Sunday, July 11, 2021

ٽيٽيھن جي ٽين پتي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ٽيٽيھن جي ٽين پتي، نائين تيرهين جو اڌ،

پنجو لڳو ڇڪي تي، پنھنجو ليکو ويھي ٻڌ.

تاليف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



آڳاٽي دور ۾ ٻه ھمراھ ڳوٺان نڪري، ڪمائڻ لاءِ شھر ويا. ھڪ شخص ڪجھ ڏينهن ڪمائڻ کان پوءِ چيو؛ ”ادا! حياتي آھي ته پيا ڪمائينداسين. دل ڀرجي آئي آھي. چوان ٿو؛ ڳوٺان چڪر ھڻي اچان.“

ان تي ٻئي ھمراھ چيس؛ ”ادا! مون وٽ يارنهن رپيا کن ڪٺا ٿيا آھن. ھتي رکڻ لاءِ اھن ڪو نه. آھن ڪمايا گھر ۽ ٻچن لاءِ. تون وڃين ٿو ته پوءِ اھي تو کي امانتو ڏيان ٿو. منھنجي گھر واريءَ کي ھن نياپي سان ڏجانءِ؛ ’ٽيٽيھن جي ٽين پتي، نائين تيرھين جو اڌ، پنجو لڳو ڇڪي تي، پنھنجو ليکو ٻڌ!‘“


ھمراھ ڳوٺ پھتو ته دل بي ايماني ٿي پيس. دوست جي گھرواريءَ کي ڏھ روپيا ڏنائين، جيڪي ھن وٺي رکيا. موٽڻ مھل کيس دوست جو ڏنل نياپو ياد آيو. تنھنڪري واٽ تان واپس موٽي آيو. دوست جي گھر واريءَ کي چيائين؛ ”ادِي! ادَي نياپو به ڏنو ھيو.“

”ادا! الائي ڪھڙو؟ تو ته مون کي اھو ڏنو ئي نه!“

”ادي! ان لاءِ ته موٽيو آھيان.“

”پوءِ ادا! ڀلي سدا ڏي! جيءُ ڏي!“

”ادِي، ادَي چيو ھيو؛ ’ٽيٽيھن جي ٽين پتي، نائين تيرھين جو اڌ، پنجو لڳو ڇڪي تي، پنھنجو ليکو ٻڌ!‘“

”ھا ادا!“ دوست جي گھرواريءَ حيرانگيءَ مان وارڻيس؛ ”ادا! پوءِ امانت ته پوري نه پھچائي اٿئي!“

”ادي! ڪيئن؟“

”ادا نياپي جي حساب سان روپيا ھجن يارنھن، پر تو ته مون کي ڏنا آھن ڏھ! باقي ھڪڙو رپيو اڃان کٽي ٿو، سو ڏيندو وڃ!“

ھمراه ڏاڍو شڪي ٿيو. روپيو ڏئي، ڪنڌ ھيٺ ڪري، روانو ٿيو.

(ھيءَ روايت حفيظ عباسيءَ کان ملي، جيڪا ھن پنھنجي والد صاحب کان پڇي، ڪمينٽ ۾ لکي)

مطلب:

۱. ٽيٽيهن جي ٽين پتي، نو تيرنهن جو اڌ، ڇڪو لڳو پنجن تي، ليکو ويٺو ٻڌ.

(ھيءَ داخلا واري صورت محمد جواد کان ملي، جيڪا ھن جواب سان گڏ لکي.) (جواب: يارنهن)

۲. ٽيٽيھن جو ٽيون حصو، نو تيرنھن جو اڌ، پنجو لڳو ڇڪي تي، ھي ليکو ويھي ٻڌ!

(ھيءَ داخلا واري صورت انجنيئر امرت پناڻي صاحب کان ملي، جيڪا ھن پنھنجي فيسبڪ پوسٽ تي شيئر ڪئي. اھو ئي ھن پوسٽ جو محرڪ آھي.)

۳. پنجو لڳو ڇڪي تي، نائين تيرھين جو اڌ، ٽيٽيھن جي ٽين پتي، ليکو ويھي ٻڌ!

(ھيءَ داخلا واري صورت حفيظ عباسيءَ کان ملي، جيڪا ھن پنھنجي والد صاحب کان پڇي، ڪمينٽ ۾ لکي)

۴. ٽيٽيھن جي ٽيجھي پتي، نو تيرھين دا اڌ، پنجين تي ڇڪا لڳا، ليکا لالڻ ٻڌ!

(ھيءَ داخلا واري صورت احمد علي صابر چانڊيو کان ملي، جيڪا ھن فيبڪ پوسٽ جي ڪمينٽ ۾ لکي)

No comments:

Post a Comment