Wednesday, May 12, 2021

پيري

پيري

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



*-* پيري؛ نه پڇي اچي، نه ڌڪارئي وڃي.

*-* پيري؛ پورب منجھ بيماري، پشم منجھ زندگيءَ جو مزو ماڻڻ جو وقت.

*-* پيريءَ ۾؛ ڏند ڀڄڻ لڳن، ڏاھپ اچڻ لڳي.

*-* پيريءَ ۾؛ اولاد ۽ عضوا، جواب ڏئي بيھن.

*-* پيريءَ ۾؛ جوءِ ۽ يادگيرو، ساٿ ڇڏڻ لڳن.


*-* پيري؛ آئي کان پوءِ، مرڻ گهڙيءَ تائين ساٿ نڀائي.

*-*پيريءَ جي پھرين نشاني؛ ڇوڪريون ’چاچا‘ چئي سڏ ڪن.

*-* ماڻھو ٻه شيون ورلي مڃيندو آھي؛ پنھنجي غلطي ۽ پنھنجي پيري.

*-* ٻالجتي ٻين جي دلجوئيءَ ۽ خوشيءَ لاءِ، جواني پنھنجي لاءِ ۽ پيري حڪيمن طبيبن لاءِ ھوندي آ.

*-* الله، ڊاڪٽر ۽ زال، وري وري ياد اچن ته سمجهو؛ پيريءَ ۾ پير پاتو اٿو.

*-* پيريءَ ۾ اوھان بي ضرر ٿيندا پيا وڃو. سواءِ پنھنجي جان جي، ٻئي کي ڪو ڇيئو نه ٿا پڄائي سگهو.

*-* پيريءَ منجھ، اڪيلو ٿيندي ئي، ڏکن ڏوجرن کي وسارڻ واسطي، سيٽي وڄايو. ڇو جو ھاڻي اوھان، سيٽي وڄائڻ جي ئي قابل رھيا آھيو.

*-* پيريءَ ۾ اولاد اگر اوھان جي خدمت ڪري ٿو ته ان جو مطلب آھي؛ اوھان سندن تربيت ۽ پنھنجي لائيف انشورنس تي پورو پورو ڌيان ڏنو آھي.

*-* ”مرد ڪڏھن ڪراڙو نه ٿيندو آھي.“ اھا، ھڪ نه بلڪ ھزارين ٻڍن جي، چوڻي آھي.

*-* ڪراڙو ٿيڻ الڳ ڳالھ آھي، ڪراڙو نظر اچڻ الڳ ڳالھ آ.

*-* ھر ٻڍي ۾ ھڪ ٻار ۽ ھڪ نوجوان لڪيل ھوندو آھي.

*-* ٻڍو ٿيڻ سولو ڪم ناھي. ان جي لاءِ سالن جي رياضت جي ضرورت ھوندي آھي.

*-* دنيا ھلي ئي نه سگهي ھا، اگر پوڙھو ٿيڻ جو رواج نه ھجي ھا.

*-* ٻڍاپي جو سڀ کان وڏو فائدو ھيءُ آھي ته ٻڍي کي ڏسي سڀ سيٽ ڇڏي ويندا آھن، سواءِ سياستدان جي.

*-* سٺو خاندان ۽ سٺي حڪومت، پنھنجي ڪراڙن جو ھميشہ خيال رکندا آھن.

*-* ڪراڙا نه ھجن ھا ته عينڪن ۽ ڏندن جو ڌنڌو، بلڪل ٻاڙو ھجي ھا. جڏھن ته نيت ۽ نظر، پوءِ به خراب رھي ٿي.

*-* عورتون ڪراڙيون ٿين ٿيون.. مگر سندن عمر، جوانيءَ واري ئي رھندي.

*-* پشم جي عورت؛ نه عمر لڪائي، نه جسم... پورب جي جا عورت پنھنجي عمر پنجٽيھ ٻڌائي، سا لڳندي پنجاھ جي آھي.

*-* ماڻھوءَ کي زندگيءَ ۾ ٻه دفعا، رشتن جي اصليت جو پتو پوندو آھي؛ ھڪ زال آئي کان پوءِ، ٻيو پيري آئي کان پوءِ.

*-* ھر ٻار جي اندر، ٻڍو لڪيو ويٺل آھي، بشرطيڪ عمر ڊگهي مليس.

*-* ڇا ته ڪمال جو دور آھي، اھا پيريءَ جي شروعات... ٻارائپ ۾ ٽيسٽ ڏيندا ھياسين، جوانيءَ ۾ ٽيسٽ ڏسندا ھياسين.. پيريءَ ۾ ڊاڪٽر ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ لکي ٿو.

 

*ھر ڪراڙي لاءِ اھو پيغام آھي ته؛ دنيا کي انجواءِ ڪر، ان کان اڳ جو دنيا تو سان انجواءِ ڪري.*..

No comments:

Post a Comment