Saturday, April 27, 2019

پيش لفظ - رياضت ٻرڙو


نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون
پيش لفظ
رياضت ٻرڙو

زندگيءَ جي باري ۾؛ اُن جي مُلهائتي ۽ اڻ ملهائتي هجڻ جي ليکي چوکي ۾؛ اُن جي ڏکن ۽ سکن، اهنجن ۽ سهنجن کي نظر ۾ رکندي؛ ان جي آزمائشن ۽ آزمودن جي حساب سان؛ سياڻن ۽ اَياڻن جي خيالن ۽ هَلتن کي پرکيندي؛ ننڍن ۽ وڏن سماجن توڙي مختلف گروهن ۽ ٽولن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پهاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون، گفتا ۽ ٽوٽڪا، ڪهاڻيون ۽ قصا، حڪايتون ۽ حوالَ؛ جُڙندا ۽ اڳتي وڌندا آيا آهن. انهن مان ڪيترا ئي، ٿوري گهڻي فرق سان، اکرن ۽ لفظن جي مَٽ سَٽ سان، بيان ۽ ڪلام جي گهٽ وڌائيءَ ۽ ڦير گهير سان، سيني بَسيني، ٻوليءَ ۽ سماج جي ابتدا کان ئي انسان سان ڳنڍيل رهندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته منجهن انسان لاءِ ئي واند جي وندر به رکيل آهي، ته ڏاهپ جا ڏس به سانڍيل آهن.


چئجي ٿو، ته انسان جي ابتدا سان ئي سندس آکاڻيءَ جي به شروعات ٿي، پوءِ وقت جي گذرڻ سان ڪردار ۽ واقعا به وڌندا ويا، ته انهن ڪردارن ۽ واقعن جا ٻول ۽ قول به جُڙندا ويا. ڪن آکاڻين جا انجام به ڪارائتن ڪردارن وانگر ڪارائتا، ته ڪن آکاڻين جي پڄاڻي به ڪُڌن ڪردارن وانگر ڪمتريءَ تي پُوري! منجهن، مزي وٺندڙن ڪاڻ مرچ مسالا به جام، ته سِکڻ ۽ سمجهڻ وارن لاءِ چڱائيءَ ۽ لڱائيءَ جا سبق به وِک وِک تي ونڊيل آهن. وکرَ انيڪ ته خريدار به ججها، جيڪو جنهن کي کپي، خوشيءَ سان کڻي؛ زور بار ڪنهن تي ناهي، ڳالهه رضا خوشيءَ ۽ پسند جي آهي. هر ڪنهن جي پسند پنهنجي! جهڙو کڻبو تهڙو ماڻبو! گل مان خوشبوءِ ۽ رنگ ملندا، ته گند مان ڌپ ۽ ڇيڳرائي! پر، نصيحت ته ٻنهي مان ملي سگهي ٿي. نصيحت جي دنيا به ڪا کُٽل ۽ محدود ته ناهي! ڳالهه رڳو سمجهڻ جي آهي. ڪڏهن ته هڪ اکر به سنسار جي سمجهه جي ڪُنجي، ته ڪڏهن اڻ کُٽ انبار به اڻ پورا!
هيءُ ڪتاب به ڪجهه اهڙو ئي منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
”جامع سنڌي لغات“ جي اينڊرائڊ ايپ ۾، ’نصيحت‘ جا هي متبدل لفظ ڏنا ويا آهن: ”مَت، مشورو، پند، اُپديش، صلاح، سمجهاڻي، سبق، هدايت. سنٿا، سيکت، گوشمالي، سزا، تنبيهه، تاتپرج، مُددُعا، فهمائش. عبرت، ڳجب، سُڌ، سماچار، خبر.“
ان ريت، هِن ڪتاب ۾ آندل آکاڻين مان جُڙيل پهاڪن ۽ چوڻين ۾، ’نصيحت‘ جون اهي سڀئي معنائون ۽ مطلب نروار ٿي بيهن ٿا ۽ ماڻهن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندي نظر اچن ٿا.
هن ڪتاب ”نصيحت آموز آکاڻين ورا پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ آندل آکاڻين جو هڪ ٻيو اهم ڪارج پڻ پڌرو آهي. اُهو هيءُ ته منجهس آيل آکاڻيون لوڪ ڪهاڻين جي حيثيت پڻ رکن ٿيون، جنهنڪري اهي پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ ٻُڌائڻ ۾ وڻندڙ آهن. انهن آکاڻين ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن منجهه پهاڪن ۽ چوڻين سان چاهه به پيدا ٿيندي نظر اچي ٿو. اهي آکاڻيون ٻارن توڙي وڏن ۽ مردن توڙي عورتن، سڀني جي وندر وٽان آهن. انهن جا ڪردار عام توڙي خاص ۽ مذڪر توڙي مؤنث انسان به آهن، جيت، جڻيا ۽ جانور به آهن، ديوتا، ديوِيون ۽ پَريون به آهن، ته بادشاهه ۽ وزير، راڻيون ۽ شهزاديون به آهن، جنهنڪري انهن آکاڻين ۾ وڏي دلچسپي پيدا ٿي پوي ٿي. ان دلچسپي پيدا ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي، ته انجنيئر عبدالوهاب سهتي، انهن آکاڻين کي وڻندڙ افسانوي رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جا مختلف ترڪيبي جزا، جهڙوڪ: موضوع، پلاٽ، ماحول، ٻولي، ڪردار، ڊائلاگ، تجسس، چاڙهه ۽ پڇاڙي ڪاميابيءَ سان اُڻيل آهن. اها ڪاميابي سَهتي صاحب کي ان ڪري به سرس ملي آهي، ڇاڪاڻ ته هُو بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي ۽ سندس ڪهاڻين جا ٽي مجموعا ”هراس“ [۱۹۸۹ع]، ”جڏهن بُت ئي چوي ڪافر“ [۱۹۹۲ع] ۽ ”هٿ جِي وڍِي“ [۱۹۹۹ع] اڳ ئي ڇپيل آهن. هِن ڪتاب کان اڳ، پهاڪن ۽ چوڻين بابت سندس ڇپيل اڳوڻا ۱۶-ڪتابَ، مٿيَن ڪهاڻي-ڪتابن کان پوءِ ئي ڇپيا آهن. هڪ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو، ته پهاڪن ۽ چوڻين ۾ سانڍيل ڪهاڻين کي لکڻ ذريعي، سهتو صاحب پنهنجي من ۾ ويٺل ڪهاڻيڪار کي پڻ جيئرو رکيون پيون اچي.
موجوده ڪتاب ”نصيحت آموز آکاڻين ورا پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ سهتي صاحب ڪوشش ڪئي آهي، ته نصيحت وارو پس منظر ۽ ڪهاڻي سانڍيندڙ وڌ ۾ وڌ پهاڪا ۽ چوڻيون شامل ٿي سگهن، پر توهان اسان سڀ چڱيءَ پر ڄاڻون ٿا ته پهاڪن ۽ چوڻين جي دنيا به وڏي وسيع آهي، ان ڪري امڪان رکي سگهجي ٿو ته ڪي چوڻيون ۽ پهاڪا هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي به ويا هجن؛ جنهنڪري اهڙيءَ نشاندهيءَ جي اميد رکجي ٿي. ڪتاب جي مطالعي مان اهو پڻ پرکي سگهبو ته ڪن پهاڪن ۽ چوڻين سان ٻه ۽ ٽي ڪهاڻيون به قلمبند ڪيل آهن، ان ڪري اهو پڻ ممڪن آهي ته ڪي ٻيون آکاڻيون، ڪن ٻين ڪردارن ۽ ٿوري گهڻي مَٽ سَٽ سان، سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافيائي حدن ۾ ٽڙيل پکڙيل هجن. ان ڪري، انهن کي پڻ ڳولي ڦولي لکڻ جي گهرج آهي.
ٻين موضوعن تي تحقيقن جيان، پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي ابتدا به سنڌ تي انگريز حڪومتي دَور (۱۸۴۳-۱۹۴۷) دوران ئي ٿي. ۱۸۶۹ع ۾ ديوان ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهاڪن جو ڪتاب ”گل شڪر“ جوڙي مڪمل ڪيو، جيڪو، نيٺ ته، وڏي وقت بعد ۱۹۰۵ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. بهرحال، ”گل شڪر“ جي اشاعت سان پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي شروعات ٿي، جيڪا هڪ سهڻو سفر طيءِ ڪندي انجنيئر عبدالوهاب سهتي تائين پهتي، ته هُن پنهنجي خاص تحقيقي انداز سان، ۱۹۹۰ جي ڏهاڪي کان وٺي موجوده وقت تائين، تسلسل سان، ان کي نوان رُخ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪيون آهن، جن جون شاهديون پهاڪن ۽ چوڻين جا سندس ڇپيل ڪتاب آهن، جن ۾ ”گل شڪر“ سميت ڪِن ڪتابن جي نئين سر ترتيب ۽ تدوين پڻ شامل آهي. جڏهن ته ”پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت“ ته اڃا نبرڻي آهي، جنهن تي هُو ڪيترن ئي ورهين کان ڪم ڪري رهيو آهي.
حقيقت به اها آهي، ته تحقيقي سفر ڪو ٿور-وقتي ۽ سهنجي مارڳ تان هلندي، ماڳ تائين رَسڻ وارو ناهي هوندو؛ اهو ته هميشه اڳتي وڌڻ ۽ نوان پنڌ ۽ پيچرا طيءِ ڪرڻ چاهيندو آهي. تحقيق جي دنيا ۾ ڪڏهن به پوري دم ( . ) جي نشاني ناهي ايندي، پر سدائين اڳتي جي اوسر لاءِ ٽي ٽٻڪا ( ... ) ڏيڻا پوندا آهن.

سدائين گڏ.

No comments:

Post a Comment