Monday, June 7, 2021

انتساب - پھاڪن جي پوٽلي

انتساب - پھاڪن جي پوٽلي

مرقع اقوال و امثال

سيد يوسف دھلوي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



اڄ قلم جو دماغ، پھاڪن ۽ چوڻين جي گلن جي خوشبوءِ سان واسيل آهي.

-                 اے گل بتو خور سندم تو بوئے کسے داری۔

-                 اي گل! تو مان خوش آھيان جو تو ۾ ڪنھن جي بوءِ آ.


انہن گلن سان باباءِ اردو ڊاڪٽر عبدالحق جي هڪڙي ياد وابسته آهي. رب مغفرت ڪريس، عجب آزاد مرد هيو. اردو زبان جي ھن جانباز عاشق ”عاشقی چيست بگو بنده جاناں (اردو) بودن“ (عاشقي ڇا هي؟ چئه؛ ٻانھپ، دل واري (اردو) جي.). اردوءَ جي ليلا خاطر، پنهنجي ساري عمر، مجنونءَ وانگر بيابانن ۾ ڀٽڪيو، فرهاد وانگر ٽڪر ٽاڪيائين، ڇو جو ”وفاداری بشرط استواری، اصل ايماں ہے“ (وفاداري، استقامت جي شرط سان، ايمان جو بنياد آهي). تجھ (اردو) سے پھرے، خدا سے پھرے۔“ (تو (اردوءَ) کان منهن موڙيو، رب کان منهن موڙيو). اھو ڄاڻندي به ته بے زر عشق ٹیں ٹیں (زر ناهي ته عشق پون پون) سندن نگاهه جو مرڪز هميشه، ادب کی طلب، زر کی طلب سے بہتر ہے (ادب جي طلب، ڌن دولت جي طلب کان ڀلي آ)، ئي رهي. اردوءَ جي عشق ۾، تن من ڌن، سڀ ڪجهه ئي قربان ڪري ڇڏيائين. سخن جو بادشاهه هيو. ليڪن ”قلم گويد کہ من شاہِ جہانم“ (قلم چي؛ مان جهانن جو بادشاهه). هن صرف قلم کي ئي بادشاهه تسليم ڪيو. ڄاڻ هيس ته؛



رہتا سخن سے نام قیامت تلک ہے ذوق،

اولاد سے تو ہے یہی دو پشت چار پشت۔

سخن سان رهي ٿو نالو، قيامت تائين ذوق،

اولاد سان ته آھن: اھي ٻه پيڙهيون، چار پيڙهيون.

مان پنهنجي جذبن جي اظهار ۾، پهاڪن کان وڌيڪ ئي ڪم وٺي رهيو آهيان. اهو ان ڪري جو ہر سخن موقعہ و ہر نکتہ مقامے دارد (هر گفتو موقعو ۽ هر نڪتو مقام رکندو آ). باباءِ اردو پهاڪن ۽ چوڻين کي به دانشورن چواڻي؛ عقل کے جواہر ریزے، ہر عہد کی انگشت سبابہ کی انگشتری (عقل جا موتي داڻا، هر زماني جي ڏسڻيءَ آڱر جي منڊي) ۽ خلق کو خلق خدا کی آواز (خلق کي خدا جي مخلوق جو آواز) سمجهندو هيو. مرحوم جي ئي ايماءَ/ اشاري تي مولوي ظفر الرحمٰن دهلوي مرحوم، پاڪستان جي ٺھڻ کان اڳ، ڀارت ۾ انهن پھاڪن ۽ چوڻين جي بي بها موتين کي، لغت جي ڍنگ تي چمڪائي، معائني جي دعوت ڏيڻ گهري پئي، ليڪن هڪٻئي پويان ٻنهي وڏڙن جو اهو خواب، تقدير الٰهيءَ ۽ اڻٽر موت جي هٿارئون، بنا تعبير جي رهجي ويو. قدرت واري، هن مجموعي جي جديد ترتيب ۽ تڪميل جو پُکو، بنام من دیوانہ زدند (مون چريي جي نالي ڪڍيو).

الحمدلله ته انهن ٻنهي مرحومن جو خواب، هن پھاڪن ۽ چوڻيءَ جي پوٽليءَ/ گودڙي جي صورت ۾ پورو ٿيو. ليڪن دستِ خانہ زاد کوتاہِ شاہاں بہ شاہاں می دہند (گهر ۾ رهندڙ جو هٿ بادشاهن کان ننڍو آ پر ڏئي وري به بادشاهن کي ٿو) جي مصداق، ان کي جناب نورالحسن جعفري ۽ عالي جيءَ جي هٿارئون، باباءِ اردو ڊاڪٽر عبدالحق ۽ مولوي ظفر الرحمٰن دهلوي مرحومن جي نام ناميءَ سان منسوب ڪيان ٿو.

نوشتہ بماند سیہ بر سفید

نویسند را نیست فردا اُمید

لکيت اڇي تي ڪاري وانگر آ،

ليکڪ کي سڀان جي به اميد ناهي.

گر قبول اُفتد زہے عز و شرف

اللہ بس باقی ہوس۔

ٿئي قبول ته؛ اها ئي عزت، اهو ئي شرف.

الله ئي ڪافي آ، باقي هوس آ۔

 

سيد يوسف بخاري دهلوي

 

(سيد يوسف بخاري دھلوي؛ مرقع اقوال و امثال، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي، سال ۱۹۹۴ع، ص ۱۶ تان ترجمي سان کنيل)

No comments:

Post a Comment