چند اکر - پھاڪن جي پوٽلي
(مرقع امثال و اقوال)
جميل الدين عالي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
شايد هيءُ اردوءَ منجهه، پنهنجي
نوعيت جو پهريون ۽ مڙني کان وڏو ڪتاب
آهي.
فاضل مؤلف سيد
يوسف بخاري دهلوي مرحوم، جيترو ڪم ڪيو، سو اصل متن منجهان پڌرو آهي. سراسري ۲۷
سٽون في صفحي جي حساب سان ۹۵۴ صفحن تي لڳ ڀڳ پنجويهه هزار داخلائون. ”وري انھن صفحن جو حرف گفتني
(ٻه لفظ)
۽ ۲۹ صفحن جو هڪڙو وڏو فاضلانه
مقدمو، جنهن منجهان سندن محنت ۽ جستجوءَ جا سبب معلوم ٿين ٿا. سيد صاحب موصوف،
انهيءَ خاندان سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي قومي روايت جي مطابق، شاهجهان شاهجهان-آباد تعمير ڪرڻ وقت،
جامع مسجد دهليءَ ۾ امامت ۽ تبليغ جي لاءِ،
بخارا مان گهرائي دهليءَ ۾ آباد ڪيو هيو. اها امامت،
اڄ به انهيءَ خاندان وٽ آهي. سيد يوسف بخاري مرحوم، شمس العلماء علامه سيد احمد
بخاريءَ جو ويجهو مائٽ هيو. (هو وڏو امام سڏائيندو هيو. سندس پٽ حميد ميان، سندس حياتيءَ ۾ ئي،
سندس ڪراڙپ سبب، امامت شروع ڪئي هئي. هاڻ اهو منصب،
حميد ميان جي پٽ سيد عبدالله بخاريءَ وٽ آهي. اهو شاهي امام سڏرائي ٿو ۽ آزاديءَ
کان پوءِ هندستان اندر، مسلم سياست منجهه، پنهنجي انداز جو هڪڙو فعال ڪردار ادا
ڪرڻ ۾ مصروف آهي). انهن درسي علمن کان
علاوه، دهليءَ جي وڏن وڏن بزرگن جون
اکيون ڏٺيون هيون. جوانيءَ کان ئي تصنيف ۽ تاليف جو شوق هين. محاوري تي ته ڪامل
عبور رکندا هيا. خوشحال هيا. پاڪستان ٺهيو، دهليءَ جي مسلمانن کي تڪليفون پھتيون،
ته هنن کي به هجرت ڪرڻي پئجي
وئي. هتي اچي، مٿن جا گذري، سو الڳ هڪڙو داستان
آهي. ڪنهن وقت اردو لغت بورڊ ۾ ملازم ٿي ويا. ليڪن (غلط) ضابطن جي مطابق، سٺ سال
جي عمر ۾ رٽائر به ڪيا ويا. ڳالهه مان ڳالهه ٿي نڪري ته
اردو لغت بورڊ، نيم سرڪاري ادارو ئي سهي، هڪ علمي ادارو آهي. اتي عالمن فاضلن تي، رٽائرمينٽ جا سرڪاري ضابطا نافذ ڪرڻ ۽ کين ايڪسٽينشن نه ڏيڻ، هڪ ظلم تي مبني پابندي آهي. (جڏھن باباءِ اردو، ان جو پهريون اعزازي مدير مقرر ٿيو، ان جي
عمر اسيءَ کان مٿي هئي). افسوس جو بورڊ جي نظامت سنڀاليندڙ، مرڪزي حڪومت کان اهي
ضابطه بدلائڻ ۾ ناڪام رهيا. (هڪ مقرره مدت
لاءِ راقم پڻ نظامت ۾ شامل هيو) ڊاڪٽر شوڪت سبزواريءَ
جهڙي فاضل اهل کي پڻ ساڳئي سبب جي ڪري بورڊ مان وڃڻو پيو هيو. بس حضرت جوش
مليح آباديءَ جي سلسلي ۾، شروع کان ئي ڇوٽ ورتي وئي هئي. سندس ڇڏي وڃڻ جا سبب ٻيا
هيا. رٽائرمينٽ کان پوءِ، سيد مرحوم تي ڏاڍو سخت وقت گذريو. مگر ٻار نوجوان ٿي ويا
هين. گهڻي سختي ڪا نه کڻڻي پين. پوءِ به تصنيف ۽
تاليف ۾ مصروف رهيا.
هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ جيترو وقت
لڳو آهي، تنهن جو ٿورو ٿڪو احوال، حرف گفتني (ٻه لفظ) ۾ موجود
آهي. ڇپائيءَ ۾ جيڪا دير ٿي آهي، تنهن جي
ذميداري وري به حالتن تي آهي.
اسان جون حالتون بهتر ٿيڻ پڄاڻان، وري هڪ دفعو ٻيھر هيٺ مٿي رهيون. متن جو پهريون
ڪتاب، مثالي نه هيو. غلطين سان ڀريل هيو. وري لڳ ڀڳ هڪ هزار صفحن وارو ڪتاب ڇپائڻ
بجاءِ خود هڪ مرحلو هيو. انهيءَ دوران سيد صاحب جن انتقال ڪري ويا. اسان سندس روح
آڏو شرمسار آهيون. مگر پاڻ انهيءَ يقين سان ويا آهن ته هيءُ ڪتاب ڇپجي ئي رهندو ۽
سندن محنت ۽ فضيلت جو فيض، ڊگهي عرصي جي لاءِ عام ٿي رهندو.
جيستائين راقم جي ڄاڻ ۾ آهي،
اردوءَ منجهه، هيل تائين ڪوبه اهڙو ڪتاب شايع ناهي ٿيو، جنهن ۾ اردوءَ جا ايترا
اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا، ٻين زبانن جي ايترن
مترادفن/ نعم البدل سان ھڪ ھنڌ ڪٺا ڪيا ويا هجن.
اهو صرف ڳاڻيٽي يا انگن اکرن جو امتياز
ناهي، چونڊ پڻ چڱي خاصي سخت
معيار جي آهي. (متن منجهان مثال ورجائڻ جي ضرورت ناهي، هر صفحو خود، واتان ڳالهائي
ٿو).
هن ڇاپي اندر، هڪ ٻي وڏي صفت هيءَ آهي ته فاضل مرتب، گهڻا اهڙا
مترادف/ نعم البدل/ ھم معنيٰ، هم مطلب پهاڪا ۽ چوڻيون ڳوليا، جيڪي ٽن ٻين
پاڪستاني ٻولين، سنڌي، پنجابي ۽ پشتو منجهه موجود آهن. (افسوس جو پاڻ بلوچيءَ تي
ايترو ڌيان نه ڌري سگهيا ۽ هڪ لحاظ کان ته گجراتي
پڻ هاڻ هڪ پاڪستاني ٻولي آهي، ڇو جو ان جي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ وارا ڪراچيءَ ۾ ئي
لکن جي تعداد ۾ موجود آهن). هندي، فارسي ۽ عربي ته اردوءَ جا بنياد آهن. ...... مؤلف مرحوم، فارسي عربي چڱي خاصي ڄاڻندو هيو. مگر
جيئن ته خالص دهلوي هيو. پاڪستان جي قيام کان اڳ،
ڪنهن پاڪستاني صوبي ۾ ڪنهن معقول عرصي تائين اهڙيءَ طرح رهائش جو موقعو به نه مليو
هين جو اتان جي مقامي زبان جي ڄاڻ، گهرائيءَ
سان ٿي وڃين ها. مگر تاليف وقت، اهو طئي ڪيو هيائون
ته مقامي يعني پاڪستاني زبانن مان به استفادو ڪندا. تنهنڪري کين پنهنجي آرزو پوري ڪرڻ جي لاءِ، وڏي جستجو ڪرڻي پئي. انهن زبانن جي ڄاڻن/ عالمن سان مليا ۽ سندن ذخيرن ۽ رهنمائيءَ مان، وڏي محنت
سان، استفادو ڪيائون. (انهن ڪاوشن جو اشارو مقدمي
منجهه ص- ۳۴-۳۵ تي موجود آهي). انهن محترمن
جو ذڪر به پوري شڪريي ۽ ٿورائتي طور ڪيو اٿائون. جن کين انهن زبانن جي اصطلاحن،
چوڻين ۽ پهاڪن منجهان استفادو ڪرڻ جي لاءِ، ترجمي ۽ رهنمائيءَ ذريعي، مدد ڪئي.
اولهه جا پهاڪا ۽ چوڻيون، هڪ وڏو مضمون آهن. مؤلف مرحوم، مقدمي ۽ متن منجهه، تفصيلي
طور ماخذات نه ڏئي سگهيو آ. مگر سچ اهو آهي ته عام طور پراڻن اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن جو ڪو هڪ ماخذ ٿيندو به ناهي. اهي ته گهڻو
تڻو (مخصوص کي ڇڏي ڪري) بيان ۾ جامع ۽ تاثر ۾ تکا ۽ اختصار ٿيلن جو هڪڙو سلسلو
هوندو آهي، جنهن کي سڀ ڪو پنهنجو ڪري وٺندو آهي ۽ جيڪو صدين جون صديون زنده رهندو
آهي. برٽانيڪا (مائيڪرو) (۱۹۸۰ ايڊيشن) جلد اٺين جي ص ۲۵۸ تي Proverb جي عنوان هيٺ، وڏي دلچسپ جيتوڻيڪ نامڪمل،
معلومات جهڙي سفر در سفر ۾ ڪنهن قدر، لفظن جي مٽ سٽ ۽ مترادفن متعلق چڱو خاصو
مطالعاتي مواد فراهم ڪري ٿي. جڏهن ته انهن جي اصل ماخذن جو پتو لڳائڻ ڏاڍو مشڪل آهي.
اسان جي ڄاڻ مطابق، اهڙن سمورن جي نه سھي،
گهڻن ماخذن جي ڳولا تي ڪٿي ڪو ٿورو ٿڪو ڪم ٿيو هجي ته هجي. اردوءَ ۾ ڪنهن ڪتاب جو
حوالو پراڻين ۽ نين، ڪتابي فهرستن ۽ لائبررين ۾ نه ٿو ملي. البته آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ هائيڊل
برگ يونيورسٽي جرمنيءَ ۾ ڏٺم
ته پنهنجي اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن جي عمر ۽ اصل ماخذن تي ڪم جون رٿائون، ترتيب هيٺ
هين. (هاڻي اهي مڪمل ته ڇا ٿيون هونديون، ابتدائي ڪم به ڇپائيءَ هيٺ نه آيو هوندو،
البته آڪسفورڊ يونيورسٽي، Proverb جا ڊگها ۽
مختصر ايڊيشن، شايع ڪندي رهي ٿي، جيڪا هڪڙي علحده رٿا آهي. اهي ته پاڪستان ۾ به
عام پيا ملن. سندن مشڪل به ساڳي هئي،
جيڪا صاحب تاليف، اولهه سان گهري واقفيت کان بغير، درست طور تي بيان ڪئي آهي. وقت
سان گڏوگڏ، انهن ڳالهين زبان کان زبان، تھذيب کان تهذيب علائقي کان علائقي جو
ايترو سفر ڪيو آهي جو مڙني نه ته به گهڻن جي باري ۾ ڪجهه به متعين نه ٿو ڪري سگهجي. البته علم
لسانيات جا ماهر، جن مڪمل
زبانن جي عمر ۽ پکيڙ جو تعين ڪندا رهن ٿا تن
جي قدامت جي حوالي سان، هڪ ئي
براعظم يا علائقي ۾ مختلف زبانن جي اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن جي کوج چڱي خاصي حد
تائين لڳائي سگهجي ٿي. بهرحال اهو هڪڙو جدارو علمي مشن آهي. برٽانيڪا جو، مٿي
ڄاڻايل مضمون پڻ، ان طرف نشاندهي ڪري ٿو. سندن
آڏو، ڪي مصري دستاويز (۲۵۰۰ قبل مسيح) عهدنامه عقيق ۽ سميري
ڪتبا، آڳاٽا جهونا ماخذ لڳن ٿا. گڏوگڏ وري آڳاٽا چيني اخلاقي فرمودا، مقدس ويدن جا گهڻا تڻا، فلسفيانه افڪار پڻ، انهيءَ صف ۾ شامل آهن.
ڪن مغالطن جو به ذڪر آهي. مثال طور عهدنامه عقيق جي حوالي سان هيءُ ڇا ته چيل آهي؛ ”پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب.“ جيڪو روايتًا، مڪمل طور تي،
حضرت سليمان عليه السلام ڏانهن منسوب آهي.
ڪي ته جهونين تاليفن تان به ماخوذ آهن..... هن وقت اسان، گهڻو پري نه ٿا وڃون، مؤلف مرحوم خود
انهيءَ موضوع تي ڪافي سير حاصل بحث ڪيو
آهي. جن پڙهندڙن کي ماخذن ۽ سفر در سفر ۾ متبادلن ۽ مترادفن سان گهڻي دلچسپي هجي،
سي برٽانيڪا جو اهو باب، تعليقات ۽ ٻيا ڏنل حواله ڏسي سگهن ٿا. اتفاق سان، مؤلف
مرحوم، ان طرف ڏانهن ڌيان نه ڌري
سگهيو هيو. ور نه شايد، پاڻ به ان جي
ابتڙ چاھين ها ته ھوند گهڻن ئي تعليقات ۽ ڪتابن جي حوالن جي چٽائي ڪري سگهيا پئي.
جھڙيءَ طرح ”حرف گفتنيءَ“ مان چٽو
آهي ته مؤلف مرحوم، هن موضوع تي هن صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي کان ڪم شروع ڪري ڇڏيو هيو.
سندس پهرين تاليف ”موتي“ هئي، جيڪا ۱۹۳۴ع ڌاري دهليءَ مان شايع ٿي هئي. (ٻيو ڇاپو
پڻ سن ۱۹۳۸ع ڌاري دهليءَ مان شايع ٿيو.)
”موتي“ تي خواجه حسن نظامي مرحوم جو تبصرو، جيڪو مؤلف اُتاريو آهي، سا هڪ وڏي سند آهي، جيڪو پڻ ائين ئي هڪڙي نثري شھپاري
جي حيثيت رکي ٿو. ”حرف گفتني“ انهيءَ موضوع تي، مؤلف مرحوم جي لاڳيتي چاهت جي هڪ
حيرت انگيز ۽ تقليد لائق
داستان ٻڌائي ٿي. اهڙو لڳاءُ، اڄ اڻ لڀ نه سهي، بلڪ ٿور-لڀ
ٿي چڪو آهي. بهرحال انهيءَ داستان منجهان اسان هيءَ ڳالهه اخذ ڪرڻ ۾ حق بجانب
آهيون ته سندس چاهت جي تسلسل، نه فقط
کيس گهڻي کان گهڻو ڳاڻيٽو مھيا
ڪيو، پر هو لاڳيتو ڇنڊڇاڻ به ڪندو رهيو
۽ پنهنجي معيار مطابق، ايڏو ضخيم مجموعو تيار ڪيائين. (مختصر ضخامت جا ڪتاب ته لڀي
ويندا آهن، جن جي افاديت ابتدائي نصاب جي حيثيت کان وڌيڪ ناهي). بهرحال اڄ، ايتري افاديت
به، گهڻي
قدر لائق آهي.
مؤلف جي ايمانداري ۽ علم دوستي ڏسو
ته مولوي ظفر الرحمٰن دهلويءَ جي اهڙي مسودي ”هماري ڪهاوتين“ جو ذڪر ملي ٿو.....
”حرف گفتني“ جيڪو ترتيب هيٺ رهيو (توڙي چئن جلدن تائين پھچي چڪيو هيو). اسان
باباءِ اردو مرحوم جي پڄاڻان، مولوي ظفر الرحمان جو مقدمو، انجمن
جي رسالي ”قومي زبان“ (جون ۱۹۶۲ع) منجهه شايع ڪري ڇڏيو هيو. (جڏهن ته
پاڻ گهڻو اڳي وفات ڪري ويو هيو). ليڪن اهو مسودو، اڄ تائين شايع نه ٿيو آهي. هاڻ،
هن زير نظر مجموعي جي اشاعت پڄاڻان، ان جي
ڇپائيءَ جي ايتري ضرورت پڻ نه رهي آهي. جيتوڻيڪ ان جي پنهنجي هڪ تاريخي اهميت آهي. جڏهن اسان جي کيسي اجازت ڏني ته اسان انشاء الله ان جون
چند سَوَ ڪاپيون ڇپائڻ چاهينداسون.
در اصل اهو، يوسف بخاري مرحوم جي
هن تاليف جي سلسلي ۾، سندن چند بنيادي مطالعن ۾
شامل آهي. اها جداري ڳالهه آ ته هن پنھنجي گهرج آهر ماخذن ۽ اضافن کان ڪم ورتو آهي. جڏهن
ته ٻين ٻولين جا حوالا، نجا سيد صاحب مرحوم جا پنهنجا ڪارناما آهن.
واٽ هلندي هڪڙي ڳالهه؛ ٿورو مولانا
ظفر الرحمٰن جي محنت تي جس ۽ آفرين ڏيندا هلون.
چار جلد ۲۲۹۴ صفحن جا، منجهن ترتيب جو هڪڙو حسن ۽ مٿئون نظرثاني ٿيل. (بخاري صاحب، خود تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.) ڇا ته ماڻهو هيا. گڏوگڏ، باباءِ اردو مرحوم جي ڪريڊٽ ۾، هڪ ٻيو واڌارو به ڪندو
هلجي. ڇو جو اها تاليف به مولانا مرحوم،
سندس فرمائش تي سندس رهنمائيءَ ۾، ڪندو
رهيو هيو. (ائين ئي جڏهن
انجمن جو صدر دفتر اورنگ آباد کان دهليءَ منتقل ٿيو. ۱۹۳۹ع) باباءِ اردوءَ، انجمن
جي منصوبن ۾ نوان پاسا پيدا ڪندي، ڪيترن ئي دهليءَ جي اهل ۽ مستند شخصن کي اعزازي
۽ معاوضي سان، ڪم منجهه ڀاڱي ڀائيوار ڪيو هيو. پاڪستان ٺھڻ پڄاڻان، انجمن ابتدائي
دور ۾، جن حالتن منجهان گذري، تنهن
جي وضاحت، باباءِ اردوءَ جي ڪتابڙي ”انجمن ڪا الميه“ ۾ موجود آهي. جيڪڏهن حالتون
سازگار هجن ھا ته خود مولانا ظفر الرحمٰن مرحوم يا کانئن ستت پوءِ ڪو ٻيو فاضل ”هماري ڪهاوتين“ منجهه بخاريءَ وانگر مقامي يعني ٻين پاڪستاني زبانن مان
استفادو ڪندي، ”هماري ڪهاوتين“ کي نئين
طرز تي مڪمل ڪري سگهيو پئي.
بهرحال اهو شرف، سيد يوسف بخاري
مرحوم جي پُکي ۾ ئي آيو.
مقدمو، انهيءَ لحاظ کان به اهميت جي شيءِ آهي جو هڪڙي دهلوي بزرگ، (جيتوڻيڪ پراڻي
انداز ۾) ان موضوع
جي لڳ ڀڳ سمورن پاسن جو احاطو ڪيو آهي.
ڪجهه دليل، جيڪي هن قائم ڪيا آهن، هڪ پڙهيل ڳڙهيل پڙهندڙ کي غير ضروري لڳندا، ڇو
جو اهي ”ڪليات مسلمات“ (مڃيل قانونن) ۾ شامل آهن. مثال طور ”زبان ۽ ادب جي اهميت“
منجهه، جن جو ورجائڻ اڄ ضروري نه رهيو آ. (شايد هڪ لحاظ کان هاڻ به ضروري هجي، ڇو
جو حڪومتي هڪ وڏو طبقو، اڄ به زبان ۽ ادب کي جوڳي اهميت نه ٿو ڏئي). ”پهاڪن جو
تقابلي جائزو ۽ انگ اکر“ پهاڪن جي حد تائين ته گهڻو سهڻو آهي، مگر منجهس انگ اکر
نه ٿا ملن. شايد ڪا ڀل چڪ ٿي آ، يا ڍڪ ڍڪيو ويو آ. يعني درج ڪرڻ وساري ويو هوندو. ليڪن حقيقت هيءَ آهي
ته اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا، ڳڻپ ۾ اچي ئي نه ٿا سگهن. هڪڙو سبب انهن جي جهجهائي آ، ٻيو سبب سندن چونڊ ۾ معيار جو اختلاف آ. ٽيون سبب انهن جو ھر وڏي زبان ۾ مشترڪ هجڻ آ......... ائين ته هن مقدمي ۾
”مشترڪ هم معنيٰ ۽ هم محل“ جي عنوان هيٺ (ص ۳۹) ”محبوب الامثال جي حوالي سان (۽ ان
جا حوالا هو ورائي ورائي ڏئي ٿو) سڄي يورپ جي پهاڪن جو ڳاڻيٽو، لڳ ڀڳ ويهه هزار ٻڌايل
آهي ۽ ايشيائي ملڪن منجهه پهاڪن جي ڳاڻيٽي جو اندازو ڏهه ٻارهن هزار هنيل آ. وڏي ادب سان عرض آ ته اهي ٻئي سوچ کان هٽيل ۽ ڪنهن به
طرح مستند ناهن. جهڙوڪ؛ راقم عرض
ڪيو ته انهن جو متفقه طور تي ڳڻڻ ممڪن ئي ناهي ۽ حيرت آهي ته مؤلف مرحوم، ايشيائي
ملڪن منجهه ٻولين جي ججهائيءَ ۽ آڳاٽي
هئڻ کان واقف هوندي به، جيڪي يوناني ۽ لاطينيءَ سميت يورپي ملڪن کان الائي ڪيترو
آڳاٽيون هيون ۽ آهن، ايترو گهٽ تعداد جو اندازو هنيو آهي. ايشيائي ملڪن ۾ آڳاٽي عربي ئي ناهي بلڪ سنسڪرت، چيني ۽
جاپانيءَ کان علاوه هندستان جون ڪيتريون ئي اترادي ۽ دراوڙي ٻوليون لکين اصطلاحن/
محاورن، چوڻين ۽ پهاڪن سان پُر هونديون (آهن). هتي راقم فقط هڪڙي عربي ڪتاب جو
حوالو ئي ڏيندو، جنهن جو نالو آهي، ”بلوغ الادب في لسان العرب“. اهو علامه شڪري آلوسي (جيڪو ڪنهن وقت شيخ الجامعه بغداد هيو) جو مقالو آهي، جيڪو هن اسٽاڪ هوم جي ڪانفرنس ۾ ۱۸۹۸ع ڌاري
پيش ڪيو هيو. ان عنوان جو ترجمو، ٿورو
هيئن بيهي ٿو؛ ”عربي تھذيب جي ارتقا،
عربي زبان ۾“. انهيءَ کي لاهور جي اردو بورڊ (هن وقت اردو سائنس بورڊ) پير حسام
الدين راشدي ۽ ممتاز حسن مرحومين جي تحريڪ تي عربيءَ مان ترجمو ڪرائي، چئن جلدن ۾
شايع ڪيو ھيو. (هن وقت اڻ لڀ آهي. فقط مستند
ڪتب خانن ۽ اردو بورڊ جي دفتر ۾ موجود آ.)
منجهس ڪئي هزار اصطلاح يا اصطلاح نما
چوڻيون، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن. چينيءَ جي آڳاٽائپ ۽ وسعت تي راقم ڪهڙو
سرٽيفڪيٽ ڏئي سگهي ٿو. نهه ۾ نهه ته به ٽن هزار سالن جي تھذيب ۽ زبان آ. هندستاني
ٻولين جو ذڪر به اچي چڪو آهي. (جيڪي زبانون
متروڪ ٿيون آهن، تن جو تعداد الڳ آ. انهن جي گهڻي تڻي
باقيات ته ضرور ٻين زبانن ۾ کپي چڪي هوندي. سنسڪرت جا گهڻا آثار، هندي ۽ اردوءَ ۾
منتقل ٿي چڪا آهن). سنڌي به گهٽ ۾ گهٽ هزار-سالي-زبان سڏي وڃي ٿي ۽ پنجابي، پشتو، بلوچي پڻ....... خود اردو،
ڀيٽ ڪجي ته، ننڍڙي عمر رکندي به سمنڊ جيڏو هڪ ذخيرو ٿي پئي آهي. انڊونيشيا جون سوين ننڍيون وڏيون ٻوليون ته احمد
سوئيڪارنو مرحوم، گهڻي حد تائين هڪ ئي زبان ۾ ڍلي ڇڏيون. ملائيشيا جي مقامي ٻولي (ملائيشي-چينيءَ کان علاوه) ڪمبوڊين ٿائي، ويٽنامي، برمي......... ڪيتريون
زبانون، آڳاٽيون هجڻ جون هام هڻن ٿيون. اها عليحده ڳالهه آهي ته راقم هن
وقت انهن جي اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن جا حوالا نه ٿو ڏئي سگهي...... شايد ان جي
ضرورت به ناهي........
ليڪن هن گذارش مان، خدا نخواسته هن
تاليف جي اصل ۽ اڻ ڳڻين خوبين تي ڪو به لفظ
چوڻ منظور ناهي. فقط انگن اکرن جي حوالي سان،
هڪ اعتراض واري گذارش، ضروري سمجهي وئي.
معنائن ۽ مطلبن وارو مسئلو، ائين
ته چٽو آهي. عام طور اھڙي هڪ اصطلاح، هڪ چوڻيءَ، هڪ پهاڪي جي هڪ ئي معنيٰ نڪرندي آهي.
جڏهن اھو پشت و پشت، ذهنن ۾ ويهي، زبان ۽ بيان جي واهپي ۾ هلندو ايندو آ. ليڪن ڪن پراڻين
ڳالهين جي معنائن ۽ مطلبن ۾ تهذيبن جي ارتقا ۽ منجهن تبديلين سان جيڪي اضافا ٿيا آهن، سي پڻ هڪ دلچسپ
موضوع آهن. مؤلف مرحوم، ان طرف اشارا ڏنا آهن. جيڪڏهن ججها مثال ڏئي سگهجن ها ته
پڙهندڙ کي وڏو فائدو پوي ها. صفحي نمبر ۲۸ تي ھُن،
ماحصل جي شق نمبر ۲ ۾، هڪ وڏي
ڪم جي ڳالهه ٻڌائي آ؛ ”اهي
پهاڪا جن جو مطلب ۽ استعمال جو ھنڌ، پنهنجي
مضمون جي نفس جي اعتبار کان، اڪثر
ملڪن ۽ قومن تي هڪ-ڪرو ٺھڪي ٿو، تن کي بين
الاقوامي گڏيل ملڪيت سمجهيو ويندو“. ليڪن ڪي، ڀلي
تمام ٿوريون صورتون، ان جي
ابتڙ پيش اچي سگهن ٿيون، جڏهن ته ثقافتن ۾ ٿورو
بنيادي فرق به هجي.
هڪ اڌ جاءِ تي، فاضل مؤلف کان،
تحرير جي روانيءَ ۾، جيڪا ڀل چڪ ٿي آهي، تنهن جي نشاندهي به پوري ادب سان ضروري
آهي ته جيئن عام پڙهندڙ ٿڙي نه وڃي. صفحي ۲۷ تي مثال نمبر ۶ ڏنو ويو آهي؛ ”ناروي،
سمور کڻي وڃڻ، (ڊنمارڪ) ...... ناروي ۾ سمورو ججهو ٿيندو آهي........ ناروي سوين
سالن کان هڪ جدا ملڪ آهي ۽ ڊينمارڪ جدا ملڪ آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ٻئي
اسڪينڊينيوين ۽ گهڻا ٿڌا آهن. ناروي، ڳچ
پهاڙي علائقو پڻ آهي. سمور وارا جانور، ڊنمارڪ جي ڀيٽ ۾، اتي گهڻا ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح ”اٿينز ڏانهن الو کڻي وڃڻ.“ (نمبر ۴) ان جي تشريح ھيئن ڪئي وئي آھي؛ ”يونان منجھ، ڪنهن
دور ۾ چٻرا ججها هوندا هيا“. راقم، مؤلف وانگر، انهيءَ موضوع تي ڪم نه ڪيو آهي،
ٻيو ته اهڙي فاضل بزرگ جي پيرن جي پڻي هئڻ جي به هام نه ٿو هڻي سگهان. مگر ڪنهن مغربي حوالي جي غير موجودگي، انهيءَ
تشريح کي قبول ڪرڻ تي آماده ھئڻ ۾، وڏي ڏکيائيءَ ۾ وجھي
ٿي. شايد تشريح اها ئي هجي، جيڪا فاضل مؤلف ڪئي. ليڪن چٻري جي باري ۾ خيال اچي ٿو ته آڳاٽين يورپي روايتن
جي دور کان چٻرو هڪڙو عقلمند پکي آهي. (اسان جي مشرقي
سمجهه کان بلڪل مَٽَ.) اٿينز،
هڪ زماني ۾، ڏاهن جو شهر سڏبو هيو. ممڪن آهي، ان جي تشريح ائين هجي؛ ”اٿينز ڏانھن، دانشور موڪلڻ جي ضرورت ناھي.“
مقدمي جي ٻين بابن ۾ مؤلف مرحوم
جيڪا جاکوڙ، محنت ۽ فضيلت شامل ڪئي آهي، سا ڪتاب جي موضوع تي، هنن چند حرفن منجهه،
ڪنهن واڌاري جي گنجائش نه ٿي ڇڏي. انهن جي ٻولي، اڄ جي معيار کان ”پراڻي ئي سهي، ........ مگر هو هيو ئي جهونو مڙس. (هڪ طرح سان سر سيد
احمدخان جي ٻولي به جهوني آهي). مگر مڙني واسطيدار لغتن ۽ نُڪتن کي اهڙو ته
مدبرانه طور گهيري ۾ آندو اٿائين، جو
پڙهندڙ جي رهنمائي پري پري تائين ڪري ٿو.
هڪ وڏي فڪري رهنمائيءَ سان ڀريل پڻ آهي. هن وقت فقط ٻه واڌو گذارشون ڪرڻيون آهن،
جيڪي شايد، آئينده ڪم ڪرڻ وارن کي سوچ ۽
فڪر جي دعوت ڏين.
۱. تهذيب جي
انهن ذخيرن منجهه، جن کي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا چئجي ٿو، جيڪي متروڪ/ ڇڏيل شيون
اچي وڃن ٿيون، هڪ ڏينهن ڪنهن کي تن جي چٽائي به ڪرڻي پوندي. ويجهڙو مثال، اهي
لکيتون آهن، جيڪي ”اردو کے خوابیدہ الفاظ“
منجهه اختيار ڪيون ويون آهن. وري
انهيءَ ڪوشش ۾، زمان جي تبديليءَ سان گڏ مڪان
جي تبديليءَ سبب متروڪ ٿيڻ جو، ڪنهن حد
تائين، تفصيل پڻ
ڏيڻو پوندو. جيئن ڪي ڳالهيون هندستان
جي ورهاڱي سبب، صرف پاڪستان ۽ صرف هندستان منجهه استعمال هيٺ رهجي ويون آهن. ٻِئي ملڪ ۾، تاريخي
حيثيت ضرور رکن ٿيون. مگر
استعمال ۾ متروڪ ٿي چڪيون آهن. انجمن، اهڙي
ڪنهن باقاعده ڪوشش جو آدر ڀاءُ پڻ
ڪندي.
۲. اڄ جي
اردوءَ ۾ خود اردو، ڪنهن حد تائين هندي، ڪنهن قدر فارسي ۽ نسبتًا ججھي تعداد ۾ انگريزي قولن ۽ شعرن، اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. جيڪي ڪنهن حد تائين،
ارڙهين ۽ گهڻا تڻا اوڻويهين
۽ ويهين صديءَ منجهه ڄاوا يا متعارف ٿيا. فاضل مولف، ذوق جا شعر، ساڳئي ڪڙم ۾ پڻ شامل
ڪيا آهن. راقم جي ناچيز راءِ منجهه، ڪنهن
حد تائين مير، مومن ۽ داغ کان علاوه غالب ۽ اقبال، ايستائين جو فيض (گلشن ڪا
ڪاروبار)، اردوءَ کي اهڙا مصرعا ۽
فُقرا ڏنا آهن، جيڪي ساري جا سارا، ۽ پنهنجي ٽڪرن جي حوالي سان پڻ، ضرب المثل واري
پد تي پهچي، ساڳيءَ طرح استعمال ھيٺ آھن،
جو عام ڳالهائڻ وارو، سندن ماخذ کان به واقف ناھي
رهيو.
۳. مؤلف
مرحوم مان ته، سندن عمر ۽ مصروفيت کي
ڏسندي، اها توقع ڪري نه پئي سگهجي. نئين ڪم ڪرڻ
وارن جو ڌيان، ان طرف ضرور ڇڪائي سگهجي ٿو ته اردوءَ ۾ اهڙن اضافن جي نشاندهي ڪندي، هڪ مجموعو مرتب ڪري ڏين. انهيءَ منصوبي جي هڪ نئين خصوصيت هيءَ هوندي ته؛ صاحبِ قول جي شخصيت به اڀري ايندي. جيڪا اڻ-ڳڻين پراڻن،
اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن جي مصنفن جي، نه ٿي سگهي آهي. انجمن،
اهڙي مجموعي جو پڻ، دل جي
گهرائيءَ سان آدر ڀاءُ ڪندي. ايترو ته طئي آهي ته اهو منصوبو، ڪجهه سالن اندر،
ڪنهن کي ضرور سُجهندو ۽ ڪو نه ڪو، ان
ٻيڙي کي ضرور هاڪاريندو.
انجمن سيد يوسف بخاري مرحوم جي نه
فقط ٿورائتي بلڪ قرضي پڻ آهي، جو اهڙو اهم ڪتاب ڏئي ويو آهي. منجهس فقط پنجاهه
هزار داخلائون آهن. نهايت جامع، رنگا رنگ ۽ اصطلاحي طور هفت زبان، گهڻين ئي ٻولين
منجهان استفادو ٿيل. لساني مترادفن/ نعم البدل جا انتھائي دلچسپ چِٽ، تھذيبي وحدت
جون جهلڪيون پڻ. انساني فطرت جي ارتقا
جهڙيءَ طرح ٿي آهي ۽ ٿئي پئي، تن جي گهڻن ئي گوشن جي سوچ اڀاريندڙ نشاندھي.......
سيد يوسف بخاري مرحو،م تمام وڏو ڪم ڪري ويو آھي.
انجمن جي صدر نورالحسن جعفريءَ، خاص طور
تي هيءُ ڪتاب جلد کان جلد ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو هيو. مگر ڪن بيان ڪيل سببن ۽ راقم جي
اها خواهش، راه جي رنڊڪ رهي ته مٿس جيڪي چند
اکر هجن، سي مؤلف مرحوم ۽ ڪتاب جي شان وٽان
هجن. معذرت طلب آهيان ته ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري، ستت ائين نه ڪري سگهيس. الله تعاليٰ، مرحوم جا
درجا بلند ڪري جو اسان کي ۽ اسان جي ذريعي قومي زبان کي، هڪ وڏو ذخيرو ڏيئي ويو
آھي.
ٻيو جيئن عرض ڪيم ته اردوءَ ۾ اهڙو ڪو ٻيو ڪتاب اڄ تائين نه ڇپيو آهي. اميد آهي ته اردوءَ جا ئي نه، بلڪ انساني تھذيب جا طالب علم به ان کي هٿ و هٿ کڻي وٺندا.
No comments:
Post a Comment