Saturday, September 16, 2023

کانڀاڻي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

کانڀاڻي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



اَنَ جي ڪَڻَن جي پوک مان جهارِ هڪلڻ لاءِ جيڪو سِڻِي، سُٽ يا اڳڙين واري نوڙيءَ مان ٺھيل هٿَڻُ ٿئي، ان کي ’کانڀاڻي‘ چئجي ٿو. سنڌ جي طبعي ڀاڱن وانگر جهارِ هَڪلڻ لاءِ مختلف وَٿُون آهن، جن جا نالا به الڳ الڳ آهن، جيئن: ’کانڀاڻي‘، ’گوڦَڻَ‘،’کِٽَ‘،’گهُٻَڻِ‘، ’ٽاٽَ/ تراٽَ‘، ’ٽَنگڙُ/ ٽَنگڙو‘، ’نوڙُ‘ وغيره. ان کان سواءِ جهارِ تَڙڻ جا ٻيا ڍنگ به ٿين ٿا، جيئن: گُليلِي، اوڙو/ مُوئِرو (ڪانوَ تڙو)، ڪاري ڪُني، ڪَليءَ ڪڙ ڪڙ، ڍولڪي، دَٻي وڄت وغيره.



ٽَنگڙو، نوڙيءَ مان ٺھيل شين کي چئبو آهي، ان حوالي سان لطيف سائينءَ پڻ ’ٽَنگڙو‘ ڪم آندو آهي، ليڪن ان جي مراد آهي:’نوڙين مان ٺاھيل ڄاريدار خرزينَ، جيڪا اوڏ گڏھن تي رکي، انهن ۾ جاين ٺاھڻ لاءِ مٽي کڻن‘، اهڙو بيت خيال خاطر ڏجي ٿو:

جي تُون اوڏَ طَلَبِيين، تِئَان ھِتِ نَہ ڪوءِ،

وِئَا لاکي لوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا. شاهه

اسان جي درسي ڪتاب جي نظمن ۾ به جهارِ ۽ کانڀاڻِيءَ جو ذڪر ملي ٿو، جنھن لاءِ لازمي آهي ته شاگردن کي ان بابت ڄاڻ ڏيڻ گهرجي، جيئن:

هاڻي هاري هر سنڀارِ، باقي مند ۾ ڏينهن ٻه چارِ.

لَھج سَلن جو سُڌُ سماءُ، جيت جڙي کان ڪج بچاءُ،

حيلو ڪر ڪو هاري ڀاءُ، کڻ کانڀاڻي کائي نه جهارِ.

لفظ جهارِ، آهي ته پکين جي ولرن لاءِ ڪم ايندڙ، ليڪن اهي پکي جيڪي پڪل پوک ۾ اچي، سنگن جي داڻن ۾ چھنب هڻي، کائِين ۽ ڍَو ٿيڻ کان پوءِ وڃائين. جيڪڏهن جهارِ نه هڪلبي ته پوءِ رڳو ڪک ڪانا ميڙڻا پوندا. ان معاملي ۾ پکين کي افعال نه هوندو آهي، پيا زيان ڪندا. ها باقي پکين ڏانھن ڌيان ڌرڻو آهي ته ان لاءِ الڳ سان پاٽ يا پاٽوڙي ۾ داڻا ۽ پاڻي رکي، ساهوارن جي ٽَھَلَ ڪري سگهجي ٿي.

جن پکين کي جهارِ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، تن ۾ جهِرڪِي ته آهي ئي آهي، باقي ڪٻريون، ڪانوَ، ڳيرو، وهيو، هيڙهو، ٻوڙِي وغيره پڻ آهن. وهيو ۽ هيڙهو پکي، انَ چڳڻ کان هٽي ڪري، ٻَنِيءَ ۾ جيت به کائيندا آهن، ان لاءِ انهن کي فصل دوست پکي به ڪوٺبو آهي. ٻوڙِي پکي ته وري اهڙو ٻوڙو آهي، جو کانڀاڻيءَ جي ڳوڙهي واري زوزاٽ کي به ڪونه ليکيندو، ان لاءِ ته هن پکيءَ کي سڏيندا ئي ٻوڙِي آهن! تنھن لاءِ وري کِٽَ/ ٽَنگڙي جو ٺڪاءُ پوءِ به ڇرڪائيندڙ آهي. هاڻي جي ڏسجي ته جهِرڪي يا ٻوڙِي ڇا کائيندي، وڌ ۾ وڌ هڪ هڪ داڻِي؛ پر جڏهن انهن کي ڇيڪ ڇڏي ڏبو ته باقي وڃي سکڻا سنگ بچندا. ان لاءِ جهار جو هَڪلڻ لاچاري آهي، نه ته ڪَئي ڪمائي چَٽُ!

ڪڻڪ، جوئر يا ٻاجهريءَ جي پوک وقت ولر جا ولر اچي لھندا آهن. ڪي ماڻهو ان خيال جا هوندا آهن، ته جهارِ نه هَڪلجي، ڇاڪاڻ ته ڌڻي سڳوري انهن جو قُوت به ان ۾ ئي رکيو آهي. سچ ته جڏهن جهارِ هڪلبي آهي، ته اهو پکي، پنھنجي چھنب ۾ هڪ داڻو کڻي، پوءِ اڏاڻو ٿيندو آهي. ڪن جا اهي ويچار به هوندا آهن ته کانڀاڻيءَ ۾ گليلي/ پنوڙي اڇلائڻ سان، ڪو پکي مَري به پوي ٿو، ان ڪارڻ اهو پاپ نه کڻجي. جيترا وات تيتريون ڳالهيون، پر حقيقت ۾ جهارِ نه هَڪلبي ته ڪڙمي ڪاريي يا هاري ناريءَ جي ڇماهيءَ جو ڪٺن پورهيو ئي اجايو ٿي ويندو ۽ سندس ٻچن جو گذران ئي اهنجو ٿي پوندو. باقي پکي ڪڏهن به بُک تي نه مُئو آهي، البت پاڻيءَ جي نه هجڻ ڪري ساڻو ٿي ڪريو ضرور آهي. ان ڪارڻ الڳ سان پکين جي سار سنڀال لھِجي.

سچ ته کانڀاڻيءَ جي ڳوڙهي يا گليلي/ پنوڙي مان ورلي ڪو پکي مُئو هجي، نه ته گهڻي ڀاڱي پکي اهڙِي گهُت هڻي، نڪري ويندو، ڄڻ ته آيو ئي ڪونه هئو. جوئر، ٻاجهري ۽ مڪئيءَ جو سنگ ڪافي مٿي اوچو ٿئي ٿو، ان لاءِ کانڀاڻيءَ جو وار ٿي به نه سگهندو ۽ پکين جي ڪڙميءَ يا هاريءَ تي نظر ئي نه پوندي، ان ڪري کانڀاڻيءَ جي زوزٽ تي ڌيان ئي نه ڌريندا. ان لاءِ ڪڙمي ڪاريو، کيٽ جو وچ وٺي، يا اتي جتان کانڀاڻي يا کِٽَ/ ٽَنگڙو گهمائي سگهي، اتي ٻه ٻيلنگهَه/ ٻڇانگيون هڻي، ان جي مٿان ڏَڪَ يا وَرا رکي، بُھه باند يا پلال سان ڍڪي، هڪ قسم جي ڇت ٺاهي، مٿان چڙهي بيھندو. ان کي ’پيھو‘ ٿو چئجي. پيھي تي ويھڻ سان ئي سڄي پوک تي نگاهه پئي پوندي، پر جڏهن اٿي بيھندو ته پري پري تائين دَئو پوندس. ان پيھي بيھارڻ جا به نمونا آهن. ٻه ٻيلنگهه، کوڙي، مٿان کڻي کَٽَ ٺاهيندس، يا چار ٿوڻيون هڻي، ان ۾ ڏَڪ ٻڌي، مٿان ڪک ڪانا ڏيئي، ڏاڍي ڇتِ ٻڌي ڇڏيندُس يا وري ڪنھن وڻ سان ڏَڪَ ملائي، مڙيئي بيھڻ جھڙِي جاءِ ٺاهي وٺندس. مطلب ته ڪم ڪرڻو آهي، پوءِ جيئن سَولو لڳي.

پيھي تي ويھي، جهار هڪلڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جوئر يا ٻاجهريءَ واري فصل ۾ ته اهڙو ٻوسٽ ۽ ٻِٽَ هوندي آهي، جو ماڻهو ساهه ئي ڏکيو کڻي سگهندو آهي. بت مان پگهر، ڇَلَ (ڏهه ڪِلو چانور ڌوئي ڳاڙڻ واري ڇَليءَ) وانگر پيو ڳڙندو آهي. ان هوندي به ڪڙمي/ هاري ڀنڀرڪي سان ئي وڃي پيھو وسائيندو ۽ لڙيءَ سانجهِڻِ پيو موٽندو. انهيءَ چِٽَ جي چاليھي (بڊي جو مھينو ۽ اَسُوءَ جا ڏهه ڏينھن) ۾ پيھي تي ويھڻ سچ ته موت جي منھن ۾ ويھڻ آهي، پر پيٽَ لاءِ سڀڪجهه ڪجي ٿو.

هاري ناريءَ جو اهو جهار هڪلڻ وارو لاڳيتو ڪم، ٻج ڇٽڻ سان ئي شروع ٿي ويندو آهي. ڪي بي گُرا ماڻهو، جهار هڪلڻ جي تَتَئُون، ٻج ۾ ئي زهريلي دوا ملائي ڇڏيندا آهن، ته جيئن جهار واري کَپڙتال کان ئي بچي پئجي. ان سان اهو پاپ ٿيندو آهي ته جيوت ان زهر جي کائڻ سان ناس ٿي ويندي آهي، اهڙو ڪم سچ ته آسپاس جي جيوت سان وڏو ڏاڍ آهي.

الڳ الڳ پوکن جا پيھا الڳ الڳ نموني ٺاهيا ويندا آهن، ۽ جهار به الڳ الڳ نمونن سان تَڙِي ويندي آهي. ٻاجهريءَ جي پوک، جوئر کان ننڍي ٿيندي آهي، ان لاءِ پيھِي (ننڍو پيھو) ٺاهيندا آهن. جوئر جو سنگ اوچو ٿئي ٿو، ان لاءِ پيھو ٺھندو. مَڪئي، گهڻي قدر پتن ۾ ويڙهيل هوندي آهي، ان لاءِ گهڻو مٿي جو سُور ڪونه کڻڻو پوندو آهي. باقي ته هيٺ بيٺي به جهارِ تَڙي ويندي آهي. جيئن ڪڻڪ يا سارين جي پوک ننڍي ٿئي ٿي، ان لاءِ پيھو ڪونه ٻڌبو. ڳيرو وري سارين جو وڏو شيدائِي آهي. کجيءَ جي جُوهن جِي به جهار تڙبي آهي، ليڪن ان جي چوٽي ايتري ته وڏي آهي، جو وڻ تي ويھي به جهار هڪلي ڪونه سگهبي. ان لاءِ هيٺ ئي بيھي، کانڀاڻي يا بڙڇيءَ (گندرفي لوهي هٿَڻ) سان جهار تڙبي آهي. هاڻي ته چَتُونءَ جو اهڙو ڪالُ پيو آهي، جو ڳولهيو نه ٿو لڀي، نه ته کجيءَ ۽ انب جھڙن ميوادار وڻن لاءِ ته پويون ڏينھن آهي. ميوي کي جيئن چَتُون ٽُڪ ڪندو، ٻئي جي جاءِ ئي ناهي. سچ ته چَتون اهڙو داداگير ۽ زيانَ خورُ پکي آهي جو باغائي ان کي سڏيندا ئي ’ٻِلو‘ آهن. هاڻي ته مورڳو ئي رُسِي ويو آهي، جو دُڻِي مٽائي، وڃي ڪا ٻِي دِسِ وَسائي اٿائين.

مطلب ته اهڙن پکين کي پري پري کان تَڙَ ڪرڻ، هيسائي ڀڄائڻ ۾ کانڀاڻيءَ ۽ کِٽَ/ ٽَنگِڙي جو وڏو ڪم آهي. پورهيت کانڀاڻي يا کِٽَ به ڇوڙيندو ۽ گڏ وڏي واڪي ’هي... ها...‘ به ڪندو، پکين جا نالا کڻي به رڙ ڪري مڙيئي دل خوش ڪندو آهي، جيئن ’هلُ ٻوڙي‘، ’هينٺ ٿئي وهيا!‘ڪي وري دياوان ماڻهو، ان سوچ جا هوندا آهن ته پکين تي ڳوڙها نه اڇلائجن، پوءِ اهي ويچارا، هٿ جي تاڙين تي به جهار هڪليندا آهن. ايترن ڪشالن کان پوءِ به پوک جو چوٿون حصو جهار هڻي ويندي اٿس.

کانڀاڻيءَ/ گوڦڻ جو رواج هاڻي به آهي، پر اڄ جو هاري گهڻو ٽوٽِي ٿي ويو آهي. اهو هٿڻُ، گهڻي ڀاڱي پاڻ ئي سُٽَ مان ٺاهيندو آهي، يا اهي سوٽِي ٺھيل به ملي وينديون آهن. کانڀاڻي، ٿلهي ٿيندي آهي، گوڦَڻِ ان کان هلڪي ۽ ڦيري ۾ سَولي سڏبي آهي. کانڀاڻيءَ جا ٻه ڀاڱا ٿيندا آهن، هڪ: هٿ وجهڻ ۽ ڳوڙهي ڦاسائڻ وارو ڀاڱو، جنھن جي ماپ اڌ پُرهُه (پرهُه: ٻه ٻاهُون سڌيون ڪجن ته ان جيترو) کان ٿوري سوائِي ٿئي ٿي، ٻيو: ان کان سوايو سٽڪو ڏيڻ وارو ڀاڱو، جيڪو منو پُرهُه ٿئي ٿو. هٿ وارو پاسو ٿورو ٿلهو، ۽ پڇڙ وارو سوايو پاسو ڪجهه هلڪو هوندو آهي. هٿ واري پاسي، ٻه ڪڙا ٺھيل هوندا اٿس، جنھن ۾ ڏسڻي ۽ وڏي چيچ ڦاسائبي آهي، وچ تي هڪ پَٻُ/ گهُٻ/ ڦَڻِ ٿئي، جيڪو ٻُڪيءَ وانگر ٿئي، جنھن ۾ مِٽيءَ جو ڳوڙهو وجهي، ان هنڌان موڙ ڏيئي، باقي حصي کي ساڳئي هٿ ۾ رکي، ساڄو هٿُ مٿي ڪري، کانڀاڻيءَ کي پٺيءَ کان ورائي، کاٻي هٿ ۾ ڳوڙهي واري ڦَڻ جهلي، وٺي جو گولائيءَ تي اڇَل ڏيندو ته ڳوڙهو، بندوق جي گوليءَ وانگر ڀرڙاٽ ڪندو ويندو. کانڀاڻيءَ جي ڳوڙهي کي ويجهو اڇلڻو هوندو ته ٻه اڍائي ڦيرا ڏئي اڇلبو، پر جي پري اڇلڻو هوندو ته ڦيرا به سرس ڏيئي، کڻي اُڇل ڏبي. هاري، ڳوڙهي کي ويجهو يا پري اڇلائڻ واري چال کان ڀلي ڀت ڄاڻو هوندو آهي. ڪي وري رڳو ساڄي هٿ ۾ ڦاسائي، گول ڦيرائي ڦيرائي، وڌيڪ پڇڙ کي ڇُڙڻ تائين کاٻي هٿ ۾ سنڀالي، کڻي جو ڇوڙيندا ته آسا پاسا پيا ٻُرندا. جيئن ڳوڙهو اڳتي ويندو، اتي کانڀاڻيءَ کي سٽَ ايندي ته پڇڙيءَ وارو پڇڙ به اهڙو ته آواز ڪندو، ڄڻ ڪا گولِي ڇُٽي. آسپاس ۾ ڳوڙهي ۽ پڇڙ جو اهڙو ته پڙلاءُ ٿيندو جو، ڪنڊ پاسي ڪو ماڻهو ويٺو هوندو ۽ اچانڪ پڙلاءُ پوَيس، ته ساهه ئي سُڪي ويندس. پکين ويچارن جي ته پوءِ به گُجي ننڍي آهي، منجهن ٽاڪوڙو پئجي ويندو ۽ گولي ٿي ويندا. اهو تيزيءَ سان ڀڙڪو ڏيئي اڏرڻ واري چال ڏسڻ وٽان آهن. ظاهر آهي پکي مورڳو جوءِ ڪونه ڇڏي ويندا، وري وڃي ٻئي فصل کي لڳندا.

ٻوڙِي پکي ته کانڀاڻيءَ تي ڪَنائيندو ئي ناهي. ان لاءِ وري کِٽَ/ ٽنگڙو/ ٽاٽَ/ نوڙ ڪم آندو ويندو آهي، جيڪو ڏيڍ پُرهُه تائين ٿيندو آهي، ان جو هٿ وارو پاسو ٿلهو ۽ پڇڙ، سنهو ڏورِ جھڙو ٿي ويندو آهي، جنھن جي پڇڙيءَ ۾ سِڻيءَ جھڙي ’سجاوتي‘ ٻوٽي مان ٺھيل ڦندڻ هوندو آهي، جيڪو سَٽ سان وڏو آواز ڪندو آهي، ڄڻ توپ ڇُٽي. ان پڇڙيءَ واري ڦندڻ کي هاڻي اَڪ واري ٻوٽي جي ريشم مان ٺاهيندا آهن، جنھنڪري ان کي ’آڪارو‘ ٿا ڪوٺين. هاڻي ته ٻاچڪن جي تاندورن مان به آڪارو ٺھي ويندو آهي. ان آڪاري جا تاندورا سگها هوندا آهن. اهي تاندورا سَٽُن تي هروڀرو ڇڻندا ناهن.

کِٽَ/ ٽاٽَ/ ٽَنگڙو هڪ اهڙي جهار هڪلڻ جو هٿَڻُ آهي، جيڪا گهڻي ڀاڱي ڏهه فوٽ ٿيندي آهي، ان ۾ ڳوڙهو/ گليلو نه وجهبو آهي، بس گول ڦيرائي ڦيرائي، تيزي ڏيئي، کڻي سَٽ ڏبس ته هڪ ڦڙڪو ڏيندي ۽ ٺڪاءُ ٿيندو، جنھن سان جهارِ اڏامي ويندي آهي. اهو هٿَڻُ، ٿر يا ان جي آسپاس ڪم ايندو آهي. ٽاٽَ، ڇڏي يا ننڍي قد واري پوک ۾ ڪم آندي ويندي آهي. ننڍي قد واري پوک ۾ ٽاٽَ جو ٽَڙڪو ٺيڪ ڄاتو ويندو آهي. کِٽَ/ ٽاٽِ/ ٽَنگڙُ/ ٽَنگڙو/ ٽَنگڙِي وٽيَل نوڙيءَ (اڳڙين جي يا ٻاچڪي واري پلاسٽڪ) جي ٺھيل کانڀاڻيءَ جو مَٽُ آهي. سچي سَر يا کَجيءَ جي ڪوئِر مان  نوڙي وٽبي ۽ ٻاچڪن جي تاندورن مان آڪارو ٺاهي، ان مان به کِٽَ ٺاهي ويندي آهي.

ڪٿي ته وري پيھي ۽ کانڀاڻيءَ يا کِٽَ/ ٽاٽ واري ڪم کي گهٽائڻ واسطي، ڪاٺيون اڀيون ڪري، بوتو ٺاهيندا آهن ۽ مٿان ڦيڙهه يا ڪاري ڪُني (بد نظريءَ کان به) رکي ڇڏيندا آهن، ته ان کي ڏسي، جهار پاسو ڪري وڃي، پر هلي هلي پکي به سمجهي ويندا آهن ته اهو ڍونگ آهي. هاڻي جيڪي کڙڪي تي هريل، سي وري ان بوتي کان ڇو لھرائيندا! ان سُور کان هاري وري، کڙڪندڙ ڪُليُون ٽنگي ڇڏيندو ته ڀلا ان آواز تي ٽَري! پر جهارِ ته آهي ئي جهارِ، ٽڪي پيسي واري کِٽِ تي اک ئي نه ٻڏندي اٿن. گرميءَ ۾ پيھي تي ويھڻ جي تتئون، ڪي وري دَڦ نما ڍولڪي ٺاهي وڄائيندا آهن. ويچارو هاري، جهارِ تَڙڻ لاءِ وس ڪندو آهي، ته فصل لٿي، ڪجهه داڻا گهر کڻي ٻچن جو قوت ڪريان. سچ ته جي ايئن نه ڪري ته سڄو فصل ٿي دُڦُ ٿي ويندس.

پکي، جائي به، اَمُن جا گهُرجائُو هوندا آهن، ان ڪري اهڙن ٺڪاوَن يا ڪلين جي کڙ کڙ تي ڀڄي ته ويندا آهن، ليڪن ان سان وري اهڙو به اچي ڪالُ پوندو آهي جو انهن پکين کي ڏسڻ لاءِ به سڪندا آهيون. پنھنجي ڳوٺ محرابپور ۾ هڪ اهڙو سمو به آيو، جو ’ڳيري جي گهو- گهو‘ لاءِ پئي سڪياسين، نه ته شھرن جي گهرن مٿان به ڳيرن جي گهو- گهو ٻڌبي آهي. پوءِ هو پکي امن نه ڏسي، جوءِ مَٽي ٿا وڃن. ان جو سبب، فصلن کي دوائون، بڙڇين ۽ کانڀاڻيُن جا ٺڪاءَ، گندرف جي ڌپ، دَٻي جا کڙڪا، ڪَليُن جي سَر سَر، مطلب ته ماحولي گدلاڻ سبب پکي جوءِ ڇڏي ٿا وڃن. هينئر چَتونءَ جي ’ٽِيُون- ٽِيُون‘ لاءِ اکيون اداس آهن.

ٽَنگڙُ/ ٽَنگڙو/ ٽَنگڙِي وٽيَل نوڙيءَ (اڳڙين جي يا ٻاچڪي واري پلاسٽڪ جي) ٺھيل کانڀاڻيءَ کي چئبو آهي، جنھن ۾ هڪ پاسو ٿلهو ۽ ٻيو پاسو سنهو رکيو ويندو آهي، سنهي پاسي کان اُڇل تي زوزاٽ ڪڍرايو ويندو آهي. هن ۾ به ڳوڙهو يا گليلو ڪم نه آندو ويندو آهي. هن جي ماپ به گهڻي ڀاڱي اٺن کان ڏهه فوٽ رکندا آهن. ٽَنگڙو، ننڍي قد واري پوک ۾ جهار هڪلڻ لاءِ گهمايو ويندو آهي.

مِٽِيءَ جا ڳوڙها، گُليليءَ جي ڳوڙهن کان ٿورا وڏا رکبا آهن. ڪي وري پڪا پٿر يا سروٽي جا گهڙيل ٽڪر به ڪم آڻيندا آهن، پر مٽيءَ واري ڳوڙهي جي چُٽَ پنھنجي هدف تي ويندي ۽ پري تائين مارُ ڪري سگهندي. هاري ناري، آلي مٽيءَ جا اهڙا ڳوڙها ٺاهي، پيھي تي رکي، تاڙَ ۾ هوندو آهي ته ولر گڏ ٿين ته چُٽَ ڪريان، هروڀرو ڳوڙها اڇلائڻ جو ڏيکاءُ نه ڪندو آهي؛ ڇو ته ان سان ڪنھن سنگ جو ڪانو سٽجي پوندو ۽ داڻن ۾ سگهه نه رهندي.

اهي ٿيا اهڙا هٿَڻَ جيڪي هاريءَ جي ڏاج ۾ آهن. ان کان سواءِ ’گليلِي‘ به آهي، جيڪا ٻار به کڻي، پکي يا جيت جناور مارڻ لاءِ پيا کيڏندا آهن. ڪو پکي ٿيو، ڪو نوريئڙو ٿيو، ڪُئو ٿيو، مطلب ته پيا چُٽڻ جو مظاهرو ڪندا. اهڙو هٿَڻ به هاري ساڻ رکندو آهي ۽ گهرج آهر هلائي وٺندو آهي. ان جا به ٻار يا هاري وڏا چيٽائُو هوندا آهن، جتي دل ڪندي، اتي ئي وڃي گُليلو لڳندو.

ڪي هاري، کانڀاڻيءَ جا اهڙا ته چيٽائُوءَ/ چُٽيرا هوندا آهن، جو جنھن هنڌ ڳوڙهو چُٽڻ گهرندا ته اتي وڃي لڳندو. اهڙا هٿ سڌا چيٽائُو به مون ڏٺا. نواڙي شريف ۾ سومر جوکيو اهڙو هئو، جيڪو اهڙا ڪرتب ڪري ڏيکاريندو هئو. ضرور اهڙا هٿ سڌا هاري ناري هاڻي به هوندا. نشان چُٽڻ جون چٽاڀيٽيون ٿينديون آهن، ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، رونشو ٿيندو آهي، پر کانڀاڻيءَ چُٽڻ جو مقابلو مون ٻڌو ناهي. اهڙيون چٽاڀيٽيون ٿيڻ گهرجن، اهو مقابلو به ماڻهن جي تفريح لاءِ ڀلو ليکيو ويندو.

• ٻاراڻيون ۽ ڳوڙهيون پروليون:

• اڇي اڇي ٻارِ، جتي جهرڪي نه جهارِ. (ڀڃڻي: لوڻ)

• نَر چڙهيو نَر تي، نَر جي هٿَ ۾ نارِ، گهوٽُ ويو نڪري، دانھن ڪئي ڪنوار. (ڀڃڻي: کانڀاڻي ۽ ڳوڙهو. نَرُ = هاري، نَرُ = پيھو، نارِ = کانڀاڻي، گهوٽُ = ڳوڙهو، ڪنوار = کانڀاڻي)

• اصطلاح ۽ ورجيسون

• کيٽ کانڀاڻي ڇڏڻ (ٽوٽي ٿيڻ)

• جهار هڪلڻ (گهر جي عزت جو خيال رکڻ)

• کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙهو وجهڻ (ڪنھن ڳالهه جي ڍوءِ ڍوءِ ڪرڻ. خواري ڪرڻ)

• پھاڪا/ چوڻيون:

• جنھن کيٽ کانڀاڻي ڇڏي، تنھن جو ريج پاڻيءَ سان ڇا! (جيڪو ماڻهو لاهي پاهي بيھي، ان جو عزت ذلت سان ڇا!)

• جيڏانھن ويھي جهار، تيڏانھن ڳُڀر ڳوڙها نه هڻي. (ڳُڀر = ڳڀرو- نادان. نڀاڳو ماڻهو ڪم وقت، گِسر ڪري)

• جاڏي جهار پوي، تاڏي هڻجي ڳوڙهو. (هر ڪم سوچي سمجهي ڪجي)

• لڳو ڳوڙهو، ڀڳو ٺوڙهو، لُڪ لاشارين کان لَٿي. (ڳوڙھو = گولو. ڀڳو ٺوڙھو = سيوھڻ ويجهو ھڪ ماڳ جو نالو. ٺوڙھو = ٽالپر ذات جو پاڙو. لُڪَ = گرم ھوا. لاشاري = ھڪ ذات جو نالو. يعني، جڏھن بندوق يا توپ جا گولا ھليا، تڏھن ٺوڙھا ڀڳا، جنھن کان پوءِ لاشارين تان آزار ھٽيو.)

• اب پڇتاوي ڪيا هووَت، جب چڙيا چُگ گئي کيتِ. (جڏهن وقت سِر ڪم نه ڪجي، پوءِ ڪھڙو پڇتاءُ!)

2 comments: