Monday, July 19, 2021

ڪُمَھلو ڪم؛ نه نبري، نه سڌري

ڪُمَھلو ڪم؛ نه نبري، نه سڌري. (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



وقت، قيمتي وٿ آھي. جنھن ان کي ضايع ڪيو، تنھن ھڙ وڃائي. جنھن ان جو قدر ڪيو، تنھن ان جو ڦل پاتو. وٽس بخت به باندي ٿي پھتو ته ڀاڳ به ڀيرو ڀڳو. انساني جسم ۽ حياتي وڃن ٿا چُڙندا. ڪم ڪر يا نه ڪر، وقت گذري ويندو. ننڍپڻ ھيو، وري جواني آئي، مٿئون ھاڻي ٻڍاپو آھي ۽ ھاڻي قبر ۾ ڄنگھون لڙڪايل آھن. اھي آھن، حياتيءَ جا ورن.

وقت ۽ مھل کي سڃاڻڻ سان، ھر ڪم جھڙوڪ؛ عبادت، معاملا، معيشت، معاشرت، آمدني ۽ خرچو وغيره پڻ سنڀالي سگھبا. بلڪ پوري زندگي ھڪ سسٽم/ ھڪ رڌم ۾ روان دوان ھوندي. وقت کي صحيح استعمال ڪرڻ سان دنيا به ٺھي ته آخرت به.


مطلب؛

۱. ھر ڪم وقت تي ٿيڻ گھرجي.

۲. عبادتون جھڙوڪ؛ نماز، روزو، حج ۽ زڪوات وغيره پنھنجي پوري وقت تي ادا ڪرڻ ۾ سونھن ٿيون. بي وقتيون ڪنھن ڪم جون ناھن.

۳. بي وقت راڳڻي؛ مٿي جو سو.

۴. اَويلو مھمان؛ پِٽائي پاڻ.

No comments:

Post a Comment