Wednesday, May 8, 2019

ڪيڏانهن مُنهن مريم جو - مٺل جسڪاڻي


ڪيڏانهن مُنهن مريم جو...
تبصرو
مٺل جسڪاڻي
”واهه جو جوڙيو جوڙڻهار، منهنجو ٽنڊو الهه يار“، ”ڀلين ڄامشورا ماڻھو تنهنجا گهورا، پر اکيون ڪنهن جون آتيون ٽنڊي ڄام ۾“ ۽ ”واهه وڏيرا تنهنجا ڪم، ملڪ سڄو وئين ڪري هضم“ جهڙي شاعري سرجيندڙ خليل کوسو، جيڪو ڪنهن وقت عام ڳوٺاڻو، ڪنهن مهل وتايو، ڪنهن گهڙي اڻ پڙهيل، ڪا مهل لکيل پڙهيل محسوس ٿئي ٿو، کلڻو ملڻو، محبت طلبيندڙ محبتي شخص آهي. پيشي جي لحاظ کان استاد، ترجيحات موجب محقق، حادثاتي طور سگهڙ به آهي، ته شاعر به آهي. شاعري جي نسبت سان سندس سڃاڻپ ججهي ٿي آهي. عملي طور هن جا في الحال صرف ٻه ڪتاب شايع ٿي سگهيا آهن، اُهي سندس محقق هجڻ جو ثبوت آهن.


خليل جو پهريون ڪتاب ”ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار (ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ اسرندڙ پهاڪا ۽ چوڻيون _ ڀاڱو پهريون)، وتايو پبليڪيشن ٽنڊوالهيار پاران، سال ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ۾ خليل لکي ٿو؛ ”هي ڪتاب ارپيان ٿو سنڌ جي ڏاهي تاريخدان ۽ ماهر لطيفيات مرحوم سائين محمد حسين ڪاشف کي جنهن جي صحبت ۾ تاريخ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه پرايم.“ هن ئي ڪتاب ۾ ”آڇيندي لڄ مران“ عنوان سان خليل کوسو لکي ٿو؛ ”سانده اٺن سالن جو قلمي پورهيو ڪيو اٿم، پر تنهن هوندي سمجهان ٿو ته، ٽنڊي الهيار جي حوالي سان ”پنڌڙو پري، منزل ڏور“ تاريخ ۽ تحقيق جا مختلف موضوع آهن، پهاڪا، چوڻيون ۽ محاورا به ان ۾ شمار ٿين ٿا، اگر انهن جو بُڻ بنياد ڳولجي ته ڪر وڏي تاريخ پڙهندڙ جي سامهون اچي وڃي. زيرِ نظر ڪتاب ۾ ضلعي ٽنڊي الهيار جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ استعمال ٿيندڙ محاورن، چوڻين کي ڳوٺڙن جي تاريخ سميت پڙهڻ وارن جي آڏو آندو اٿم، جتي به پهاڪي جي پروڙ ٿي پئي، اتي پهچي ٿي ويس. سنڌ جا ماڻهو، مان ۽ عزت ڏيڻ جا وڏا ماهر آهن، پر جڏهن منهنجو مقصد انهن جي آڏو بيان ڪيم، يعني هتي هن ڳوٺ ۾ ڪو پهاڪو يا چوڻي آهي ان تي جواب نه ۾ ٿي مليو، ڪٿي ڪٿي مڪمل بايوڊيٽا ملي ٿي وئي.“
پهاڪن تي مختلف ڪتاب، ڳاڻيٽي جي حساب سان پهاڪن تي وڌ ۾ وڌ ڪتاب، محترم عبدالوهاب سهتو جي اڻ ٿڪ محنت ۽ خلوص سبب، منهنجي مطالعي ۾ رهيا آهن. اهي ڪتاب، انهن جي ترتيب ۽ تشريح به ذهن ۾ هئي ۽ آهي، جڏهن خليل جو هي ڪتاب پڙهيم ته پهاڪن تي مشتمل اڳوڻن ڪتابن جي ڀيٽ ۾، مون کي هي ڪتاب گهڻو مختلف ۽ منفرد محسوس ٿيو.
خليل کوسي هي ڪتاب لکڻ لاءِ نه صرف ٽنڊوالهيار ضلعي جي ڪنڊڪڙڇ ڪڇي، ان کي نظر ايندڙ مختلف لکيل پڙهيل، لکندڙ پڙهندڙ، ضلعي ٽنڊي الهيار جي هڪ وڏي اڪثريت کي به ڪڇيو ۽ هي ڪتاب پڙهندڙ جي به اک کلي ٿي، ته مطالعاتي ڄاڻ جي نسبت سان، ڊيگهه ضربيان ويڪر برابر اوچائي ڪيتري آهي؟
جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ صرف ۳۸ پهاڪا آهن، جن تي خليل جو ڪم ٿيل آهي، پر هر هڪ پهاڪو ۽ ان جي اصليت تي پهچڻ لاءِ جڏهن پڙهجي ٿو، ته خبر پوي ٿي، هن ڪتاب ۾ شامل مواد صرف ضلعي ٽنڊي الهيار تائين ئي محدود نه آهي، نه ئي ان ۾ صرف ٽنڊي الهيار جي سُونهَن ماڻهن جو ذڪر آهي. هن ڪتاب ۾ ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۽ انهن جي معروف ماڻهن جون به ڳالهيون آهن، قصا ۽ ڪهاڻيون آهن، تاريخ به آهي، ته جاگرافي به آهي، زراعت جو به ذڪر آهي، ته صنعت به آهي، وڻج ۽ واپار به آهي.
هن ڪتاب ۾ زباني ڪلامي ڳالهيون ته ڳالهيون ڪندڙن جي نالن سان لکيون ويون آهن، پر هن ڪتاب جي ساک قائم ڪرڻ، رکڻ لاءِ لکتون ۽ اشاعتون پڙهي، ڪتابن ۽ ليکڪن، محققن جا نالا ۽ حوالا به ڏنا ويا آهن.
ڪتاب ۾ ڏنل پهرئين پهاڪي؛ ”نر ننگر، نار نصرپور، نيرت نورائي، ڦل فتح باغ، ڏس هلي جوڻ، جت ڪپهه جو واپار“ جي وضاحت، تفصيل، سمجهاڻي، تشريح ۰۶ صفحن تي مشتمل آهي ۽ زباني ڪلامي ڳالهين جي حوالي سان گڏوگڏ ۰۶ ڪتابي حوالا به ڏنل آهن.
ڪتاب جي ٻئين پهاڪي ”ابل جي واري، هڪڙي هلي، ٻي نهاري“ جي لاءِ ۱۳ ڪتابي حوالا ڏنل آهن. اهڙي طرح ڪتاب جي نالي واري پهاڪي ”ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار“ جي تشريح ۾ ۰۹ صفحا لکيل آهن، جنهن ۾ ڪتابن جا ۱۰ حوالا به شامل آهن. پهاڪي جي تشريح لاءِ شروعاتي سٽن ۾ لکيل آهي ته ”هي پهاڪو اميران سنڌ جي حڪومت جي شروعاتي دور جو آهي، جنهن ۾ مريم ۽ ٽنڊوالهيار جو ذڪر اچي ٿو، اچو ته هن تاريخي پهاڪي بابت، ڊوکا ڪريون ته پهاڪي ۾ آيل مريم ڪهڙي آهي، ٻيو ته لفظ خالي ”الهيار“ آهي يا ”ٽنڊوالهيار“ آهي، يا مڙئي ”چلڪي تي بندوق“ هڻي پهاڪو ٺاهيو ويو آهي. ٻي ڳالهه ته سنڌ جي تاريخي ڪتابن ۾، مريم جي نالي سان ٻه ڳالهيون مشهور آهن. هڪ مائي مريم، جيڪا آدم خان مري جي ڀيڻ هئي. ٻي مريم نالي توب آهي، جيڪا هينئر DPO آفيس، نيشنل هاءِ وي خيرپور ميرس ۾ رکيل آهي“. ان کان پوءِ ”مريم توب“، ”مريم توب آئي ڪٿان؟“، ”توب جو مريم نالو ڇو؟“، ”مائي مريم“، ”مريم اڍيجو عرف سنڌ راڻي“، ”مريم مجيدي“، ”مريم نوحاڻي آپا“، ”پهاڪي ٺهڻ جو سبب“، ۽ ”حاصل مطلب“ جي عنوان سان مواد ڏنل آهي ۽ پڙهندڙ کي ئي پروڙ پوندي، ته خليل جي هن ڪتاب ۾ ڇا ڇا نه آهي؟...
ڪتاب ۾ شامل سڀني پهاڪن جي پاڙ تائين پهچڻ لاءِ خليل وڏا وس ڪيا آهن ۽ هر پهاڪي جي تفصيل بابت لکيو آهي. ڪنهن پهاڪي لاءِ صرف هڪ صفحو، ته ڪنهن لاءِ اڌ صفحو به ڪافي سمجهيو آهي.
خليل جي لکڻ جو انداز به نرالو آهي. نثر ۾ لکندي لکندي، موضوع سان ٺهڪي ايندڙ شاعري، ان ۾ به ڪو شعر ڪنهن جو، ته ڪو ڪنهن جو لکي، پڙهندڙن لاءِ پيار ڀري چس پيدا ڪئي آهي.
هي ڪتاب پڙهڻ سان مون کي اهو به اندازو ٿيو، ته خليل جي يادگيري واري حس تمام گهڻي مضبوط آهي. سندس دلچسپي گهمڻ، ڳالهيون ڪرڻ، نثر به پڙهڻ، ته نظم به پڙهڻ ۽ ڳالهه ڳالهه جو، ان هر هڪ ڳالهه ۾ موجود هر نقطي جو، پيرو کڻڻ به سندس عادت ۾ شمار آهي!
ڪتاب پڙهڻ جو شوقين، ڪتاب جو نالو پڙهي، جڏهن ”ٿر جا وس، جهول جا گس“ پهاڪو پڙهندو، ته هيڪر ڍڪر چڙهي ويندس! ڇو ته ”ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار“ ڪتاب، ٽنڊوالهيار ۾ جنم وٺندڙ پهاڪن تي آهي ۽ هن پهاڪي ۾ ٿر ۽ جهول جو ذڪر آهي، جيڪي الڳ ماڳ ۽ مڪان آهن!... پر جڏهن پڙهندڙ ان پهاڪي بابت پڙهندو ته ڄاڻندو... ڇا ڇا نه ڄاڻندو؟... اهو ئي ڄاڻندو، جيڪو پڙهندو؟...
هن هڪڙي ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، اتي جي گسن پنڌن، شاعرن، محققن ۽ سياڻن جون ڳالهيون آهن. ڪو محقق هجي، جيڪو اکر اکر پڙهي، ڪتاب ۾ موجود مختلف موضوع نوٽ ڪري، ۽ پوءِ قلم کڻي ته خبر پوي...
ڊيمي سائيز جي ۱۲۳ صفحن تي مشتمل، هن ڪتاب جو صرف هڪ صفحو ”هي ڪتاب“ عنوان سان محمد حسن لغاري لکيو آهي، باقي سڀني صفحن تي خليل کوسي جو مواد آهي. تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻن جي اظهار سان، چئن خوبصورت رنگن تي مشتمل هن ڪتاب جي سرورق ۽ بئڪ ٽائٽل تي خليل کوسي ڏاهي ڀاءُ شادي خان کوسي جا ٻه اکر لکيل آهن. پڪي جُلد ۽ ڊسٽ ڪور جي هن ڪتاب جي قيمت ۲۰۰ روپيه آهي.

(ھفتيوار ادبي صفحو ”تخليقڪار“، ترتيب: واحد پارس ھيسباڻي، روزاني عبرت حيدرآباد، اربع ۰۸ مئي ۲۰۱۹ع)

No comments:

Post a Comment