Saturday, July 24, 2021

ڇڊي پوک، ٿُلها سنگ، گهاٽي پوک، سنها سنگ - مٺل جسڪاڻي

ڇڊي پوک، ٿُلها سنگ، گهاٽي پوک، سنها سنگ.

(زرعي، چوڻي)

مٺل جسڪاڻي



وونئڻن سميت ھر فصل ۾ في ايڪڙ ٻوٽن جو تعداد وڏي اھميت رکي ٿو. ان ڪري ھر فصل لاءِ ڌار ڌار، ٻوٽي کان ٻوٽي ۽ قطار کان قطار جو مفاصلو، انيڪ تجربن جي نتيجن جي روشني ۾ طئي ڪري ٻڌايو ويندو آھي.

ھڪ ايڪڙ ۾، جيترا به واڌارو، يعني وڌيڪ ٻوٽا ھوندا، اوترو ئي ٻوٽن کي ھوا، پاڻي، خوراڪي جزا ونڊجي، ورڇجي، ٿوري مقدار ۾ ملندا، ته ٻوٽا ڪمزور به ٿيندا ۽ انھن ۾ نقصانڪار جيتن ۽ جراثيمن جي پرورش ۽ پالنا به گهڻي ٿيندي. نتيجي طور، جيتن ۽ بيمارين کان بچڻ تي، في ايڪڙ خرچ ۽ محنت ته وڌندي. جڏھن ته في ايڪڙ مجموعي پيداوار به گهٽ لھندي.


ٻيو ته گهاٽي فصل ۾، ٻوٽن جو تعداد وڌيڪ ھوندو، پر اھي ٻوٽا به سنھا، انھن ۾ سنگ به سنھا، سنگ ۾ ٿيندڙ ٻج به سنھا ٿيندا. نتيجي طور پنج ست سنگ گڏجي به صحتمند سنگ جيتري پيداوار نه ڏيندا. جيڪڏھن وزن ۾ برابر به ٿيا، پر ٻج سنھا ھجڻ ڪري، انھن ۾ اٽي مثل مواد توڙي تيلي ٻج جي صورت ۾ تيل صحيح مقدار ۾ نه ملندو. نه صرف ايترو، پر سنھو ٻج، نئون فصل پوکڻ جي ڪم به نه اچي سگهندو. ڇو ته پوکڻ لاءِ ٻج جسامت ۾ سنھو نه گهربل جسامت ۽ خاصيت وارو ھجڻ گهرجي

ان جي ابتڙ، ھڪ ايڪڙ ۾ اگر سلا ڇڊا ۽ پري پري پوکبا ته زمين گھڻي سيڙائيندا. جيترا به ٻوٽا کُٽندا، اوتري في ايڪڙ پيداوار گهٽ لھندي. ڇاڪاڻ ته ڇڊي پوک جا سنگ ته ٿلھا ٿيندا، پر ھر سنگ کٽل ٻن ٽن ٻوٽن جي سنگ برابر پيداوار ڏئي، اھو ضروري نه آھي.

مطلب: ۱. ڇِڊِي يا گهاٽي پوک نه پوکجي، بلڪ سلا پوري پني وٿيءَ تي پوکجن!

۲. پوک؛ نه ڇڊي پوکجي، نه گھاٽي پوکجي.

No comments:

Post a Comment