Thursday, May 30, 2019

سر نسريا ڪانھن اُتر لڳا آءُ پرين


سر نسريا ڪانھن اُتر لڳا آءُ پرين
ڀٽ ڌڻي
Image result for seasons of the yearموسمن جا به عجيب لقاءَ ٿين ٿا.
فطرتي طور تي، مندون بدلجن ٿيون. انھن جي مٽجڻ سان پوکن، وڻن، ٻوٽن ۽ سبزين کي ڦٽڻ واري مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو.
سيارو، اونھارو، بھار، پن ڇڻ، سرءُ ۽ چِٽَ جھڙيون تبديليون اينديون رھن ٿيون.


اونھاري جي شديد گرمي؛ چِٽَ.
چٽَ، جيڪا ست آڪٽوبر تي ڇيھ ڪندي آھي. ان کان اڳ ۾ چِٽَ دوران ڊڀُ، گھگھو ٽارو، ڪانھن ۽ آخر ۾ سر نسرندو آھي. ان چِٽَ جي مرحلي ۾ چِٽَ کي زور ھوندو آھي. ھوا بند، اُٻس ۾ ساھ پيو نڪرندو آھي.
لوڪ ڏاھپ جي چوڻين مطابق ته، چِٽَ نه ڪنھن جي مِٽَ.
يا چِٽَ جي ڌُپ، ماٽيلي ماءُ جي مُڪ.
سو اھو آھي چِٽَ جو ڪاڙھي وارو مرحلو.
جڏھن ست آڪٽوبر چِٽَ ٽٽندي آھي پوءِ به ھن جي گرمائش جو اثر، ڏھ ڏينھن زور لايون بيٺو ھوندو آھي.
لوڪن چواڻي؛ ڏھ ڏينھن ڏرُ، پو ويٺو چرُ.
انھن ڏھن ڏينھن جي گذرڻ کان پوءِ، اُتر اُت ڪندو آھي، اُتر جي گھلڻ سان، ھير پئي لڳندي. سياري جي آمد لاءِ، ٿڌا مٺا ڏينھڙا ڀليڪار پيا ڪندا. عاشقانه موسم جو آغاز ٿيندو.
اھڙي محبوبا موسم کي لطيف سائينءَ، سر سامونڊيءَ ۾ واکاڻيو آھي.
Image result for seasons of the year
سر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سھسين سکائون ڪيون.

سر لوھيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا،
ڪئن وسريا ڍوليا! ڏينھن اچڻ جا.

(فيس بوڪ تي ھڪ آءِ ڊي، ڀٽ ڌڻي نالي سان ٺھيل آھي. ان جي وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment