شاھه اصطلاح ساز
سنڌ ڌرتيءَ کي قدرت واري، جن لاتعداد نعمتن ۽ سکن سان نوازيو آهي، تن مان هڪ نعمت آ ٻولي، جنهن کي
پنھنجي رسم الخط ۽ پنھنجو گرامر آهي. ان ٻوليءَ کي قائم رکڻ واسطي، منجهس رس چس ايتري رکي
اٿائين جو، ان جا ڳالھائيندڙ، ان سان بيحد محبت ڪن ٿا. نتيجي طور، ان جي واڌ ويجهه
لاءِ دامي درمي، قدمي سخني، مسلسل محنت ۽ مشقت ڪندا اچن ٿا. شعر چوڻ، ڪھاڻيون لکڻ، مضمون جوڙڻ، مقالا سٽڻ
سان گڏوگڏ، ڪتابي شڪل ۾ آڻي، انهن کي ڇپرائڻ جو انتظام پڻ ڪندا رهن ٿا. ٻوليءَ کي لکت ۾ قائم
رکڻ جو، اهو يقيني ذريعو آهي، جيڪو هو هٿان وڃائين نه ٿا.
علم
و ادب جي صنفن منجهان، وڌ کان وڌ جاذب الذھن
صنف شعر گوئي آ، جيڪا سماعت
خراشيءَ جي عياشي پڻ مھيا ڪري ٿي. ان صنف اندر،
آڳاٽن عالمن اديبن ته پاڻ موکيو آهي، پر اڄ به لاتعداد شاعر پنھنجو وقت ڪڍي، ان کي
قائم رکيو اچن ٿا. اها لکت ۾ اچڻ کان پوءِ، ڳائڻن ۽ ٻڌندڙن، سازيندن ۽ سخن چين
شخصن جي پسند جو موضوع پڻ رهي ٿي.
علم و ادب ۾، ٻوليءَ
جا کوڙ لڪل پھلو، شعر ذريعي اجاگر ۽ محفوظ
ٿي سگهن ٿا. آڳاٽي اساسي
شاعري، ان جو وڏو ثبوت آهي. سنڌ جي جن وڏن عالمن، شعر گوئيءَ ۾ پاڻ موکيو آهي تن ۾ قاضي قادن، ميون شاھ عنايت، مخدوم محمد زمان لنواريءَ
وارو، عبدالرحيم گرهوڙي، شاھ
ڪريم، شاھ لطيف، سچل، سامي ۽ بيدل بيڪس وغيره اچي وڃن ٿا.
مڙني اساسي شاعرن منجهه، شاھ عبداللطيف رحه جو مقام، سرتاج
الشعراءَ وارو آهي. کيس آفاقي شاعر چئجي ته بجا رهندو. هند سنڌ اندر، شاعريءَ منجهه،
شاھ عبداللطيف رحه جو مٽ يا ثاني نظر نه ٿو اچي. سندس ڪلام، ٻوليءَ ۾ نه فقط لفظن
۽ ورجيسن، اصطلاحن ۽ محاورن، پھاڪن ۽ چوڻين جو خزانو مھيا ڪندڙ آهي پر، منجهس جيڪو پيغام آهي سو پڻ آفاقي ۽
لافاني آهي. توحيد جي پرچار سان گڏ، قرآن ۽ حديث، تاريخ ۽ تھذيب، جاگرافي ۽ ماڳن مڪانن، مندن
۽ موسمن، فصل ڦاڙيءَ ۽ خودرو ٻوٽن جي معلومات به پوري پڪي ۽ ججھي فراهم ڪندڙ
آهي. ڪٿي به جهول ۽ خم، ٽيڙ ۽ ڏِنگُ نظر نه ايندو. جنھن به مٿس، جيتري تحقيق ڪئي آهي، کيس
ماڻڪ ئي مليا آهن. هزارين نه بلڪ لکين ماڻهو، سندس فيض جي درياھ ۽ درگاھ مان بهره-ور ٿيا آهن،
ٿيندا رهن ٿا ۽ تاقيامت ٿيندا رهندا.
شاھ
صاحب جي ڪلام تي اڃا به تحقيق جاري آهي. جيتري تحقيق ٿي آهي، ان مان ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ اڃا کوڙ پھلو ۽ گوشا اهڙا پاسائتا پيا آهن جو انهن تي مزيد تحقيق جي ضرورت آهي. اڃا ٻنڀا
پٽبا، راهون نڪرنديون. جيئن دروازا کلندا، تيئن
ٻوليءَ کي جٽادار ڪرڻ سان گڏ، علم جي گم گوشن کي
به نروار ڪندا ويندا.
لطيف، سير ۽
سفر جو سيلاني به آهي ته سونهون به، راهرو به آهي ته راهبر به، حاذق حڪيم به آهي
ته ڏونگر ڏوريندڙ ۽ ڏاريندڙ به. سندس شاعري،
دنيا جي چوٽيءَ جي شاعرن جي شاعريءَ سان ڪرُ ساهي ۽ بَرُ ميچي بيٺي آ.
منجهس شستگي به آهي ته شائستگي به، رواني به آهي ته راھ-نمائي پڻ، لوڇ به آهي
ته لوچ به، سوچ به آهي ته ساءُ به، ٻولي به آهي ته علم به.
شاھ صاحب پنھنجي ڪلام اندر جيڪا ٻولي ڪتب آندي آهي، سا لوڪ جي
پنھنجي آهي، جيڪا ان دور ۾ مرد به سمجهي پئي ته عورت به، جوان به سمجهي ۽ ڳالهائي پئي ته
ٻڍي به. اها فقط سگهڙ ۽ سپورنج ئي مڙني شعري صنفن ۽ تجنيسن کي استعمال ڪندي، سرجي ۽ رائج ڪري ٿا سگهن.
تجنيس حرفيءَ کان تجنيس ايهام تائين، منجهس صنعتون ۽ ترڪيبون ڪتب آنديون
اٿائين. هڪ هڪ شعر،
پنھنجو مٽ پاڻ آهي. لفظ، منڊيءَ تي ٽڪ وانگر جڙيل، گهڙت سون جي گهڙاوت کان وڌيڪ
نفيس ۽ جٽادار، استعارا ۽ تشبيهون، اصطلاح ۽ ورجيسون، پھاڪا ۽ چوڻيون، پروليون ۽
ڳجهارتون منجهس ائين حل ٿيل آهن، ڄڻ ٺھيا ئي ان شعر خاطر هيا. شعر ۾ رکيل ٻِٽَ ۽
لفظن جو ايهام پڙهندڙ کي سوچڻ ۽ گهرائيءَ يا گيرائيءَ ۾ وڃڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اندر پيل
سپون سوجهي ڪڍ ۽ جهول ڀر.
سندس
ڪلام اندر، فارسي ۽ بلوچي، هندي ۽
علائقائي ٻولين جا لفظ ته استعمال ٿيل ئي
ٿيل آهن پر قرآن ۽ حديث جا
فقرا پڻ تلميح ۽ تضمين طور، ڪتب آڻي ڪمال ڪيو اٿائين.
سندس
ٻولي، جيئن مطالعو ڪر، تيئن نھايت
نرالي ۽ نت نئين پئي ڀانئجي. عالمن اديبن اهڙي خيال آرائي، وقتًا فوقتًا پئي ڪئي
آهي. جنھن ۾ سندس ٻوليءَ ۽ منجهس استعمال ٿيل
لفظن ۽ فقرن تي پنھنجا ويچار، پنھنجي نوع ۾ ويھي ونڊيا اٿن.
شاھه
جو ڪلام، صنايع و بدايع (ڪاريگري ۽ سونهن) جو
نمونو ته آهي پر
سنڌ خطي جي تاريخ ۽ جاگرافي، لوڪ داستانن ۽ لوڪ روايتن جو امين پڻ آھي. صنايع
بدايع منجهس
ايتريون ۽ عجيب خوبيون پيدا ڪيون آهن
جو انوکو ۽ آفاقي معلوم ٿيڻ سان گڏ
”آيتون آهين“ ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪجيو وڃي.
منجهس ڪتب آيل صنعتن، ان کي ڪمال جي پد تي پھچايو آهي. ڪلام جو اعجاز، آهي ئي صنايع بدايع، جنھن کي فصاحت ۽ بلاغت جي ڄاڻن، ڪلام جي محسنات ۽ محصنات منجهه شمار ڪيو آهي. ”صنعتن جي استعمال سان، ڪلام جي
آرائش ۽ زيبائش ۾ اضافو ايندو آهي. مگر انهيءَ سلسلي ۾ هڪ حد مقرر ڪيل آهي، جيئن
ڪلام جي مفھوم ۽ معنيٰ ۾ خلل نه پوي. ائين نه ٿئي جو محسنات پيدا ڪرڻ بدران
ڪلام، عيبن جي تير جو نشانو ٿي وڃي ۽ سخن،
الفاظ جو گورک ڌنڌو بڻجي وڃي. شاھ جي ڪلام ۾ صنايع
جو استعمال ڏاڍي احسن نموني نظر اچي ٿو، ۽ ان ۾ ڪنھن به تُڪلف ۽ ٺاھ، شڪ ۽ گمان جو موقعو
نٿو ملي. شاھ صاحب جو ڪلام، بلاغت نظام، صنعت ۽ حرفت جو خزانو آهي“. (¶)
محترم
سيد اظھر گيلاني صاحب، شاھ صاحب جي ڪلام اندر، موجود
صنعتون هيءُ ڄاڻايون آهن؛
صنعت لف و نشر، صنعت ايھام، صنعت قطار البيعر، صنعت تجريد، صنعت طباق يا تضاد،
صنعت مراعات النظير، صنعت سرحروفي يا
تجنيس خطبي، صنعت ترڪ الحروف، صنعت عڪس و طردد،
صنعت تفريق، صنعت اشتقاق، صنعت تعجب، صنعت سھل ممتنعه، صنعت مبالغه يا اغراق، صنعت
اطراد، صنعت ايراد المثل، صنعت تضمين، صنعت حس التعليل، صنعت استبدارڪ، صنعت تڪرار، صنعت جمع و تقسيم ۽ صنعت حسن تعلي.
نه
فقط ڪلام پر ڪتب آندل ٻولي به انوکن الفاظن
۽ نرالين ورجيسن، سھڻن اشعارن، بھترين
تشبيھن ۽ جاندار اصطلاحن جي جڙاوت سان جنجھيل
آهي. هر علائقي جي محاوري ۽ لھجي جي پڻ ائين
جو ائين ترجماني ڪئي وئي آهي، جنھن سان ٻولي پنھنجون جڙون عوام/ لوڪ ۾ پختيون ڪري، جٽادار ٿي پئي آهي. ”ھر آکاڻيءَ ۾ اھو ئي
ماحول ۽ منظر برقرار رکڻ لاءِ، جيڪي اصلي الفاظ ۽ مقامي محاورا استعمال ڪندو هليو
آهي، سي ته سون تي سھاڳي جو ڪم ڪن ٿا. سھڻي ميھار جي سُر ۾؛ ترها ۽ تان، سائر ۽
سير، ڪرڳل ۽ ڪُنَ، ڌڌڪا ۽ دهشت، لهريون ۽ لڙ، اوڀارا ۽ آر، ڪپر ۽ ڪڙڪا، اڇل ۽ ٻڇل،
لس ۽ ليٽون، چڪڻ ۽ چيٽيون،
ٻيلا ۽ ٻيلاٽيون، ڪچا ۽ ڪانھ، چڙا ۽
لار، دونهيون ۽ ڌراڙ، ڪنڍيون ۽ وَڇون ڏيکاريندو هليو آهي. وري سُر مومل ۾، راڻا ۽
راجپوت،
پان ۽ سوپاريون، ڍوليا ۽ ڍٽ، ڪرها ۽ وڳ نظر اچن ٿا.
اهڙيءَ
طرح عمر مارئيءَ جي ذڪر ڪندي، کائر ۽ پائر،
جهنگ ۽ جهانگي، ڏٿ ۽ ڏوٿي، کوهر ۽ ٿوهر، وڄون ۽ وسڪارا، پلر ۽ واهوندا، ڀٽون ۽ ڀاڻا، لُلُر ۽ ليار پيا پسجن. سر سسئيءَ ۾ گؤنرا ۽ گس، مياڻ ۽ منزلون، پٻ ۽ هاڙهو، لس ۽ ٻيلو، جت ۽ جماري، برفت ۽ بلوچ، ڪانڀو ۽ ڪارو، پٽيون ۽ پھاڙ، وندر ۽
وڻڪار، رڃون ۽ رولا، جهڪون ۽ جهولا،
ڏونگر ۽ ڏاکڙا، ڏکيءَ واٽ جا ڏَسَ ڏيندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سر
سامونڊيءَ ۾ لھريون، لس ليٽ،
ٻيڙا ۽ غوراب، ڦرها ۽ ڊونڊيون، سڙهه ۽ لاڄو، پڳهه ۽ کوها، معلم ۽ ناکئا، ننگر ۽ ناريون،
بندر ۽ بازاريون، نظر چڙهن ٿيون ته
نوري ۽ ڄام تماچيءَ جو قصو ڪندي، ميئن ۽ مهاڻين، گولين
۽ گندرين، ککين ۽ کارين، ڏوراين ۽
ڄارين، بِھن ۽ لوڙهن، مڇين ۽ مانگرن، ملاحن ۽ ميربحرن جا ذڪر اذڪار ڪري ٿو. شاھ
صاحب، اهڙيءَ طرح، هڪ علائقائي ٻوليءَ ۾ روح ڦوڪي مالا مال ڪري، ان کي هڪ ڪامل ۽
مڪمل زبان هئڻ جو شرف بخشيو“. ()
ٻولي، سلاست ۽ بلاغت جي پد تي تڏهن پھچندي آهي، جڏهن منجهس
قدامت ۽ جدت جي آميزش سان ڌرتيءَ تي مروج اصطلاح ۽ ورجيسون، استعارا ۽ ڪنايا،
تشبيهون ۽ تمثيلون، پھاڪا ۽ چوڻيون، منڊيءَ تي ٽڪ جيان ٽانڪي ۽ ٽوپي
سجائجن. شاھ جو سمورو ڪلام، شعر جي انهن خوبين سان پڻ ٽٻٽار ۽ ٽِنڊڙيل آهي. شاھ صاحب جي
شعرن جون ڪي سِٽون ۽ تُڪون، اصطلاحن ۽ پھاڪن جي طور تي ڪم اينديون رهن ٿيون. اهو
رتبو، صرف عوامي شاعر جي شاعريءَ کي حاصل هوندو آهي.
پاڻيءَ
مٿي جهوپڙا، مورک اڄ مرن.
گهڙيا، سي چڙهيا.
ڇُٽا
ڦٽ ڇڙي پوڻ.
سوري
جنين سيج، مرڻ تنين مشاھدو.
هيڏا
هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
ھو ڇنن، تون مَ ڇِنُ.
تڏهن
ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن ٿئين امر
الاهي.
سي
سُتا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.
هيءَ
هڏ وهاڻي، ڪڙُهه ڪالهوڻي ڏينھن کي.
سگهن،
سُڌِ نه سور جي.
تو
جنين جي تاتِ، تن پڻ آهي تنھنجي.
ٻڏيءَ
جا ٻيڻا ٿين.
رڳون
ٿيون رباب.
انڌا
اونڌا ويڄ.
ڪاتيءَ
ڪونهي ڏوھ، ڳن وڍيندڙ ھٿ ۾.
پڙاڏو، سو سڏ.
اگهي
ڪائو ڪَچُ.
کٽين
جي هارائين، هنڌُ تنھنجو هيءُ.
سوريءَ
سندرو ٻڌڻ.
شاھ
جا هزارين بيت، ماڻهو روزمره جي ڪچھرين ۾ ڳالھه کي چٽو ڪرڻ لاءِ چوندا ۽ پڙهندا
آهن. شاھ جو ڪلام، ماڻهن جي زبانن، دلين ۽ رڳن ۾ محفوظ آهي. جيترا شاھ جي ڪلام جا
حافظ آهن، اوترا دنيا جي ڪنھن به شاعر جي ڪلام جا نه آهن. اها اهميت صرف عوامي
شاعريءَ کي نصيب ٿيندي آهي“. (·)
ٻوليءَ
جي معمارن جي ڪٿ، لفظن جي جوڙ جڪ ۽ تور-تڪ مان پرکي سگھبي آهي.
ان ڪسوٽيءَ تي شاھ، اعليٰ مقام تي آهي.
چوٽيءَ جي شاعرن ۽ معمارن، سخنورن ۽ سپورنجن
جي ڪلام سان اگر سندس ڪلام ڀيٽجي ٿو ته به عقل دنگ رهجيو وڃي ۽ مت کي مات اچيو
وڃي. ”شاھ عبداللطيف جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ لاءِ، ڪنھن ڪرشمي کان گهٽ نه آهي. لطيف
جي شاعريءَ ۾ اندر جا اڌما جي ملن ٿا،
انهن کي لفظي لباس پھرائي پيش ڪرڻ، لطيفي
ڏات ۽ ڏاهپ جو ئي حصو آهي. لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ درياھ جا سِيرَ ۽ سَنڌا، ڪنڌيون ۽ ڪنارا، ڀَرَ ۽ ڀڪون، ڪچا ۽
ڪيٽيون، جهر ۽ جهنگ، ٻيلا ۽ هڙيون، ڍنڍون ۽ ڍورا، واهه ۽ واهڙ، ڪڙيا ۽ ڪسيون، کيت ۽ کڙا،
ميدان ۽ ماڙيون، ٿر جون ڀٽون ۽ ڀِڙا، ٻُڪَر ۽ ٻائُڙيون، سَرَ ۽ ٽوها، ڏَهَرَ ۽
ڏنيون، ڪَسَ ۽ ترايون ته ڪوهستان جا ڏونگر ۽ ڏيل، لڪ ۽ لاهيون، چوٽيون ۽ چاڙهيون،
گس ۽ پيچرا، راهون ۽ رند ته لاڙ جا ڦاٽ ۽ ڦڙها، کارو ۽ کيڙائو، ڌُٻَڻ ۽ ڌاٻن جو
نھايت ئي سھڻن لفظي صنعتن ۽ ترڪيبن، تجنيسن ۽ استعارن، تشبيھن ۽ تمثيلن ۾ پيش ڪندي، منجهن اهڙو ته موسيقي ۽ ترنم جو روح ڦوڪيو آهي، جو اڄ به پڙهڻ کان پوءِ، انسان تي
وجداني ڪيفيت طاري ٿيو وڃي.
لطيف، سنڌي ٻوليءَ جي معمار جي حيثيت ۾، جي نيون لفظي
ترڪيبون ۽ نوان لفظ گهڙيا آهن، سي نه رڳو رسالي جي سونهن ۽ سينگارُ آهن، پر سنڌي
ٻوليءَ لاءِ خزاني جون ڀريل خرزينون پڻ آهن، جن مان اڄ به اسان جا اديب ۽ شاعر، پاڻ کي مالا
مال ڪندي، جڳ کي جرڪائي رهيا آهن“. ()
لفظن ۽ حرفن جي ڪاريگري ۽ صنعت گري، شاھ صاحب کان پوءِ دنگ
آهي. ڇو جو اها حرفن جي هيراڦيريءَ، سطحي لٻاڙ، تقليدي مواد، جذباتي تقرير يا ترجيحي بيان ۽ خوشامد
کان گهڻو مٿانهين آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪلام جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ ته
اوکو آهي پر سنڌي ٻوليءَ ۾ شرح لکڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. ”’شاھ‘ جي شرح جو ڪم
هونئن ته تمام وڏو آهي، پر اهو به سکيو ۽ سولو تڏهن ٿيندو، جڏهن ڪو بلند حوصلو
ماڻهو، ان ڪم کي مخلصانه طور، پايه تڪميل تي پھچائڻ لاءِ ميدان تي ايندو.
بيشڪ!
’شاھ‘
جي شرح لاءِ دقتون آهن، اهي به نظر انداز ڪري نه ٿيون سگهجن. اسان جي شارحن ۽ ناقدن، اڄ تائين ’شاھ‘ کي محض صوفي پئي سڏيو آهي. حالانڪ، شاهه کي رڳو صوفي چوڻ به غلط آهي ۽ جاهلانه به. گذشته را صلوات.
اڄڪلھه، ’شاهه‘ تي ڪم ڪندڙ اهڙا ماڻهو هئڻ گهرجن، جن جي نگاهه قرآن، حديث، فلسفي،
تصوف، قديم توڙي جديد ادب و شعر، عمرانيات، سائنس ۽ جديد فلاسافيءَ تي نه فقط
ناقدانه هجي، پر عارفانه به هجي. ان سان گڏ، انساني شعور ۽ فڪر جا مختلف النوع
پھلو ۽ مدارج به سندن مطالع ڪيل هجن؛ شعر جي صحتمند فني ارتقا کان به واقف هجن. هن ملڪ جي شاعريءَ، خاص طور ڪلاسيڪي فن سان به شغف هجين؛ اطلاقي ۽ اشراقي تصوف، نوفلاطونيت ۽
ويدانت جو تحقيقي مطالعو به رکندا هجن؛ ان کان سواءِ، سنڌي زبان، بالخصوص شاھ جي لاڙي لھجي جي
محاورات، مصطلحات، مشتقات ۽ ضرب الامثال
تي به ڪامل عبور حاصل هجين. سون تي سهاڳو اهو ته هندي، عربي ۽ فارسي زبانن جي
شاعريءَ تي به ڪامل دستگاهه رکندا هجن. يقين آهي ته اهڙا ماڻهو، هن بحر ذخار ۽ دريايي ناپيدا ڪنار جي غواصي ڪري سگهندا. ٻين جي جاءِ ناهي.“ (¶)
گرامي
صاحب جي پيش ڪيل، مٿئين خيال مان هڪ ڳالهه عيان آهي ته ’شاھ‘ کي سمجهڻ
۽ سمجهائڻ يا شرح ڪرڻ لاءِ، مختلف النوع علوم جي ڄاڻوءَ
جي ضرورت آهي، جيڪا في زمانه مشڪل آهي. مخصوص
علم جو ڄاڻو، پنھنجي زاويي ۽ نظريي سان
کيس پرکيندو ۽ مطلب جا موتي پيو چڳندو. رس چس ۽ حظ
حاصل ڪندو، جڏهن ته شرح کان قاصر هوندو.
شارحين-’شاھ‘، ڇلانگون
ته ڏنيون آهن، شرح نه ڪري سگهيا آهن. ڪنھن نه ڪنھن علم جي کوٽ سبب، بحر بي ڪران جي
تلاطم ۾ گم ئي ٿيا آهن. ٻيا علوم ته
ڇڏيو، ٻوليءَ/ زبان سان وابسته علمن جا به ڄاڻو، ’شاھ جي ڪلام‘ جي لفظن ۽ فقرن جي پوريءَ طرح شرح نه ڪري سگهيا
آهن. مستعمل محاورن ۽ اصطلاحن، ورجيسن ۽ تلميحن کي اصلي حالت ۾ پرکڻ ۽ پرجهڻ کان سواءِ ڪلام کي سمجهڻ جي دسترس ئي ممڪن ناهي.
شعر
جي اندر اصطلاح ۽ ورجيسون، پنھنجي مصدري موجودگيءَ سان ائين ته جڙيل آهن جو انهن
کي وڏي ڄاڻ وارو ئي سمجهي ۽ نکيڙي سگهي ٿو.
ورنه ته ڪيترا شارح ته ان مونجهه ۾ آهن ته اهو لفظ يا فقرو، فقط مصدري حرف آهي يا اصطلاح، ورجيس آهي يا
محاورو. ڇو جو پنھنجي ڪلام جي اندر جيئن
تجنس حرفيءَ سان شعرن کي مزين ڪيو اٿائين، ان جو مثال
ٻئي ڪنھن شاعر جي ڪلام ۾ ملڻ محال آهي. ”شاھ لطيف جي ڪلام مان هيءَ ڳالهه عيان آهي ته ان ۾
تجنيس حرفي تمام گهڻي ڪم آندل آهي. ان ڪري به بيت ۾ استعمال الفاظ، هڪ قسم جا
اصطلاح پيا معلوم ٿين. حالانڪ ڪيترا الفاظ اصطلاح نه آهن، بلڪ تجنيس حرفي ۾ ڪم
آندل ڪلام جي وڏي نزاڪت کي نروار ڪندڙ آهن.“ (·)
معنويت
۽ مام کان وانجهيل لفظن جو استعمال به فقط لفاظي ۽ لٻاڙ ٿيو وڃي، جڏهن ته اصطلاحي ۽ ورجيسي الفاظ، معنيٰ ۽ مفهوم سان
گڏ مام ۽ فصاحت پڻ رکندا آهن. جملي جي اندر استعمال ٿيڻ کان پوءِ، پنھنجي نرالي
معنيٰ ۽ مفهوم کي اجاگر ڪندي، ڪلام يا ڳالهه کي رنگين ۽ پرڪشش بڻائيندا آهن. بنا
اصطلاحن واري لکيت، بي چَسي، ڇَسي ۽ ٻُسي هوندي آهي. ”مجموعي طرح سان، اصطلاح، ’اهڙا الفاظ‘ آهن، جن
جي ظاهري معنيٰ ۽ مطلب هڪڙو هجي، پر اصل معنيٰ ۽ مطلب ٻيو هجي. اها معنيٰ جيڪا سوچ
ويچار ۽ اونهي اڀياس سان ظاهر ڪئي ويندي هجي، يعني ’ڪنھن
لفظ جي ٻي خاص معنيٰ کي اصطلاح سڏبو آهي.‘
فني
لحاظ کان ڏسبو ته اصطلاح جي جوڙجڪ ۽ مطلب،
پھاڪن کان بلڪل مختلف آهي. هيءُ رڳو هڪ يا ٻه لفظ آهن، جن جو ظاهري مفهوم هڪڙو ته
باطني مفهوم ٻيو آهي. مگر پھاڪن جي بيھڪ ۾ ڪجهه لفظن جو اهڙو ميڙ آهي، جنهن جي
باطني معنيٰ ڪا نه آهي.
اصطلاح به تمام پراڻا آهن. ٻوليءَ جو سينگار ۽ سونهن آهن. سندن معنيٰ به وسيع آهي. هيءُ جيتوڻيڪ مشاھدات ۽ زندگيءَ جي تجربات سان واسطو رکندڙ نه آهن. پر ٻوليءَ لاءِ وڏي وقعت وارا آهن. اصطلاح، جيتوڻيڪ تاريخ ۽ جاگرافي ظاهر ڪندڙ ڪين آهن، پر
ٻوليءَ جا موتي مڻيادار آهن، جن سان ٻولي تمام سوادي ۽ زود اثر بنجيو پوي ٿي. مطلب ته اصطلاح توڙي پھاڪا، ٻوليءَ جي
وڏي وٿ، وڏي اهميت ۽ حيثيت جا حامل آهن.“
()
مٿي
پيش ڪيل حوالي مان معلوم ٿيو ته ڪيترن شارحن کي تجنيس حرفيءَ سبب، ڪي لفظ اصطلاح
ٿا لڳن، جيڪي حقيقت ۾ آهن ئي ڪو نه. شاھه صاحب، جهڙي سُچتائيءَ سان اصطلاح ۽
ورجيسون استعمال ڪيون آهن، تن کي اگر سولائيءَ سان پرکڻ ممڪن ناهي، ته پوءِ سندس ڪلام کي سمجهڻ
۽ سمجهائڻ ڪيترو آسان هوندو؟! ڇو جو، سنڌيءَ جا استاد ۽ اديب، عالم ۽ شارح، اصطلاح
۽ محاوري، محاوري ۽ لھجي، مصطلحات ۽ ٽرمينالاجيءَ جي فرق کي سمجهڻ ۾ مونجهاري جو شڪار آهن. جنھن
سبب ’شاھ جي
ڪلام‘ جو شرح، جنھن روح سان ٿيڻ گهربو هيو، سو ٿي نه سگهيو آهي.
مٿي جن مونجهارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، تن جي چٽائي ته
ڪري سگهجي ٿي پر انهيءَ منجهيل سُٽَ کي سلجهائڻ هاڻي ممڪن به نه رهيو آهي. ڇو جو ڪن جو سٽُ موڙھل آھي ته ڪن جي متِ. ان ڳالهه کي کولي سمجهائڻ ۽ چٽائي ڪرڻ لاءِ، اول انهن صنعتن
جي صفن کي سمجهڻ جي سعي ڪيون ٿا. بعد ۾ منجهن، منجهيل سُٽَ جي نشاندهي ڪيون ٿا.
اصطلاح
”اصطلاح
معنيٰ: صلح ڪرڻ، ڪنھن لفظ جي ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ.“
(¶)
مثال
ڏيئي سمجهائڻ بعد، سنديلو صاحب لکي ٿو؛ ”اصطلاح جون ٻه معنائون آهن؛ هڪڙي مقرر
ٿيل، جنهن کي ’لغوي يا اصلي‘
معنيٰ چئجي ٿو. ۽ ٻي رواجي، جنهن کي اصطلاحي معنيٰ چئجي ٿو. تنھن ڪري ’اصطلاح‘ جي معنيٰ
ٿي؛ رواجي معنيٰ يا مطلب“. اڳتي لکي ٿو؛
”اصطلاح کي ورجيس، به چوندا آهن.“
هڪڙو
مونجهارو، اتي ظاھر ٿيو ته شاھ جي ڪلام ۾ مستعمل
لفظ جي معنيٰ لغوي/ اصلي وٺجي يا رواجي مطلب واري.
محاورو
”’محاورو‘ لفظ جو
عربيءَ ۾ اچار آهي؛ محاورت. اھو ’حاور‘ يا ’حور‘ فعل مان
نڪتل آهي. جنھن جو مطلب آهي، ’موٽائڻ، ورندي ڏيڻ.‘ پوءِ
انهيءَ جي معنيٰ ۾، وستار ٿي
ويو آهي. پلاٽس انهيءَ لفظ جون اردو-هندي
ڊڪشنريءَ ۾ معنائون ڏنيون آهن.
۱ . گفتگو، ڳالهه ٻولهه،
۲ . اصطلاح، لفظي ميڙ، عام ڳالهه ٻولهه جو طريقو
۳ . ٻوليءَ ۾ استعمال
۴ . روايت، پرمپرا، عادت.
جامع
سنڌي لغات ۾ ’محاورو‘ لفظ جون معنائون هن ريت ڏنل آهن.
محاورو
ج محاورا:- مذڪر: (عربي حور = هن
ورائي چيو) گفتگو_ ٻول چال
ڳالهه ٻولهه_ سوال جواب. علم نحو موجب اهو جملو، جنھن جي لفظي معنيٰ
هڪڙي هجي ته ڪنايتًا معنيٰ ٻي هجي. مثلاً: ”اکيون پورڻ“ = بي شرم ٿيڻ، مرڻ“ وغيره.
اصطلاح_ ورجيس، استعمال_ اڀياس_ ساڌنا_ مشق_ آزمودو_ تجربو.“ (·)
هتي ٻئي مونجهاري ڪَرُ کنيو آهي. يعني؛ اردوءَ جي
لغت منجهه محاوري جون چار معنائون، جڏهن ته سنڌي لغت منجهه ٽي معنائون ڏنل آهن.
مرليڌر
جيٽلي صاحب، محاوري کي اصطلاح
ئي سمجهي ٿو، جنھن ڪري ’محاورو يا
اصطلاح‘ جي وصف
بيان ڪندي لکي ٿو؛ ”محاورو يا اصطلاح، اھو مروج استعمال آهي، جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري
معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ ڏيندو آهي. مثال طور: ”ڪملا، ساهيڙين
واتان اِها ڳالهه ٻڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي“؛
انهيءَ جملي ۾ ’پاڻي پاڻي ٿيڻ‘ هڪ محاورو يا اصطلاح آهي، جنھن جو مطلب آهي؛ ’لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ‘.“ ()
جيٽلي صاحب، محاورو ۽ اصطلاح لفظن کي هڪ ٻئي جو
مترادف ٿو سمجهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي بيان ڪيل اصطلاح واري معنيٰ سان نا اتفاقي ظاھر ڪندي لکي ٿو؛
”جامع سنڌي لغات ۾ ’اصطلاح‘ لفظ جي اڻپوري معنيٰ ڏنل آهي. اها آهي؛ ڪنھن ڌنڌي يا فن جو
لفظ_ورجيس. ٻئي طرف، انهيءَ لفظ جي صفت روپ ’اصطلاحي‘ ۾ وڌيڪ معنيٰ ڏنل آهي؛’محاوري واري
مشهور معنيٰ کان سواءِ ٻي خاص معنيٰ رکندڙ (لفظ)‘“. ()
ورجيس
سنڌ
جا عالم اديب جھڙوڪ؛
گهنشامداس رامنداس، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو،
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب، ورجيس ۽ اصطلاح کي هڪٻئي جو نعم البدل/
مترادف
سمجهن ٿا. جڏهن ته هند جا اديب، ساڻن اختلاف رکن ٿا.
”محاورو يا اصطلاح، معنيٰ جي لحاظ کان ورجيس کان الڳ آهي. حقيقت ۾ ورجيس اهڙو
لسانيات استعمال آهي، جيڪو
اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آهي. پر اهو ڪنھن خاص روپ ۾ مروج ٿي ويندو آهي. جنهن
ڪري ٻين مروج استعمالن وانگر، ان کي به ايڪائي
وصف حاصل ٿي ويندي آهي. مطلب ته ان جي روپ ۾ اسين مرضيءَ مطابق ڦيرگهير ڪري نه ٿا
سگهون. اردوءَ جي عالمن، اهڙن استعمالن کي
’روزمره‘ يا ’ٻول چال‘ نالو ڏنو آهي.“ (¶)
جيٽلي
صاحب، ورجيس بابت جامع سنڌي لغات جون معنائون ڄاڻائڻ بعد، ص ۵۶ تي لکي
ٿو؛ ”انگريزيءَ ۾ محاوري (اصطلاح) ۽ ورجيس کي گڏائيIdiom
سڏيو
وڃي ٿو.“
سڄي
بحث کي، هڪ نڪتي تي مجتمع ڪندي، ھيئن پورو ڪيو اٿائين؛ ”هنديءَ ۾ توڙي ٻين ڪن ٻولين ۾ ودوانن محاوري، اصطلاح ۽
ورجيس جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي خاص ٽيڪنيڪي لفظ گهڙيا آهن. جيئن ته؛ واڪ-پڌتي، واڪ-ريتي، واڪ-ويوهار،
واڪ-سمپردايه، واگ-ريتي، واگ-ڌارا وغيره. اهڙن
لفظن جو گهڻو پرچار ٿي نه سگهيو آهي. هنديءَ ۾ عام طور ’محاورا‘ لفظ ئي
اهڙن مروج استعمالن لاءِ ڪتب ايندو آهي“. (¶)
هڪڙي
ڳالهه نکري نروار ٿي ته هنديءَ جا عالم اديب، اصطلاح ۽ ورجيس کي محاوري جو مترادف/ نعم البدل
سمجهن ۽ سڏين ٿا. کانئن متاثر، اردوءَ ۽ سنڌيءَ جا اديب ۽ محقق پڻ ساڳي راءِ جا آهن. جڏهن ته سنڌ جا آڳاٽا ۽ عربيءَ جا ڄاڻو اديب
۽ محقق، محاوري ۽ اصطلاح کي هڪٻئي کان جدا
سمجهن ٿا ۽ ورجيس کي اصطلاح
جو مترادف سمجهن ٿا.
چوٿون
مونجهارو اهو آهي، جنھن شاھ جي ڪلام منجهه اصطلاحن جي تحقيقي ڪم کي منجهائي، پوئتي ڪري ڇڏيو آهي.
مونجهاري
۾ ڦاٿل، عالم اديب، ’شاھ جي ڪلام‘ جو شرح ڪرڻ ۾ مٿي
ڄاڻايل اختلافن سبب، اصل
ڳالهه کي تِڙِ ڪرڻ ۾ پوئتي پيل آهن. اهي ئي ڪارڻ آهن جو ’شاھ جي ڪلام‘ جي
اصطلاحي لغت اڄ تائين جڙي نه سگهي آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ عالمن اديبن، پنھنجي محنت ۽ ڪوشش پئي ورتي آهي، جيڪا خاطر خواه نتيجو ڏئي نه سگهي آهي.
تنھن ھوندي به جيڪا ٿوري ٿڪي ڪاوش ٿي آهي،
سا سنگ ميل طور پيش ڪجي ٿي ته جيئن ڪنھن هڪ رُخ تي هلي، ’شاھ جي ڪلام‘ جي
اصطلاحي لغت جڙي سگهي ۽ ان جي شعر کي اصطلاحي/ ورجيسي انداز ۾ پرکي/ سمجھي ۽ سمجهائي سگھڻ جون واٽون
کلي پون.
سنڌ
جي جن عالمن، Idiom کي اصطلاح/ ورجيس
سڏيو آهي، تن وٽ محاورو جي معنيٰ dialect ٻول چال- گفتگو- لهجو آهي.
هڪڙن
محققن اصطلاح کي عربيءَ واري اصطلاحي معنيٰ ۾ سمجهيو ۽ پرکيو آهي. سندن سمجهه ۾
اصطلاح ان لفظ کي سڏجي ٿو، جنھن کي انگريزيءَ ۾ Idiom چوندا آهن. يعني اهو فقرو جيڪو مصدر سان گڏ هجي ۽ جملي ۾ مصدري
شڪل مٽڻ سان معنيٰ پڻ مٽي. اصطلاحن
بابت اھا راءِ رکندڙ، هيٺ ڄاڻايل محقق آهن.
۱ . گهنشامداس رامنداس؛’سنڌي
ٻولي جي سونهن‘ ۾Idiom کي ورجيس ۽ اصطلاح سڏيو آھي.
۲ . ايم جي شاھاڻي،
پنھنجي ڪتاب A Hand Book of Sindhi Idioms (with English
renderings & equivalents) (ٻيو
ڇاپو، ۱۹۸۷ع) منجهه Idiom جو سنڌي نعم
البدل نه لکيو آهي. البته لغت منجهه معنائون، اصطلاحن جون پيش ڪيل آهن.
۳ . ڀيرومل صاحب، ’گلقند‘ (ڀاڱو ٻيو، سال ۱۹۴۰ع)
اندر، آندل مواد کي اصطلاح ۽ ورجيسون
سڏي ٿو.
۴ . غلام اصغر ونڊير،”سنڌي
کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصغر“ (۱۹۵۶ع) ۾، پڻ اصطلاح سڏيو آھي.
۵ . ليکراج ڪشچند عزيز، ”سنڌي
اصطلاح“ (ٻه ڀاڱا، سال ۱۹۷۱ع).
۶ . عبدالڪريم سنديلو، ’اصطلاحن جي اصليت‘ (سال
۱۹۸۷ع) ۾ اصطلاح کي ورجيس پڻ سڏيو آهي.
۷ . ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت‘
جي باب ستين بعنوان ’پھاڪا، اصطلاح،
چوڻيون ۽ ورجيسون‘ منجهه
لفظ اصطلاح ئي ڪتب آندو آهي.
۸ . ڊاڪٽر بشير احمد
شاد،’سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون‘ (۲۰۱۲ع) اندر، لفظ اصطلاح ئي ڪتب آندو آهي.
هن
ڪتاب اندر پيش ڪيل ڪجهه مقالا ان نوع جا آهن. جن مقالا نگارن، مٿي ڄاڻايل متقدمين
جي پوئلڳي ڪئي آهي، سي آهن؛ ۱. اعجاز
احمد ميڻ، ۲. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، ۳. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، ۴.
ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ، ۵. ڊاڪٽر
نور افروز خواجه، ۶. زيب
نظاماڻي، ۷. لطف پيرزادو ۸. نياز سرڪي.
جڏهن
ته پروفيسر مظھر قريشي صاحب پڻ ساڳئي خيال جو آهي.
جن
محققن Idiom کي محاورو سڏيو آهي سي آهن.
۱ . سترامداس ايس جڙياسنگهاڻي
”سائل“، ’ماڻڪ موتي‘ (عرف ورجيسون ۽ محاورا) (ٻه ڀاڱا) (۱۹۸۲ع).
۲ . سنتداس پنهونمل ڪشناڻي، ”سنڌي
پھاڪا ۽ محاورا“ ۾.
۳ . ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي،”سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ
اڀياس)“ (۱۹۹۶ع)
جي اندر.
۴ . پروفيسر شمس الدين عرساڻي، ”سنڌي ورجيسي ٻولي“
(۱۹۸۷ع) ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي
کوجنا“ (۲۰۰۱ع) اندر.
جن
مقالا نگارن مٿي ڄاڻايل صاحبن جي پوئلڳي ڪندي Idiom کي اصطلاح/ محاورو
سڏيو آهي، سي آهن، ۱. احمد خان
ڪيريو، ۲. ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ ۳. سيد لطف علي شاھ ’منظور‘ نقوي.
حافظ ارشد انڍڙ صاحب، اصطلاح جي معنيٰ، جامع سنڌي لغات واري؛ ڪنھن ڌنڌي
يا فن جو لفظ- يعني مصطلحات يا ٽرم- کنئي آهي. اصطلاح جي اها معنيٰ، اردوءَ ۽ سنڌ جا عالم
اديب ساڳي ٿا وٺن. جڏهن ته ان جو انگريزي مترادف Term آهي. حافظ ارشد انڍڙ صاحب جي
مقالي ”شاھ جي رسالي ۾ اسلامي اصطلاح“ جو اگر انگريزي ترجمو ڪجي ته ٿيندو؛ Islamic Terms in the Shah-jo-Risalo منجهس اصطلاحن/ مصطلحات سان گڏ، ڪجهه
ورجيسون/ تلميحون پڻ شامل ٿي ويون آهن. جيئن ته ورجيس/ تلميح جو انگريزي نعم البدل
Idiomatic phrase
آهي. ان معنوي اعتبار کان اهو پڻ ساڳئي اصطلاح، محاوري ۽ ورجيس جي ڪٽنب ۾ ڳڻيو وڃي
ٿو. نتيجتًا اهو مضمون، ساڳيءَ فيمليءَ جو ڳڻي، هن ڪتاب اندر شامل ڪيو ويو آهي. سمورا مضمون ۽ مقالا، سنڌي
الفابيٽ ترتيب تي رکيا ويا آهن ته جيئن، ڳولڻ ۽ کولڻ ۾ سهنجائي ٿئي. ماخذ جو
حوالو، هر مضمون جي آخر ۾، محققن ۽ عالمن جي سھولت لاءِ، ڏنو ويو آهي. مقالانگارن
بابت سڄاڻي، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ڏسڻيءَ طور ڏني وئي آهي ته جيئن مقالن جي اهميت ۽ قدامت
جو اندزو ڪرڻ ۾ سهنجائي ٿئي.
سيد لطف علي شاھ ’منظور‘ نقويءَ جا مضمون، سڌا سنوان اصطلاحن/ ورجيسن يا محاورن بابت ناهن، البته سندن روح ان ڳالهه جي
ترجماني ڪندڙ آهي. ان ڪري اهي ترتيب ۾
مقدم رکيا ويا آهن، جو انهن جي حيثيت مھاڳ جهڙي آهي.
ڪتاب
اندر شامل هڙ جو هڙ مضمون/ مقالا، اڳي ڇپيل آهن، جتان ٿورن سان کنيا ويا آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو صاحب، پنھنجو مقالو، هن ڪتاب جي نوعيت جي حساب سان ترتيب ڏيئي،
ڪمپوز ڪري موڪليو آهي.
جنهن ڪري سندس مقالي جي حيثيت، خاص ليک (Exclusive
write-up) جهڙي آهي. ان ڪري سندس وڏا وڙ ۽ ٿورا آهن.
وڏا
احسان، احسان لغاريءَ جا جنهن رومي پبلشرز طرفان ڪتاب ڇپرائڻ
۾ معاونت ڪئي. راجا عبدالمھيمن سهتو، اڳين ڪتابن وانگر، ھن ڪتاب جو ٽائيٽل پڻ ٺاهي موڪليو. سندس مھرباني.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
۸۹-پروفيسرس ڪالوني-۲
قنبر روڊ، لاڙڪاڻو.
¶گيلاني،
اظھر، سيد؛ شاه جي ڪلام ۾
پھاڪا ۽ محاورا، شڪارپور، مھراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پھريون؛ مئي ۴۹۸۴ع ص ۴۶.
ڀٽي، مقبول احمد؛ شاھ عبداللطيف
ڀٽائي ھڪ عالمي شاعر، ’شاھ جو فڪر ۽ فلسفو‘، سھيڙيندڙ: فضل الرحمٰن، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڇاپو پھريون ۲۰۱۷ع، ص ۱۹۲-۳.
·
مجيدي،
محمد خان؛ شاھ عوامي شاعر، ”جهڙي سونھن سندياس“، سهيِڙيندڙ:
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڪراچي، ثقافت کاتو، ڇاپو پھريون ۲۰۱۲ع، ص ۷۲.
بلوچ، غلام رسول؛
مھراڻ جي ماٿر ڪيئي سھڻا سخنور ۽ شيرين زبان شاعر، ”برصغیر کے عظیم بزرگ صوفی شاعر، حضرت شاہ عبداللطیف بھٹائیؒ“، مرتب: سيد قمر رضوي، پاک وہند مشاعرہ سنہ ۱۹۸۴ع کراچی، انجمن سادات امروھہ پاکستان، ص ۲۴۱.
¶گرامي، غلام محمد؛
رسالي جي شرح ۽ ترجمي جو سوال، برصغیر کے عظیم بزرگ صوفی شاعر حضرت شاہ
عبداللطیف بھٹائی، پاک وہند مشاعرہ ۱۹۸۴ع، مرتب؛ قمر رضوي، انجمن سادات امردہ پاکستان، کراچی، ص ۔ ۹۵۔
·قريشي،
مظھر علي، پروفيسر، شاهه جي ڪلام ۾
اصطلاح ۽ پھاڪا (قسط-۲) ڪراچي،
ماهوار پيغام آگسٽ ۱۹۹۲ع، ص ۳۲.
قريشي،
مظھر علي، پروفيسر، شاهه جي ڪلام ۾
اصطلاح ۽ پھاڪا (قسط-۱)
ڪراچي، ماهوار پيغام مئي-جون ۱۹۹۲ع، ص ۱۹.
¶سنديلو،
عبدالڪريم، ڊاڪٽر؛ اصطلاحن جي اصليت، لاڙڪاڻو، اسلم پبليڪيشن، مارچ ۱۹۸۷ع، ص-۲.
· جيٽلي، مرليڌر،
ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو پھريون،
سال ۱۹۹۶ع، ص –۵۴.
ايضا، ص ۵۴.
جيٽلي، مرليڌر،
ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو پھريون،
سال ۱۹۹۶ع، ص ۵۵.
¶ ايضاً، ص ۵۵.
¶ جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)،
ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ڇاپو پھريون، سال ۱۹۹۶ع، ص –۵۶.
No comments:
Post a Comment