Saturday, May 25, 2019

چونڊ سنڌي چوڻيون- وحيد محسن


چونڊ سنڌي چوڻيون- تبصرو
تعارف ۽ تبصرو؛ وحيد محسن
تاليف ۽ تصنيف؛ ڪيرت مھر چنداڻي
ترتيب ۽ تدوين؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
”چونڊ سنڌي چوڻيون“ ڪتاب، جيڪو چوڻين ۽ پھاڪن، اصطلاحن ۽ ورجيسين تي مشتمل آهي ۽ انهن کي تشريح سان گڏ حاصل مطلب ڪڍيو ويو آهي. جنهن مان تمام گهڻي ڄاڻ ملي ٿي ۽ لوڪ ڏاھپ جي پرک پڻ ٿئي ٿي. ڪتاب جي سھيڙيندڙ ان جو انتساب پنهنجي دوست تعليم دان؛ خوبصورت نثر نويس عاشق منگي جي نانء ڪيو آهي. جنهن کي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر فيبروري ۲۰۱۷ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو ان جو پبلشر نوٽ رياضت ٻرڙي لکيو آهي ۽ ھي ڪتاب ۱۱۲ صفحن تي ڦھليل؛ جنهن جو ملھ ۱۴۰ روپيا رکيو ويو آهي ۽ ھن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل عزيز منگي لکيو آهي.


انجنيئر عبدالوھاب سھتو پنهنجي پاران ۾ صفحي نمبر ۸ تي لکي ٿو ته؛ “ڪيرت مھر چنداڻيءَ (ڄم ۱۹۳۳ ع ۽ وفات ۱۹۸۹ع) جو ھيءُ ڪتاب؛ پھريون دفعو ڊسمبر ۱۹۸۱ع ۾؛ ڪويتا پرنٽنگ پريس، سھنج پور، احمد آباد اندر ۷۵۰ ڪاپيون ڇپيون.“ ٻي پيرا ۾ لکي ٿو ته؛ ”ڪيرت مھر چنداڻيءَ، تاريخ ۲۲ جون ۱۹۳۳ع تي، ڪيولرام مھرچنداڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڄم جو ھنڌ؛ شھر دريا خان مري؛ تڏهوڪو ضلع نوابشاھ ۽ ھاڻوڪو ضلع نوشھرو فيروز آهي.“ ان ۾ ليکڪ جو تفصيلي تعارف به شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيرت مھر چنداڻيءَ جي ادبي خدمتن جي پرک ٿئي ٿي.
دنيا جي ادب تي نظر وجھون ٿا ته اسان کي ان جي افاديت جي خبر پئي ٿي. اھي ٻوليون تمام گھڻيون شاھوڪار ھونديون آهن، جن وٽ لوڪ ڏاھپ جا ڀنڊار ھجن. اسان جي ٻوليءَ جي اھا وڏي خوبي آهي جو سندس حصي ۾، لوڪ ڏاھپ جا کوڙ خزانا ورثي طور آيا آهن. انهن ليکڪن کي به ڪڏهن وساري نٿو سگھجي، جن پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪري، پنهنجي قومي ناتي سان نڀايو آهي. انهن ۾ ڪيرت مھر چنداڻيءَ جو نالو عزت سان ڳڻيو ويندو. موجوده دؤر ۾ ھڪ اھم نانءُ انجنيئر عبدالوھاب سھتي جو به آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ سنڌي ادب کي لوڪ ڏاھپ جي حوالي سان اھم ڪتاب ڏنا آهن ۽ سندس ھيءُ ڪتاب، جنهن جي ترتيب ۽ تدوين پاڻ ڪئي اٿائين، سو ۽ مٿس ڪيل محنت، به قابل تعريف آهن!
ڪتاب جي آخري صفحن تي، ڏکين لفظن جي لغت به ڏني ويئي آهي. جنهن سان پڙھندڙ کي آساني پيدا ٿئي ٿي. مجموعي طور ھيءُ ڪتاب، لوڪ ڏاھپ جي حوالي سان، ھڪ اھم ڪتاب آهي. جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ، ھڪ وسيع سوچ جنم وٺي ٿي. خاص طور تي اھا ته؛ اسان کي پنهنجي ورثي کي سنڀالي اڳتي وڌڻو پوندو. پوءِ ئي اسان پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ کي دنيا جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ بيھاري سگھون ٿا.

No comments:

Post a Comment