوليءَ نسبت، ’ڏيئا موهڻ‘ هڪ اصطلاح پڻ آهي، جيڪو لطيف سائينءَ ڪم آندو آهي:

جا جَرَ جَاٽُون نَه ڏِئي، ڏِيئا نَه موهي،

سَڌُون ڪوهُه ڪَري، سا پَنھِنجي ڪانڌَ جُون.

’جيڪا ناري پنهنجي وَرَ جي سلامتيءَ جون باسُون باسڻ لاءِ سمنڊ تي ڏيئا ٻارڻ نه ٿي وڃي، سا وري پنهنجي محبوب سان ملڻ جون ڪوڙيون سَڌون ڇو ٿي ڪري!‘ رسمي طور اڳي، سُھاڳڻيون اٽي جا ڏيئا ٻاري، درياهه کي ارپينديون هيون ۽ پرارٿنا ڪنديون هيون ته سندن وَرَ پرڏيھه مان خيرسَلا موٽن. سُر سامونڊِيءَ جي ان بيت ذريعي شاهه سائين، منزل ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جو سبق ڏيئي ٿو.

’اٽي جو ڏِيئو‘ هڪ ورجيس يا محاوري طور به ڪم اچي ٿو، جيڪو ڪنھن ڊڄڻي يا گِيدِي ماڻهو لاءِ ڪم آڻيندا آهيون. اهو ان لاءِ ته ان ۾ ٻرڻ جي گهڻي سگهه نه هوندي. استاد محمد صديق ميمڻ، حڪمت جو به ڄاڻو هئو، اهو اڪثر ’ڇِڪِي ڪڍڻ‘ لاءِ اٽي جو ڏِيئو ٻاري، مريض جي پيٽ تي رکندو هئو ۽ ٻرندڙ ڏِيئي مٿان شيشي جو ابتو گلاس رکندو هئو ته ڏِيئو وسامي ويندو هئو ۽ هڪ قسم جو دونھون گلاس ۾ ڦاسي پوندو هئو ۽ گلاس کي وٽُ ڏيئي ڇِڪي ڪڍندو هئو. يعني ’اٽي جو ڏيئو‘ ويڄن طبيبن سان سلهاڙيل رهيو آهي.

ڏِيئي جو استعمال اصطلاحي ٻوليءَ ۾ سماجي طور گهڻو ٿيندو رهيو آهي، جيئن:

• سگهڙن جا ٻول:

• آنڌاريءَ ڏيئو ٻري، اڀ ۾ وڄ کنوت،

آهر ڦلاري ٻيٽئين، سانولڙي مُک ڌنت،

پٻڻ پسارا ڪيا، اهي پنج ئي ٽھڪنت.

(اونداھي رات ۾ بجلي نه ھجي، رڳو ڏيئو ٻري ته به ھيانءَ کي ٻل ھوندو. آسمان ۾ کنوڻ جو چمڪڻ، غريبن لاءِ گاهه پٺي جو نياپو آھي. ٻيٽ تي سرنھن جي ڦولار به وسنھن آھي. موھيندڙ چھرو، مرڪي نھاري ته ماري. پٻڻ، ڪني پاڻيءَ مٿان ھوندي ته به نکار ڪيو بيٺي ھوندي.)

• مور ڪو ڌيان گهن گهور لڳو، ڏور ڪو ڌيان لڳو نٽڪي،

ديپڪ ڪو ڌيان پتنگ لڳو، پڻھاري ڪو ڌيان لڳو مٽڪي،

چندر ڪو ڌيان لڳو چڪور، چڪٻاڻ ڪو ڌيان سٽڪي،

مين منوپر ترري، ساگر پنٿ، پرميڻ رھيو اٽڪي.

(گهن گهور: کنوڻ ۽ گوڙ وارو مينهن يا برسات. نٽڪي: عورت، جيڪا پئسي تي ڪرتب ڏيکاري. پڻھاري: پاڻي ڀريندڙ عورت. مٽڪي: ننڍو مٽ، دلو يا دلي.چڪٻاڻ: شڪاري. سٽڪي: تير چٽڻ، شڪار ڪرڻ.)

مور کي خوشي برسات وسڻ بعد ٿيندي آهي ۽ خوشيءَ ۾ ناچ به تڏهن وجهندو آهي؛ تنھنڪري سندس ڌيان رڳو مينھن جي آثارن تڪڻ تي هوندو آهي.

سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارڻ واري عورت، جيڪا مٿي ٻڌل تار تي هلي ٿي، تنھن جو سڄو ڌيان ان تار ۾ هوندو آهي ته متان پير ترڪڻ ڪري نقصان رسي.

پرواني کي به ڏيئي لاءِ ديوانگيءَ جي حد تائين تلاش هوندي آهي. سڙي به مٿس ساهه ڏيندو.

پاڻيءَ جا دلا ڀري اچڻ واري عورت جو، پنڌ جي دوران، سڄو ڌيان دلي/ مٽڪيءَ تي لڳل هوندو آهي. متان ٺينشڙو لڳڻ سان، محنت پاڻيءَ ۾ هلي وڃي.

چڪور، چنڊ جو عاشق آهي. سندس اڏام، چنڊ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. وٽس پُڄي ته نه سگهندو آهي، پر بجاءِ ٿڪجي موٽڻ جي، پنڌ ۾ ئي ساهه ڏيندو آهي.

شڪار تير ڪمان سان ٿيندو آهي. شڪاريءَ کي شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ، هٿيار تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو آهي.

مطلب: عاشق، معشوق/ منزل کي ماڻڻ لاءِ، سڄو ڌيان ڏانھنس رکندو آهي.

• اصطلاح ۽ ورجيس:

• ڏِيئي هيٺان اوندهه هئڻ

(علمي ماڻهن جو اولاد اڻپڙهيو هجڻ- فيض کان رهجي وڃڻ)

• ڏينھن جو ڏيئو ٻارڻ

(سڃي ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ- ڏيوالو نڪرڻ)

• سج کي ڏيئو ڏيکارڻ (اجائي آڪڙ ڪرڻ)

• ڏيئو ٻارڻ (ڪو ٻوٽو ٻارڻ- ڪو ڪم سرانجام ڏيڻ)

• ڏيئو ٻاري هلڻ (شعور جي روشني ڦھلائڻ)

• هوا ۾ ڏيئو ٻارڻ (همٿ ڪرڻ- ڏکيي ڪم ۾ هٿ وجهڻ)

• سڃائيءَ جو ڏيئو (اجائي اميد)

• اٽي جو ڏيئو (ڊڄڻو- گِيدِي- ڪمزور ماڻهو)

• پھاڪا ۽ چوڻيون:

• سج اڳيان ڏيئو ٻارڻ، تيل جو زيان.

(پاڻ ڏاڍي سان جهيڙو نه جوٽجي)

• ٻاريو جن ڏِيئو، سھي ڪيو گهر پنھنجو.

(روشني پنھنجي گهر کان شروع ڪجي)

• نُونھه آهي ٻن گهرن جو ڏيئو، پيڪا به اُجاري، ساهرا به اُجاري.

• واڻيو آهي، اٽي جو ڏيئو، اندر کائينس ڪوئا، ٻاهر کائينس ڪانوَ.

(واپاريءَ کي هرڪو تنگ ڪندو آهي)

• مسڪين جي گهر ۾ ڏيئو نه ٿو ٻري ڇا!

(هر ڪنھن وٽ ٿورا ڪي گهڻا سک هوندا آهن)

• شيخ جيئو، مڪليءَ جو ڏيئو.

(مَڪليءَ جي مقام ڪافي الله لوڪ پوريل آهن، انهن ۾ شيخ جيئو بزرگ کي ڏيئي واري حيثيت مليل آهي)

• سانوڻ ۾ سرجيو، ڄائو اسوءَ ماهه، ڏياريءَ جو ڏيئو ٻريو، ٻاري وٺو باهه.

(سِيءَ، سانوڻ جي مينھن پوڻ سان ٿڌڪارُ جي صورت ۾ سرجيو، اسُوءَ جي مھيني ڄائو، ڏياريءَ جي ڏيئي ٻرڻ سان ٿڌ وڌي، هاڻي ڀلي مَچُ ٻاريو.)


1 comment: