Thursday, May 6, 2021

چوڻين جون ڪھاڻيون

چوڻين جون ڪھاڻيون

(سرور عالم راز جي ڪتاب ڪھاوتون جو مھاڳ)

سرور عالم راز سرور

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سیکھے ہیں مہ رُخوں کے  لئے ہم مصوری  

تقریب کچھ تو بہر ملاقات چاہئے (غالبؔ)

زمانو ايڏو ته تيزيءَ سان پيو مٽجي جو ساڻس پيرُ پيرَ ۾ ملائي ھلڻ اھنجو ٿي ويو آھي. جيڪو ڪالھ ھيو سو اڄ ناھي، جيڪو ھينئر آھي سو ھاڻي ئي مٽجي ويندو. زندگي مٽجي پئي. معاشرا مٽجن پيا. قدر مٽجن پيا. پراڻيون روايتون ۽ صورتون مٽجن پيون. جيڪو وقت، ھٿن جي وٿين مان وھيو پيو وڃي، سو ڳولئي نه لڀندو. طوفاني رفتار سان مٽجندڙ ھن دنيا، ھر شيءِ کي پنھنجي پڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. سندس پڪڙ کان ڪنھن کي به آجائي ڪانھي. جيڪو وقت جي آواز تي لبيڪ چوڻ ۾ ڪوتاھي ڪندو ۽ ساڻس ساٿ نه ڏيندو ته سندس نالو ايندڙ تاريخ ۾ نظر اچي ته اچي ور نه ايترو به سندس تقدير ۾ لکيل نه ھوندو. زمانو ائين پاسا مٽائيندو رھندو ۽ انساني زندگي ۽ تاريخ ھميشه ائين مٽ سٽ جي ور چڙھنديون رھنديون. اھو ئي فطرت جو قانون آھي. ٻيو ته، فطرت جو قانون آھي ازلي؛ نه ڪنھن جي خواھشن ۽ ضرورتن جو پابند ۽ نه ئي کيس ڪو بدلائي سگھي ٿو.



؎ ثبات  ایک  تغیر  کو ہے زمانے میں سکوں

محال ہے قدرت کے کار خانے میں

اھڙين حالتن ۾، جنھن ۾ نون قدرن، تھذيبن، ثقافتن، ادب، آرٽ، سائنس ويندي زندگيءَ جي ھر شعبي جي گھڙيءَ گھڙيءَ جي مٽجندڙ صورت، انسان کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون ھجن، چوڻين ۽ پھاڪن جي ڳالھ، ٿوري عجيب ضرور لڳندي پر حيرت جو مقام نه. اڄوڪي نسل جي گهڻن ماڻهن ته چوڻيون ٻڌيون ئي ناھن. تن لاءِ چوڻي، پھاڪو، ورجيس ۽ اصطلاح، پروليءَ کان گهٽ ناھن. جيڪا شيءِ کين اجايي ۽ بي فيض لڳي ٿي تنھن جي ڇنڊ ڇاڻ، ٺاھ ٺوھ، تحقيق، افاديت، تاريخ ۽ ٻين جزن سان نئين نسل کي بي نياز ٿيڻ ۾ دير نه ٿي لڳي. چوڻيون ۽ پھاڪا، ھڪڙي تيزيءَ سان گذرندڙ وقت جون نشانيون بڻجي، رھجي ويون آھن. گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ انھن جو قافلي جي اٿاريل ڌوڙ ٿيڻ، عين ممڪن نظر پيو اچي. جنھن ڪري اھو سوال فطري طور تي ذھن اندر اڀري ٿو ته چوڻين جي ڪتاب جي ڪھڙي ضروت ۽ افاديت آھي جو مٿس وقت وڃائجي؟ چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح ۽ ورجيسون، ھر ٻوليءَ جو اڻ-ٽُٽُ، لازمي ۽ دلچسپ حصو ھوندا آھن. دنيا جي شايد ئي ڪا اھڙي ٻولي ھجي، جنھن ۾ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۽ حد تائين انھن جو واھپو نه ٿيندو ھجي. جھڙيءَ طرح شعر ۽ شاعريءَ ۾ صنايع ۽ بدايع، ترڪيبون ۽ بندشون، تشبيھون ۽ استعارا، لفظن جو ويھڻ ۽ وڃڻ وغيره بيان ۽ زبان جو چَسڪو، معنيٰ ڏيڻ، اثر وٺڻ، مٺاس ۽ چُشڪو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، اھڙيءَ طرح نثر ۾ چوڻيون، پھاڪا ۽ اصطلاح پڻ واپرائجن ٿا. ان جو اھو مطلب ھرگز ناھي ته شعرن منجهه انھن جو واھپو آھي ئي نه. شعرن (خاص طور تي قصيدن، ھجو، مثنوين، مرثين، شھر آشوب ۽ اوسارن وغيره) ۾ انھن جو استعمال، عام جام آھي. اڄ جي زماني ۾، انھن سخنوي صنفن ڏانھن ماڻھن جو ڌيان نه ھئڻ جي برابر آھي، جنھنڪري چوڻيون ۽ پھاڪا، اڄ جي منظومات منجهه ورلي ئي نظر اچن ٿا. ھيءُ دور، غزل جو دور آھي ۽ غزل پنھنجي رنگ ۽ آھنگ، زبان ۽ بيان، موضوع ۽ سخن جي انداز سبب چوڻين ۽ پھاڪن جي لاءِ زرخيز ميدان مھيا نه ٿو ڪري. جديد غزل ته ان معاملي ۾ ٿورو وڌيڪ ئي بي نياز ثابت ٿيو آھي. ڇو جو جهونين روايتن سان سندس لڳ لاڳاپو اٽي ۾ لوڻ برابر ئي وڃي رھيو آھي. البته ورجيس/ اصطلاح، اھڙي شيءِ آھي، جنھن کان بغير، زبان ۽ بيان جو تصور ئي مشڪل آھي. بنا ورجيسي ٽيڪ جي، ڪا ٻولي ٻه وکون به نه ٿي کڻي سگهي. تنھنڪري، جھڙو نثر تھڙو نظم، بلڪ اردو ادب پڻ، اصطلاحن/ ورجيسن جي دولت سان مالامال آھي.

آڳاٽي زماني ۾ چوڻيون ۽ پھاڪا، گهڻا مقبول ھوندا ھيا ۽ عام ڳالهه ٻول کان علاوه اسان جي ادب جو پڻ اھم حصو ھوندا ھيا. عوام جي ڏھاڙيءَ جي زندگي، سڌي سادي ھئي. اڄ وانگر آسائش جا سامان ميسر نه ھيا ۽ نه ئي زندگيءَ جون ضرورتون تمام گهڻيون ۽ الجهيل ھيون. عام ماڻھو، پنھنجي تھذيبي، سماجي ۽ لساني روايتن ۽ ڌرتيءَ سان گهڻا ويجهڙا ھوندا ھيا ۽ کين پنھنجي خانداني روايتن ۽ معاشرتي قدرن جو به گهڻو اونو ھوندو ھيو. اڄ وانگر جديديت جي وبا، تنھن وقت تائين اھڙي بڇڙي نموني نه ڦھلي ھئي ۽ لوڪن کي رشتن جي قدر ۽ قيمت، ننڍن جي عزت، وڏن جو احترام، مٽن جو ادب، زبان ۽ بيان جا ادب ۽ پاڻ ۾ ربط ۽ رسم جي پاسخاطريءَ جو باقائده احساس ھيو.

اڄ کان چند سال اڳ تائين اردو ادب (خاص طور تي سماجي منظومات، مثنوين، افسانن، انشاين، ناولن ۽ خاڪن) ۾، ھر ھنڌ، چوڻين ۽ پھاڪن جو وڻندڙ ۽ مھارت سان استعمال نظر ايندو ھيو. اھي عبارت منجهه صرف داستان جي سونھن جي لاءِ ئي استعمال نه ٿينديون ھيون بلڪ انھن سان ڳالهه ۾ زور، لطف ۽ چسڪو پڻ پيدا ڪيو ويندو ھيو. ايستائين جو انھن جي ذريعي، تحرير جي معنويت ۽ اثرپذيريءَ ۾ نمايان واڌارو پڻ ٿيندو ھيو. ھاڻ، اھڙيون ڪھاڻيون ۽ افسانا، منڍئون نظر گهٽ ٿا اچن، جيڪي اسان جي معاشري جي آڳاٽين روايتن سان وابسته ھجن. ٻيو ھيءُ ته ھن مشيني دور ۾، جڏھن جديديت، ترقي پسنديءَ جي نالي تي چئني ڏِسائن ۾ پنھنجا جهنڊا کوڙي ڇڏيا آھن، پوءِ ڀلا چوڻين ۽ پھاڪن ڏانھن ڌيان ڌرڻ لاءِ ڪنھن کي واندڪائي ۽ فڪر آھي؟ ھاڻ نه اھي لوڪ باقي بچيا آھن ۽ نه سي ڳالهيون.

؎ زمینِ  چمن  گل  کھلاتی  ہے  کیا کیا

بدلتا  ہے  رنگ آسماں کیسے  کیسے

ھن مرحلي تي ورجيس، چوڻيءَ ۽ پھاڪي جي تعريف، سندن مختصر تشريح ۽ منجهن فرق ۽ امتياز جي وضاحت، ضروري معلوم ٿئي ٿي. عام طور تي ورجيس ۽ چوڻيءَ جو فرق ته ٿورن گهڻن ماڻهن آڏو پڌرو آھي. ليڪن پھاڪي ۽ چوڻيءَ جي وچ ۾ فرق ۽ تفاوت، اڪثر ماڻهن جي مغز ۾ ٿورو اڻ-چٽڙو آھي.

ورجيس/ اصطلاح، اھڙن لفظن جي مجموعي کي چئبو آھي، جنھن جي لفظن جي ترتيب ۽ شڪل يا ھيئت مقرر ھوندي آھي. ورجيس/ اصطلاح جو استعمال، نظم توڙي نثر، ٻنهي ۾ بلڪل عام آھي ۽ انھن کان بغير، زبان ۽ بيان جي فصاحت ۽ بلاغت جو تصور ممڪن ئي ناھي. ورجيس، تحرير جي معنويت وڌائي ٿي ۽ منجهس مٺاس، نکار ۽ جاذبيت پيدا ڪري ٿي. ھيءَ وڏي کان وڏن مضمونن کي چند لفظن جي مختصر ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪندي آھي ۽ عام تحرير ۽ تقرير کي لطيف ادب جي مقام تي وڃي بيھاريندي آھي. ورجيسن/ اصطلاحن جي لفظن ۽ شڪل جي ترتيب ۾ ڇيڙ ڇاڙ، عام طور تي ان جي آھنگ ۽ اثر پذيريءَ کي قدري گهٽ يا موراڳو ختم ڪري ٿو ڇڏي ۽ اڪثر ورجيس جي حق ۾ سمِ قاتل ثابت ٿيندو آھي. مثال طور تي؛ ’’عقل کے ناخن لینا‘‘ ھوش ۾ اچڻ يا سمجهه کان ڪم وٺڻ جي معنيٰ ۾ لکيو ويندو آھي. ان کي بدلائي جيڪڏھن ’’ہوش کے ناخن کترنا‘‘ لکيو وڃي ته اھو بي معنيٰ، غلط ۽ ٽڪساليءَ کان ئي ٻاھر ٿي ويندو. اصطلاح/ ورجيس جو استعمال، ٻوليءَ اندر استعاراتي انداز سان ٿيندو آھي. يعني اصطلاح جا لفظ، پنھنجي لغوي معنيٰ کان ھٽي، ڪنھن ٻئي مضمون يا حقيقت ڏانھن اشارو ڪندا آھن. ٻين لفظن ۾ ھيئن چئي سگهون ٿا ته؛ اصطلاح/ ورجيس جا لفظ، اڪثر مجازي معنائن ۾ استعمال ٿيندا آھن. مثال طور؛ ’’پاؤں توڑ کے بیٹھ جانا‘‘ (گوڏا ڀڃي ويھڻ) مايوس ٿي ويھڻ، ھمت ھاري بيھڻ، ڪوشش نه ڪرڻ جي معنيٰ ۾ لکيو ويندو آھي. ظاھر آھي، ھتي گوڏا ڀڃڻ پنھنجي اصل معنيٰ نه ٿو رکي. اھڙيءَ طرح؛ ’’عقل کے گھوڑے دَوڑانا‘‘ (فڪر تدبر ڪرڻ، سوچ ويچار ڪرڻ) کي گهوڙن ڊوڙائڻ سان لغوي نسبت ناھي. البته اھا ڳالهه ڌيان طلب آھي ته اصطلاحن جي لفظن مان انھن جي اصل معنيٰ جو چٽو اشارو ملي ٿو، جيئن گوڏا ڀڄي پوڻ، معذوريءَ تي ۽ عقل جا گهوڙا ڊوڙائڻ، سوچ جي تيز رفتاريءَ تي دلالت ڪن ٿا.

ورجيسون/ اصطلاح، عام طور تي مصدري حالت ۾ ھوندا آھن. يعني منجهانئن ڪنھن فعل جو صدر، پڌرو ٿيندو آھي. اردو قاعدي جي مطابق، انھن جون مصدرون ’’نا‘‘ ”ڻ“ تي ختم ٿينديون آھن (آنا، رونا، بکھرنا، رینگنا) يعني (اچڻ، روئڻ، وٽڙڻ، سرڪڻ). تنھنڪري اردوءَ جا تقريبًا سمورا اصطلاحَ پڻ ’’نا‘‘ ”ڻ“ تي ئي ختم ٿيندا آھن. مثال طور؛ ”اکيون ڏيکارڻ“ (ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ)، ”اک اٽڪائڻ“ (عشق بازي)، ”سج کي ڏيئو ڏيکارڻ“ (ڪنھن وڏي شخص جي تعريف ۾ ڪنھن ننڍي شخص جو ڳالهائڻ) وغيره. ھڪ ڳالهه اڃا ڌيان طلب آھي ته اصطلاح/ ورجيس، پنھنجي معنيٰ بيان ڪرڻ ۾ مڪمل فقرو يا جملو نه ھوندو آھي بلڪ پنھنجي ما في الضمير جي تڪميل ۽ پورائي لاءِ ڪنھن ٻيءَ الحاقي عبارت يا جملي جو محتاج ھوندو آھي. مثال طور تي؛ ”ٺونٺيون ٺوڪڻ“ آواره گرديءَ يا اجايو رلڻ پنڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي. ان جو پورو مطلب، ڳالهه کي ڪنھن الحاقي عبارت سان پورو ڪرڻ تي ئي ادا ٿيندو آھي. جيئن چئجي؛ ”فلاڻو ته ڏينھن رات وتي ٿو ٺونٺيون ٺوڪيندو.“

چوڻي عام طور تي ڪنھن سبق آموز واقعي ڏانھن ئي اشارو ڪندي آھي. ھدايت ۽ نصيحت ڪندي آھي. انساني فطرت ۽ خصلت جو بيان، وڻندڙ ۽ ڪڏھن ڪڏھن اگري ۽ چسڪي واري ٻوليءَ ۾ ڪندي آھي يا انساني زندگيءَ جي حقيقتن تان پردو ھٽائيندي آھي. اھو به عين ممڪن آھي ته جنھن واقعي، حادثي، سانحي يا تاريخي حڪايت ڏانھن چوڻيءَ ۾ اشارو ڪيل ھجي سا زماني جي گردش سان اُڏايل وقت جي ڌوڙ منجهه اھڙو لَٽجي ويل ھجي جو ھاڻ ان جو نانءُ نيشان ئي باقي نه بچيو ھجي. چوڻين جي پيڙھ/ پاڙ يا ماخوذ/ بنياد ڄاڻڻ ته ڪنھن چوڻيءَ ڪھڙيءَ طرح جنم ورتو يا ڪھڙو واقعو، ان جي ڄمڻ جو سبب بڻيو، مشڪل نه بلڪ اڪثر ڪري ناممڪن ھوندو آھي. تنھنڪري ڪنھن سند يا دستاويزي ثبوت جي عدم موجودگيءَ ۾ لوڪن، اڪثر چوڻين جي پويان ڌڪي تي فرضي قصا، حڪايتون يا واقعا گهڙي ورتا آھن. اھي قصا من گهڙت ضرور آھن، ليڪن چوڻين منجهه سندن ڪردار ڪافي اھم آھي. ڇو جو ھڪ ته اھي داستان جي سونھن جو ڪم ڏين ٿيا ۽ ٻيو سندن مدد سان پڙهندڙ ڪا گهڙي ته ان مصنوعي ۽ فرضي دنيا ۾ پھچي سگهي ٿو، جتان ان چوڻيءَ جو خمير اٿيو آھي. ٻيو ته ھو انھيءَ ممڪن صورتحال کي، پنھنجي تصور جي اک سان ڏسي سگهي ٿو، جنھن تي چوڻي مبني ٿي سگهي ٿي.

پھاڪا، اڪثر پنھنجي لغوي يا لفظي معنيٰ کان ھٽي ڪري به ٻيو مفھوم ادا ڪندا آھن. يعني سندن لفظن مان ھڪڙي ڳالهه پئي پڌري ٿيندي آھي، ليڪن منجهانئن مقصد ڪو ٻيو ئي پيو نڪرندو آھي. مثال جي طور تي؛ ”اڌ تتر، اڌ ٻٽير.“[1] ھڪ پھاڪو آھي، جيڪو ظاھري طور تي ڪنھن ڄاتل سڃاتل شيءِ ڏانھن اشارو نه پيو ڪري. ڇو جو اھڙو پکي ھوندو ئي ڪونھي، جيڪو اڌ تتر جھڙو ۽ اڌ ٻٽير جھڙو ھجي. ھن پھاڪي/ ورجيس منجهان دراصل اھڙو ماڻھو مراد آھي، جيڪو ھر گهڙيءَ ويٺو سانڊي وانگر رنگ مٽي ۽ پنھنجي خصلت ۾ ڊانوانڊول يا بي اعتبارو ھجي. اھا خصوصيت، پھاڪن/ ورجيسن جي دلپذيريءَ جو نھايت اھم ۽ سھڻو نظر ايندڙ پاسو آھي. اھڙيءَ طرح پھاڪا ۽ چوڻيون، ٻوليءَ جي وسعت ۽ معنويت ۾ خوبصورت اضافو ڪن ٿيون، بيان ۾ نکار، چسڪو ۽ تيکُ پيدا ڪن ٿيون ۽ ٿورڙن لفظن ۾ وڏي کان وڏي ڳالهه چئي وينديون آھن. اھا حقيقت سج کان به وڌيڪ چٽي آھي ته اردو ڪيترين ئي ٻولين جي اجتماع ۽ باھمي ربط ۽ ضبط سان وجود ۾ آئي آھي. گڏوگڏ، ان مقامي زبانن ۽ ٻولين کان به گهاٽا ۽ ھمہ گير اثر قبول ڪيا آھن. تنھنڪري منجهس علائقائي ۽ مقامي زبانن ۽ ٻولين جون چوڻيون پڻ ملي ويون آھن. منجهن صاف سٿري ۽ پختي اردو به نظر اچي ٿي ۽ عربي فارسيءَ کان اڌاريون ورتل چوڻيون پڻ ضرب الامثال/ پھاڪن جي شڪل ۾ نظر اچن ٿيون. اھڙيءَ طرح، پھاڪا/ چوڻيون اردوءَ جي انھن گهاٽن لساني، تھذيبي، ثقافتي، ادبي ۽ معاشرتي روايتن جون ساکي آھن، جيڪي سندس خمير جواڻ-ٽُٽ حصو آھن.

پھاڪا/ چوڻيون، عام طور تي ھڪ مڪمل ۽ جامع بيان جملي يا فقره جي شڪل ۾ ھونديون آھن ۽ مصدري حالت ۾ ورلي ئي نظر اينديون آھن. اھي پنھنجي مطلب جي ادائگيءَ ۾ ڪنھن الحاقي جملي يا عبارت جون محتاج نه ھونديون آھن، بلڪ واسطيدار عبارت ۾ معنويت ۽ نکار پيدا ڪنديون آھن. مثال جي طور ”شروعات ئي غلط ٿي“ جي بدران ھيءُ چيو وڃي؛ ”بسم الله ئي بر غلط“ ته ڳالهه جو مزو ئي بدلجيو وڃي. چوڻيون مصرعن يا شعر جي شڪل ۾ پڻ ٿي سگهن ٿيون. جڏھن ته اصطلاحَ/ ورجيسون، ڪڏھن به انھيءَ صورت ۾ نه ھوندا آھن. اھڙا مصرعا يا شعر، ضرب الامثال/ پھاڪا چَورائيندا آھن. چوڻين ۽ پھاڪن کي ھڪٻئي جو متبادل يا ھڪ ئي شيءِ تصور ڪيو ويندو آھي، ليڪن اھو صحيح ناھي. چوڻيون پنھنجي لب ۽ لھجي، فڪر جي انداز ۽ بيان، ۽ مضمون ۾ عوامي ھونديون آھن. ڇو جو عوام ئي سندن ڄم ۽ پرورش جو ذميدار آھي. گهڻيريون چوڻيون ٻھراڙين جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ اتان جي زبان ۾ ھونديون به آھن. ائين کڻي چئجي ته چوڻين جو تعلق، معاشري جي گهٽ تعليم يافته آباديءَ سان ھوندو آھي. مثال طور تي ھيءُ چوڻيون ڏسو؛

گھی بنائے سالنا، بڑی بہو کا نام

ٻوڙ ٺھيو گيھ سان، نالو ڳائجي وڏيءَ نونھن جو.

کام کا نہ کاج کا، دُشمن اناج کا

ڪم جو، نه ڪاڄ جو؛ دشمن اناج جو.

ناچ نہ آئے آنگن ٹیڑھا

نچڻ نه اچيس، چي؛ ”اڱڻ ٽيڏو آ.“

ماروں گھٹنا پھوٹے آنکھ

ڪنڊو لڳس پير ۾، کوٽي ويٺو گوڏو.

جاٹ مرا تب جانئے جب تیرھویں ہو جائے

ڄٽ، مئو تڏھن سمجھجي، جڏھن چاليھو گذريس.

بھُس میں ڈال چنگاری جمالو دور کھڑی

بُھَ ۾ چڻنگ اڇلي، جمالان پري ٿي بيٺي!

اھو ته بلڪل پڌرو آھي ته اھڙين چوڻين جو خمير، عوام جي مھربانيءَ سان آھي. اھي ئي اھڙيون ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. ٻيو ته جن واقعن يا ڳالهين ڏانھن، چوڻين منجهه اشارو آھي، سي سندن ئي زندگيءَ ۾ پيش پڻ اچن ٿيون.

ضرب الامثال/ پھاڪا، انھن فقرن يا جملن کي چون ٿا جيڪي پنھنجي فطرت ۾ ته چوڻي ئي ھوندا آھن ليڪن جن جي زبان، لب لھجو ۽ سخن جو انداز، معاشري جي نسبتًا وڌيڪ تعليم يافتہ ۽ ترقي يافتہ طبقي جي نشاندھي ڪندو ھجي. اھي پڻ انساني تجربن ۽ مشاھدن تي مبني ھوندا آھن ۽ ڪنھن مدت تائين پنھنجي مخصوص حلقي اندر استعمال ۾ رھڻ پڄاڻان، مثال/ پھاڪي جي طور تي عوام ۾ قبوليت جو پد حاصل ڪري وٺندا آھن ۽ ضرب المثل/ پھاڪو سڏرائيندا آھن. ھيءُ اڪثر پنھنجي لفظي معنيٰ بدران ٻي مجازي معنيٰ ادا ڪندا آھن. ضرب المثل/ پھاڪو، پورو جملو يا فقرو ھوندو آھي ۽ پنھنجي معنيٰ جي پورائي لاءِ ڪنھن ٻئي جملي يا فقري جو محتاج نه ھوندو آھي[2]. ضرب الامثال/ پھاڪا، اڪثر اردو يا فارسي مصرعن يا شعرن جي شڪل ۾ پڻ ھوندا آھن. اردوءَ ۾ مستعمل، کوڙ ساريون فارسي چوڻيون، پھاڪي جي ذمري ۾ اچن ٿيون.

خدا رحمت کند ایں عاشقان پاک طینت را

خدا رحمت ڪري اھڙن پاڪ روحاني عاشقن تي.

وزیرے چنیں  بادشاہے چناں

جھڙا وزير، تھڙو بادشاھ.

لو آپ اپنے دام میں صیاد آ گیا

شڪاري، پنھنجي ڪوڙڪيءَ ۾ پاڻ ڦاٿو.

اھي ضرب الامثال/ پھاڪن جا مثال آھن.

روزمره/ محاورا، لفظن ۽ فقرن جي ان مخصوص ترتيب کي چئجي ٿو، جيڪي زبان جي ماھرن ۽ سپورنجن، مخصوص معنيٰ بيان ڪرڻ جي لاءِ اختيار ڪيا آھن. ادب ۽ شعر ۾ روزمره. محاوري جو استعمال، فصاحت ۽ بلاغت جو دليل سمجهيو ويندو آھي. روزمره/ محاوري ۾ لفظن جي ترتيب بدلائي نه ٿي سگهجي. اگر ائين ڪبو ته اھو فصاحت جي پدويءَ تان ڪري پوندو ۽ پنھنجي معنيٰ به وڃائي ويھندو. مثال جي طور تي ”نو دو گياره ہونا“ عام طور تي رفوچڪر ٿيڻ يا کسڪي وڃڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي. اھو روزمره/ محاورو آھي ۽ سپورنج، ائين چوندا آھن. اگر منجهس لفظن جي ترتيب بدلائي ”دو نو گياره“ چيو وڃي يا موراڳو لفظ مٽي ”پنج ست ٻارھن“ چئجي ته اھو روزمره. محاورو بي معنيٰ ۽ ناقابل قبول ٿي پوندو. اھڙيءَ طرح ”اوڻويھ ويھ جو فرق آھي“ (يعني معمولي فرق آھي) منجهه، اگر لفظ مٽائي ”ارڙھن اوڻويھ جو فرق آ“ يا ”ٻن ٽن جو فرق آ“ چيو وڃي ته روزمره/ محاوري جي فصاحت واري درجي کان ڪري پوندو ۽ ناقابل قبول ٿي پوندو. روزمره.محاوري جا مثال، شعرن ۾ پڻ ملن ٿا. مثال طور ھڪڙو شعر آھي؛

؎ نہ میں  سمجھا، نہ آپ آئے کہاں  سے

پسینہ  پوچھئے  اپنی  جبیں سے

اگر انھيءَ مضمون کي ”پنھنجي پيشانيءَ تان پگهر اُگهه“ چئي ادا ڪيو وڃي ته اھو غلط ٿيندو ۽ روزمره/ محاوري منجهه نه ڳڻبو.

چوڻيون ۽ پھاڪا، قوم جي تھذيب، ثقافت ۽ معاشرتي زندگيءَ جون جيئريون جاڳنديون تصويرون ھونديون آھن ۽ انھن جون پاڙون ان جي سماجي، تھذيبي، لساني، اجتماعي ۽ انفرادي زندگيءَ ۾ گھڻو گھريون کتل ھونديون آھن. ٻين لفظن ۾، چوڻيون پنھنجي ڌرتيءَ سان سڌو سنئون وابسته ھونديون آھن ۽ پنھنجي وقت جي مخصوص ماحول، معاشري، رھڻيءَ ڪھڻيءَ جي انداز، مقامي ٻولين ۽ روايتن وغيره جي عڪاسي ڪنديون آھن. ھر ٻوليءَ ۾ چوڻيون، عوام توڙي خواص جي زندگيءَ جون آئيني دار ھونديون آھن ۽ منجھن ملڪ ۽ ملت جي زندگيءَ جو عڪس ڏسي/ پسي سگھجي ٿو. اردوءَ جون چوڻيون، مختلف حوالن سان، پنھنجو ھڪڙو منفرد ۽ جامع، مقام رکن ٿيون. جيڪڏھن غور سان انھن جو مطالعو ڪيو وڃي ته انھن جي توسط سان اسان پنھنجي سماجي پاڙن جي گھڻين ئي شاخن جي سڃاڻپ ڪري سگھون ٿا. اڪثر ھڪ چوڻيءَ جا چند لفظ، اھو ڪجھ چئي ويندا آھن، جيڪو سوين لفظن سان ادا ڪرڻ به مشڪل ھوندو آھي. ٻيو وري چوڻيءَ جي زبان ۽ بيان وارو مزو ۽ چسڪو، اڃا الڳ آھي. جن ماڻھن پنھنجي گھر ۾ وڏڙن کي ڏٺو ۽ ڳالھيون ڪندي ٻڌو آھي، سي ان حقيقت کان چڱيءَ پر واقف ھوندا. اڄ کان چند سال اڳ تائين، عورتن منجھ تعليم جو رواج عام نه ھيو. خاص طور تي گھر جون وڏڙيون (جن کي عام ٻوليءَ ۾ ”جھونڙيون“ سڏيو ويندو ھيو)، اڪثر پڙھڻ لکڻ نه ڄاڻنديون ھيون. نه فقط عورتن جي تعليم، ان وقت عام نه ھئي، بلڪ سندن گھرن مان بنا سبب ٻاھر بي حجاب اچڻ وڃڻ به ورلي ئي ھوندو ھيو. ان ۾ ھندو مسلم جو ڪو به فرق نه ھوندو ھيو. اڄ کان سٺ ستر سال اڳ تائين برصغير پاڪ و ھند ۾ ڇا ھندو ڇا مسلمان، سڀئي عورتون ڍنگ سان مٿو ۽ جسم ڍڪي گھران ٻاھر نڪرنديون ھيون. اھي نيڪ ٻانھڙيون، جڏھن پاڻ ۾ گڏجي ويھنديون ھيون ته مزيدار ڳالھين سان پاڻ ۽ ٻين جون دليون وندرائينديون ھيون. ھر پاڙي پتيءَ ۾ اھڙيون ڪچھريون ڏھاڙي مچنديون ھيون، جتي جھونڙيون ۽ سندن ڌيئر نوھر، ھيڏانھن ھوڏانھن جا ليکا چوکا لاھي، وقت گذارينديون ھيون. عام طور تي انھيءَ ڪچھريءَ دوران، گڏجي سڏجي ڪو ڪم (مثال طور ان پينھڻ، وڙيون ٺاھڻ، کٽاڻ وجھڻ وغيرھ) پڻ ٿيندو رھندو ھيو. اھي ويھڪون، اڄ جي اخبار، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ وارو ڪم ڪنديون ھيون. يعني انھن سان دل وندرائڻ جو سامان ميسر ٿيندو ھيو، تو مان جي گلا پڻ ٿيندي ھئي، ٽوھَ ۽ کٽ کوٽ پڻ ٿيندي ھئي ۽ پاڙي پتيءَ جا افواھ به ڪانڊيرن جي باھ وانگر ستت جڳ جھان ۾ وائرجي ويندا ھيا. جيڪڏھن پھاڪن/ چوڻين جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته منجھن ايترا اڻ ڳڻيا پھاڪا نظر ايندا، جن جو لب لھجو، موضوع ۽ بيان جو انداز، اھڙين ئي ھستين ۽ خاص طور تي جھونين عورتن جي زبان، مخصوص ٻوليءَ ۽ سندن زندگيءَ جي گوناگون تجربن جو آئينه دار آھي.

چوڻيون، مختلف قسمن جون ھونديون آھن. اردوءَ جون ڪي چوڻيون، فارسي ۽ عربي چوڻين جو يا ته چرٻو آھن يا انھن جو ترجمو آھن. ڪي چوڻيون، پنھنجي فطرت ۽ خمير ۾ عوامي آھن. يعني انھن جو استعمال، بازار يا عوام ۾ ته بي ڌڙڪ ٿئي ٿو، ليڪن اھي مھذب ۽ سنجيده حلقن ۾ استعمال جي قابل ته ڇا، زبان تي آڻڻ لائق به نه سمجھيون وينديون آھن. آڳاٽي دور ۾، مردن ۽ عورتن ۾ گڏجي ڪچھريون ڪرڻ عام نه ھيو. بلڪ ان کي وِڏُ برابر سمجھيو ويندو ھيو. عورتون عام طور تي گھرن ۾ ئي رھنديون ھيون. شادي مراديءَ، عيد براد يا ٻين سماجي ڪمن جون رسمون ۽ رواج، سندن عملداريءَ ھيٺ ھوندا ھيا. مردن جو عمل دخل، انھن معاملن ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ھوندو ھيو. اھڙيءَ طرح، دراصل، عورتن جو ھڪ ضمني يا ذيلي ليڪن نھايت اھم معاشرو، عام ۽ ڪشادي معاشري جي اندر پيدا ٿي ويو ھيو ۽ عورتن جي رسم رواج ئي نه بلڪ سندن زبان ۽ اصطلاحن/ ورجيسن پڻ مختلف سطحن تي پنھنجي ھڪڙي مخصوص شڪل جوڙي ورتي ھئي. جنھن ڪري سوين چوڻيون اھڙيون ملن ٿيون، جيڪي صرف عورتن سان ئي مخصوص آھن ۽ انھن جي ٻوليءَ ۾ پڻ آھن. انھن چوڻين کان، مرد ٿورو گھڻو واقف ته ھيا ليڪن اھي انھن کي پنھنجي روزمره/ محاوري يا ادب ۽ شعر ۾ استعمال نه ڪندا ھيا. ڪيتريون چوڻيون اھڙيون به آھن، جيڪي ٻھراڙيءَ جي زندگيءَ سان وابسطه آھن ۽ شھرن ۾ رھڻ وارا، تن کان گھڻو گھٽ واقف ھيا. اڄ جي شھرين جي لاءِ ته اھي پروليءَ واري حيثيت رکن ٿيون. ھن مضمون اندر اردوءَ ۾، عام طور تي، واپرائجندڙ چوڻين کي ڪٺو ڪيو ويو آھي. ھتي چوڻين کي، سندن مختلف قسمن منجھ ورھائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آھي. بلڪ صرف چوڻي بيان ڪري، ان جي مختصر معنيٰ ۽ استعمال جو محل/ ھنڌ لکيا ويا آھن ته جيئن ”سند رھي ۽ ضروت وقت ڪم اچي.“

ھن ڪتاب ۽ ان موضوع تي ملندڙ ٻين ڪتابن ۾ جيڪو فرق آھي، ان جو ذڪر پڻ دلچسپيءَ کان خالي ناھي. اھي ڳالھيون جيڪي ھن ڪتاب کي، ٻين ڪتابن کان وٿيرڪو ڪري بيھارين ٿيون، سي ھيٺ ڏجن ٿيون.

(۱) ھن موضوع تي موجود سمورن ڪتابن اندر، چوڻيون، ورجيسون ۽ پھاڪا، سڀ شامل ڪيا ويا آھن. کين الڳ الڳ لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جي ڪوشش گھٽ ڪئي وئي آھي. جنھن ڪري اڪثر واھپي ھيٺ ڪتابن منجھئون فقط چوڻين جي چونڊ ڪرڻ، آسان ناھي بلڪ وڏو وقت ۽ محنت وٺندڙ ڪم آھي. ھيءُ ڪتاب صرف، اردوءَ ۾ واپرائجندڙ چوڻين تي ئي مشتمل آھي. منجھس اصطلاح/ ورجيسون شامل نه ڪيا ويا آھن.

(۲) ڪيتريون ئي چوڻيون، ڪتابن منجھ اھڙيءَ ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل آھن جو يا ته ڪنھن علائقي سان مخصوص آھن يا ھاڻي عام طور تي واھپي ۾ ئي ناھن. اھڙين چوڻين ۾ لفظ ۽ روزمره/ محاورا پڻ اھڙا ملن ٿا، جن کان عام اردودان واقف ناھي. اھڙيءَ صورت ۾ ھيءُ چوڻيون پنھنجي اھميت جي باوجود، بيسود ٿيو وڃن. ظاھر آھي ته جڏھن کين نه ڪير سمجھي ۽ نه ئي ڳالھائي ته پوءِ کين ڪتابن منجھ رکڻ مان فائدو نه ٿيو. اھڙيون چوڻيون ھن ڪتاب اندر شامل نه ڪيون ويون آھن.

(۳) ھن ڪتاب جي اشاعت ۽ ترتيب ۾، ان ڳالھ جو خيال رکيو ويو آھي ته صرف اھي چوڻيون شامل ڪيون وڃن، جيڪي يا ته اسان وٽ اڄ به واھپي ۾ آھن يا ڪتابن منجھ اک تي چڙھيو وڃن يا کين پڙھي اردوءَ جو عام ڄاڻو سندن مطلب ۽ مقصد تائين آسانيءَ سان پھچي سگھي ٿو. منجھانئن ڪي اھڙيون ضرور آھن، جيڪي پھرين نگاھ ۾ عام فھم ناھن، ليڪن مختصر وضاحت سان عام فھم ٿيو وڃن.

(۴) اردو ٻوليءَ ۽ ادب تي فارسي زبان جو گھرو اثر آھي. تنھن ڪري گھڻيون چوڻيون فارسي مصرعن ۽ شعرن جي صورت ۾ اردوءَ منجھ واھپي ۾ رھيون آھن ۽ ھاڻي اسان جي چوڻين/ پھاڪن جي خمير جو حصو بڻجي پيون آھن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته فارسيءَ جو ذوق ۽ واھپو، ھاڻ اردو اسڪولن ۽ اردوءَ جي ڄاڻوئن ۾ گھڻو گھٽجي ويو آھي، ليڪن اھي فارسي پھاڪا، اسان جي چوڻين جي تھذيب جو ايترو اھم ۽ دلچسپ حصو آھن جو کين نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. تنھنڪري چند چونڊ فارسي پھاڪا پڻ، ڪتاب اندر شامل ڪيا ويا آھن ۽ ترجمي سان انھن جي مناسب وضاحت ۽ واھپي جو ھنڌ، ڏنا ويا آھن.

(۵) چوڻي، عوامي روايت آھي. اھا گھڻو تڻو، عوام/ لوڪ جي ماحول ۾ پيدا ٿيندي آھي ۽ ان ۾ ئي زمانن تائين واھپي پڄاڻان، نکار حاصل ڪندي آھي. ڪي چوڻيون گھرن اندر پيدا ٿينديون آھن ۽ وچٿري گھراڻي جي اٿڻي ويھڻي ۽ رھڻي ڪھڻيءَ جي نمائندگي ڪنديون آھن. منجھن اھي چوڻيون گھڻيون نمايان آھن جن جي پال پوس ۾ عورتن جو وڏو ھٿ آھي. ڪي چوڻيون، بازار ۾ پيدا ٿينديون آھن. ڇو جو بازار اھڙي جاءِ آھي، جتي گھٽ پڙھيل لوڪ نه صرف ججھي تعداد ۾ موجود ھوندا آھن، بلڪ ھڪٻئي سان گفتگو، ٻول چال، جھيڙو جھٽو، ڏيتي ليتي، دنگو فساد، گار گند ۽ ٺٺولبازيءَ ۾ به سرگرم رھندا آھن. بازاري چوڻين جي ٻولي به بازاري ٿي سگھي ٿي ۽ اڻ وڻندڙ يا اگھاڙي پڻ ٿي سگھي ٿي. چوڻين جي ڪن ڪتابن ۾ ان سلسلي ۾ احتياط نه ڪيو ويو آھي. منجھن اگھاڙيون ۽ ناشائسته چوڻيون پڻ شامل ڪيل آھن. ھن ڪتاب اندر، اھڙين مڙني چوڻين کان پوريءَ طرح پاسو ڪيو ويو آھي. غير مھذب ۽ اگھاڙين چوڻين جي شامل ڪرڻ سان ڪتاب جي افاديت ۾ تر برابر به واڌارو نه ٿيندو آ، بلڪ ان جي ادبي ۽ تھذيبي حيثيت، معيار ۽ وقار تي پئي آڱر کڄندي آھي.

(۶) ڪن چوڻين جي پسمنظر جي طور تي تاريخي واقعا، مذھبي قصا يا فرضي حڪايتون بيان ڪيون وينديون آھن، جن جي سچائي ثابت ۽ قائم رکڻ، ھاڻ ممڪن ئي نه رھي آھي. اڪثر ائين به ٿيندو آھي ته اھڙين روايتن ۽ حڪايتن جي ٿوري گھڻي مٽ سٽ سان ڪيتريون ئي شڪليون نظر اچي وينديون آھن. انھن مڙني شڪلين جو لکڻ، ڊيگھ جو سبب ھوندو آھي. ڇو جو قصي جي ھڪ شڪل پسمنظر واضح ڪرڻ لاءِ، ڪافي ھوندي آھي. تنھنڪري ھتي اھڙن قصن ۽ حڪايتن جي صرف ھڪ ئي شڪل، اختصار سان، بيان ڪئي وئي آھي.

ھن ڪتاب جي تاليف ۽ اشاعت جا گھڻيئي اھم مقصد آھن. چوڻين جو ھيءُ مجموعو، نئين نسل کي اردو زبان ۽ ادب اندر واپرائجندڙ چوڻين ۽ پھاڪن سان متعارف ڪرائڻ ۾ مددگار ٿيندو. ان ڪوشش جو مقصد، ھڪ طرف جيڪڏھن نئين نسل کي پنھنجي روايتن، قدرن ۽ تيزيءَ سان مِٽجندڙ چوڻين ۽ پھاڪن سان متعارف ڪرائڻ آھي ته ٻئي پاسي انھن چوڻين جي حفاظت ڪرڻ پڻ آھي. ھاڻ اھڙا ماڻھو، جيڪي کين واپرائين ٿا يا کانئن واقف آھن، ڏينھون ڏينھن وڃن ٿا گھٽبا. اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ھيءُ چوڻيون اسان جي گھڻين روايتن سان گڏ جھونن ڪتابن ۾ ھڪڙا وساريل جھونا قصا ٿي رھجي وينديون ۽ اھو اسان جي زبان ۽ تھذيب جي لاءِ انتھائي وڏو نقصان ھوندو.

پھاڪن/ چوڻين جي ھن ڪتاب جا مقصد، مختصر طور تي، ھيئن بيان ڪري سگھجن ٿا: (۱) پنھنجي ان تھذيبي، معاشرتي ۽ لساني سرمايي جي حفاظت، جيڪا چوڻين جي صورت ۾ موجود آھي. (۲) نئين نسل کي، انھيءَ ورثي کان آگاھ ڪرڻ ته جيئن اھا ان جي مناسب حفاظت ۽ استحڪام ڏانھن ڌيان ڌري. (۳) امڪاني حد تائين، ان قرض جو اعتراف ڪرڻ جيڪو چوڻين جي سلسلي ۾ اردوءَ تي ٻين زبانن جو آھي. يعني جتي اھا سڌ پئجي وڃي ته ڪا چوڻي، ڪنھن ٻي زبان جي ذريعي آئي آھي ته ان جي نشاندھي ڪري ڇڏجي. ممڪن آھي ته سڀان جو مؤرخ، انھن اشارن کي، پنھنجي ڪم ۾ استعمال ڪري سگھي.

رازؔ اہل دل  سے اب تک یہ عقیدت ہے مجھے

شعر کے پردہ میں  حالِ  دل کہے جاتا ہوں  میں (رازؔ چاندپوری)



[1] سنڌيءَ اندر، ھيءَ چوڻي ناھي، بلڪ ھڪ ورجيس آھي. ڇو جو اھا ھڪڙو مڪمل جملو ناھي بلڪ فقرو آھي. چوڻي ھجڻ لاءِ، عبارت جو مڪمل جملو ھجڻ شرط آھي.

[2] سنڌيءَ اندر، پھاڪي يا چوڻيءَ جي ھجڻ لاءِ جملي جو مڪمل ھجڻ شرط آھي. غير مڪمل جملو يا فقرو، ورجيس ئي سڏيو وڃي ٿو.

2 comments:

  1. سائين ھن سڄي ڳاله کي ٽن حصن۾ورهائي موڪليو ھا ته بھتر ھيو.

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين منھنجا!
      اوھان جي ڳالھ / مراد مون کي سمجھ ۾ نه آئي. اوھان ڇا ٿا چاھيو؟ ھيءُ سڄو مقالو رکيل آھي. ان مان حصا جيترا چاھيو، اوھان ڪري، کڻي سگھو ٿا.
      ٽن حصن ۾ ورھائڻ واري ڳالھ مون کي سمجھ ۾ نه آئي. مھرباني ڪري چڱيءَ طرح سمجھائيندا ته جيئن ان تي عمل ڪندي، اوھان جي ڪارج لائق بڻائي سگھجيس.

      Delete