تحقيق جي روشنيءَ ۾ گل شڪر
جو جائزو
ذوالفقار علي
جلباڻي
سنڌي زبان ۾ ڪيترن
ئي عالمن جو علمي ۽ ادبي ڪم آڏو اچي ٿو. هر هڪ عالم ۽ اديب جي تخليقي، تحقيقي ۽
تنقيدي صلاحيت جو دارومدار سندن ڪتابن، مقالن ۽ مضمونن ۾ معلومات ڏيڻ جو طريقيڪار
پنهنجو پنهنجو رهيو آهي. سنڌي ادب ۾، جن خدمتگارن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون
آهن، تن عالمن جي ڪم جي قدرداني ڪرڻ جو اسان مٿان فرض عائد ٿئي ٿو. سنڌي ادب جي
تاريخ، تهذيب، تمدن، سياسي، سماجي، مذهبي، سائنسي، ثقافتي، تعليمي، تحقيقي ۽ لوڪ
ادب جو خزانو ڳولي هٿ ڪرڻ ڪو ايڏو آسان ڪم نه آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ملڪي ۽
صوبائي زبانن، ادارن کي ترقي ڏيارڻ جا خواهشمند آهن تن جي رات ڏينهن واري جدوجهد
مانُ لهڻي ٿي. پراڻي دور ۾ سفري سهولتون بلڪل اڻانگيون هونديون هيون، انهن حالتن ۾
به سنڌي ٻوليءَ جي سڄڻن ڏور ڏيھ لتاڙي خزانن کي مختلف هنڌن تان ڳولي هٿ ڪري، تن وٿن
کي محفوظ ڪيو آهي. اڄ اسان وٽ جيڪو سنڌ جي ادبي تاريخ جو سرمايو ۽ ميڙي چونڊي آهي،
ان کي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪنهن حد تائين محفوظ ڪيو ويو آهي، انهن عالمن کي
اسان جي خوش آمد جي ڪا به گهرج ڪونهي ڪا. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هيءَ ڌرتي هتان
جي رهواسين لاءِ جنت جي باغ مثل آهي. اسان جا سڄڻ جن هن سرهي باغ مان طرحين طرحين
جي گلن، ٻوٽن، وڻن ۽ ولڙين جا واس وٺڻ لاءِ، سنڌ جو چپو چپو ۽ ماڳ مڪان گهمي ڦري
سير سفر ڪيا آهن. جيڪو ڪجھ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تن کي دلين ۽ ذهنن ۾ سانڍي، سيني ۾
محفوظ ڪري قلم ۽ قرطاس کان ڪم ورتو ۽ وٺي رهيا آهن. جيڪي واس وٺي پنهنجو وارو وڄائي
ويا ۽ ورتل واس جي خوشبوءِ بابت پنهنجي ڪتابن ۾ محفوظ ڪري اسان کي به معلومات ڏنائون
۽ ڏئي رهيا آهن. ملڪ جي خدمت ڪرڻ کان ڪوبه عقيدو رڪاوٽ نٿو بڻجي. سنڌ جي غير مسلم
عالمن جيڪي هن ڌرتي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون تن کي ڪير به فراموش نٿو ڪري سگهي. ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي، ڪشچند بيوس، نارائڻ شيام، هري دلگير، هري ڪانت، ڪوڙومل چندنمل کلناڻي،
حشو ڪيولراماڻي، ننديرام ميرچنداڻي سيوهاڻي، نولراءِ اڌارام ٿانورداس، ديوان پرڀداس،
خانچند درياڻي، ديوان هاسا رام، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، لالچند امرڏنومل، ڊاڪٽر
هوتچند مولچند گربخشاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، جهمٽمل نارومل وسناڻي، ماستر ڄيٺانند،
گوبند مالهي، ماسٽر چندر، راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي،
پرمانند ميوارام چوهڙسنگهه رامداس سوامي، هاسي ٻائي، ڪنور ڀڳت، ديوان ليلارام ڦيرواڻي،
هولارام پورن، سنتداس ڀاٽيه، وينا شرنگي، ڪلا پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، سوامي
پرمانند آسراڻي، ڀگوانداس کتري، موهن ڪلپنا، کيئلداس فاني، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ڊاڪٽر
ستيش روهڙا، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر ڪملا
گوڪلاڻي کان ويندي ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جن جون انيڪ سنڌي نثر ۽ نظم ۾
خدمتون آهن ۽ انهن ادبي خدمتن جي جوهرن ۾ ڇا ڇا نه ڪري ڏيکاريو آهي. سنڌ جي تعليم،
بابت جديد اسڪول، اسپتالون، فلاحي ڪم ڪيا ۽ مفت ۾ مريضن جو علاج ٿيو. سنڌي زبان جي
خدمت لاءِ وڏا وڏا جتن ڪري ان جي لڪل ۽ وکريل وٿن کي محفوظ ڪيو ويو. سنڌي ويا ڪرڻ،
سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، آثار قديمه، لغات، قصا، داستان، ڪهاڻيون، لوڪ ڪهاڻيون،
ناول، ناٽڪ، اسٽيج ڊراما، آتم ڪٿائون جيون چرتر، رسالا، اخبارون، مخزنون، ناٽڪ منڊليون،
ڊراميٽڪ سوسائٽيون، ادبي جماعتون، ڪتب خانا، ڇاپ خانا، بزم، مشاعرا ۽ درسي ڪتابن
کان ويندي، سنڌ جي علم ادب ۾ پنهنجين ذهني ۽ فڪري صلاحيتن سان علمي ۽ عملي ڪم ڪري ڏيکاريو.
اسان هتي هيٺ ڪتاب “گل شڪر” جو تحقيقي جائزو پيش ڪريون ٿا.
گل شڪر ڇا آهي؟:
“گل شڪر” سنڌي
ادب جو شاهڪار تحقيقي ادب تي آڌاريل هڪ اهڙي تحرير آهي، جنهن ۾ سنڌي زبان جا بي
بها موتي پويل آهن. هن ڪتاب جي خزاني ۾ سنڌي زبان جو هڪ بي بها خزانو کي اوتيو ويو
آهي. محقق سرڳواسي ديوان ڪيول رام سلامت
راءِ آڏواڻي جي مذڪوره ڪتاب ۾، جنهن محنت ۽ جذبي سان سنڌي ٻوليءَ جي ننڍن ٻولن کي
گڏ ڪري، سن ۱۸۶۹ع ڌاري هي ڪتاب جوڙي انهن ننڍن جملن کي “پهاڪن” جي نالي سان سڏيو ۽ ان ڪتاب
کي عنوان ڏنائين گل شڪر جيڪو دل کي فرحت بخشيندڙ نالو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري
اعجاز احمد منگي عنوان: ڇپائيندڙ پاران ۾ لکي ٿو ته: “گل شڪر” سنڌي ٻوليءَ جي هڪ
اهڙي خاصيت کي اجاگر ڪري ٿو. جس جڳائي هن ڪتاب جي ليکڪ کي جنهن ٻولي جي اهڙن پهاڪن
کي گڏ ڪري آڪٽوبر ۱۸۸۹ع ڌاري لکي پورو ڪيو.” سنڌي زبان جي هن معلوماتي ڪتاب جي ڪيترن ئي شوقينن
جن هن ڪتاب کي خريد ڪري پڙهڻ ۽ لائبريرين ۾ رکڻ ضروري ٿي ڄاتو جنهنڪري باذوق ماڻهن
جي اصرار تي هن ڪتاب کي بار بار ڇپرايو ٿي ويو. هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ڪيولرام
سلامتراءِ لکي ٿو ته: “ان ٻاجهاري رب سائين جو شڪرانو ٿو ڪريان، جنهن مون کي پڻ ان
ماڻهن ۾ اپائي، ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي نالو رکي، حيدرآباد سنڌ ۾ رهاڪو فرمايو اٿس...
ڪي ڏهاڙا سرڪار نامدار انگريز صاحب بهادر جي سلطنت جا ايمان سان نوڪري ڪري تاريخ ۱۶- فيبروري ۱۸۶۴ع کان وٺي سئو (۱۰۰) رپيا مهيني جي پينشن تي آيو آهيان. هڪڙي
مهل هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن جي ٻڌڻ جي دل رکي، تڏهن سئو (۱۰۰) ٻه سئو (۲۰۰) پهاڪا لکائي پهچايامانس. پر ويچار ڪيم جو
پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصطلاحي اکر آيا آهن، جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀني ماڻهن کي
سمجهڻ ۾ نه اچن، جن جي ٻوليءَ ماءُ پيٽان آهي، تڏهن ٻين ملڪن جي، ماڻهن کي “جي
پوءِ ٻولي ٿا سکن”، انهن لاءِ سمجهاڻي جي گهرج ڇو نه ٿيندي؟ تنهن خيال تي هن ڪتاب
جي رٿ ڪيم.” (سلامتراءِ: پيش لفظ)
مذڪوره ڪتاب کي
مرتب جنهن محنت سان تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي سان گڏ انهيءَ جملي جي سمجهاڻي
ڏئي ڪن فارسي جي پهاڪن جا مثال ۽ ڏکين لفظن جون صفحن هيٺ معنائون به ڏنيون ويون
آهن جنهن سان پڙهندڙن کي آساني ٿئي ٿي ته ڪٿي وري ڪن لفظن کي پڙهندي مونجهارا به آڏو
اچن ٿا جنهنڪري جملي جي لڪل توڙي ڳجهي معنيٰ سمجھ ۾ گهٽ اچي رهي آهي، پر محنت سان ڪيل
ڪم جي اهميت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي. هن ڪتاب جي مواد کي الف- ب جي سري هيٺ
ورهايو ويو آهي: الف) جي سري هيٺ ۶۳ املھ ۽ آزمودن تي رکيل گفتا آهن ۽ انهن جملن جون سمجهاڻيون
۽ فارسي مقولا ۽ انهن جو سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي ۽ تهڙي طرح (ب) سري هيٺ نو، (۰۹) ۽ (ٻ) ۾ يارهن ۽ (ڀ) ۾ پندرهن، (ت) هيٺ
يارهن، (ٿ) ۾ چار، (ٽ) ۾ هڪ، (ٺ) ۾ ٽي، (پ) ۾ ايڪيتاليھ، (ڦ) هيٺ ست، (ج) ۾
پنجونجاهه، (ڄ) هيٺ ڇھ، (ج) ۾ هڪ، (چ) هيٺ چوڏهن، (ڇ) سري هيٺ ٻه، (ح) هيٺ هڪ، (خ)
هيٺ هڪ، (د) هيٺ اٺ، (ڌ) هيٺ چار، (ڏ) ۾ اوڻيھ، (ڊ) هيٺ هڪ، (ر) هيٺ چوڏهن، (ز) ۾
هڪ، (س) ۾ ٽيتاليھ، (ش) هيٺ ٽي، (ص) هيٺ ٽي، (ظ) هيٺ ھڪ، (ع) ۾ چار، (غ) سري هيٺ هڪ
(ق) ۾ ٻه، (ڪ) سري هيٺ ۾ ٻاونجاهه، (ک) ۾ چوڏهن، (گ) ۾ اوڻيھ، (ڳ) ۾ چار. (گھ) جا
چوڏهن، (ل) جي سري هيٺ سورهن، (م) ۾ ستٽيھ، (ن) سري هيٺ ويھ، (و) هيٺ پندرهن، (ھ)
هيٺ ستاويھ ۽ (ي) سري هيٺ ٻه ڏنا ويا آهن، جن سڀني ٻولن يا جملن کي ليکڪ پهاڪا ڪوٺيو
آهي ۽ ڪٿي ڪٿي اصطلاحي معنائن جو به اشارو ڏنو آهي. ڪتاب ۾ وڏن ۽ مکيه جملن جو
تعداد پنج سئو ستر آهي ۽ انهيءَ کان علاوه جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته مذڪوره ڪتاب
۾ فارسي جا به ڪيترا ئي مقولا ترجمي سميت ڏنا ويا آهن. اسان جڏهن ڪتاب جو مطالعو ڪيو
ته اسان کي پنج سئو ستر نصيحت تي مبني جملن کي ڪي پهاڪا، ڪي چوڻيون ته ڪي روز مره
۽ ورجيسون به محسوس ٿيون آهن. مذڪوره ڪتاب ۾ مزيدار، ڪڙن مٺن جملن ۾ جيڪا ڏاهپ
سمايل آهي، سا پکين، جانورن، وڻن، ٻوٽن، موسمن ۽ مندن کي آڏو آڻي سماج کي سڌارڻ ۽
سنوارڻ جو ڏس مليل آهي. ڪتاب “گل شڪر” ۾ جملا ڪنهن چيا ۽ ڪڏهن چيا؟ ڪهڙن ماڻهن چيا
ان جو ڪوبه ڏس پتو ڪونهي. بهرحال جملن جي اندر جيڪا معنيٰ رکيل آهي، سا انسان ذات
جي انهن ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جا آزمودا ۽ مشاهدا آهن جيڪي سياڻن، ايامن کان اياڻن کي
نصيحتون ڏيڻ لاءِ جوڙيا آهن.
عالمن جي ڪم جي روشنيءَ ۾:
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي
اسي صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو آهي جنهن جو عنوان آهي: “لاڙي ۽ ڪڇي” (سنڌيءَ
جا ٻه محاورا). هن ڪتاب ۾ هن لاڙ جي مختصر تاريخ، سنڌيءَ جي قدامت، لاڙي محاورا ۽
لاڙي محاورو کان ويندي اٺين باب ۾ ڪڇي محاوري جون خصوصيتون بيان ڪيون آهن. ڊاڪثر
عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: “سنڌي زبان مختلف دورن ۽ انقلابن جا نشان ۽ اهڃاڻ
محفوض رکيا آهن... اسين “ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي” چئون ٿا، پر دنيا جي هر خطي،
انتظامي پرڳڻي، ضلعي يا ايراضيءَ ۾ مفاصلي جي ڪري ٻولي ٻي يعني محاورو (Dialect) ۽ ننڍو
محاورو(Sub-dialect)
موجود آھي. هڪ جو ايراضيءَ سان فرق هڪ حقيقت آھي، ڪو ٻوليءَ جو بگاڙ نه
آھي.” (جوڻيجو: ۲۰۰۸، ۱۳)
انهيءَ ئي حوالي هڪ
ٻيو محقق، ڊاڪٽر محمد عمر چنڊ لکي ٿو ته: “سنڌ ۾ “لهجي” کي عام طور محاورو سڏيو
ويندو آهي. دراصل لسانيات جي علم موجب “محاورو” لفظ صحيح نه آهي... لسانيات جو علم
“هڪ ڄاڻان آءُ ٻيو ڄاڻي ڪانءُ”
دليل: آءُ چوان ٿو
ته محاورو لفظ صحيح ناهي.
نتيجو: ان مان ثابت
ٿيو ته لسانيات جي علم موجب محارو لفظ صحيح نه آهي.” (چنڊ: ۲۰۰۴، ۵۰، ۵۱)
سنڌي زبان هڪ بڻيائتي
۽ وسيع زبان آهي. جيڪي به ان جا ڳالهائيندڙ آهن سي سڀ ان جا محافظ آهن. سياڻن ماڻهن
جا مقولا جيڪي هنڌين ماڳين روزاني زندگي جي ڪار وهنوار ۾ استعمال ٿين ٿا، تن ڪارائتن
مثالي جملن جي وڏي اهميت آهي، ليڪن اسان جا محقق انهن ننڍڙن ۽ معنيٰ دار جملن تي
جيڪو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪري رهيا آهن انهيءَ ڪم جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته ڪنهن مخصوص
نقطي تي نٿو پهچي سگهجي ته آخر پهاڪي، چوڻي، اصطلاح، محاوري، ورجيس ۽ روزمره واري
راز کي فني حوالي سان ڪيئن پرکجي ۽ جدا ڪجي جو جنهن مان ڪو پڙهندڙ انهن چيزن جي هڪ
ئي مقرر ڪيل طريقيڪار موجب ڪا وصف ٻڌائي يا سمجهائي سگهي. انهن نصيحت آميز نقطن جي
درست دڳ واري وضاحت نه ڪرڻ ڪري مذڪوره شين کي نه سمجهڻ ڪري دشواري پيش اچي رهي آهي
ته ٻئي طرف پهاڪا، اصطلاح، محاورا، ورجيسون، چوڻيون ۽ روز مره وارا مثالي جملا
مونجهاري وارا ڪر کڻيو بيٺا آهن. مذڪوره چيزون جن کي پهاڪا چيو وڃي ٿو تن جي پٺيان
ڪا نه ڪهاڻي آهي. مثال: “ويٺلن جون وڇون ستلن جا پاڏا”، “بابهين جي گهاٽي سرنهن ڏٺي
سين”، جهڙا جملا ماڻهن جا اکين ڏٺا واقعا آهن ته اصطلاح وري ٻن معنائن تي ٻڌل ٻول
آهي، جنهن جو آخري حرف مصدر يعني “ڻ” هجي. مثال: “تريون مهٽڻ”، “اک لڳڻ” وغيره. ڊاڪٽر
اسد جمال پلي پنهنجي مضمون “سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون” ۾ لکي ٿو ته: “چوڻيون،
قول، مثال ۽ پهاڪا، دراصل ڳالھ جو گس يا رخ ڏسيندا آهن. لفظ “پهاڪو” نڪتو ئي “پهي”
مان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي “رستو” يا “پيچرو”. تمام مختصر لفظن ۾ ڳالھ جو رخ، چوڻيءَ
يا پهاڪي ذريعي ٻڌائي ڇڏبو آهي.” (پلي: ۲۰۰۸، ۱۷۸)
پهاڪن جي ماهيت ۽
ترڪيب بابت ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي رقم ٿو ڪري ته: “پهاڪو لفظ جي لغوي معنيٰ آهي
ته: “پھ ڪري يا سوچي سمجهي اچاريل ٻول” ليڪن اصطلاحي معنيٰ ۾ هڪ عام چوڻيءَ کي پهاڪو
چيو ويندو آهي. يعني اهڙو جملو جنهن جو ڪنهن ڳالھ يا نتيجي واسطي هڪ “مثل” ڪري دهرائڻ
جيڪو ٻوليءَ ۾ عام هجي. ان ڪري عربي زبان ۾ پهاڪي کي چوندا ئي “ضرب المثال” آهن،
يعني ٻوليءَ ۾ رواج پاتل اهڙيون سٽون، جيڪي ٽيڪا يا مثال جي طور تي بيان ٿينديون
هجن. انگريزيءَ ۾ به پهاڪي کي POPULAR
SAYING يا PROVERB
يعني “مقبول چوڻي” نالو ڏنو ويو آهي.” (عرساڻي: ۲۰۱۲. ۱۶)
انجنيئر عبدالوهاب
سهتو لکي ٿو ته: “هڪ مڪمل جملو، جيڪو پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم کي قائم رکندي، مثال جي
طور ڪتب اچي ۽ عوام ۾ عام هجي، ان کي مثالي جملو چئبو آهي. مثالي جملي جي ذمري ۾
ورجيسي جملو. چوڻي، پهاڪو، قول، ٻول يا گفتو وغيره اچي وڃن ٿا.” (سهتو: ۲۰۰۴، ۱۷)
سنڌي زبان جي ادبي
تاريخ جي مطالعي ڪرڻ سان معلومات ملي ٿي ته هتان جا ماڻهو وڏا گڻائتا آهن. اسان جي
شاعرن جي ڪلام جو مطالعو ڪريو يا ڳوٺن شهرن جي ماڻهن سان ڪچهريون ڪريو انهن جي
زبان مان موتي ئي ڇڻندي ٻڌبا سندن جملا قول ۽ انهن وٽ ڳالهائڻ جا ڪيترائي نمونا
آهن. جهڙي نيت سان مخاطب ٿيو، تهڙو ئي جواب ملندو ظاهري توڙي لڪل معنائون پيون
طرحين طرحين رنگ بدلائينديون. سنڌي ماڻهو جڏهن پنهنجي اوطاقن، گهرن، گهٽين ۽ ڪچهرين
۽ ڪمن ۾ مصروف هجن مرد توڙي عورتون انهن جي زبان مان پهاڪن، چوڻين جا موتي پيا نڪرندا.
ڪنهن کي برو ڀلو چوڻ وقت به اخلاق جو دائرو پار نه ڪندا، پر جهڙو ڪم، مُنهن ۽ ڪردار
اڳلي جو هوندو جواب به اهڙو ڏيندا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته: “ظاهري
طرح ڳالهائيندڙ جي طرفان استعمال ڪيل لفظن، فقرن يا جملن جو مقصد هڪڙو هوندو آهي،
پر انهن لفظن، فقرن ۽ جملن جي اندروني معنيٰ مفهوم ڪو ٻيو هوندو آهي. ٻوليءَ جي اهڙي
انداز بيان يا انداز گفتگوءَ کي ٻوليءَ جو “علامتي استعمال” يا “ڍڪيل استعمال” يا
“ٻوليءَ جي استعمال ۾ سونهن وارو انداز” يا “حسن بيانيءَ” وارو انداز چئبو آهي. ڪن
حالتن ۾ اهڙي قسم جي ٻولي يا ان جي ڳالهائڻ جو انداز، عورتن واري ماحول ۾ مردن
واري ماحول کان مختلف هوندو آهي.” الانا: ۲۰۲۰، ۱۷۳)
اسان جڏهن سنڌي ٻوليءَ
۾ تحرير ڪيل تصنيفات جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسان کي سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي عالمن جا
نالا ملن ٿا جن ۾ ڪي آهن: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ هدايت پريم جي هڪ گڏيل مجموعي
“ٿر جي ٻولي” (۱۹۹۴ع)، ڊاڪٽر هدايت پريم جي “اُترادي ٻولي”، (۱۹۹۵ع)، مرليڌر جيٽلي جو “سنڌي پهاڪا ۽ مُحاورا”
(۲۰۰۴ع)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو “لاڙ ۽ ڪڇي: سنڌي جا ٻه محاوار”، (۲۰۰۸ع)، ڊاڪٽر فهميده حسين جو “سنڌي ٻولي: مختلف
لساني لهجا”، (۲۰۱۲ع)، ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪ چنداڻي جو “سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي-ثقافتي اڀياس”
(۲۰۱۰ع)، جو اڀياس ڪرڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ جو مذڪوره ڪتاب سنڌي پهاڪن، چوڻين،
اصطلاحن ۽ محاورن کي چڱي نموني سمجهائڻ جي معلومات ڏين ٿا. مذڪوره تصنيفات جي
روشنيءَ ۾ ديوان ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي جي ڪتاب “گل شڪر” جو جائزو آساني سان ڪري
سگهبو ته ليکڪ جن چيزن کي رڳو پهاڪن جو نالو ڏنو آهي تن جي گهري اڀياس کانپوءِ ڪنهن
نتيجي تي پهچي سگهبو. هن ڪتاب ۾ ڪهڙا پهاڪا، ڪهڙيون چوڻيون ۽ ڪهڙا محاورا آهن. مٿي
ڏنل ۽ ڪن ٻين ڪتابن جي روشنيءَ مان “گل شڪر” جي مواد کي آڏو آڻي تن نقطن ۽ گفتن جي
چڱيءَ طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهبي. ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي صاحب، پهريون قلمڪار
آهي، جنهن سنڌي پهاڪن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آندو آهي.
“سنڌي ٻوليءَ
۾ پهريون دفعو پهاڪن تي گڏيل اوڻيهين صدي ۽ ويهين صديءَ ۾ ڪم ٿيو ۽ پهاڪن تي ڪم ڪندڙ
عالمن جڏهن پنهنجي ميڙي چونڊي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ته انهن پنهنجي
اهڙين محنتن تي نالا ڏاڍا سهڻا، وڻندڙ، مٺاڻ ڀريا ۽ ذائقيدار رکيا جو ڪتاب جو نالو
ڏسي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪجي وڃي. ديوان صاحب ۱۸۶۹ع ۾ سنڌي پهاڪن تي مشتمل ڪتاب لکيو نالو ڏنائينس “گل شڪر”
۽ ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي به پنهنجي گڏ ڪيل محنت يعني پهاڪن ۽ اصطلاحن جي
مجموعي جو نالو رکيو “گلقند” ۽ ورهاڱي کانپوءِ، ۱۹۵۶ع ۾ غلام اصغر ونڊير محاورن (اصطلاحن) جو
مجموعو شايع ڪيو ته نالو رکيائينس “کٽمٺڙا”. گل شڪر، گلقند ۽ کٽمٺڙا جهڙا نالا ٻڌڻ
سان ئي زبان گلن ۽ مٺاڻ جي ذائقي سان ڀرجي وڃي ۽ ڪنهن سٺي شيءِ جي ذائقي جو احساس
پيدا ٿيو وڃي ٿو، جيڪو دل ۽ دماغ کي تر ۽ تازو ڪري ڇڏي ٿو.” (پروفيسر نذير احمد
سومرو: سادا اکر، ۷، ۸)
دنيا جي سڌريل زبان
پنهنجي علمي ۽ ادبي ذخيري سان مالا هوندي آهي، ان ۾ هر قسم جا لفظ ۽ معنائون ۽
مثالي جملا، ڪهاڻيون ۽ ڪهاوتون، سياڻن ۽ سمجهوئن سگهڙن جا ٻول وافر مقدار ۾ ملندا
آهن. جهڙي طرح سنڌي ٻولي پنهنجي دامن ۾ ڪيئي لفظ ۽ لفظن جي معنائن، علمي ۽ ادبي
ذخيري سان مالا مال آهي. سنڌي زبان ۾ هر خطي جا پنهنجا پنهنجا پهاڪا، محاوارا، چوڻيون،
ورجيسون ۽ ڪهاڻيون هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن. اسان ڪتاب “گل شڪر” کي جڏهن آڏو
رکي مطالعو ڪريون ٿا ته انهيءَ ڪتاب ۾ جيڪي املھ ٻول آهن، تن کي ليکڪ پهاڪا چيو
آهي، تن کي جڏهن فني روشنيءَ ۾ پرکجي ٿو ته ڪي پهاڪا ته ڪي ٻول وري ڪي جملا ۽ لفظ
محاورن ۽ چوڻين جي روپ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مذڪوره ڪتاب جي صفحي نمبر چوئيتاليھ تي پهاڪو
نمبر پنجاسي ڏنو ويو آهي. “ڀڳيءَ سان ڀير جاسين رتو راس ٿئي” اُن پهاڪي بابت ڊاڪٽر
آفتاب ابڙو لکي ٿو ته: “‘ڀڳي’ ضرور ڪنهن شيءِ ڏانهن اشارو آهي، يعني ڪنهن اسم جي
صفت، جا يقينن “مونث” آهي، پر “جيسين رتو راس ٿئي” مان اهو مفهوم نڪري ٿو ته اها
شيءِ، “مذڪر” آهي. هڪ ئي مصرع ۾ ٻه متضاد خيال آهن.
اسان جي خيال ۾
درست پهاڪو هن ريت آهي:
“ڀڳي ئي سان ڀير،
جسين رتو راس ٿئي.” (ابڙو: “سنڌ ٻوليءَ جو سماجي ڪارج تي هڪ نظر” (مقالو)، ۲۴، ۲۵)
ابڙي صاحب انهيءَ
مثال کي اڃان به وڌيڪ زور وٺرائيندي، پنهنجي ڳالھ کي وزندار بڻائڻ لاءِ شاھ
عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام مان مثال ڏيندي لکي ٿو ته:
”ڀڳو ئي ڀير،
جان سين رتو راس ٿئي،
بري بيڪارن سين، هاري، پاڻ مَ هير،
ڪتُ ڪتينديون ڪير، نئين سين ڄاڻجي.“
مذڪوره بيت جي
سوجهري ۾ مٿئين پهاڪي جي وضاحت هن ريت ڪئي وئي آهي:
“ڀڳي ئي سان ڀير=
ڀڳل (ٽٽل، ڊٺل) سان ئي،
ڀير= ڦير، ڦيراءِ،
هلاءِ
رتو= رتل (ڳاڙهو)
نئون ايٽِ،
راس= راست، درست، ٺيڪ،
تيار (مڪمل).” (ابڙو: ۲۵)
اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر
آفتاب ابڙو، “گل شڪر” ۾ آيل جملي “پاڻ نه پلي ڏوجهان متيان ڏيوي= جي اصلاحي سلسلي
۾ ڪن درستگين جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
لفظ پهاڪي جي مختلف
حوالن سان عالمن سمجهاڻيون ڏنيون آهن، هي هڪ اهڙو جملو هوندو آهي، جيڪو جملي ۾ ڪن ٻن
جزن تي آڌاريل هوندو آهي ته وري ڪن عالمن لهجن ۽ محاورن تي بحث ڪري پنهنجي روءِ ته
ڪن وري علمي بنيادن تي راءِ قائم ڪئي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: “ڪنهن
به ٻوليءَ جي لهجن ۽ محاورن جي تقسيم جي لاءِ ٻيو اصول، جاگرافيائي حالتون ٻڌايو
ويو آهي. سنڌ جي جاگرافيائي حالت جي لحاظ کان سنڌي ٻولي جن لهجن ۾ ورهائي وئي آهي،
اُهي لهجا هي آهن:
(۱) اُترادي ٻولي (۲) وچولي ٻولي (۳) لاڙي ٻولي (۴) ٿري ٻولي (۵) پارڪري ٻولي (۶) ڪوهستاني ٻولي (۷) ڪڇي ٻولي (۸) فراڪي ٻولي (۹) ماڇڪي ٻولي ۽ (۱۰) جدگالي ٻولي. اهي سڀ لهجا وري اڳتي مقامي
لحاظ کان ننڍن “محاورن” (Idiolects) ۾ ورهايل آهن.” (الانا: ۲۰۲۰، ۱۵)
اسان جڏهن سنڌ جي
مختلف خطن جي سنڌي زبان ڏانهن توجھ ڏينداسين ته هر علائقي جا پنهنجا پنهنجا
اصطلاح، چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا ملن ٿا، جيڪي اتان جي مقامي لهجي ۾ چيل آهن. اُهي ٻول
ماڻهن جي ذاتي يا گڏيل تجربن، آزمودن ۽ مشاهدن مان نڪتل ۽ قبول ڪيل گفتا آهن.
ڪيولرام سلامتراءِ
آڏواڻي، حيدرآباد خطي جو رهواسي هو ۽ ان جو سنڌي علم ادب ڏانهن مثبت لاڙو ۽ شوق ٻڌائي
ٿو ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪي پنج سئو ستر (۵۷۰)، پهاڪا گڏ ڪيا آهن تن جي وڏي اهميت محسوس ٿي رهي آهي.
ليکڪ جو سنڌي زبان سان هڪ طرف پيار ۽ جذبو نظر اچي ٿو، جو مختلف هنڌن تان وڏي محنت
سان سنڌي زبان جي قيمتي سرمايي کي وڏي پاٻوھ سان ڳولي هڪ هنڌ ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪيو
آهي اهو هڪ وڏو ڪم آهي. هن دور جي گهرجن مطابق سمجهڻو پوندو ته جن کي ليکڪ پهاڪا
چيو آهي، سا ڳالھ ڪيتري اهميت واري محسوس ٿي رهي آهي، انهيءَ ڳالھ کي علمي بنيادن
تي سمجهڻو ۽ پرکڻو پوندو ۽ پوءِ ئي ڪنهن نتيجي طرف اچي سگهبو. وڏن وڏن عالمن جي ڪتابن
جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته جن سمورن جملن کي رڳو پهاڪا چيو ويو آهي تن جي اڀياس مان
معلوم ٿئي ٿو ته اُن ۾ ٻيا وکر به آهن جن ۾ ڪي گفتا، چوڻيون، ورجيسون ته ڪي محاورا
به آهن. اسان کي هن جديد دور جي تقاضائن مطابق سنڌي ٻوليءَ جي گڏ ڪيل قيمتي ورثي
کي پرکڻو ۽ سمجهڻو پوندو ته هي گڏ ڪيل نصيحتن ڀريا اصطلاحي گفتا فني حوالي سان ڪهڙي
دائري ۽ ڪهڙين صنفن ۾ اچن ٿا تن کي علمي بنيادن تي پرک ڪري جدا ڪرڻو پوندو، جيئن
ايندڙ نسل انهيءَ مونجهاري جو شڪار نه رهي. اسان جي عالمن انهيءَ موضوع تي سطحي
طور تي ڪم ڪيو آهي، جيڪا هڪ اڳڀرائي سمجهڻ گهرجي، پر انهيءَ ۾ اڃان وڌيڪ ڪم جي
ضرورت آهي. ڪو وقت هو جو لس ٻيلو ۽ ڪڇ، جهونا ڳڙھ ۽ ڪاٺياواڙ جون ڪي رياستون هيون
اُتان ۽ هِتان جي ماڻهن جو پاڻ ۾ ميل جول ٿيندو رهيو آهي. هن وقت توڙي جو مذڪوره
علائقا سنڌ کان ٻاهر آهن، پر سنڌي ٻولي انهيءَ لساني ميل ملاقاتن وارا گڻ پاڻ ۾
سانڊيندي رهي آهي. هن وقت انهيءَ ڳالھ جو مطالعو درڪار آهي ته اسان کي انهيءَ
سرمايي کي ڪٺو ڪري پرک ڪرڻي پوندي ته اُترادي پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح ڪهڙا آهن ۽
انهيءَ مان ڪهڙو مطلب ظاهر ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ جو پهاڪن، اصطلاحن، ورجيسن، محاورن ۽ چوڻين
۾ نصيحتون رکيل هونديون آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. اسان جي ڪم، ڪارج،
ڪارڪردگي، اٿ ويھ، ادب اخلاق، اخلاقي ۽ سماجي حالتن جي نشاندهي ڪن ٿا. سنڌي سماج ڇا
سوچيو ۽ ڪيئن سوچيو ۽ ڪيئن ڪم ڪيو؟. اسان جو ڏاهو انسان پکين، جانورن، جيتن جڻين
جا مثال ڏئي انساني اخلاق جا معيار بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن هڪڙو انسان ڀتا
ڪم ڪري ٿو ۽ پوري انسانيت کي لڄائي ٿو، تڏهن هڪ ڏاهو انسان، اسان جي انهن خراب لڇڻن
کي خراب جانورن سان ڀيٽ ڏئي سمجهائي ٿو پنهنجن مختصر جملن ۾ وڏو مفهوم رکي ٿو انهن
جملن ۾ ڪيڏي وڏي معنيٰ رکيل آهي سا انهن جملن جي ڳُجهين معنائن تي غور ڪري سگهجي ٿو.
هن وقت اسان ڇا ڪري رهيا آهيون ۽ دنيا ڇا ڪري رهي ۽ پاڻ ڪٿي پهتا آهيون، اهو ڪنهن
کان لِڪل ڪونهي. پروفيسر نذير احمد سومرو لکي ٿو ته: “نواڻ جي نالي ۾ ڪهڙا سبق
آندا ويا آهن؟ اهو به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. نتيجو هي نڪتو آهي ته نالي ۾ پڙهيل ڪڙهيل
“انسانن” مان “انسانيت” ۽ ماڻهن منجهان “ماڻهپو” ختم ٿي ويو آهي. حالت اها آهي جو ڪنهن
سياڻي درويش انسان جيان ڏينهن ڏٺي جو به چراغ يا بتي ٻاري هڪ “انسان” کي ڳولڻو پوي
ٿو ته “انسان ڪٿي آهي”؟ پهاڪي جو ڪمال هي آهي ته اهو وڏي مفهوم واري ڳالھ کي مختصر
ڪرڻ جو گُر سيکاري ٿو.” (سادا اکر: ڪتاب: پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون، ص، ۱۰). ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪ چنداڻي پهاڪي لفظ جي
وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: “پهاڪو هڪ الڳ پورو جملو يا جملن جو ايڪو هوندو آهي، پر
محاورو هميشه ڪنهن جملي جو جزو هوندو آهي، جيئن “انڌن ۾ ڪاڻو راجا”، “مينهن پنهنجي
ڪارنهن ڏسي ڪا نه، ڳئون کي چوي، هل ڙي پڇ ڪاري” پهاڪا آهن. پهرين پهاڪي ۾ هڪ جملو
آهي ۽ ٻئين پهاڪي ۾ ٽي جملا آهن.” (روي پرڪاش: ۲۰۱۰، ۸۷)
ساڳيو مصنف لفظ
“ورجيس” بابت لکي ٿو ته: “اهو سوتر پريوگ يا (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال)، جيڪو
بيان ۾ ڪنهن جملي جو حصو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ لفظي معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪبو آهي،
تنهن کي “ورجيس” چئبو آهي.” (روي پرڪاش: ۲۰۱۰، ۱۲۰) اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر
روي پرڪاش ورجيس جي ڪجھ لفظي معنيٰ جا مثال ڏنا آهن:
اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت.
اڇو جهڙو کير.
ڇوڪر ٻاڪر، واڻيا وڪال،
چور چڪار، گهڻو تڻو، پيلو جهڙو هئڊ.
اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر
روي پرڪاش محاوري ۽ اصطلاحن جي پڻ وضاحت ڪئي آهي.
اسان پنهنجي موضوع ڏانهن
ايندي هت هيٺ ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جي ڪتاب “گل شڪر” مان ڪن نصيحت ڀرين نقطن
کي مطالعي هيٺ رکون ٿا ۽ هرهڪ جملي جو نمبر جيڪو “گل شڪر” ۾ ڏنو ويو آهي سو ڏسي
سگهجي ٿو:
1.
پهاڪو نمبر (۱) اڻندو اُها جا ڪوريءَ جي من هوندي (پهاڪو)
2.
پهاڪو نمبر (۵) انڌي وڃي ملتان لڌو (چوڻي)
3.
پهاڪو نمبر (۶) اهو ڪر جو مينهن وسندي ڪم اچيئي (پهاڪو)
4.
پهاڪو نمبر (۷) استاد جي مار سنوار آهي (ورجيس)
5.
پهاڪو نمبر (۱۰) اَڄاڻ لاءِ جهڙي مصري، تهڙي ڦٽڪي (چوڻي)
6.
پهاڪو نمبر (۱۶) اهو سون به گهوريو جو ڪن ڇِني (پهاڪو)
7.
پهاڪو نمبر (۱۸) اٽي ۾ لوڻ (اصطلاح)
8.
پهاڪو نمبر (۲۲) اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت (پهاڪو)
9.
پهاڪو نمبر (۲۳) انڌن جي وهانءِ، منڊا نچن، ٽنڊا پائن ڦيريون (چوڻي)
10.
پهاڪو نمبر (۲۵) اٺ جي وات ۾ جِيرو (محاورو)
مطلب: جِيرو تمام سنهڙي داڻي وارو اناج آهي ۽ اٺ جو وات وڏو جو ٿلهو گاھ
چري. هنن چوڻين ۾ وڏيون نصيحتون شامل آهن، جيڪي ظاهري طور جانورن ڏانهن منسوب آهن،
پر زماني جي لالچي ۽ حرص خور ماڻهن ڏانهن اشارا ڪيل آهن.
11.
پهاڪو نمبر (۲۷) انڌن آندو ٻليُن چٽيو (چوڻي)
12.
پهاڪو نمبر (۳۲) انڌا رکن روزا، تڏهن ڏينهن به ٿين وڏا (چوڻي)
13.
پهاڪو نمبر (۳۳) اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها زبان ڇانوَ ۾ به وهاري (چوڻي)
14.
پهاڪو نمبر (۳۹) اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائيندو تنهن کي مُنهن ۾ پوندي (پهاڪو)
15.
پهاڪو نمبر (۴۳) اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجھ ته به رڙي، کنڊ وجھ ته به رڙي (چوڻي)
16.
پهاڪو نمبر (۴۴) اگھ کٽيو کائجي، وَٽَ کٽيو نه کائجي (پهاڪو)
مطلب: واپاري جي ڪم ۾ اگھ مهانگو يا سهانگو وڪڻڻ واپارين جو ڌرم آهي، پر ڪي
دوکيباز واپاري اگھ مهانگو ٻولي وٽ کوٽي سان تور ڏين. اهڙن دوکيبازن جو زمانو ته
اصل کان ته هلندو رهيو آهي. ليڪن موجوده دور يا زمانو انتهائي ڪِري پيو آهي. ڇاڪاڻ
جو واپار ۾ لاها چاڙها ٿيندا آهن، ليڪن هن وقت افسوس جو مقام آهي جو هڪ واپاري کان
مون پنج ٻوريون ڪڻڪ خريد ڪئي ته انهيءَ واپاري چيو ته ڪڻڪ جي ٻورين جي تور ٿيندي،
جڏهن تور ٿي ته هڪ هڪ ٻوري چوڏهن کان سورهن ڪلو تائين واڌ ٿي.! هي پهاڪو به ڪنهن
ماڻهوءَ جي مشاهدي مان گذريو هوندو، ان ڪري اهڙي گفتي وجود ورتو هوندو.
17.
پهاڪو نمبر (۵۰) اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي (پهاڪو)
18.
پهاڪو نمبر (۵۱) آئي ٽانڊي ڪاڻ بورچاڻي ٿي ويٺي (چوڻي)
19.
پهاڪو نمبر (۵۲) اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو (ورجيس)
20.
پهاڪو نمبر (۵۴) انڌو هاٿي لشڪر جو زيان (چوڻي)
21.
پهاڪو نمبر (۶۱) انڌو ۽ اڻ سونهون هڪجهڙا (چوڻي)
22.
پهاڪو نمبر (۶۲) اٺ ٻڍو ته به، ٻه ڪنواٽ لهي (چوڻي)
23.
پهاڪو نمبر (۶۸) بي عقل دوست کان داناءُ دشمن چڱو (پهاڪو)
24.
پهاڪو نمبر (۷۲) بڇڙو ڪتو ڌڻي پُڻائي (چوڻي)
25.
پهاڪو نمبر (۷۵) ٻه ڀائر ٽيون ليکو (روز مره)
26.
پهاڪو نمبر (۸۲) ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا (روز مره)
27.
پهاڪو نمبر (۹۷) ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتا پيا آهن (چوڻي)
28.
پهاڪو نمبر (۱۰۹) تِرجي گُٿِي سئو چوٽون کائي (چوڻي)
29.
پهاڪو نمبر (۱۱۴) ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو (ورجيس)
مطلب: ٽٽون يعني ڍِلو گهوڙو، ٽارو يعني لڪڻ. مطلب سياڻو ماڻهو اشاري ۾
سمجهي وڃي ۽ بي قوف کي مونجهارا ئي مونجهارا پيش اچن.
30.
پهاڪو نمبر (۱۱۵) ٺَلهو چَڙو وڄي گهڻو (ورجيس)
31.
پهاڪو نمبر (۱۱۹) پُڇَندڙ نه مُنجهندڙ (روز مره)
32.
پهاڪو نمبر (۱۲۲) پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهجن (چوڻي)
33.
پهاڪو نمبر (۱۲۷) پيٽ ڀريو ته، مُنهن ڪارو سهي (چوڻي)
34.
پهاڪو نمبر (۱۳۳) پرائي دُهلين احمق نچي (چوڻي)
35.
پهاڪو نمبر (۱۵۹) ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ (محاورو)
36.
پهاڪو نمبر (۱۷۱) جهڙا عاشق عيد ۾ تهڙا منجھ مقام (پهاڪو)
37.
پهاڪو نمبر (۱۷۶) جُڙيءَ کي جَسُ (محاورو)
38.
پهاڪو نمبر (۱۸۲) جن جي پليءَ ۾ داڻا، سي چريا ئي سياڻا (پهاڪو)
39.
پهاڪو نمبر (۱۹۱) جَوَ ڍيرِي، گڏھ رکوال (چوڻي)
40.
پهاڪو نمبر (۱۹۹) جڳ مڙيوئي جوا بازي، ڪِن کِٽيو ڪِن هارايو (پهاڪو)
41.
پهاڪو نمبر (۲۰۷) جهڙي نيت، تهڙي مراد (چوڻي)
مطلب: نيت چڱي هوندي، ته مراد چڱي پرائبي.
42.
پهاڪو نمبر (۲۱۰) جهڙا روح، تهڙا ختما (چوڻي)
43.
پهاڪو نمبر (۲۱۱) جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا (چوڻي)
44.
پهاڪو نمبر (۲۱۲) جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا (چوڻي)
45.
پهاڪو نمبر (۲۱۸) جيءُ خوش، ته جهان خوش (چوڻي)
46.
پهاڪو نمبر (۲۲۰) جيري لاءِ ٻڪري نه ڪُهجي (پهاڪو)
47.
پهاڪو نمبر (۲۲۶) ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات (مثالي چوڻي)
48.
پهاڪو نمبر (۲۳۲) چريا چرين گڏيا، ادا عيد مبارڪ (محاورو)
49.
پهاڪو نمبر (۲۳۴) چريءَ جو چوڙو ڪڏهن ٽنگ ۾ ڪڏهن ٻانهن ۾ (ورجيس)
50.
پهاڪو نمبر (۲۴۲) ڇتي ڪُتي جي دوا ڀتر (محاورو)
مطلب: لچ ماڻهو موچڙي سوا نه سڌري
51.
پهاڪو نمبر (۲۴۹) دل کوٽِي عذر گهڻا (محاورو)
مطلب: جڏهن دل ۾ کوٽ هوندو، تڏهن گسائڻ لاءِ بهانا گهڻا.
52.
پهاڪو نمبر (۲۵۲) دل ڪاريءَ کان مُنهن ڪارو چڱو (پهاڪو)
53.
پهاڪو نمبر (۲۵۳) دولتمند جا ڏاند ويامن (محاورو)
54.
پهاڪو نمبر (۲۵۹) ڏاهو ڪانءُ ٻه جنگهو ڦاسي (چوڻي)
55.
پهاڪو نمبر (۲۶۰) ڏڌو کير ٿڻن ۾ نه پوي (محاورو)
56.
پهاڪو نمبر (۲۶۲) ڏيئِي کي پُٺ ۾ اونده (چوڻي)
57.
پهاڪو نمبر (۲۶۴) ڏنڀجي گڏھ، سور ٿئي ساٽيءَ کي (پهاڪو)
مطلب: ساٽي؛ گڏھ جو ڌڻي. گڏھ کي ڏنڀ ڏجي ۽ سور گڏھ جو مالڪ محسوس ڪري.
58.
پهاڪو نمبر (۲۶۸) ڏني جو پٽ ڇٽو (محاورو)
59.
پهاڪو نمبر (۲۶۹) ڏٻري ڍور کي مڇر گهڻا (محاورو)
مطلب: هيڻي کي سڀ ڪو تڪليف ڏئي.
60.
پهاڪو نمبر (۲۷۰) ڏيڻ، ڏيھ ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، ٽيئي اهنجا (تجنيس حرفي تي ٻڌل محارو)
مطلب: ڏيڻ يعني ناڻو هٿان ڏيڻ، ڏيھ ڇڏڻ يعني وطن ڇڏڻ ۽ پرڏيھ وڃڻ، ڏيهي
يعني مرڻ، سچ هي ٽئي ڪم ڏاڍا اهنجا آهن.
61.
پهاڪو نمبر (۲۷۶) ڏائڻ هلي مُردا ڪڍڻ، مُردن ڪپڙا به لاهي ورتس (محاورو)
62.
پهاڪو نمبر (۲۸۳) راڻي سا جا راءِ کي وڻي (محاورو)
63.
پهاڪو نمبر (۲۸۴) رڍ جي اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا. (پهاڪو)
64.
پهاڪو نمبر (۲۹۶) سنگ تاري ڪُسنگ ٻوڙي (پهاڪو)
65.
پهاڪو نمبر (۲۹۸) سکڻِي ڪُنِي گهڻو اُڀامي (چوڻي)
66.
پهاڪو نمبر (۳۱۵) سياري جي سَوَڙُ سڀ ڪو پاڻ ڏي سيري (تجنيس حرفي تي ٻڌل محاورو)
67.
پهاڪو نمبر (۳۲۱) سلو سو جو انگورين ڀلو (چوڻي)
مطلب: ماڻهو ننڍپڻ ۾ چڱن لڇڻن وارو هوندو، سو وڏپڻ ۾ پڻ سڌرندو، انهيءَ
عيوض اهو به چيو ويو آهي ته: “جهڙي صحبت، تهڙو اثر”
68.
پهاڪو نمبر (۳۲۵) سهڻا ٽوھ به پَٽَنَ ۾ آهن (محاورو)
69.
پهاڪو نمبر (۳۳۱) سوناري جا سئو ڌڪ، لوهار جو هڪڙو ڌڪ (چوڻي)
70.
پهاڪو نمبر (۳۳۳) سُتَي شينهن کي آڱر نه ڏجي (پهاڪو)
71.
پهاڪو نمبر (۳۳۶) ست ڪُئا کائي، ٻِلي حج چڙهي (پهاڪو)
مطلب: هن پهاڪي چوندڙ انهن ماڻهن کي سڌو سنئون نه چيو آهي ته، اوهان خراب بڇڙا
آهيو، پر هڪ جانور ٻليءَ کي اڳيان آڻي اُن جي مرغوب خوراڪ ڏانهن اشارو ڪري مثال ڏنو
آهي ته جيڪي ماڻهو پراوا حق کائي، ناجائز دولت مان حج ڪن ٿا تن ڏانهن رمزي اشارو ڪيو
ويو آهي.
72.
پهاڪو نمبر (۳۳۸) شينهن اڳيان لَڪڙِي اڇلڻ سوَلي، پر وَرِي کڻڻ اولِي آهي (محاورو)
مطلب: ڏاڍي اڳيان ڪا ڳالھ ڪرڻ سولي آهي، پر وري انهيءَ ڳالھ جي موٽ ڏکِي
آهي. تنهنڪري ڏاڍي اڳيان ڪا راز جي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ، اڳ-پوءِ سوچي سمجهي ڪجي.
73.
پهاڪو نمبر (۳۴۳) ظلم قائم آهي، ڪندڙ قائم نه آهي (پهاڪو)
74.
پهاڪو نمبر (۳۴۹) قرض ڪوڙھ جو ٽِڪو آهي (محاورو)
75.
پهاڪو نمبر (۳۵۰) قاضي ڄاڻي، قيامت ڄاڻي (ورجيس)
76.
پهاڪو نمبر (۳۵۵) ڪڏهن ڀري ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾ (ورجيس)
77.
پهاڪو نمبر (۳۶۰) ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان (پهاڪو)
مطلب: ڪُتي جو کاڄ جوٺ آٺ ۽ هَڏو گُڏو آهي، تنهن ڪري ڪڻڪ جي ماني، جا اُچو
کاڄُ آهي، کارائبي ته، ڇا سڌرندو، تنهن ڪري حرامي ۽ رشوت خور حق حلال جي سٺي کاڌي
مان ڇا ڄاڻي، انهيءَ ڪري هي هڪ سياڻي جا ٻول آهن. سڌو سنئون چوڻ بجاءِ هڪ جانور جي
خوراڪ کي آڏو آندو ويو آهي.
78.
پهاڪو نمبر (۳۶۹) ڪک هيٺ لک پيو آهي (محاورو)
79.
پهاڪو نمبر (۳۸۴) ڪوڙي سڄڻ کان، سچو ويرِي به چڱو (پهاڪو)
80.
پهاڪو نمبر (۳۹۴) ڪم پوي ته ڪل پوي (محاورو)
81.
پهاڪو نمبر (۳۹۹) ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي (ورجيس)
82.
پهاڪو نمبر (۴۳۷) ڳُڙ سان مري زهر ڇو ڏجيس (محاورو)
83.
پهاڪو نمبر (۴۶۴) لکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون (پهاڪو)
84.
پهاڪو نمبر (۴۶۵) لوڻ وجهي ڀت ۾ ڀائيوار ٿيو (پهاڪو)
85.
پهاڪو نمبر (۴۶۹) لتر کي چڪر پهچي (ورجيس)
86.
پهاڪو نمبر (۴۷۷) مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ (سرائيڪي چوڻي)
مطلب: مڌ يعني نشو، شراب پيئڻ کانپوءِ نشي ۾ سڀ ڪنهن جو ٿوم بصر پڌرو ٿيو
پوي، جيڪي ڪچي پڪي دل ۾ هجي ٻاهر نڪريو اچي.
87.
پهاڪو نمبر (۴۹۶) مُئي کي مارڻ سورهيه جي گِلا (چوڻي)
88.
پهاڪو نمبر (۵۰۹) نه ڏي، نه ڏکوءِ (محاورو)
89.
پهاڪو نمبر (۵۱۸) نانگ ريجهائڻ سولو، پر ڪو ڳوھ ريجهائي (پهاڪو)
مطلب: سلڇڻي ماڻهوءَ کي ڪو ڳُڻ سيکاربو ته جلد سکِي ويندو ۽ ڪُلڇڻي ماڻهوءَ
جيڪو ڳوھ جهڙو موڳو آهي نه سکندو.
90.
پهاڪو نمبر (۵۵۵) هارئي کان پيتو ڀلو آهي (محاورو)
91.
پهاڪو نمبر (۵۶۷) هڪ سج ٻه پاڇا (چوڻي)
مذڪوره ڪتاب جي
جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته هي ڪتاب هر لحاظ کان سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي حيثيت جو
حامل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل پنج سئو ستر ليکڪ جي چواڻي مطابق پهاڪا ڏنل آهن. اسان جڏهن
پهاڪن، محاورن ۽ چوڻين تي مشتمل ڪتابن جو اڀياس ڪيو ته اسان کي محسوس ٿيو ته “گل شڪر”
ڪتاب ۾ پهاڪا، چوڻيون ۽ ڪي محاورا به مواد ۾ نظر آيا. اسان مذڪوره ڪتاب جي پنج سئو
ستر جملن مان محسوس ڪيو ۽ انهن مان ايڪانوي مثالي جملن مان چونڊ ڪري پنهنجي جائزي
هيٺ رکي تن جملن بابت ڄاڻايو آهي ته هي محاورا ۽ هي چوڻيون ۽ پهاڪا آهن. اهو به
ضروري ڪونهي ته اسان سمورين ڳالهين کي ڪو درست طريقي سان رکيو يا انهن جي فني فڪري
جزن جو جائزو وٺي ڪو حتمي ڪم ڪيو آهي. هي سمورو ڪم هرهڪ پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيل آهي
ته هو انهيءَ ڪم کي ڪهڙي نقطهءِ نظر سان ڏسي پنهنجي راءِ قائم ڪن ٿا. ڪتاب جو ليکڪ
لکي ٿو ته: جڏهن هي ڪتاب لکي پورو ڪري سندس نالي رکڻ لاءِ هڪڙي جوتشي کان پڇيم.
تنهن فرمايو جو جڏهن پنج سئو ۽ ستر پهاڪا منجهس آيا آهن تڏهن ابجد جي ليکي پٽاندر
“گل شڪر” نالو رکڻ گهرجي جو گل شڪر هڪڙي جڙيل دوا آهي، جنهن کي (گلقند) پڻ چون.
تنهن ۾ ٻه شيون هڪڙا گل، ٻي مصري پون، تنهن وانگي هن ۾ پڻ هڪڙا پهاڪا ۽ ٻيو ارٿ گڏيا
آهن، اها ڳالھ وڻيم، ڀايان ٿو جو پڙهڻ وارن کي پڻ اهو نالو وڻندو.” (آڏاواڻي: ۲۰۰۶، ۲۱۲) هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ اهو پڻ محسوس ٿيو آهي ته هي
ڪتاب سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ “گل شڪر” جو ابجدي حساب ڪڍي
ڪتاب کي پورو ڪيو ويو آهي. هي سمورو ڪتاب ٻه سئو ٻارهن صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب
جي قيمت هڪ سئو رپيا رکيل آهي. مذڪوره ڪتاب کي اسان جي قومي اداري، سنڌي ادبي بورڊ
مذڪوره ڇاپي کان اڳ ۾ چار مرتبا شايع ڪري چڪو آهي. اسان جي مطالعي وارو پنجون ڇاپو
آهي. اهڙا ڪتاب اسان جي سنڌي زبان جو قيمتي سرمايو آهن. اسان سڀني کي اهڙا ناياب ڪتاب
بار بار پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۽ هيئن سان هنڍائڻ گهرجن.
حوالا:
1.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ۲۰۲۰، ‘سنڌي لسانيات تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس’، حيدرآباد، سنڌ،
سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو.
2.
آڏواڻي، ديوان ڪيولرام سلامت راءِ: ۲۰۰۶، ‘گل شڪر’، (ڇاپو پنجون)، سنڌ، ڄام شور، سنڌي ادبي بورڊ.
3.
ٽيڪ چنداڻي، روي پرڪاش، ڊاڪٽر: ۲۰۱۰، ‘سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي ثقافتي اڀياس’عربي_ سنڌي
لپيءَ ۾ آڻيندڙ: ڦلو ميگهواڙ، نظر ثاني، ڊاڪٽر فهميده حسين، (پهريون ڇاپو)، سنڌ،
حيدرآباد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
4.
جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر ۽ هدايت پريم: ۱۹۹۴، ‘ٿر جي ٻولي’ (پهريون ڇاپو)، سنڌ،
حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.
5.
جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر: ۲۰۰۸، ‘لاڙي ۽ ڪڇي’ (سنڌيءَ جا ٻه محاورا) سنڌ، حيدرآبا، سنڌي
لئنگويج اٿارٽي.
6.
هدايت پريم، ڊاڪٽر: ۱۹۹۵، ‘اترادي ٻولي’ (پهريون ڇاپو)، سنڌ، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ
جو با اختيار ادارو.
7.
جيٽلي مرليڌر: ۲۰۰۴، ‘سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: هڪ اڀياس’ (ڇاپو ٻيون)، سنڌ ڪنڍيارو، روشني پبليڪيشن.
8.
چنڊ، محمد عمر: ۲۰۰۴، ‘سنڌي ٻولي: لسانياتي جاگرافي، آراڌائون ۽ لفظي ترتيب’، سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
9.
پلي، اسد جمال، ڊاڪٽر: ۲۰۰۸، ‘هيءَ جڙ اسانهين’ (سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ لطيفيات تي
تحقيقي مقالا) واڳڻو در شڪارپور، مهراڻ اڪيڊمي.
10.
سهتو عبدالوهاب، انجنيئر: ۲۰۰۴، ‘موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون’ (پهريون ڇاپو)،
سنڌ، حيدرآباد، سنڌي ساهت گهر.
11.
سهتو عبدالوهاب، انجنيئر: ۲۰۱۵، ‘پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون’، (پهريون ڇاپو)،
قمبر، محبت اڪيڊمي.
12.
سهتو عبدالوهاب، انجنيئر: ۲۰۱۵، ‘لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون’ (حيدرآباد، ماڃر/ڪڪرالي/کاري ڇاڻ
۽ مٽياريءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون)، (پهريون ڇاپو)، قمبر، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي.
13.
عرساڻي شمس الدين، ڊاڪٽر: ۱۹۹۷، ‘سنڌي ورجيسي ٻولي’ (پهاڪن ۽ محاورن جو موضوع وار
تشريحي خزانو)، (پهريون ڇاپو)، ڪنڍيارو، روشني پبليڪيشن.
14.
عرساڻي شمس الدين، ڊاڪٽر: ۲۰۱۲، ‘سنڌي ورجيسي ٻولي’ (پهاڪن، محاورن ۽ اصطلاحن جو بي
بها خزانو)، ڪنڍيارو، روشني پبليڪيشن.
(ماھوار ھمسري حيدرآباد ۾ جون ۲۰۲۱ع صفحو ۱۴ کان صفحو ۱۹ تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment