Wednesday, June 9, 2021

چوڻ جهڙا لفظ - پھاڪن جي پوٽلي

چوڻ جهڙا لفظ - پھاڪن جي پوٽلي

مرقع اقوال و امثال

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



پهاڪا ۽ چوڻيون، منهنجو پراڻو موضوع رھيو آهي. منهنجي سڀ کان پهرين تاليف ”موتي“ (پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو) ئي هئي. ان ڪتاب جي ڇپائي، منهنجي ڀاءُ سيد محمد بخاريءَ جي شوق جو نتيجو هئي. اھو پهريون ڀيرو، سال ۱۹۳۴ع ڌاري ۽ ٻيو ڀيرو منهنجي قائم ڪيل ”مڪتبئه جهان نما“ دهليءَ منجهان، سال ۱۹۳۸ع ڌاري شايع ٿيو هيو.



هونئن ته منهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ”ادبي دنيا“ لاهور
۾ هڪڙي مضمون نگار جي حيثيت سان ۱۹۳۰ع ڌاري ٿي چڪي هئي. جڏهن ته مؤلف جي حساب سان، ادبي دنيا ۾ اڃا نئون آيو هيس. جنهنڪري منهنجي دوست پروفيسر محمد اختر انصاري عليگ، منهنجو تعارف لکيو. منهنجي درخواست تي حضرت خواجه حسن نظاميؒ ۽ علامه راشد الخيريؒ جن تبصرا لکيا هيا ۽ ڇپجڻ کان بعد، آنجهاني مهاراجه سر ڪشن پرشاد شاد، پنهنجي قلمي ۽ نقرئي تمغن سان نوازيو. وزارت تعليم، سرڪار نظام دکن ۽ پوءِ بعد ۾ گواليار جي مھاراجا رياستي مدرسن لاءِ گهڻي ئي ”موتي“ خريد ڪيا. ملڪ جي مشهور قلم ڌڻين جون تقريظون پڻ پھتيون. اردوءَ ۽ انگريزيءَ جي معتبر رسالن ۽ جريدن منجهه، تبصرا ٿيا. منجهانئن ڪن پنهنجي موضوع جي لحاظ کان ”موتيءَ“ کي اردو ادب ۾ هڪڙو سهڻو اضافو قرار ڏنو.

افسوس! اڄ اهي سمورا وڏڙا، ڪنهن ڪنهن جو نالو کڻان، مولانا سيد سليمان ندوي، باباءِ اردو مولوي عبدالحقؒ، خواجه غلام السيدينؒ، مولانا احسن مارھرويؒ، نياز فتح پوري، رام بابو سڪسينا، ديا نرائن نِگم، مرزا محمد سعيدؒ، جن جي قلم جي تابش سان هن اڻ لکائيندڙ ڪِرڻي کي چمڪ ملي، سي الله کي پيارا ٿي چڪا آهن. يقين ڪيو ته پاڻُ پڏائڻ خاطر نه، بلڪ پنهنجي محسن ۽ فطرت جي مصور خواجه حسن نظاميؒ جي سنهڙي قلم جي هڪ چِٽَ سان سندن ياد کي تازو ڪرڻ ۽ پڙهندڙن کي مطالعي جي دعوت ڏيڻ جي غرض سان، سندن تبصري جون چند سٽون نقل ڪيان ٿو.

”ڪتاب جو نالو موتي، ڏاڍو پيارو آهي. جي مان مولوي هجان ها ته جنت ياد اچي ها ۽ چوان ها ته؛ موتيءَ جو محل به اهڙو عمدو هوندو، جهڙو هيءُ ڪتاب آهي“.

”هڪڙو دور هيو جو اسان جا وڏڙا، شيخ سعديؒ جا قول، هر ڪم منجهه استعمال ڪندا هيا. هاڻي اهو زمانو ٿيو آهي جو هربرٽ اسپنسر، شيڪسپيئر ۽ ملٽن جا قول، مسلمان ڇوڪرن جي زبانن جي نوڪ تي آهن. وري ڪي ڇوڪرا ته سعديؒ، حافظ ۽ روميءَ کي ته سڃاڻن به ڪو نه ٿا. مگر سيد يوسف جهڙا نوجوان مسلمان، قوم ۾ پيدا ٿيندا رهيا ته مسلمانن جي تھذيب، مسلمانن جي تاريخ ۽ مسلمانن جو لٽريچر، سدا لاءِ زنده رهندا. يورپ جي تهذيب ۽ يورپ جو لٽريچر، اسان کي مغلوب نه ڪري سگهندا“.

”اگر سيد يوسف ڪراڙو هجي ها ته مان چوان ها ته هيءُ ڪتاب جوانن ۽ ٻارن لاءِ ڀلو لکيائين. مگر هو جوان آهي. تنهنڪري مان چوان ٿو ته هيءُ ڪتاب اسان ڪراڙن لاءِ ڀلو تيار ڪيائين.

سڀ کان وڌيڪ خوشي، مون کي ان ڳالهه جي آهي ته پيارڙي دهليءَ منجهه، سٺا سٺا ليکڪ نمودار ٿي رهيا آهن، جنھن بابت چيو ويندو هيو ته دهلي ته هاڻ سَنڍِ ٿي وئي. مگر جڏهن ”موتي“ جهڙا ڪتاب، سندن سامهون ايندا ته کين مڃڻو پوندو ته دهلي اڃا تائين ”موتي“ جهڙا ٻچا ڄڻي پئي. (حسن نظامي ۲۱ جون ۱۹۳۴ع).

مون ”موتيءَ“ جي پهرئين ۽ ٻئي ايڊيشن ۾، مضمونن جي لحاظ کان، هر مضمون جي جدا جدا عنوان تحت پهاڪا ۽ چوڻيون درج ڪيا هيا. ساڻس هڪڙو ننڍڙو مقدمو پڻ هيو، جيڪو مولوي نجم الدين مرحوم جي تاليف ”فلسفئه امثال“ جي مقدمي جي نُڪتن جي تلخيص هيو. عنوان وارو اهو تخيل، مون کي اهڙو لڳو ۽ ان قدر راس آيو جو ۱۹۶۵ع ۾ هندي، دکني، اردو، فارسي ۽ عربي پهاڪن جو هڪڙو مجموعو ”هماري پهيليان“ ۽ پوءِ ۱۹۶۸ع ۾ ديوان غالب اردوءَ جي هٿ و هٿ پھتل نسخي کي ”سرود غالب“ جي نالي سان، جو اهو نالو نياز فتح پوري مرحوم جو تجويز ڪيل هيو، ”موتي“ جي انداز تي مرتب ڪيم. اهي ٻئي ڪتاب، شايع ٿي چڪا آهن. پوءِ، پنهنجي انهيءَ پراڻي خيال مطابق، مان گهڻي وقت تائين سوچيندو رهيس ته ساڳئي ڍنگ ۽ طرز تي پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ ٻيو جامع ۽ وڏو مجموعو مرتب ڪيان. ڏينهن، مھينا ۽ سال بڻجي، ائين گذرندا ويا. آخرڪار مارچ ۱۹۷۴ع ۾ مون پڪو ارادو ڪري، انجمن ترقي اردو ڪراچيءَ جي خاص لائبرريءَ جو رخ ڪيو ۽ ڪتاب جي رجسٽر منجهان، پهاڪن ۽ چوڻين جا ڪتاب نوٽ ڪرڻ لڳم. انهيءَ دوران منهنجي نظر مولوي ظفرالرحمٰن صاحب دهلوي مرحوم جي هڪڙي قلمي مسودي ”هماري ڪهاوتين“ تي پئي، جنهن کي باباءِ اردو مرحوم جي رهبريءَ ۾ مولانا، پاڪستان جي قيام کان اڳ، دهليءَ ۾ ترتيب ڏئي رهيو هيو. ليڪن تقدير الٰهي، سندس انهيءَ تدبير تي کلي رهي هئي. ٿيو هيئن ته هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ، پهرين خود مرتب جناب مولانا ظفرالرحمٰن جي وفات ٿي ۽ پوءِ ٿوري مدت پڄاڻان ۱۴ آگسٽ ۱۹۶۱ع تي باباءِ اردو به وفات ڪري ويو. اهڙيءَ طرح، نه ئي مولانا ظفرالرحمٰن مرحوم جي محنت ٺڪاڻي لڳي ۽ نه وري باباءِ اردو جو خواب، شرمنده تعبير ٿيو. انهيءَ قلمي مسودي جا چار ئي جلد، جنهن حال ۾ دهليءَ مان ڪراچي پهتا هيا، ساڳي ئي اڻپوري صورت ۾ الماريءَ ۾ رکيل ھيا. 

”قومي زبان“ ڪراچيءَ جي شماري جون ۱۹۶۲ع ۾ مولانا ظفرالرحمٰن مرحوم جو هڪڙو مضمون ”هماري ڪهاوتين“ شايع ٿيو هيو. اهو دراصل ”هماري ڪهاوتين“ جو مختصر مقدمو هيو، جيڪو باباءِ اردوءَ جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو هيو. انهيءَ مضمون ۾ ”هماري ڪهاوتين“ جو خاڪو ۽ انهن چند قلمي ۽ ڇپيل ڪتابن جو تعارف ڪرايل هيو، جيڪي فرهنگ اصطلاحات پيشه وران (·)، (اٺ جلد) جي تدوين ۽ منتخب الامثال و اقوال جي شروعاتي نقل جي دوران، ڀارت منجهه، سندن مطالعي منجهان گذريا هيا. مون کي انهيءَ صورتحال تي ڏاڍو صدمو رسيو. مون سوچيو، هيءُ ٻئي وڏڙا ته هليا ويا ۽ مان به رڪاب ۾ پير وجهيو ويٺو آهيان، جلد يا دير، انهن مرهياتن سان وڃي ملندس. پوءِ خالي هٿين ڇو وڃان. ”برگِ سبز است تحفهء درويش.“ (سائو پن، آ درويش جي سوکڙي) جي مصداق، گهٽ ۾ گهٽ هيءُ تحفو ته مرهياتن کي پيش ڪيون وڃان.

مولانا ظفرالرحمٰن مرحوم جي انهيءَ خام قلمي مسودي جا چار ئي جلد (۲۲۹۶) صفحن تي مشتمل آهن، جن ۾ هڪڙو وڏو تعداد هندي اردو پهاڪن ۽ چوڻين جو آهي ۽ ٿورڙو فارسي ۽ عربيءَ تي مشتمل آهي، جيڪي اردو ادب منجهه داخل ۽ مروج آهن. هن انهن مڙني کي لغت جي ڍنگ تي شايع ڪرڻ گهريو پئي. مسودي منجهه تحرير جي صورت هيءَ ملي ته سمورا پهاڪا، هيٺ مٿي، ساڄي کاٻي، ابتا سبتا، صاف سٿرا پڻ ۽ ڪٽي پِٽي ٻيھر لکيل هيا. جن جي پڙهڻي ۽ ھوبھو نقل ڪرڻ نویسندہ داند کہ در نامہ چیست (ليکڪ ئي ڄاڻي ته خط ۾ ڇا هي؟) جي مصداق، گهڻي محنت ۽ مشقت گهرندڙ هيا.

مذڪوره مقدمي منجهه ”ھماري ڪهاوتين“ جو جيڪو خاڪو پيش ڪيو ويو هيو، سو صرف ٽن شين تي مشتمل هيو. يعني پهاڪا ۽ چوڻيون، معنيٰ ۽ مطلب، استعمال جو محل/ ھنڌ. ان جي برعڪس، منهنجي نظر ۾ اڃا ٻيون به ڪيتريون شيون هيون، جن جو ذڪر هاڻِ اڳيان ايندو. تنهنڪري، وقتي طور، مون ان مسودي جو مطالعو ملتوي ڪري ڇڏيو. انهيءَ التواءَ جو هڪڙو سبب هيءُ به هيو ته مولانا ظفر مرحوم پنهنجي مسودي ۾ صرف چونڊ پهاڪا درج ڪيا هيا. غالبًا انهن جي معنيٰ، مطلب ۽ استعمال جي جاءِ واري ڪم کي اصل ڪتاب جي تحرير جي وقت لاءِ ڇڏيو هوندو. 

اها معنيٰ وغيره واري شق، جڏهن پهاڪن جا لفظ پنهنجي اصل مفهوم جي بجاءِ جدارو مطلب ادا ڪندا هجن، ڀل اتاڇري نظر وجهڻ ۾ آسان هجن، ليڪن حقيقت ۾ چڱو ڏکيو ۽ وڏي ذميواريءَ جو ڪم آهي. اگر مان، مذڪوره مسودي مان پهرين صرف پهاڪا نقل ڪيان ۽ ٻين ڪتابن منجهان سندن مطلب ۽ محل اخذ ڪيان ته ظاهر آهي ته ان سان منهنجي ڪم جو مقدار ۽ رفتار متاثر ٿيندا ۽ غلطيءَ جو امڪان تنهن کان سواءِ ٿيندو. انهيءَ بنياد تي مون الله جو نالو وٺي، پنهنجي ئي خاڪي تي ڪم شروع ڪيو ۽ سو هيءُ آهي؛

 

1.   اردو-هندي يا هندي-اردو آميز پهاڪن ۽ چوڻين کي، ٻين ٻولين جي نعم البدل پهاڪن لاءِ بنياد بڻايو ويو آهي.

2.   هر پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي معنيٰ، مطلب ۽ محل کان علاوه ڌارين ۽ ڏکين لفظن جون معنائون پڻ پهاڪي سان گڏ ئي لکيون ويون آهن.

3.   جنهن پهاڪي يا چوڻيءَ جو لڳ ڀڳ هم معنيٰ ۽ هم محل ڪو پنجابي، فارسي، عربي ۽ سنڌي زبان جو نعم البدل پهاڪو حاصل ٿي سگهيو، ته ان کي اهڙيءَ طرح شامل ڪيو ويو آهي.

(الف) پنجابي اکاڻ، انهيءَ خيال کان ته آسان ۽ جلد فهم آهن، بنا ترجمي ۽ مطلب جي درج ڪيون ويون آهن، توڙي اهي اڪيليون آهن يا پنهنجي ڪنهن مترادف سان گڏ آيل آهن.

(ب) ساڳي صورت فارسي امثال جي آهي. ليڪن جتي فارسي پهاڪو بنا مترادف آيو آهي تتي ان پهاڪي جو ترجمو يا مطلب ۽ محل پڻ درج ڪيا ويا آهن.

(ج) عربي ۽ سنڌيءَ جي مڙني پهاڪن جو اصل متن، ترجمو، مطلب ۽ استعمال جو محل لکيا ويا آهن. توڙي اهو اڪيلو آ يا پنهنجي ڪنهن مترادف پهاڪي سان گڏ آيو آهي.

4.   مڙني پهاڪن ۽ چوڻين کي، مضمونن ۽ محل جي استعمال جي اعتبار کان ۱۸۷ عنوانن مثال طور؛ وجود باري تعاليٰ، توڪل، صبر ۽ قناعت، ادب ۽ اخلاق وغيره جي تحت، درج ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هر عنوان، مختلف ٻولين جي گهڻين ۽ مختلف معنائن وارن پهاڪن کي احاطي ۾ آڻڻ لاءِ، پهاڪي جي مرڪزي خيال جي مطابق، ڪافي غور فڪر بعد، مقرر ڪيو ويو آهي. وري به مفهوم، شعر وانگر عنوانن يا پهاڪن جي ورهست جو هيءُ عمل اختلاف راءِ ۽ غلطيءَ جي امڪان کان آجو ناهي.

5.   هر عنوان سان واسطي وارن پهاڪن جي ترتيب، اردو انگريزيءَ جي فرهنگ ۽ لغتن جي ڍنگ تي، هر حرف جو لحاظ رکندي، الف بي وار قائم ڪئي وئي آهي.

6.   جن پهاڪن ۽ چوڻين کي آڳاٽن ۽ پوين شاعرن، ائين جو ائين، پنهنجي شعرن ۾ جَڙيو آهي، سي شعر پڻ واسطيدار پهاڪن سان، شاعر جي وفات جي سن سميت، درج ڪيا ويا آهن ته جيئن پهاڪي جي مآخذ ۽ سندس عمر جي چٽائي ٿي سگهي.

7.   اهي چونڊ روايتي ۽ تاريخي واقعا، جيڪي پهاڪن سان منسوب ۽ نقل ٿيندا آهن، واسطيدار پهاڪن سان گڏ لکيا ويا آهن.

جن شاعرن، پهاڪن ۽ چوڻين کي شعر منجهه جَڙيو آهي، تن جو زمانو سترهين صدي عيسويءَ جي منڍ کان ۱۹۷۶ع تائين ۳۶۷ سالن جو آهي.

جڏهن مان هن خاڪي جو ابتدائي ڪم ڇڏائي بيٺس ته مون پنهنجو عمل، مولانا ظفرالرحمٰن مرحوم جي مسودن سان ڀيٽي، پنهنجي خامين کي درست ڪيو.

ڪم دوران، مون کي ڪن صبر آزمائيندڙ مرحلن مان پڻ گذرڻو پيو.

فرجام سُخن گوئی غالب بتو گویم،

خون جگر است از  رگ گفتار کشیدن۔

سخن چوڻ جو انجام، غالب ٻڌايان تو کي،

دل ڪپڻ آ، رڳئون گفتو ڪڍڻ.

ان جو اندازو، سي ئي اهل فڪر ۽ سخن ڪري ٿا سگهن، جيڪي اهڙين ڪاوشن مان گذريا آهن. ڪراڙپ منجهه، رات جي وقت، بجليءَ جي روشنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ ديد لاءِ ڏاڍو نقصانده آهي. ليڪن هيءُ اهو وقت آهي، جڏهن ماڻهو گهر جي ٻارن جي گوڙ گهمسان، ذاتي مصروفيتن ۽ ملاقاتين جي اچ وڃ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، دل ۽ دماغ جي سڪون سان ڪم ڪري سگهي ٿو. بهرحال ڏينهن رات، پورن ٻن سالن تائين، پنهنجي شوق جي شعلي تي دماغ جو تيل نائيندو رهيس. هيڏي؛

لکھ رہی ہیں لکھ رہی ہیں لکھ رہی ہیں انگلیاں۔

لکن پيون، لکن پيون، لکن پيون آڱريون.

مگر مسودي ۾ چمڪ ۽ توانائي ته تڏهن ٿي اچي، جڏهن؛

قلم جب چھک کے پی لیتا ہے خونابِ جگر پہلے ۔

قلم جڏِ تُوڙي پيئي، دل جو رت پھرين.

جيستائين منهنجي ڪتاب جي مقدمي جو تعلق آهي، مون صرف ”فلسفهء امثال“ منجهان ئي نه بلڪ هڪ ٻئي مجموعي ”محبوب الامثال“ تاليف مولوي محبوب عالم مرحوم جي مقدمي تان به استفادو ڪيو آهي. هنڌ هنڌ تي، ٻنهي جي مقدمن ۽ مضمونن جي نڪتن کي، ضروري حوالن سان گڏ اخذ ڪري، اڳي کان وڌيڪ ٺوس ۽ عمدي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي. جڏهن ته مون پنهنجي ذاتي خيالن کي به جڳهه ڏني آهي. ڄاڻان ٿو ته؛

نبضیں قلم کی اہل سُخن دیکھ لیتے ہیں۔

نبضون قلم جون، اهل قلم سڃاڻين ٿا.

انهيءَ سبب جي ڪري، مون ڄاڻي ٻجهي، پنهنجي حرف گفتي/ چوڻ جهڙا لفظ جو آغاز، پنهنجي پهرين تاليف ”موتي“ کئون ڪيو. تھان پوءِ مولوي ظفرالرحمٰن مرحوم جي قلمي مسودي جو تذڪرو ضروري سمجهيو. ڇو جو منجهانئس پورو پورو استفادو حاصل ڪيو اٿم. مولانا ظفر مرحوم پنهنجي دور جي ضرورتن مطابق ”هماري ڪهاوتين“ منجهه گهڻو تڻو هندي-اردو ۽ ٿورو ڪو فارسي ۽ عربي پهاڪن ۽ چوڻين کي چونڊيو هيو. راقم، موجوده دور جي گهرجن مطابق نه صرف اردو، فارسي ۽ عربيءَ جي تعداد ۾ واڌارو ڪيو آ، بلڪ پنجابي، سنڌي ۽ پشتو پهاڪا به، جيتري قدر هٿ اچي سگهيا، شامل ڪرڻ لازمي سمجهيا آھن. سمجهان ٿو ته پاڪستان جي سالميت ۽ بقا جو پوريءَ طرح دارومدار اسلام جي دين، اسلامي نظام، گڏيل ثقافت ۽ پاڪستان جي صوبن ۽ علائقن ۾ ڳالهايون ۽ لکيون ويندڙ سمورين ٻولين تي ئي آهي.

هيل تائين مون پنهنجي هن نئين مسودي جي نالي جو اظهار نه ڪيو آ. پهريون مجموعو ”موتي“ صرف اردو پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل هيو. زير نظر مجموعو، پشتو، اردو، پنجابي، فارسي ۽ عربي ۽ سنڌي، ڇهن ٻولين جي پهاڪن جي هڪڙي گودڙي/ رِلھي آهي. جنهن ڪري ان جو نالو ”مرقع امثال و اقوال“ (پهاڪن ۽ چوڻين جي پوٽلي/ گودڙي) رکيو آهي. منجهس ڇا ڇا آهي، سو تفصيل سان بيان ڪري چڪو آهيان. البته پڙهندڙ ۽ ادب جي نقادن کي درخواست ٿو ڪيان ته اهي جيڪا منجهس ڪمي ۽ خامي محسوس ڪن، تنهن کان، ادب نوازيءَ واسطي، مون کي ڄاڻ ڪن ته جيئن ٻئي ايڊيشن ۾، شرط آ جيئرو هجان، ان جي تلافي ڪري سگهان.

ما زندہ بہ آنیم کہ آرام نگیریم،

موجیم کہ آسودگی ما عدم ما ست۔

جيئرو ڀلو آهيان، جو آرام نه حاصل ڪيم،

موج ۾ هان جو منهنجي فرحت، منھنجو عدم آ.

هاڻ آخر ۾ مون کي پنهنجي انهن سمورن مهربانن جو شڪريو ادا ڪرڻو آهي، جن هن مجموعي جي ترتيب ۽ تدوين جي دوران، پنهنجي مفيد مشورن ۽ قلمي تعاون سان نوازيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي پُر خلوص هستيون، انهيءَ جون طلبگار نه هيون، تنهن هوندي به منهنجو اخلاقي فرض آهي ته مان هڪ هڪ ڪري سندن خدمت ۾ پنهنجي شڪريي جو هديو پيش ڪيان.

منهنجي پياري دوست مولوي صلاح الدين قريشيءَ، جيڪو مولوي، فاضل ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي، تنهن هن مجموعي جي سمورن عربي پهاڪن جي ترجمي جو ڪم ڪري ڏنو.

محترمه فهميده حسين صاحبه، سنڌي پهاڪن جي مشهور مجموعي ”گلشڪر“ مؤلف؛ ديوان ڪيوارام سلامت راءِ آڏواڻيءَ جي سمورن پهاڪن جي لفظن جون معنائون ۽ مطلب کي اردوءَ ۾ لکي ڏنو. اهو ڪم، لڳ ڀڳ ٻن مهينن ۾ پورو ٿيو. محترمه، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ايم اي جي سند رکندڙ آهي. ادب سان کيس خاص شغف آهي. پاڻ افسانه نگار آهن ۽ ڏهاڙي هلال پاڪستان جي عورتن جي صفحي جون انچارج هئڻ کان علاوه، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان، اسان نون سنڌين کي سنڌي-ٻول-چال جو درس پڻ ڏينديون آهن. ان لحاظ کان، اهي اسان جون استادياڻيون پڻ آهن.

منهنجو نوجوان ۽ مخلص دوست مولوي مسيح عيسيٰ، پنهنجي قابل-ڪار پيءُ مولوي عبدالله جو لائق فرزند، حڪيم ابن حڪيم آهن. سندن مادري زبان سرائيڪي ۽ صوبائي زبان سنڌي آهي. سو پڻ سنڌيءَ ۾ ايم اي آهي. طبابت کان علاوه درس تدريس به سندن شغل آهي. تنھن ”گلشڪر“ جي انهن سمورن پهاڪن تي نظرثاني فرمائي، جن کي مون سنڌي متن ۽ معنيٰ مطلب سان اردو ويس ۾ آندو هيو.

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ جي شايع ٿيل ”گلشڪر“ جو نسخو، منهنجي سائينءَ جناب غلام رباني صاحب، سيڪريٽري س ا ب، جن جو عطا ڪيل تحفو آهي، جن کان بغير هيءُ مجموعو سنڌي پهاڪن کان محروم هجي ها.

منهنجو مهربان ۽ خاص مددگار، جناب سيد انوار الحق صاحب، جهڙو نالو تهڙا گڻ، وڏي باغ بهار شخصيت آهي. مان ساڻن، سندن ”اردو-پشتو-لغت“ جي ذريعي غائبانه متعارف ٿيس. هڪ ڏينهن اطلاع مليو ته هو ترقي اردو بورڊ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندو آهي. مون سوچيو ته آغا صاحب ضرور هڪڙي نوجوان شخصيت هوندو. ليڪن جڏهن ملاقات ٿي ته پتو پيو ته هو مون کان به وڏي عمر جو آهي. مون سلام دعا دوران کين چيو ته ”حضرت! اوهان ته ماشآءَالله جوان آهيو ۽ گهڻا خوبصورت پڻ“. چوڻ لڳا! ”اهو ڪيئن؟“ مون چيو ته؛ ”اسان هتان ڪراڙي هئڻ جي سزا ۾ فارغ ڪيا ويا هياسين ۽ اوهان کي جوان هئڻ جي اعزاز ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ڇا اوهان جو هي لال ڀورو رنگ ۽ هيءَ قابل رشڪ صحت، اوهان جي جوانيءَ جا دليل ناهن“. پاڻ بي ساخته کلڻ لڳا. ان کان پوءِ، مون پنهنجي مدعا عرض رکي؛ پشتو پهاڪن جي باب ۾ اوهان جي مدد جو طلبگار آهيان. وڏي محبت سان فرمايائون؛ ”جنهن لائق آهيان، حاضر آهيان. اوهان اگر گهر تي تڪليف ڪري ايندئو ته گڏجي ڪم جو خاڪو ٺاهي وٺنداسون“. جڏهن گهر تي پهتس ته اردو-پشتو-لغت جا ٻئي جلد ڏيندي فرمايائون ته؛ منجهانئن اوهان کي جيترا به پهاڪا گهربل هجن، اتاري کڻي اچو!“ ته مون پريشان ٿيندي چيو؛ ”حضرت! مان ته فقط درج ٿيل اردو پهاڪا ئي اتاري سگهندس. مون کي ڪهڙي خبر ته منجهن ڪهڙو اصلوڪو پشتو آهي ۽ ڪهڙو اوهان جو ترجمو ٿيل آهي“. جواب مليو؛ ”اوهان ان جي ڳڻتي نه ڪيو. اهو سموري جو سمورو ڪم، منهنجو پنهنجو ڪم هوندو. ٿورن ڏھاڙن پڄاڻان، گهربل پهاڪن جا ٽي چار بنڊل پيش ڪيامانِ. پاڻ، انهن جي سامهون، هم معنيٰ ۽ هم محل، پشتو پهاڪا لکي، منهنجي حوالي ڪيائون. مون وڏي تڪليف سان، ٻنهي ٻولين ۾، اهي ورائي اتاريا. وري منڍ کان کين ڏٺو، تڏهن وڃي ٽن چئن مھينن ۾ اهو، اڻانگو ڏونگر، دل وٽئون ڏورجي سگھيو. مان انهيءَ تڪليفده محنت ۽ عملي تعاون تي پنهنجي محسن جو شڪريو ۽ خدا جو شڪر بجا آڻيان ٿو ته پنهنجي مراد جي منزل ماڻيم. ڇا تماشو آ جو ڪم ته جناب انوار الحق جو ۽ نالو وري راقم الحروف جو. ليڪن جڏهن دل کي دل جي لونءَ لڳل هجي ته ائين ڏيئي منجهان ڏيئو روشن ٿيندو آهي.

نہ ہم کچھ سُن کے سیکھے ہیں،

نہ ہم کچھ رو کے سیکھے ہیں۔

جو کچھ تھوڑا بہت سیکھے،  

کسی کے ہو کے سیکھے ہیں۔

نه اسان ڪجهه ٻڌي سکياسين،

نه اسان ڪجهه روئي سکياسين،

ٿورو ٿڪو جيڪو به سکياسين،

ڪنهن جو ٿي ڪري سکياسين.

 

سندن دلنوازي ۽ خاطر تواضع جو اهو عالم ھيو جو مھمانن کي کارائڻ پيارڻ کان سواءِ جيئرو نه ڇڏيندا هيا. پشتونن جي اها روايتي پخ، وڏي من موهڻي آهي.

آغا صاحب، ڳوٺ شيدو، تعلقو نوشھره، ضلع پشاور ۾ ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۰۴ع تي پيدا ٿيو. سندس ابا ڏاڏا جيلاني سيد هيا، جيڪي يارهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ملتان کان نوشهره اچي آباد ٿيا. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ، پوءِ ٽونڪ (راجپوتانه) ۽ تهان پوءِ جاوره (مالوه) مان حاصل ڪيائون. آخر ۾ نوشهره کان پنجاب يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ ۾ ڪامياب ٿيا. سيد صاحب، صاحب علم ٿي نه بلڪ طب جو فاضل ٿي ۽ پنهنجي شفاخانه وارو پڻ رهي چڪو آهي. سال ۱۹۲۹ع ڌاري، ”گنجينئه حڪمت“ جي نالي سان هڪڙو ماهوار طبي رسالو پڻ جاري ڪيائون. ٽونڪ ۽ جاوره ۾ رهائش ۽ پرورش جي ڪري، اردو زبان تي به کين پورو عبور حاصل هيو. پاڻ ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابسته رهيا. سندن کوڙ ساتريون تاليفون ۽ تصنيفون، منظر عام تي اچي چڪيون آهن.

۱. ٽرائيبل پبلسٽي آرگنائيزيشن. (ايڊيٽر رساله جمهور اسلام).

۲. پشتو اڪيڊمي پشاور يونيورسٽي. (ريسرچ آفيسر).

۳. آل انڊيا ريڊيو پشاور ۽ تهان پوءِ ريڊيو پاڪستان پشاور.

۴. ترقي اردو بورڊ، ڪراچي. (اردو لغت ۾ پشتو حصي جي تڪميل).

منهنجي جهوني ادبي ساٿيءَ خاور صاحب ([1])، ”ماه نو“ ڪراچيءَ جي اڳوڻي مدير، منهنجي درخواست تي ”محبوبالامثال“ مؤلف؛ مولوي محبوب عالم صاحب مرحوم جي سمورن پنجابي پهاڪن ۾ صورتخطيءَ جي چُڪن جي تصحيح ڪري ڏني.

منهنجي محترم جناب هادي حسين صاحب هاديءَ، (®) صدر ترقي اردو بورڊ ڪراچيءَ، مون کي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ ڪتابن جي مطالعي جي اجازت ڏني. جتان مون سعادت يار خان رنگين جي قلمي مخطوطن (فوٽو اسٽيٽ) جو خاص طور تي مطالعو ڪري، چونڊ پهاڪا اتاريا.

منهنجي حج بيت الله جي ساٿيءَ، الحاج رياض الدين صاحب، لائبررين اسٽيٽ بئنڪ ڪراچي، جي خاص عنايت سان مون ڪيترا دفعا اتي وڃي، آراسته ۽ پرسڪون ماحول ۾، پهاڪن سان لاڳاپيل ڪتابن جو مطالعو ڪيو.

منهنجو ترقي اردو بورڊ ڪراچيءَ جي دوست ۽ هم پيشه ۽ هم مشرب، مولوي اعجاز الحق قدوسي، () جيڪو صوفياءِ پاڪستان ۽ تاريخ سنڌ جهڙن ڪتابن جو مؤلف ۽ مدون آهي، تنھن هن مجموعي جي پڄاڻيءَ لاءِ وري وري تقاضا ڪئي. ور نه ته هيءُ مجموعو، مَڄاڻ ڪيستائين التوا ۾ پيو هجي ها!

منهنجي پٽ، سيد اقبال يوسف بخاري (بي اي)، هن مجموعي لاءِ پنن ۽ ٻي اسٽيشنريءَ جو خرچ پکو برداشت ڪيو. حتيٰ ڪ منهنجي ڌيءَ سيده اختر بانو بخاريءَ (بي اي، بي ايڊ) گهڻي ڀاڱي پهاڪن ۽ چوڻين جو اتارڻ ۽ کين الف بي وار ترتيب ۾ مون سان گهڻو هٿ ونڊايو. انجمن ترقي اردو، ڪراچيءَ جي ڪامورن، هن پهاڪن جي ضخيم مجموعي جي اشاعت منظور ڪري، علم پروريءَ جو ثبوت ڏنو.

هن پهاڪن ۽ چوڻين جي گودڙيءَ جي قدردانيءَ جا موڙ، نواب زاده جميل الدين عالي صاحب جي مٿي تي سونهن. اها سندن گهري نظر، علم دوستي ۽ ادب نوازي آهي جو سندن سيڪريٽري شپ دوران، اڻ لڀ مسودا، ڪتابي شڪل ۾ منظر عام تي اچي رهيا آهن. انهن ئي شاهه پارن ۾، هيءَ پوٽلي/ گودڙي پڻ شامل آهي، جنهن جو ڪڏهن باباءِ اردو مرحوم خواب ڏٺو هيو ۽ مولوي ظفر الرحمٰن دهلوي مرحوم ان جي عملي تعبير جو ذمو کنيو هيو، ليڪن قدرت واري اهو پُکو هن گمنام جي نالي جو ڪڍي ڇڏيو.

هاڻ عالي صاحب جي خاص مددگار، زبان ۽ ادب جي محقق، منهنجي دوست سيد شبير علي ڪاظمي(·) جن ٿورو، جيڪي پنهنجي هنري صلاحيتن سان، هن جي حسن ۽ جمال کي اڃا وڌائيندا.

گمان مبر کہ بپایاں رسید کار مغاں،

ہزار بادہ ناخوردہ در رگ تاک است۔

شڪ نه ڪر ته پيدل ٿئي ٿو مُغان جو ڪم،

هزارين تاسارا پيئاڪ، تاڙيءَ کي پيا تاڙين.

 

 

سيد يوسف بخاري، دهلوي

بيت يوسف، ۱۴۵ ڪي- ۲،

ناظم آباد، ڪراچي – ۱۸.



·  اهي اٺ ئي جلد، هڪٻئي پٺيان، ۱۹۳۹ع کان ۱۹۴۴ع تائين، دهليءَ مان شايع ٿيا هيا.

[1]  افسوس آهي جو هي مرحوم ۽ مغفور ٿي چڪو آهي.

®  افسوس آهي جو هي مرحوم ۽ مغفور ٿي چڪو آهي.

 افسوس آهي جو هي مرحوم ۽ مغفور ٿي چڪو آهي.

·  افسوس آهي جو هاڻ ڪاظمي صاحب پڻ مرحوم ۽ مغفور ٿي چڪا آهن.


1 comment: