Thursday, May 30, 2019

مڙس مري يا بچي، ملي جا پنج سؤ کرا


مڙس مري يا بچي، ملي جا پنج سؤ کرا
نامعلوم

هڪڙي مائي ملان ڏي وئي ۽ چيائينس ته؛ ”مونکي اهڙو تعويذ لکي ڏي جو مڙس کي وجھان ته مڙس مري وڃي.“
ملان چيس؛ ”اهو ڇا ٿي چوين؟“
مائيءَ چيس؛ ”مان ان مان بيزار آهيان، ڏاڍو سخت آ! مري ويندو ته سڄي دولت به منهجي ٿيندي، مان به آزاد ٿي ويندم.“
ملان کيس تعويذ ڏئي چيو؛ ”هي سمهڻ واري کٽ جي هيٺان رکي ڇڏجانءِ.“
ڪجھ ڏينهن کان پوء مائيءَ جو مڙس مري ويو.
ڏاڍي خوش ٿي.....


عدت جا ڏيھاڙا گذرڻ کان پوءِ، لوڻ کان وٺي ننڍا وڏا مسئلا آڏو آيس ته پڇتائڻ لڳي. ھڪ ڏينھن زندگيءَ مان بيزار ٿي، ٿاڻي تي وڃي پھتي. پوليس ۾ ملان تي سڌي فرياد داخل ڪرايائين؛ ”فلاڻي ملي، منهجي مڙس کي تعويذ ڪري ماريو آ.“
پوليس، ملي کي ڪٽڪو چاڙھي ٿاڻي تي گھلي آئي.
ملي پوليس کان پڇيو؛ ”ڏوھ ٻڌايو! ڪٽيو ڇو ٿا؟“
پوليس وارن مائيءَ کي گهرائي، ملي جي سامهون ڪيو ۽ چيائونس؛ ”هن جي مڙس کي تعويذ ڪري ماريو اٿئي، نه بچين.“
ملي پڇين؛ ”اهي تعويذ ڪٿي آھن؟“
پوليس جي آڏي پڇا تي، مائي گهران وڃي تعويذ کڻي آئي.
ملي چين؛ ”تعويذ کوليو ۽ پڙھو ته ڇا لکيل اٿن.“
 پوليس وارن مائيءَ کان تعويذ کسي کوليو ۽ پڙهيو ته ٽهڪ نڪري وين.
مائيءَ حيرانگيءَ مان چين؛ ”منهجو مڙس مري ويو آ! توهان الٽو تعويذ پڙھي وري کلو ٿا ويٺا!!؟“
مائيءَ جهپٽ ڏئي، تعويذ پاڻ پڙهيو، جنھن تي لکيل هيو؛ ”مڙس مري يا بچي، ملي جا پنج سؤ کرا!“
مطلب؛ ۱. ڪوئي مري، ڪوئي جيوي؛ شتريا گھول پتاشا پيوي.
۲. نه سنيان دا، نه شيعان دا؛ ملان ڦتو رپيان وتھان دا.

1 comment:

  1. ڪوئي مري، ڪوئي جيوي؛ شتريا گھول پتاشا پيوي واھ واھ
    Sindhi News

    ReplyDelete